Showing posts with label سنڌي تريل واڱڻ 💎اصغر ساگر💎. Show all posts
Showing posts with label سنڌي تريل واڱڻ 💎اصغر ساگر💎. Show all posts

Saturday, 5 October 2019

سنڌي تريل واڱڻ 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
واڱڻ       ڪلو
گيھ        پاء
ٽماٽا       اڌ ڪلو
ڳاڙھا مرچ حسب ضرورت
لوڻ حسب ضرورت

”ٽماٽي جي چٽڻي“
آنو گھ وجهي ٽماٽن کي چٿي ھلائجي گهمائجي. پوء لوڻ حسب ضروت وجهجي. آخر ۾ ڳاڙھا مرچ پائوڊر وجهي ملائي لاھجن.

”واڱڻ جا ڪترا“
واڱڻ جي گول ڪاتر ڪجي.
ھاڻي ڏيڍ پاء گھ ۾ واڱڻن جي ٽي چار ڪترن کي گھ ۾ ترجي. اھي ڪترا ڪڍي ٽي چار ٻيا ڪترا وجهي ترجن. ائين سڀ ڪترا ترجن. ڪترا ايسين ترجن جيسين سونھري ٿين.
ھاڻي ڪترن مٿان چٽڻي وجهجي.
واڱڻ جا سوادي تريل ڪترا تيار آھن.