فوٽان جو سفر Journey of photon
روشني Light
سج جي روشني Sun light
سج جي روشني اسان جي حيات جو سرچشمو آھي جنھن کي اسان وٽ پھچڻ ۾ لکين سال لڳا. سج اسان جي کيرائين واٽ Milky way galaxy جي عام ڪنڊ ۾ واقع آھي. ھن سج جي گولي جي ڪري اسان کي گرمي ۔ توانائي ۽ روشني ملي ٿي. سج ۾ ھڪ وقت جوھري ميل جاري رھي ٿو جنھن جي ذريعي روشني لڳ ڀڳ ھڪ لک ڇھاسي ھزار ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان اسان جي ڌرتي تي پھچي ٿي. اسان جي ڌرتي کان سج نو ڪروڙ ٽيھ لک ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. ھي روشني اٺ يا سوا اٺ منٽ جي مختصر مدت سان زمين کي ڇھي ٿي. اسان کي ياد رکڻ کپي تہ روشني کي سج مان نڪرڻ لاء ھڪ لک سال جو عرصو لڳو ۽ اسان جي زمين کي بنفشي شعاعن سان روشن ڪيو.
سج ھيڊوجن جي مختلف پرتن تي مشتمل ٿئي ٿو. روشني جي ذري جو سفر سج جي پيٽ اندران شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ لکاھا ميل ھيڊوجن ٿئي ٿي جيڪا جوھري رچاء Nuclear fusion پيدا ڪندي رھي ٿي. جوھري رچاء Nuclear fusion ئي سج کي توانائي مھيا ڪري ٿو. سج رچاء ۾ ھيڊوجن کي ھيليم ۾ تبديل ڪري ٿو ھن عمل دوران ھيڊوجن جا 2 ايٽم ملي ھيليم جو ھڪ ايٽم بنائن ٿا. رچاء جو ھي عمل ڏسڻ ۾ سادو لڳي ٿو پر ڪٺن ھوندو آھي. ضم ٿيڻ واري پروٽان تي ھڪ جھڙو واڌو بار ھوندو آھي جنھن جي ڪري اھي ھڪ ٻئي کي ڌڪيلن ٿا. پروٽان پاڻ ۾ ميل پسند نہ ڪندا آھن ان ڪري انهن کي پاڻ ۾ ميلاپ لاء زبردست توانائي يا رفتار Velocity جي ضرورت پوي ٿي تہ جيئن اھي پاڻ ۾ ملي سگهن ۽ ائين ٿي وڃي ٿو. رچاء ۾ ھيڊوجن جا جوھر ملي ھيليم جو ھڪ جوھر بنائن ٿا ۽ ھن عمل دوران توانائي بہ پيدا ڪن ٿا جيڪا گرمي ۽ روشني جي روپ ۾ اسان کي ملي ٿي.
پروٽانن کي پاڻ کي ويجهي ڪرڻ لاء زبردست گرمي ۽ دٻاء جي ضرورت پوي ٿي ھي ڪم ڪشش ثقل جي مخفي توانائي ئي ڪري سگهي ٿي. نظام شمسي ۾ موجود تمام مادي جي مايو نوانوي ڏھائي اٺ سيڪڙو سج ۾ موجود آھي جيڪو واقعي تمام گهڻو مايو آھي. ھي تمام مايو سج کي ثقلي طاقت سان ڇڪي ٿو. ثقلي قوت گئسن کي زبردست طاقت سان دٻائي ٿي ۽ ڇڪي ٿي جنھن سان ايٽم ھڪ ٻئي جي قريب اچي وڃن ٿا ۽ رچاء جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. سج جي قلب ۾ موجود انتھائي ڪسيل جوھري رچاء ۾ ھيڊوجن جا ڏھ ڪروڙ ھزار کرب ھزار کرب ايٽم ھڪ ٻئي سان ٽڪرجن ٿا اھو ايترو ٽڪراء سخت ٿئي ٿو جو ايٽم پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي توانائي خارج ڪن ٿا. جڏھن پروٽان پاڻ ۾ جڙجڻ لاء اچن ٿا تہ انهن جي مايي ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي ۽ مايي جي ھي گهٽتائي توانائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ھر ڏينھن سج ھڪ سيڪنڊ ۾ سٺ ڪروڙ ھيڊوجن ٽن ڦوڪي ڇڏي ٿو. ھر ٽڪراء توانائي جي بوڇاڙ پيدا ڪري ٿو جو توانائي جو ھڪ تمام ننڍو بنڊل ٿئي ٿو اھڙي طرح فوٽان زمين تي روشني پھچائي ٿو جنھن مان ڌرتي تي موجود حيات فائدو کڻي ٿي پر سج جي قلب ۾ ٺھندڙ فوٽان جا ذرا ائين نٿا ٿين جيئن نظر اچن ٿا. ان وقت انهن ۾ ڀريل توانائي تمام گهڻي موتمار ھوندي آھي. اسان جي تاري جي اھا روشني تمام گهڻو قديم ٿئي ٿي جنھن سج جي پيٽ مان نڪرڻ لاء 10 لک سال ورتا پر اسان جي زمين تي پھچڻ ۾ سوا اٺ منٽ وٺي رھي آھي. خلا جي مختصر سفر ۾ فوٽان روشني جي صورت ۾ تحليل ٿي بنفشي رنگ پٽي ۾ اسان جي ڌرتي تائين پھچي روشني ڏين ٿا ۽ ڌرتي مان گذري ختم ٿي وڃن ٿا. اھو سلسلو ھر سيڪنڊ ۾ ھلي ٿو.
روشني سج مان ٺھي ٿي جيڪا اتان نڪري اسان جي دنيا کي منور ڪري ٿي. روشني پھچڻ وارو عمل نھايت پيچيدھ آھي. روشني جي ھن سفر ۾ سج جي تپندڙ قلب مان روشني شروع ٿئي ٿي جيڪا زبردست ثقلي طاقت سان دٻيل ھيڊوجن سان پاڻ ۾ جڙيل ھوندي آھي ۽ فوٽان جي صورت ۾ تمام ننڍي روشني جي رنگ پٽي مان گذري ٿي. فوٽان جا ذرا ايٽم کان بہ ننڍا ٿين ٿا جن جي مقدار ٻڙي جيتري آھي. فوٽان جي رفتار ڪائنات ۾ ھر شي کان تمام تيز ٿئي ٿي ۽ ھي مستقل حرڪت ڪندا رھن ٿا. اسان انسان بہ اڻ ڏٺل روشني جسم مان پيدا ڪريون ٿا. سوال اھو پيدا ٿئي ٿو تہ جيڪڏھن فوٽان سج جي قلب مان نٿو نڪري تہ اسان وٽ روشني ڪٿان اچي ٿي؟
جواب سادو آھي تہ مادو روشني پيدا ڪري ٿو ۽ ان پيدا ٿيل روشني جو مدار جسم جي گرمي پد تي ٿئي ٿو. ڪائنات ۾ موجود سڀن انسانن سميت مادي جو ھر ذرو جنھن جو گرمي پد مطلق ٻڙي کان مٿي ٿئي ٿو اھو روشني پيدا ڪري ٿو. اسان انسان بہ روشني پيدا ڪندا رھون ٿا ۽ گرمي خارج ڪندا رھون ٿا جيسيتائين زندھ آھيون. زندھ انسان جو گرمي پد مطلق ٻڙي کان مٿي ٿئي ٿو. دراصل اسان اندران ڳاڙھا شعاع جن کي Heat radiation چيو وڃي ٿو اھي خارج ڪريون ٿا. واضح ڳالھ آھي اسان روشني خارج ڪريون ٿا.
روشني مختلف رنگن تي مشتمل ٿئي ٿي اھي رنگ اسان انڊلٺ ۾ ڏسي سگهون ٿا. روشني جو ھر رنگ فوٽان تي مشتمل ٿئي ٿو پر ھر رنگ جي توانائي ٻئي رنگ کان نرالي ۽ مختلف ٿئي ٿي. اسان کي جيڪا روشني ڏسڻ ۾ اچي ٿي اھا روشني رنگ پٽي جو تمام ننڍڙو حصو آھي. اسان جو اکيون صرف روشني جي رنگ پٽي مان مخصوص حصي کي ڏسي سگهن ٿيون پر روشني جو ھي حصو تمام گهٽ توانائي رکي ٿو. اھڙي توانائي جيڪا اکين کي وڻي ٿي، ان روشني کي اسان بصري روشني چئون ٿا. سادن لفظن ۾ اسان روشني جي طيف (رنگ پٽي) مان تمام گهٽ مقدار واري روشني واري توانائي ڏسون ٿا. مخصوص ڪيميرائن جي ذريعي اسان زندھ جسمن جي ڇڏيل ڳاڙھي روشني ڏسي سگهون ٿا جيڪا بصري (نظر واري) روشني کان بہ تمام گهٽ مقدار رکي ٿي. ڪجھ روشنيون تمام طاقتور ٿين ٿيون جن کي اسان ڏسي نٿا سگهون جيئن بنفشي شعاع ۔ ايڪسريز ۽ ڳاما شعاع.
روشني گهڻن رنگن تي مشتمل ٿئي ٿي پر طيف (رنگ پٽي) مان محدود نموني گذرڻ ڪري اسان روشني جي ٻين رنگن ڏسڻ کان قاصر رھون ٿا.
وسيع ۽ گرم سج ھر قسم جي روشني پيدا ڪري ٿو پر سج جي قلب ۾ روشني ڳاما شعائن جي صورت ۾ پيدا ٿئي ٿي. ڳاما شعاع ڪائنات ۾ موجود روشنين جي شعائن ۾ سڀ کان وڌيڪ توانائي رکندڙ شعاع رکي ٿو. سج قلب ۾ جوھري رچاء رکڻ ڪري زبردست قسم جي توانائي خارج ڪري ٿو جيڪا بصري توانائي کان وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿي. ھن روشني کي ڳاما شعاع چيو وڃي ٿو. ڳاما شعاع جي توانائي اسان جي بصري توانائي کان 10 ھزار ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿي. انهن گاما شعائن جي حوالي سان فلم Hulk ۾ Bruce banner کي عظيم بحث انسان طور ڏيکاريو ويو آھي. روشني جي ھن تغير ۾ واقعي ھڪ وجھ لڪل آھي. ڳاما شعاع روشني جا سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ شعاع آھن. ھي ھر جسم نفوذ ٿي وڃن ٿا ۽ مادي سان ٽڪرائي ان جي ايٽمن کي ٽوڙڻ ۾ قدرت رکن ٿا. خوشقسمتي سان سج جي قلب ۾ ٺھندڙ ڳاما شعاع ٺھڻ شرط اسان وٽ نٿا پھچن. جيڪڏھن سج گئس جو گرم گولو نہ ھجي ھا، ھي گاما شعاع ٺھڻ شرط ھن جي قلب مان فرار حاصل ڪن ھا. فوٽان ڳاما شعائن تي مشتمل ٿئي ٿو. نوٽ جھڙي ڳالھ آھي تہ ڳاما شعاع تي مشتمل فوٽان توانائي جي زبردست مقدار رکن ٿا ۽ ھي زمين جي حياتين لاء بلڪل موزونيت نٿا رکن. ڳاما شعاعن جو ھي فوٽان پنھنجي پيدائش سان ئي روشني جي برق رفتار سان سج جي قلب مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ھن جو واسطو زبردست قسم جي رڪاوٽن سان پوي ٿو. اھو سفر جنھن کي ختم ڪرڻ لاء ڪجھ منٽ درڪار ٿين ٿا پر اھو ڪائناتي پيماني تي رڙھڻ لڳي ٿو. فوٽان سج جي مرڪز مان پيدا ٿئي ٿو ۽ انهي کي سج جي قلب مان سج جي سطح تائين اچي اتان خلا ۾ فرار ٿيڻو پوي ٿو۔ ان فوٽان کي سج جي قلب کان سج جي سطح تائين پھچڻ ۾ ڏھ لک سال لڳي وڃن ٿا جڏھن تہ فوٽان جو ھي سفر صرف ٻن سيڪنڊن جو آھي. ڪاتہ اھڙي شي آھي جيڪا فوٽان جي ٻن سيڪنڊن جي سفر کي لک سالن ۾ تبديل ڪري ٿي. اھا شي ايتري طاقتور توانائي آھي جو روشني کي ايترو ڍرو ڪري ٿي پر ان جي ماھيت کي تبديل ڪري ٿي. سج اندر ايترو گهاٽو مادو ٿئي ٿو جو ان جي مختلف تھن مان نڪرڻ لاء فوٽان کي 10 لک سال لڳي وڃن ٿا. اھو گهاٽو مادو جوھري رچاء آھي.
تابڪار حصو سج جي گهيري ۾ ٿئي ٿو. روشني جو ذرو جڙندي ئي سج جي قلب مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ھيڊوجن جي گهاٽي مادي مان گذرڻو پوي ٿو. ڪل ملائي ھن روشني کي 4 لک ميل جو سفر ڪرڻو پوي ٿو. سج جي روشني کي سج جي سطح تي اچڻ دراصل نھايت ڪٺن ڪم آھي ڇوجو ھن رستي ۾ تمام گهاٽيون شيون اڳيان اچن رڪاوٽ وجهن ٿيون. تابڪار حصو Radiation zone سج جي قلب کي چئني حصن کان گهيريو ويٺو آھي. ھي علائقو ھيڊوجن جو ٺھيل ھوندو آھي پر ھي ھيڊوجن گئس ھن ھيڊوجن گئس کان مختلف ھوندي آھي. ھن دٻيل تابڪار علائقي جي مٿان موجود مادي جو وزن تمام گهڻو ٿئي ٿو ڇوجو ان جي گهاٽائي سيھي Lead جي ٺھيل ٿئي ٿي جنھن مان گذرڻ تقريبن ناممڪن ٿئي ٿو. سج جي قلب مان پيدا ٿيندڙ روشني جي ذري کي پتو پئجي ويندو آھي تہ ان جي منزل ڪٿي آھي. ھن روشني جي منزل سج جي ڪناري تي پھچڻ ھوندي آھي جتي سج جي قلب جي حصي ۾ گرمي ٻين جي مقابلي ۾ گهٽ ھوندي آھي ۽ اتان ئي روشني جي ذري کي فرار ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو پر ھن لاء انهي کي انهي 4 لک ميل تي پکڙيل ڌنڌلن گئسن جي تھن مان گذرڻو پوندو. ھي گئسون صرف گهاٽيون نٿيون ٿين پر پر انتھائي گرم بہ ٿين ٿيون. انهن جو گرمي پد ھڪ ڪروڙ 25 لک فيرنھائيٽ کان بہ مٿي ٿئي ٿو. تابڪار حصي ۾ گئس پٿ Plasma جي صورت ۾ موجود ھوندي آھي. پرٿ Plasma مادي جي چوٿين صورت آھي. ھڪ عام ايٽم ۾ ھن جي مرڪز جي چوڌاري اليڪٽران ڦري ٿو. پرٿ Plasma ۾ اليڪٽران مرڪزن کان ڌار ٿي وڃي ٿا. اسان اسڪول ۾ پڙھيو آھي تہ مادي جا ٽي حصا ٿين ٿا. نھرو، پٽڙو ۽گئس. ڌرتي تي تقريبن اسان مادي کي انهن ٽنهي صورتن ۾ پايون ٿا مثال طور ھوا گئس تي مشتمل ٿئي ٿي ۔ سمنڊ پٽڙي تي ۽ اسان جي ڌرتي نھري تي مشتمل آھي پر ڪائنات ۾ وڌيڪ شيون جن ۾ تارا شامل آھن، اھي پرٿ Plasma تي مشتمل ٿين ٿا. ڪائنات ۾ موجود ٻين جڳھن جي مقابلي ۾ ڌرتي ھڪ پرسڪون جڳھ آھي. عام طور تي ڌرتي تي اھي حالتون رونما نہ ٿيون ٿين جو جن سان مادو پلازما جي صورت اختيار ڪري سگهي. ڌرتي تي موجود سڀ کان سٺي جڳھ جتي اسان پٿ Plasma جو جهلڪو ڏسي سگهون ٿا، اھا انڊلٺ آھي.
کنوڻ جي کجڪي جو گرمي پد 53 ھزار فيرنھائيٽ تائين پھچي ٿو. ھن ۾ ايترو گهڻي گرمي پد ٿئي ٿو جو پل ۾ ايٽمن کي الڳ ڪري سگهي ٿو. ھي پرٿ Plasma جي حالت تمام ٿورڙي عرصي تائين رھي ٿي ۽ اليڪٽران وري ايٽمن سان ملي وڃن ٿا. پر اسان جي اجگر سج ۾ پلازما اربھا سالن تائين اھڙي حالت ۾ رھي ٿو ۽ اھو پرٿ Plasma سج جي مڪمل تابڪار علائقي جيڪو 2 لک ميلن تي مشتمل ٿئي ٿو ان ۾ موجود ٿئي ٿو. ان کان علاوا ھي پرٿ Plasma برقي بار ۾ موجود ٿئي ٿو جيڪو روشني جي ذري لاء ھڪ ڪائناتي ڄار جو ڪم ڏئي ٿو. ھي پرٿ Plasma غيرشفاف ٿي وڃي ٿو ڇوجو روشني رلمل ذرن سان وڌيڪ رلمل ڪري ٿي. روشني ميل رکندڙ ايٽم مان آساني سان گذري وڃي ٿي پر جڏھن بار کي اسان ڪاٽو ۽ واڌو بار ۾ ٽوڙيون ٿا. اھي بار فوٽون جي رستي ۾ ھر جڳھ موجود ٿين ٿا ۽ روشني انهن مان نٿي گذري. سج جي قلب ۾ پيدا ٿيندڙ روشني جا ذرا جيڪي ڳاما شعائن جا جڙيل ٿين ٿا، ھاڻي اھي تابڪار علائقي جي پرٿ Plasma سان ٽڪرائن ٿا ۽ سيڪنڊ جي ڪجھ حصي ۾ پرٿ جا ايٽم روشني جي ذرن کي جذب ڪري وري انهن کي اڳلن ٿا. روشني جا ذرا وري وڃي ڪنھن پرٿ جي ذري سان ٽڪرائين ٿا، وري پرٿ انهن کي جذب ڪري اڳلي ٿو. ائين ھر دفعي اھي ڪجھ نہ ڪجھ فاصلو طي ڪري وڃن ٿا. اصل ۾ روشني جا ذرا اھي پرٿ Plasma جي ايٽم سان ٽڪرائين ٿا ۽ پرٿ Plasma جا ايٽم انهن کي جذب ڪري وري ڪنھن ٻئي طرف انهن کي اڳلن ٿا ۽ روشني جو ذرو وري پرٿ جي ايٽم سان ٽڪرائي ٿو، اھو ان کي ڳيھي ٻئي طرف ۾ وري اڳلي ٿو ان ڪري ھن عمل ۾ روشني جا ذرا سج جي ٻاھرين سطح تي پھچڻ لاء اڻ کٽ ڀيرا ٽپو کائن ٿا ۽ آخرڪار سج جي ٻاھرين سطح تي پھچي وڃن ٿا. ھن سڄي عمل کي اسان باسڪيٽ بال وانگر سمجهون ٿا. ائين سمجهجي تہ ھي ايٽمي باسڪيٽ بال جي راند آھي جنھن ۾ تابڪار علائقي کي باسڪيٽ بال جو ڪورٽ سمجهجي جڏھن تہ روشني جي ذرن ۽ پرٿ Plasma جي ايٽمن کي ٻہ ٽيمون سمجهجن جن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو جڏھن تہ روشني جو ذرو ھن راند ۾ بال جو ڪردار ادا ڪندو. باسڪيٽ بال جي بال وانگر روشني جو ذرو ڪنھن رخ ۾ اڇلايو وڃي ٿو جيتوڻيڪ بال تيزي سان اڳتي وڌي نٿو پائي پر پوء بہ ٿوري ٿوري رفتار سان اڳتي وڌندو رھي ٿو. روشني جو ذرو آھستي آھستي دل جي قلب جي گرم حصي جي طرف مان سج جي سطح جي گرم حصي طرف وڌي ٿو، جاڏي ھو وڃڻ چاھي ٿو. جيتوڻيڪ ھي عمل بغير ڪنھن منصوبابندي جي لڳي ٿو پر ھن جو رخ ٻاھر جي طرف ٿئي ٿو. روشني جو ذرو سڌو ٻاھر نڪرڻ جي ڪري ٿو جيڪو ھن جو مختصر رستو ٿئي ٿو پر اھو بار بار تابڪار علائقي جي طرف ڌڪيلي ٿو جيڪو ھن جي رفتار کي رڙھڻ تي مجبور ڪري ٿو. ڌڪ ڌڪان جو ھي عمل فوٽان جي محنت کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو. فوٽان روشني جو ھڪ انتھائي ننڍو بنڊل ٿئي ٿو. جڏھن اھو سج جي قلب ۾ پيدا ٿئي ٿو تہ ان جي شڪل ڳاما شعاع سان شروع ٿي وڃي ٿي. ڳاما شعاع زبردست توانائي سان ڀرپور ذرو ٿئي ٿو. ھي پيدا ٿيندي ئي تمام گهڻين رڪاوٽن جي ڪري فراريت جي راھ پائي نٿو سگهي. جڏھن ھر ڀيري ڪا رڪاوٽ آڏو اچي وڃي ٿي تہ اھا ھن جي توانائي کي گهٽ ڪري ڇڏي ٿي. لکن سال جي عرصي ۾ يا ڏھ لک سال جي عرصي تائين فوٽان سج جي قلب ۾ تابڪار علائقي ۾ ڀٽڪون کائيندو رھي ٿو. ھر ٽڪر ھن جي توانائي کي گهٽ ڪري ٿو جنھن جي ڪري زبردست ڳاما شعاعن مان تبديل ٿي گهٽ توانائي وارن ايڪسرن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
تقريبن ڏھ لک سالن جي قريب مدي سان فوٽان تابڪار علائقي مان نڪري اچن ٿا پر ھنن جو سفر اڃان ختم ناھي ٿيو. ھاڻي ھنن کي پنھنجي سفر ۾ سج جي غضبناڪ اندروني حصن ۾ ڌڪا کائڻا آھن. ھي ئي اھا خطرناڪ جڳھ آھي جتان روشني جا ذرا نڪرن ٿا. فوٽان قدرت جو بنايل توانائي منتقل ڪرڻ وارو قاصد آھي انهي کي سج جي قلب مان سج جي سطح تائين پھچڻ ۾ 10 لک سال لڳن ٿا. ھاڻي تائين فوٽان ويڙھ وڙھي 75 سيڪڙو سج جو قطر پار ڪري چڪو آھي. ڪافي ڌڪن کائڻ ۽ خاصي توانائي وڃائڻ کان پوء فوٽان خطرناڪ شعائن مان ايڪسريزن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ھاڻي روشني جا ذرا سج جي پراسرار تھ تي پھچن ٿا جنھن جو نالو ايصال حرارت جو علائقو Convection zone آھي. ايصال حرارت جو علائقو سج جي سطح کان سج جي تابڪار علائقي جي قلب تائين 125 ھزار ميل جي اونھائي تي مشتمل ٿئي ٿو. اسان دراصل ايصال حرارت جي ھن علائقي کي سڌو سنئون ڏسي نٿا سگهون. ھي علائقو اسان جي دوربينن لاء ڪافي غير شفاف آھي پر اسان ھتي پيدا ٿيندڙ آواز ٻڌي سگهون ٿا. ناسا جي متحرڪ شمسي رسد گاھ Solar dynamics observatory سج ۾ پيداٿيندڙ آواز ٻڌي سگهي ٿي.
ان جي اڳاڻ Frequency ايتري تيز ٿئي ٿي جو انسان ان کي ٻڌي نٿو سگهي پر جيڪڏھن اسان 40 ڏينھن جي رڪارڊنگ کي ڪجھ سيڪنڊن ۾ تبديل ڪري تيزي سان ھلايون تہ اسان ان کي ٻڌڻ جي قابل ٿي وڃون ٿا. ھي آواز افراتفري جو آواز آھي ڇوجو سيڪنڊن ۾ اسان سج جي اندر جهاتي پائي نٿا سگهون. جڏھن بندوق مان گولي ڇٽي ٿي تہ ھوا سان ٽڪرائي اضطرابي موجون پيدا ڪري ٿي. جڏھن اسان بندوق مان نڪرڻ واري گولي جي آواز کي ٻڌون ٿا تہ گولي جون ھي موجون اسان جي ڪنن سان ٽڪرائن ٿيون ۽ اسان ان جي آواز ٻڌي سگهون ٿا. جڏھن اسان موجن کي حرڪت ڪندي ڏسون ٿا، اصل ۾ گئسن کي سج مان نڪرندي ڏسون ٿا. سج مان نڪرندڙ گئسون ائين لڳن ٿيون ڄڻ سطح طرف زور لڳائي رھيون ھجن يا ائين جيئن ڀت جي سطح سان ٽڪرائي آواز پيدا ڪندي نظر اچن ٿيون. ھي آواز سج ۾ گشت ڪندا رھن ٿا. صوتي موجون پٿ سان ٽڪرائي سج جي سطح تي لھرون پيدا ڪن ٿيون ۽ اسان ھي ڏسي سگهون ٿا. ھي لھرون سج جي چوطرف ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ھي سج جي اندر ويندي نظر اچن ٿيون ۽ وري واپس سطح تي ايندي نظر اچن ٿيون. انهن آوازن ذريعي سائنسدان سج جي اندر نظر نہ ايندڙ حصن کي بہ ڏسي سگهن ٿا. اھي سج جي سطح سان ٽڪرائيندڙ انهن صوتي موجن کي پڪڙي سج جي اندروني حصن کي انهن جي گونج سان ٻڌي سگهن ٿا. ھي اندروني حصو جيڪو جيڪو تمام خطرناڪ ۽ شديد قسم جي اٻرندڙ ايصال حرارت جو علائقو آھي ۔ اھو گونج پيدا ڪندي نظر اچي ٿو. اتي گرم ٿيندڙ ھوا مٿي وڃي ٿي ۽ ٿورڙي ٿڌي ٿي ھيٺ واپس اچي ٿي جنھن سان انتشار جي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي. ھتي ايتريقدر ھلڙ ھنگامو پيدا ٿئي ٿو جو سج کي وڄڻ تي مجبور ڪري ٿو. گئسن جا ستون مٿي اٿن ٿا، وري واپس ھيٺ ھليا وڃن ٿا. ان دوران ھيٺين حرارت انهن ستونن کي زبردست نموني گهمائي ڦيرائي ٿي. ھن ڳالھ کي ھيئن سمجهجي تہ جھڙي ريت اٻرندڙ پاڻي ۾ بوڙيا ان ڪري اٿن ٿا جو اھي گرم ٿين ٿا ۽ وري اوچتو ڦاٽي ھيٺ ھليا وڃن ٿا ڇوجو مٿي جي سطح ھيٺ جي سطح جي مقابلي ۾ ٿڌي ٿئي ٿي ۽ بوڙيا ڪجھ ٿڌي ٿيڻ جي ڪري ڦاٽي ھيٺ ھليا وڃن ٿا. سج ۾ بہ پاڻي جي برتن وانگر بوڙيا اٿن ٿا پر اتي پاڻي جي جڳھ تي پرٿ Plasma ٿئي ٿو.
ايصال حرارت جي تھ ۾ فوٽان وڃي پرٿ Plasma جي ايٽمن سان ٽڪرائن ٿا. گرم ايٽم اٻرندڙ وھڪ سان فوٽانن کي پاڻ ڏي ڇڪن ٿا. ھي ايٽم ھڪ Conveyor belt وانگر ڪم ڪن ٿا. انهن جو ھي سفر تابڪار علائقي جي ڀيٽ ۾ ايصال حرارت جي تھ ۾ ڪافي آسان ٿئي ٿو. ائين سمجهجي تہ باسڪيٽ بال راند ۾ بال جنھن سٺي رانديگر جي ھٿ ۾ اچي ٿو اھو تيزي سان بال کي اڳتي وڌي باسڪيٽ ۾ اڇلڻ ڊوڙي ٿو، ائين ايصال حرارت پرٿ Plasma ۾ فوٽانن کي سڌاڻ ملي وڃي ٿي ۽ بغير رڪاوٽ جي مٿي وڃڻ جو رستو ملي وڃي ٿو. سٺن رانديگرن وانگر اھي ايٽم فوٽانن کي پاڻ ۾ جذب ڪري ڪافي دور تائين سڌو رستو طئي ڪرائين ٿا. ايصال حرارت جي پرٿ ۾ انهن کي ايٽم جي سڌي سواري سڌي رستي کان انهن کي مٿي پھچائي ڇڏي ٿي. جھڙي طرح باسڪيٽ بال ۾ ھڪ رانديگر بغير رڪاوٽ جي بال کي پڪڙي سڌو ڊگهي رستي تائين وٺي وڃي ٿو، ھي ايٽم بہ فوٽان سان ائين ڪن ٿا. رستي ۾ ٻين رانديگرن جي غير موجودگي جو فائدو وٺندي جھڙي ريت بال کي ڪورٽ ۾ اڇلائي سگهجي ٿو بلڪل اھڙي ريت ايٽم انهن فوٽانن کي مٿي ڇڏي اچي ٿو. فوٽان جو سفر ھن ايصال حرارت جي علائقي ۾ ھفتي ۾ پورو ٿي وڃي ٿو. ھن پوري عرصي ۾ فوٽانن جي محنت تبديل ٿي وڃي ٿي. ايصال حرارت جي ھيٺئين علائقي ۾ 260 ھزار فيرنھائيٽ گرمي پد ٿئي ٿو. جيئن جيئن فوٽان ايصال حرارت جي ھيٺئين حصي کان مٿئين حصي جي طرف اچي ٿو تيئن تيئن اھو ايڪسريزن ۾ تبديل ٿيندي بصري شعاعن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ ايصال حرارت جي علائقي کان فوٽان زبردست توانائي جي ايڪسريزن جي صورت ۾ پنھنجو سفر شروع ڪن ٿا. پنھنجي توانائي کي کائيندي فوٽان ھن علائقي کي ڇڏي ٿو ۽ جڏھن ھن علائقي جي آخري سرحد مان نڪري ٿو تہ ھن جي ماھيت روشني جي ذري جھڙي ٿي وڃي ٿي جنھن جو مشاھدو اسان اسان پنھنجي روزمرھ واري زندگي ۾ ڪيون ٿا. فوٽان پلازما سان ٽڪرائي پنھنجي توانائي گهٽ ڪري ڇڏي ٿو. ايٽم ايصال حرارت جي مٿئين حصي ڏي فوٽان کي ڇڏي اچي ٿو جو ھاڻي ھاڻي بصري روشني جي شڪل ۾ نڪري ٿو. ھن سڄي عمل ۾ ايٽم جو گرمي پد گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ اھو ھيٺ واپس ھليو وڃي ٿو جتان وري اھو فوٽان کي جذب ڪري پنھنجي گرمي پد ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ وري مٿي اچي فوٽان کي آزاد ڪري ٿو ۽ ھي چڪر روان دوان رھي ٿو. ھاڻي فوٽان سج جي سطح جي مٿئين حصي تان ٿي ھيٺ ھليو وڃي ٿو. ايصال حرارت جو متلاتم علائقو ھڪ ٻي زبردست قوت ڇڏي ٿو جيڪا نہ صرف بم وانگر ڦاٽي عظيم طوفان کي طاقت ڏئي ٿي پر سج جي روشني کي سج مان فرار ٿيڻ کان روڪي ٿي. سج جي قلب ۾ پيدا ٿيندڙ فوٽان روشني جو ذرو تابڪار علائقي جون صعوبتون سھندي ايصال حرارت جي علائقي ۾ پرٿ جي ستونن سان ٽڪرائيندو گسڪندو خلا ۾ فرار ٿيڻ جي آخري رڪاوٽ جي پار ڪرڻ جي مرحلي تي پھچي ٿو. پنھنجي لکن سالن جي سفر ۾ فوٽان پنھنجي ماھيت ۾ ھلاڪت خيز شعائن ڳاما شعائن مان تبديل ٿي بصري شعائن جي روپ ۾ اچي ٿو جن جو مشاھدو اسان زمين تي ڪريون ٿا. فوٽان نيٺ سج جي مٿين سطح تي پھچي وڃي ٿو جنھن کي اسان ڏسي سگهون ٿا. جڏھن اسان ڪنڌ مٿي کڻي سج ڏي ڏسون ٿا. جيڪا شي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي اھا سج جي گولي سان گڏ ھوندي آھي ۽ اسان روشني کي گولي ذريعي ڏسون ٿا. ھي روشني اسان کي چھنڊڙيون ھڻندڙ لڳي ٿي پر جڏھن اسان ھن کي قريب کان ڏسون ٿا تہ اسان ھن جي سطح تي متلاتم سرگرميون ڏسون ٿا. مادي جا اٻرندڙ زبردست بوڙيا جيڪي ڏسڻ ۾ خوبصورت نظر اچن ٿا پر نھايت ھيبتناڪ ٿين ٿا جن مان باھ ڌڳندي نڪرندي نظر اچي ٿي. فرق صرف ايترو آھي جو سج جي سطح تان اٻرندڙ بوڙين مان روشني جا فوٽان نڪرن ٿا ۽ اسان ڏي رخ رکن ٿا. سج جي سطح تان نڪرندڙ ھر بوڙيو زمين جي مقدار برابر ٿئي ٿو. انهن گئسي بوڙين يا گئسي گولن مان نڪري روشني جا شعاع اسان وٽ پھچن ٿا پر سج جي سطح تي فوٽان پھچندي وري رڪاوٽ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ اھا رڪاوٽ ھنجي توانائي کي اڃان گهٽائي ٿي ۽ ان روشني کي اسان جي اکين ۽ اسان جي موافق ڪري ٿي. سج جي سطح تي رڪاوٽ فوٽانن کي وري قيد ڪري ٿي.
ڪٽ پيڪ قومي رسدگاھ آمريڪي رياست ايريزونا ۾ موجود آھي جتي فلڪياتدان مائو پين سج جي سطح جي مشاھدو ڪري ٿو تہ جيئن خبر پوي تہ روشني جا ذرا اتي ڪيئن قيد ٿي وڃن ٿا. ھي ايمسيميٿ پيئرس ٽيليسڪوپ جو استعمال ڪري سج جي سطح جو تفصيلي معائنو ڪري ٿو جتي سج جي تھ تي گھرا نشان نظر آيا. انهن ۾ ٻہ جڳھون تمام وڏيون ھيون. ھي نشان سج مان نڪرندي ان جي سطح جي ڪناري تائين اچي پئي ويا. ھر وڏي نشان سان گڏ ڪجھ ننڍا نشان پڻ ھيا. ھي نيڪالي جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهي رھيا ھئا جيڪي گرمي ۽ روشني کي سج جي اندران ڪڍي خلا ۾ ڇڏين ٿا. ان ڪري سج جي سطح تي موجود ڪجھ گهٽ گرم علائقا اسان کي داغن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. اھي ڪارا داغ زبردست طاقتور روشني جي ذرن يا فوٽانن کي پنھنجي خطرناڪ ڦندي ۾ ڦاسائن ٿا جتان روشني ۽ موجود توانائي سج جي سطح کان فرار ٿي نٿا پائن. ھي زبردست طاقت ٻي ڪابہ طاقت ناھي پر ھي سج جي مقناطيسي طاقت آھي. سج جا ھي اونداھا نشان تڏھن ٺھن ٿا جڏھن زبردست قوت جي مقناطيسيت سج جي گھرائي کان نڪرندي ضيائي گولي ۾ تبديل ٿيندي زبردست ڌماڪي سان ٻاھر نڪري ٿي. ھي مقناطيسي ميدان ايترا طاقتور ٿين ٿا جو سج جي گرم اندروني مادي جي ايصال حرارت جي حرڪت کي سج جي سطح تي اچڻ کان روڪيو رکي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ سج جي سطح تي نسبتن گهٽ درجي جي حرارت جو علائقو ٺھي ٿو جيڪو اسان کي سج جي اونداھن نشانن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. ھي ڪارا نشان تمام وڏا ٿين ٿا اھي ڪارا نشان ڌرتي جي مقدار کان ڏھ ڀيرا وڏا ٿين ٿا. مقناطيسيت اھي ڪارا نشان بنائي سج جي سطح تي ڌڳندڙ ڪاريون لڪيرون جوڙي ٿي. سج جو استوائي خطو قطبن جي مقابلي ۾ زيادھ تيزي سان پنھنجي محور جي چوڌاري ڦري ٿو. اسان جي ٺوس ڌرتي پري پنھنجي وجود سان سج جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ ان سان گڏ مقناطيسي ميدان بہ ڦرن ٿا پر سج ايترو وڏو آھي جو ھي اصول سج تي لاڳو ٿئي ٿو.
سج ۾ ڪابہ ٺوس شي ناھي. اھو گئس جو وڏو گولو آھي ۽ پنھنجي محور ۾ چڪر لڳائي ٿو پر خط استوا تي پنھنجن قطبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گهمي ٿو. سج خود کان ٽپ کائي ٿو ۽ گڏ مقناطيسي ميدانن کي مروڙ ڏئي ٿو. قطبن جي نسبت سج خط استوا تي تيز چڪر لڳائيندي مقناطيسي ميدانن کي ٽپ ڏياريندو رھي ٿو جتان اھي ھر چڪر ۾ الجهي پون ٿاجنھن جي نتيجي ۾ مقناطيسي ضربون Magnetic mayhem نڪرن ٿيون. جڏھن اھي ميدان سج جي سطح تي ڪر کڻن ٿا جو انهن ۾ زبردست قسم جي توانائي ڀريل ٿئي ٿي. اھي ميدان زبردست توانائي ڀرپور مڙيل رٻڙ وانگر ٽپ کائي الجهي پون ٿا. جڏھن مڙيل رٻڙ کي ٽپ ڏيارجي ۽ ان کي سڌاڻ ۾ ڇڪجي تہ اتي جڙندڙ دٻاء محسوس ڪري سگهجي ٿو جتي مقناطيسي لڪيرن جو ٽپ کائي روشني جي ذرن کي پاڻ سان کڻي پرٿ جي سطح تي پھچڻ مشڪل آھي.
ھاڻي ھي سوال پيدا ٿئي ٿو تہ پوء روشني جي انهن بنڊلن سان ڇا ٿو ٿئي جو سج جي سطح تي پھچي ٿڌا تہ ٿي ويا پر اتي اچي مقناطيسي ميدان ۾ ڦاسي ويا. سج جي سطح تي موجود اھا جڳھ جتان روشني فراريت حاصل ڪري نٿي سگهي اھا جڳھ اونداھي نظر اچي ٿي ۽ سج جي سطح تي داغن جي صورت ۾ نشان بنائي ٿي پر اڻ الجهيل مقناطيسي لڪيرن ۾ ڪنھن کي تہ دخل ڏيڻو آھي. مقناطيسي ميدان پنھنجي موجودھ حيثيت کان بلڪل مطمئن ناھن ھوندا. انهن کي پنھنجي موجودھ حيثيت بلڪل پسند ناھي ھوندي ۽ اھي ان کي سلجهائڻ چاھن ٿا. تمام وڏا مقناطيسي حلقا سج جي انهن نشانن تي محراب نما نشان بنائن ٿا. مقناطيسي ميدان ٽپ کائيندڙ ۽ انتھائي اڻ متوازن ٿين ٿا ۽ پنھنجي توانائي کي اڳلڻ لاء بي چين ٿين ٿا جنھن جي نتيجي ۾ اھي اھڙي مقناطيسي بم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا جو ڦاٽڻ لاء بلڪل تيار رھن ٿا ۽ توانائي سان ڀرپور ٻہ رھن ٿا.
توانائي سان ڀرپور مقناطيسي ميدان جڏھن ھڪ ٻئي جي قريب ٿين ٿا تہ ائين لڳي ٿو تہ ھڪ ٻئي کي چئي رھيا ھجن تہ جيڪڏھن اسان پاڻ ۾ ملي وڃون تہ زبردست توانائي پيدا ڪري سگهون ٿا. پوء ائين ئي ٿئي ٿو، اھي پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا تہ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿئي ٿو جنھن کي اسين مقناطيسي طوفان يا شمسي طوفان Solar flare چئون ٿا. ھن ۾ ايتري طاقت ٿئي ٿي جيتري طاقت لکين جوھري بم پاڻ ۾ ملي ڌماڪو ڪن ٿا. شمسي شعلا خلا مان 35 لک في ميل ڪلاڪ جي رفتار سان نڪري زبردست توانائي خارج ڪن ٿا. مقناطيسي ميدان پرٿ کي سج جي سطح تي اڇلي ٿو. ڌماڪي ان اتان جلدي روشني جا ڀنڊار نڪرڻ شروع ٿي وڃن ٿا. لکن سالن جي سفر بعد روشني جا بنڊل آخرڪار خلا مان فراريت حاصل ڪري وٺن ٿا. ھاڻي اھي کربھا روشني جا ڪرڻا يا فوٽان آزاد ٿي وڃن ٿا پر انهن جو سفر اڃان اڃان ختم ناھي ٿيو. گهڻي کان گهڻا فوٽان ڪائنات جي پرانھن علائقن ۾ موجود نئين دنيا جي سفر جو سعيو ڪن ٿا. تقريبن 10 لک سالن سان سج مان نڪرڻ جي ڪوشش صاب ٿئي ٿي. ھاڻي اھي آزاد آھن ۽ آزادي سان سفر ڪن ٿا. سج مان نڪرندي فوٽان ائين ڀڄن ٿا جيئن ڪي قيدي جيل ٽوڙي ڀڄن ٿا. فوٽانن جي رفتار 186 ھزار ميل في سيڪنڊ ٿئي ٿي. فوٽان ھاڻي موافق ٿي ڌرتي ڏي لاڙو ڪن ٿا. جڏھن اسان ڪرڻن کي ڏسون ٿا تہ اسان کي انهن فوٽاني ڪرڻن جو مشڪل سفر ياد ڪرڻ کپي جيڪي سج جي قلب کان اسان تائين پھچڻ ۾ 10 لک سال سوا اٺ سيڪنڊ وٺي آيا. اھي نيوڪلائي ميل ذريعي سج ۾ موجود اونهي قلب مان ٿيندا پرٿ جي ائٽمن سان ميل ڪندا ٽپا کائيندا ۽ اڳتي وڌندا فوٽانن جي صورت وٺندي ايصال حرارت جي علائقي ۾ گئس تي سواري ڪري مقناطيسي ميدانن جي ٽڪرجڻ جي ڪري سج جي سطح تان فراريت حاصل ڪري ڌرتي ڏي رخ رکندا اچن ٿا. فوٽان جا ذرا ڌرتي تي پھچي وڻن ۔ ٻوٽن ۽ انسانن کي لڳي انهن ۾ جيون جا رنگ ڀرين ٿا ۔ انهن کي توانائي سان سرشار ڪن ٿا ۔ روشنائي ترڪيب سان ٻوٽن وڻن کي واڌ ويجھ ڏين ٿا ۽ حياتين جي کاڌي جي چڪر کي سرانجام ڏين ٿا. سج جي روشني اسان لاء ٻارڻ پيدا ڪري ٿي. ھي روشني جا ذرا يعني فوٽان ڌرتي تي موسمن جي رت جڳائين ٿا ۽ اسان جي سمنڊن ۾ اڀار پيدا ڪن ٿا. روز فوٽان ڌرتي سان ايترا ٽڪرائن ٿا جو جو ھڪ ڏينھن ۾ انساني تھذيب لاء 27 سالن جيتري توانائي پيدا ڪن ٿا. سج جي روشني صرف گرمي پيدا نٿي ڪري پر جيونن کي جيوت بخشي ٿي. اسان جي روشني جا ذرا اسان کي ۽ ڌرتي کي پار ڪندي پورا ٿين ٿا. ان کان سوا 80 منٽن جي فاصلي تي اھي زحل تي پھچي وڃن ٿا ۽ 4 ڪلاڪن جي سفر ۾ نيپچون کي پار ڪن ٿا.
ھڪ دفعو روشني جا ذرا سج جي قيد مان آزاد ٿي جتي چاھن اتي خودمختيار نموني سفر ڪن ٿا. اھي اربھا نوري سال جي سفر کي طئي ڪن ٿا. ھي سج جي ٻاھريين مدار کي صرف 18 ڪلاڪن ۾ طئي ڪن ٿا. جتي سج صرف ڏسڻ ۾ نقطو اچي ٿو پر فوٽان اتان بہ اڳتي خلا جي گھراين ۾ پنھنجو سفر جاري رکن ٿا. ڪجھ فوٽان 1200 سالن جي سفر تي ڳاڙھي بوني نظام جنھن جو نالو 62 ڪيپلر آھي اوستائين وڃي پھچن ٿا جتي ڌرتي وانگر ڪو ممڪن گرھ موجود ھجي. اسان جي ڪھڪشان ۾ ڌرتي وانگر ڪيترائي سيارا ٿي سگهن ٿا. جيڪڏھن اتي ڪا زندگي موجود ھجي تہ ڇا اھا اسان جي سج کي ڏسي سگهي ٿي. بلڪل ڏسي سگهي ٿي. جيڪڏھن اھي سج جي قريب ھوندا تہ اھي آساني سان سج کي ڏسي سگهن ٿا ۽ دوربين جي ذريعي ايترو قابل ٿي سگهن ٿا جو اھي پري پري تائين سج کان پري ڏسي سگهن ٿا. ائين بہ ٿي سگهي ٿو جيڪا مخلوق پري پري کان سج جو مشاھدو ڪري رھي ھجي اھا ھتي ھن گرھ تي اسان جي موجودگي بي خبر ھجي. فوٽان برق رفتاري سان فاصلو طئي ڪندي 1500 سال پري گهوڙي جھڙي شھابي تي پھچن ٿا ۽ 7000 سال دور واري دنيا ۾ پھچ کي يقيني بنائن ٿا. ايتري ڊگهي فاصلي کان پوء سج جي روشني جهيڻي ٿيڻ لڳي ٿي. ان کي بہ دوربين ذريعي ڏسي سگهجي ٿو. اسان طاقتور دوربين ذريعي 10 ارب نوري سال جي فاصلي تائين ستارن جي دنيا جو مشاھدو ڪري سگهون ٿا. اسان جي سج جي روشني سڄي ڪائنات ۾ خلائن تائين سفر ڪري ٿي. جڏھن بہ توھان آسمان ۾ ڏسو تہ تارن ڏي ضرور ھٿ ھلايو ٿي سگهي ٿو اھا مخلوق پري پري کان توھان ڏي ھٿ ھلائي رھي ھجي.