Saturday 6 April 2019

کير Milk |اصغر ساگر|

کير   Milk |اصغر ساگر|

کير ڪيلشم ۔ وٽامن ۔ فولاد ۔ پروٽين ۽ معدنيات تي مشتمل ٿئي ٿو. کير مان نہ صرف ڏھي ۔ پنير ۔ رٻڙي ۔ مائو ۔ خشڪ کير ٺھي ٿو پر خود ھڪ غذا آھي جيڪا ھر گهر ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي. کير پوڙھن ۔ پڪن ۽ نوجوانن لاء ساڳي اھميت رکي ٿو.
غذا جا ماھر کير کي مڪمل غذا قرار ڏين ٿا. کير ۾ وٽامن اي ۔ وٽامن ڪي ۽ وٽامن بي12 سان گڏ امينو تيزاب ۔ تاندورا ۔ نمڪيات ۽ ٻيا غذائي جزا موجود ٿين ٿا. کير توانائي بخش آھي خاص ڪري ٻار ناشتي ۾ کير پيئڻ کي ترجيح ڏين ٿا. کير ڏينھن ڀر جي قوت مدافعت کي برقرار رکي ٿو.
کير پٽڙو ۽ ڪريمي ٿئي ٿو ڇوجو ان ۾ پروٽين ۔ وٽامن ۔ نشاستي ۽ چرٻي جي گهڻي مقدار ٿئي ٿي. کير جسم کي فٽ رکي ٿو جڏھن تہ ان ۾ ڪيلريون گهٽ ٿين ٿيون. کير ۾ موجود لينولڪ ايسڊ جسم ۾ غير ضروري چرٻي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. کير پيئڻ سان ذھني دٻاء ۽ ٿڪ ۾ ڪمي اچي ٿي جنھن سان رات جو سڪون جي ننڊ اچي ٿي.
اڄ ڪلھ مارڪيٽ ۾ ڪيترن قسمن جا کير موجود آھن. ھڪ کليل کير ٻيو ڊٻن وارو کير جنھن مان ملائي ڪڍي وڃي ٿي. آمريڪا ۾ ٿيندڙ تحقيق مطابق ڊٻن وارو کير کليل کير جو متبادل ناھي. جيڪي ماڻهو ملائي وارو کير استعمال ڪن ٿا انهن ۾ شڳر جا 46 سيڪڙو امڪان گهٽ رھن ٿا ۽ ٿري استعمال ڪرڻ وارا ٿلها گهٽ ٿين ٿا. ڊٻن ۾ بند کير ٻن قسمن جو ٿئي ٿو
(1) پٽڙو
(2) پائوڊر کير
پٽڙي کير کي پيڪ ڪرڻ وقت ان مان ڪريم ۽ مکڻ ڪڍيو وڃي ٿو جڏھن تہ ٻئي پاسي جانورن جي کير کي خشڪ ڪري ان ۾ ضروري وٽامن شامل ڪري مصنوعي ڪيميائي مادن سان تيار ڪيو وڃي ٿو.
 ٻھراڙين ۾ کير کي بغير اٻارڻ جي پيئڻ جو رواج آھي. ھميشہ کير کي ھلڪي نموني ڪاڙھجي گهڻي ڪاڙھڻ سان کير جا لطيف جزا جلي وڃن ٿا. کير پٽڙو ٿئي ٿو ان ڪري جلدي جسم جو حصو ٿي وڃي ٿو. کير ۾ ڪيلشم ٿئي ٿو جيڪو ھڏن جي واڌ ويجھ ۽ مضبوطي ۾ ڪم ڪري ٿو.
يورپ ۽ آمريڪا ۾ ھر ماڻھو کير استعمال ڪري ٿو. ٻارن کي اسڪول ۾ کير ڏنو وڃي ٿو. ڊاڪٽر اسٽيفن سمٿ جي عمر 100 سال ھئي جيڪو کير سان ماني کائيندو ھيو. جرمني جو ھٽلر صبح جو ناشتي ۾ کير ڏھي استعمال ڪندو ھيو.
 قدرتي طور تي کير ۾ شامل کنڊ کي کمٺاڻ Lactose چيو وڃي ٿو ھي کنڊ ڪجھ ماڻھن کي ھضم نٿي ٿئي ان جو سبب اھو کير پيئڻ ناھي پر ان بدھضمي جو اھم سبب خامري Enzyme جي کوٽ ٿئي ٿي جنھن کي کيراٺ Lactase سڏيو وڃي ٿو. ھي گهرڙا انهن خامرن کي بنائن ٿا جيڪي ننڍي آنڊي ۾ موجود ٿين ٿا. کيراٺ Lactase کير کي کنڊ کان ڌار ڪن ٿا تہ جيئن کير جلدي ھضم ٿي رت ۾ شامل ٿي وڃي. جڏھن ھي خامرا گهٽ ٿي وڃن ٿا تہ کير گهاٽائي جي حساب سان ڳرو ٿي وڃي ٿو ۽ ننڍو آنڊو ان کي ھضم ڪري نٿو سگهي. ھي صورتحال اڪثر طور تي خطرناڪ ٿئي ٿئي پر تشويشناڪ ٿئي ٿي ۽ جن ماڻھن ۾ کيراٺ جي کوٽ ٿئي ٿي اھي کير پي نٿا سگهن.
 کير ھضم نہ ٿيڻ تي عام طور تي الٽي ۔ آت ۽ ڳوراڻ ٿي وڃي ٿي ۔ ريح پيدا ٿي وڃي ٿي ۔ دست بہ اچڻ لڳن ٿا اھڙا ماڻهو جن ۾ ليڪٽيز جي کوٽ ٿئي ٿي انهن ۾ ھي علامتون ٻن ڪلاڪن اندر پيدا ٿي وڃن ٿيون اھڙن ٻارن کي کير نہ پيئڻ کپي يا اھڙيون غذائون کائڻ نہ کپن جن ۾ ليڪٽوس ھجي. جيڪڏھن ننڍي آنڊي ۾ Lactose جي مناسب مقدار موجود آھي تہ آئسڪريم ۽ پنير ھضم ٿي سگهن ٿا. جيڪو ماڻھو Lectose کي ھضم ڪري ٿو ان کي مٺيون شيون کائڻ کپن. Lectose کير يا کير مان ٺھندڙ شين ۾ پاتو ويندڙ شيرو ٿئي ٿو. اسان جي جسم کي Lectose ھضم ڪرڻ لاء Lactase خميري جي ضرورت پوي ٿي جيڪڏھن ھي خامرو جسم ۾ نہ ھجي تہ کير پيئڻ سان سوڄ ۔ درد ۔ پيچش ۔ آت ۔ الٽي ٿي سگهي ٿي.
اھي ماڻھو جن کي کير ھضم نٿو ٿئي انهن کي کير ۾ ٿورڙو سھاڳو ڦليل وجهڻ کپي. جن ٻارن ۾ پروٽين جي کوٽ آھي انهن کي کير ۾ ڪچو بيدو ملائي پيارڻ کپي. دائمي نزلي جي مريضن کي ڳئون جي کير ۾ ماکي ملائي پيئڻ کپي.

کير جا فائدا :-

پرسڪون ننڊ ڏيندڙ :-
جديد دور ۾ پيرسن توڙي نوجوان پرسڪون ننڊ لاء سڪن ٿا ۽ کين ٿڪاوٽ جو احساس رھي ٿو. ٽرفٽوفين Tryptophan نالي امينو تيزاب رات ۾ پرسڪون ننڊ ڏيڻ جو ڪم ڪري ٿو جيڪو کير ۾ وافر مقدار ۾ پاتو وڃي ٿو. رات جو ھڪ کير گلاس پيئڻ سان بھترين ننڊ اچي ٿي ۔ صبح جو اٿڻ سان مزاج خوشگوار رھي ٿو ۽ صحت ۾ بھتري اچي ٿي. کير جسم ۾ ميلان Melatonin جي مقدار کي وڌائي ٿو جيڪو ھارمون آھي جنھن جي ذريعي انسان رات جو پرسڪون ننڊ سمهي ٿو ۽ صبح جو پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪري ٿو.

ھاضمو بھتر بنائيندڙ :-
تيز کاڌا ۔ مرحلاتي کاڌا ۽ روغني غذائن جي ڪري ھر شخص کي معدي جي شڪايت رھي ٿي جنھن ۾ قبض ۽ معدي جي تيزابيت اچي وڃي ٿي. روز کير پيئڻ سان اھي عارضا ختم ٿي وڃن ٿا.

شڳر ۾ فائديمند :-
شڳر ۾ مٺين ۽ کنڊ وارين شين کان پرھيز ڪئي وڃي ٿي. ان ڪري شڳر جا مريض بغير مٺاڻ جي کير پيئن. کير شڳر جي ڪري پيدا ٿيندڙ جسماني ڪمزورين کي دور ڪري ٿو.

ھڏ مضبوط ڪندڙ :-
کير ۾ موجود ڪئلشم انساني ھڏين لاء ان وقت لاڀائتو آھي جڏھن کير ۾ موجود وٽامن ڊي ڪئلشم کي ھڏين جو حصو بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي جنھن سان ھڏ مضبوط ٿين ٿا ۽ ھڏن جا درد ھليا وڃن ٿا.

ڏورن کي مضبوط ڪندڙ :-
کير ۾ شامل پروٽين جتي جسم جون ٻيون ضرورتون پوري ڪري ٿو اتي جسم جي ڏورن کي مضبوط ۽ مربوط رکڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو.

اعصابن کي طاقت ڏيندڙ :-
انساني جسم جي ڪارڪردگي ۽ فعلن جو مدار ذھني صحت تي آھي. ذھن صحتمند ھجي تہ جسم جا ٻيا عضوا بہ پنھنجي ڪارڪردگي کي بھتر نموني انجام ڏين ٿا. کير جي سڀ کان اھم ڳالھ ھي آھي تہ کير ذھن ۽ اعصابي نفوذن کي ربط ۾ رکي ٿو جنھن جي ڪري دماغ وڌي ٿو ۽ ذھانت فروغ پائي ٿي. سائنسي تحقيق مطابق کير ۾ موجود امينو تيزاب چھري کي نرم ۽ شاداب رکن ٿا.

چھرو صاف ۽ تازو رکندڙ :-
کير ۾ موجود ليڪٽڪ ايسڊ چمڙي کي صاف رکي ٿو ۽ ڌوڙ جي منفي اثرن کان محفوظ رکي ٿو. ليڪٽڪ ايسڊ کير جي ملائي ۾ گهڻي پاتي وڃي ٿي. ان ڪري ھڪ تجويز آھي کير جي ملائي سان چھري تي مساڄ ڪيو وڃي چھري جي خشڪي ۔ داڻا ۽ داغن جو خاتمو ٿي ويندو.

ڏندن کي جوت ڏيندڙ :-
اسان جي روز مرھ جي زندگي ۾ کير ڪيلشم جو وڏو ذريعو آھي. ڪيلشم ڏندن کي مضبوط رکي ٿو جڏھن تہ کير جي گھري سفيد رنگت ڏندن کي جوت ڏئي ٿي ۽ کير جي استعمال سان ڏند سفيد ۽ چمڪدار ٿي وڃن ٿا.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment