Saturday 25 January 2020

ڪرونا وائرس Coronavirus 💎اصغر ساگر💎


اڄڪلھ چين جي شھ ووھان Wuhan جنھن جي آبادي نيويارڪ ۽ لنڊن کان وڌيڪ آھي اتي 11 ملين ماڻهو وسن ٿا، اھي ھڪ خطرناڪ وائرس ڪرونو وائرس يا تاجو وائرس Coronavirus جي گهيري ۾ اچي ويا آھن. پوري شھر جو نظام مفلوج آھي بسون ۔ ٽرڪون ۽ ايئرپورٽ سڀ بند آھن. سڄي شھر جا ماڻهو گهرن ۾ واڙيل آھن. گڏوگڏ ھن جي ڀر وارا ٻہ شھر ڪرونو وائرس جي لپيٽ ۾ اچي چڪا آھن. وڏي خطري جي ڳالھ اھا تہ ھن وائرس جون نشانيون مليل جليل آھن، ان ڪري ھن وائرس کي معلوم ڪرڻ وڏي للڪار آھي.
ھن وقت دنيا جون نظرون چين تي آھن ڇوجو ھي وائرس پکڙجي ٿو تہ دنيا کي ھڪ ٻئي اسپيني نمونيا Spanish flu جو مقابلو ڪرڻو پوندو جنھن 1918ع ۾ 500 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو ھو ۽ 50 ملين ماڻهو پنھنجون جانيون وڃائي ويٺا ھئا جنھن ۾ ھڪ ملين ماڻهو ماڻهو آمريڪا جا متاثر ٿيا ھئا.
چين جي ڪرونو وائرس جو سبب چمڙو ۔ ڪئو ۔ نانگ يا سوئر ٿي سگهي ٿو ڇوجو چين جا ماڻهو دنيا جو ھر جانور کائن ٿا. ھتي نانگ ۔ ڪتو ۔ ٻلو ۔ گڏھ ۔ چمڙو ۽ ڪوئو وغيرھ سندن غذا جو حصو آھن. ظاھري ڳالھ آھي تہ ايتري وڏي عوام کي گذاري لاء ھر مخلوق کي کائڻو پوي ٿو.
ڪرونا وائرس ھڪ خورد وائرس آھي جنھن کي خوردبين سان ڏسي سگهجي ٿو. ھي اڌ گول وائرس اڀار سان ائين لڳي ٿو ڄڻ تاج ھجي انهي ڪري ھن وائرس کي ڪرونا وائرس جو نالو ڏنو ويو آھي ڇوجو لاطيني زبان ۾ تاج کي ڪرونا چئجي ٿو. ھي وائرس خنزير ۔ ڪئي ۽ ڪڪڙ ۾ پاتو وڃي ٿو. چين ۾ ھنن جانورن جي رسوب کي پيتو وڃي ٿو جتان ھي وائرس پکڙيو ۽ رڪڻ جو نالو نٿو وٺي. ھي وائرس ماڻهو کان ماڻهو تائين پکڙجي ٿو جنھن ڪري ھي وائرس شڪل تبديل ڪري انسانن جي صحت کي متاثر ڪري ٿو ۽ ڪندو رھي ٿو. ھن تبديل ٿيندڙ وائرس جا 13 قسم آھن جيڪي انسان ۾ منتقل ٿي کيس ماري سگهن ٿا. ھن سال چين جو شھر ووھان ھن وائرس کان پوري طرح متاثر ٿيو آھي جيڪو نئون وائرس آھي.
ڪرونا وائرس جا ڪل 13 قسم آھن پر انهن ۾ 7 وائرس انسانن کي متاثر ڪن ٿا. ھي وائرس مڇي ۔ ٻلي ۔ ڪتي ۔ چمڙي ۔ ڪوئي ۔ ڳئون ۔ اٺ ۔ ٻڪري ۔ سوئر ۽ نانگ ۾ پاتو وڃي ٿو يا جيڪڏھن ڪنھن جانور ۾ موجود آھي تہ ان جو پتو نٿو پوي. ھي جراثيم جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو پر ھي پھريون دفعو آھي جو انسانن کان انسانن ۾ منتقل ٿيو آھي. ھي وائرس تغير رکي ٿو. ھڪ دفعو انساني گهرڙن ۾ داخل ٿيڻ سان جلدي اتي پنھنجي تبديلي ڪري ٿو جنھن جي ڪري اڃان وڌيڪ مھلڪ ۽ خطرناڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ٻين انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو. 
چين جي صحت جي شعبي ظاھر ٿيندڙ وائرس جو ڄڻوٺو Genome تيار ڪري دنيا جي سامهون رکيو آھي پر ھن مھل تائين ڪابہ ويڪسين يا دوا تيار ناھي ٿي سگهي. ھي وائرس 2019 ۾ رونما ٿيو آھي. ھن وائرس جي ڪري شھر ووھان جا 75 سيڪڙو ماڻهو متاثر ٿيا آھن. 885 ماڻهو مئا آھن ۽ ھزارين ماڻهو متاثر ٿيا آھن.
ووهان چين جي وڏي شهر شنگهائيء جي ڀرسان هڪ تجارتي مرڪز ۽ گوشت جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي جتان ھي وائرس پکڙيو آھي. سڀ کان پهرين جيڪي ماڻهو ان شڪايت سان گڏ اسپتال پهتا هئا، انهن جو تعلق مقامي هول سيل مڇي مارڪيٽ سان هو جتي مرغيون، گڏھ، لومڙيون، اٺ، ڪوئا، ٻليون، چمڙا ۔ بگهڙ ۔ سوئر ۽ ٻيا جانور موجود هوندا آهن. سائنسدانن جي تحقيق ۾ معلوم ٿيو آھي تہ تاجي وائرس جي ھي نئين قسم نانگ مان پکڙي آھي جنھن کي بازار ۾ زندھ چمڙن ۔ ڪوئن سان گڏ رکيو ويو. چين ۾ ڪئي ۔ نانگ ۔ سوئر ۽ چمڙي جو رسوب شوق سان پيتو وڃي ٿو. 
سائنسدانن مطابق ھي وائرس انهن جانورن کان پکڙجي ميون ۽ سبزين ۾ آيو ھوندو جيئن انهي کان  اڳ سارس وائرس پکڙجي ھاڃا ڪيا ھئا. نوٽ ڪجي تہ ھنن وائرسن ۾ ٽي خطرناڪ ٽي وائرس ٿين ٿا جيڪي تمام موتمار ٿين ٿا.

(1) مرس    Middle east respiratory syndrome 
ھي مرس وائرس اوپر وچ جي علائقن ۾ پکڙيو. ميرس وائرس 2012ع ۾ اٺ مان پکڙيو جنھن جي ڪري 858 ماڻهو مئا ۽ 2404 ماڻهو متاثر ٿيا.

(2) سارس  Sever acute respiratory syndrome
ھن کان اڳ سارس وائرس  جي ڪري 774 ماڻهو مئا ۽ 8 ھزار متاثر ٿيا. مرس وائرس ھن کان وڌيڪ موتمار ثابت ٿيو.

(3) نڪو وائرس  nCoV 2019
نڪو وائرس (نوول ڪرونا وائرس) nCoV 2019 نڪو وائرس چين ۾ وبا جيئن پکڙيو آھي. نڪو وائرس ساھ جي نالي تي حملو ڪري ساھ جي ھيٺئين نظام کي متاثر ڪري ٿو جنھن سان موتمار نمونيا Flue ٿي سگهي ٿي.
ھي وائرس جڏھن حملو ڪري ٿو تہ ماڻهن ۾ بدھضمي ۔ سردي لڳڻ ۔ بخار ۽ کنگھ جي شڪايت ٿي وڃي ٿي ۽ اھي شڪايتون چين جي شھر ووھان ۾ عام جام نظر اچن ٿيون.
نزلي زڪام بخار کان شروع ٿيندڙ اها بيماري نمونيا تي پهچي ٿي گڙدا ختم ٿي وڃن ٿا بر وقت علاج نہ ٿيڻ جي ڪري موت ٿئي ٿو. ان وائرس جو علاج ڪونهي.
جيڪڏھن ھي وائرس جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي تہ ان جو علاج سولو آھي پر جڏھن انسانن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو تہ جينياتي ڪوڊ تبديل ڪري خطرناڪ ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن خبر پئجي وڃي تہ ڪرونو وائرس ڪھڙي جانور مان پکڙيو آھي تہ علاج سولو ٿي وڃي ٿو. بر وقت نمونيا ۽ ڪڊني فيليوئر جو علاج ٿئي تہ مريض جي زندگي بچائي سگهجي ٿي. انهن ماڻهن جي حرڪت کي ان شھر تائين محدود ڪيو ويو آھي کين ٻاھر ٻين شھرن يا ملڪن ڏي سفر کان روڪيو ويو آھي ڇوجو ھي وائرس پکڙجي سگهي ٿو.

چينين جا ڪرونزدھ کاڌا:-
چينين جا 2 پسنديدھ کاڌا آھن.
چمڙو
ڪوبرا نانگ
ڪئو
ٽنهي شين جا کاڌا چيني شوق سان کائن ٿا. سردي ۾ چمڙي جو رسوبو چينين جو من پسند رسوبو آھي.
2020 سال کي چينين جو پسنديدھ سال سڏيو وڃي ٿو ڇوجو ھن سال چينين وڌ ۾ وڌ ڪئا کاڌا جنھن جي ڪري ڪرونا جي وڌڻ جا سو فيصد امڪان وڌي ويا. چيني ڪوئن جي ڀاڄي کائن ٿا پر زندھ ڪئا کائڻ بہ ھنن جي شوق ۾ شمار ۾ آھي. ڪوبرا نانگ ۔ چمڙو ۽ ڪئو ٽئي ڪرونا وائرس پيدا ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا.

ڪرونا وائرس نمونيا جو قسم:-
ڪرونا وائرس ھڪ قسم جي وبائن جو گروپ آھي جيڪو کير ڏيندڙ جانورن ۽ پکين جي ڪري بيماري جو سبب بنجي ٿو. ابتدائي طور تي ھي وائرس 1960 ۾  دريافت ٿيو. ھن جي ڄيڻو ٺي ماپ Genomic size ڇويھ ڪلو کان ٻٽيھ ڪلو بنياد آھي.  جيڪو آر اين اي وائرسن ۾ سڀ کان وڏو آھي. ھي ڳئون ۽ خنزير ۾ ڊائريا ۽ ڪڪڙين ۾ ساھ جي بيماري جو سبب بنجي ٿو. ھن وبا جا ست قسم انسانن جي ساھ ۾ بيماري جو سبب بنجن ٿا. ھن وائرس جي اڃان تائين ڪابہ دوا يا ويڪسين ايجاد ناھي ٿي.
جيئن تہ ھي وائرس نمونيا سان واسطو رکي ٿو ان ڪري ڪابہ جيوروڪ Antibiotic فائدو نہ ٿي ڏئي. جيتري پاڻيٺ جسم ۾ موجود ھوندي اوترو ھن وائرس کان بچاء ممڪن آھي ان ڪري اسپتالن ۾ ھن وائرس جو مريض داخل ٿيندو آھي ان جي جسم جي پاڻيٺ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ورندي آھي. ھن وائرس مان اھو مريض چاڪ ٿيندو جنھن ۾ مدافعت وڌيڪ ھوندي. اڪثر اھي ماڻهو ھن وائرس ۾ مئا آھن جن جي عمر 50 سالن کان مٿي ھئي.

ڪرونا وائرس جو پکڙجڻ:-
ڪرونا وائرس وات ۽ نڪ زريعي ڦڦڙن ۾ پھچي ساھ جي سرشتي ۾ ھڪڙو ميزبان گهرڙو Host cell ڦاڙي ڪري ٿو. اھو ميزبان گهرڙو ٻين جزن کي نقصان پھچائي ڦڦڙن ۾ سوڄ پيدا ڪري ٿو جنھن سبب ڦڦڙن جي رت جي وھڪ Blood stream ۾ آڪسيجن شمار ڪرڻ وارو نظام متاثر ٿيڻ سبب موت واقع ٿيو پوي.
ھن وائرس جي انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ سان خسري وانگر ڳاڙھا داڻا جسم تي نڪرن ٿا يا متاثر ماڻهو نمونيا ۔ بخار ۔ کنگھ ۔ ڪلهي جي سور ۽ مٿي جي سور ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. ھن وائرس سبب دنيا جي ڪافي ملڪن چائنہ جي ماڻھن جي داخلا تي پابندي مڙھي ڇڏي آھي.

علامتون:-
تاجو وائرس نزلي جي علامت کان شروع ٿئي ٿو ۽ مريض جي موت جو سبب بنجي ٿو. نزلي ٿيڻ شرط بخار ٿي وڃي ٿو ۔ ڦڦڙن کي متاثر ڪري ٿو ۔ ڳلي ۽ مٿي ۾ سور پوي ٿو ۔ ساھ جي نالي جو مسئلو شديد ٿي وڃي ٿو. ڪروني وائرس جي جينياتي رمز مان معلوم ٿيو آھي تہ ھي سارس سان ملي ٿو.
جيڪڏھن ھي وائرس جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي تہ ان جو علاج سولو آھي پر جڏھن انسانن کان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو تہ جينياتي ڪوڊ تبديل ڪري خطرناڪ ٿي وڃي ٿو.

سبب:-
ھي وائرس چئن سببن جي ڪري پکڙجي ٿو.
(1) وائرس جي نئين قسم ھجي.
(2) ھي وائرس حيوان کان انسان ۾ نفوذ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
(3) ھي وائرس انسان ۾ مرض پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
(4) ھي وائرس انسان کان انسان تائين پکڙجي ٿو.
ھي وائرس جلدي دنيا ۾ پکڙجي رھيو آھي ۽ نمونيا جي وبا طور ھڪ مھيني ۾ ڪافي ملڪن ۾ پنجا کوڙي چڪو آھي.
ھي وائرس ووھان شھر کان ٿي جاپان ۔ ٿائيلينڊ ۔ سنگاپور ۽ آمريڪا ۾ اچي چڪو آھي. پوري دنيا ۾ ۽ پاڪستان ۾ بہ چين جي ماڻهن جي اسڪيننگ ڪئي پئي وڃي.

وائرس جو حل:-
ھن وائرس جو ڪوبہ علاج ناھي ان ڪري جتي ڪرونا وائرس جتي پکڙجي ٿو ماھر ان علائقي کي سيل ڪن ٿا ڇوجو ھي ساھ وسيلي آساني سان ٻئي شخص ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. ائين ساھ جي زنجيري وسيلي گهڻا ماڻهو ان جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

احتياط:-
وري وري صابڻ سان ھٿ ڌوئجن
سردي ۽ زڪام جي مريض کان پري رھجي 
کنگهڻ ۽ نڇن ڏيڻ وقت منھن کي ڪپڙي کان ڍڪجي.
کاڌي کائڻ کان پھرين ۽ پوء ھٿن کي ڍڪجي.
کاڌي کي چڱي ريت پڪائجي ۽ ڪچو رھڻ نہ  ڏجي.
مريض جي اک ۔ چھري ۽ وات کي ڇھڻ کان روڪجي.

اپاء:
ڳلي کي خشڪ ٿيڻ نہ ڏجي.
گرم پاڻي پيئجي.
ھجوم کان پاسو ڪجي.
منھن تي ماسڪ اوڙھي رکجي.
ھٿ وري وري ڌوئجن.
گوشت نہ کائجي.
ماڻهن کان ھڪ ميٽر پري رھجي.
ٿورو ٿورو پاڻي پيئندو رھجي.
By Asghar sagar

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

1 comments: