Monday 30 September 2019

ڪُپيو - پَٻِيو Acetabulum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪُپيو گھرو ڪُپي جھڙي جوڙجڪ رکندڙ آھي جيڪو ڍاڪ جي جوڙ وٽ ران جي مٿي کي بند ڪري ٿو. ڪُپيو ڍاڪ جو اُپَٽيل ترو آھي. ران جو مٿو ڪُپيي وٽ ڍاڪ سان ملي ٿو ۽ ڍاڪ جو جوڙ جوڙي ٿو.
The acetabulum is the deep, cup-shaped structure that encloses the head of the femur at the hip joint. The acetabulum (cotyloid cavity) is a concave surface of a pelvis. The head of the femur meets with the pelvis at the acetabulum, forming the hip joint.

Acetabulum
ڪُپيو ۔ پَٻيو ۔ اُپَٽيو ۔ ڍُونگري پيالو ۔ پيالي جھڙو ھڏو ۔ ڪُپي جھڙو ھڏو

ٻج کانچو  Cotyloid cavity

Acetabulum ۔ Cotyloid cavity
ڪُپيو ۔ پَٻيو ۔ اُپَٽيو ۔ ڍُونگري پيالو ۔ ٻج کانچو ۔ ڪپي جھڙو ھڏو ۔ پيالي جھڙو ھڏو

Deep  گهرو ۔ اونهو

Cup-shaped structure
پيالي جھڙي جوڙجڪ رکندڙ ۔ ڪُپي جھڙي جوڙجڪ رکندڙ

Femur  ران ۔ سٿر

ڍاڪ جو سنڌ ۔ ڍاڪ جو جوڙ  Hip joint

Concave اپٽيل ۔ لڪو ۔ گهٻو ڪٻدار ۔ کٻدار

Concave surface
اُپٽيل ترو ۔ کُٻدار ترو ۔ ڪُٻدار ترو ۔ گُهٻدار ترو

Pelvis  ڍاڪ ۔ دُن ۔ ڍُونگرو

ٻُنڊاڙو ۔ وَھَڪڙِيو Ischium 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ٻُنڊاڙو ڍاڪ ھڏي جو ھيٺيون ۽ پويون حصو ٺاھي ٿو. ڍاڪ جي ھيٺان ۽ ڍاڪون جي پويان ھئڻ ڪري اھو ٽن ھڏن مان ھڪ آھي جنھن جو ائٽ ڍاڪ کي جوڙي ٿو. ھن ھڏي جو عظيم حصو لڳ ڀڳ پياليي جو ھڪ ڀاڱي ٽي حصو ٺاھي ٿو.
The ischium forms the lower and back part of the hip bone. Situated below the ilium and behind the pubis, it is one of these three bones whose fusion creates the hip. The superior portion of this bone forms approximately one third of the acetabulum.

Ischium
ٻُنڊاڙو ۔ وَھڪڙِيو ۔ ائٽِيو ۔ وَھَڪيو ۔ ڍاڪ جو ھيٺيون حصو

ڍاڪ ھڏو ۔ دُڏ ھڏو ۔ ڍُونگري ھڏو   Hip bone

Ilium  دُڏ ۔ ڍاڪ ۔ ڪک ۔ ڪُڇڙ ۔ چُوڻ ۔ ڍاڪ جو ھڏو

Pubis ڍاڪِيو ۔ نِھاڙِيو ۔ ڍاڪُون - ڍاڪ جو ھيٺيون ھڏو

Hip  ڍاڪ ۔ دُن ۔ ڍُونگرو

لڳ ڀڳ ۔ اندازن  Approximately

Acetabulum پَٻيو ۔ پِياليو ۔ ڍونگري پيالو

Thursday 26 September 2019

ڍاڪِيو ۔ نِھاڙِيو Pubis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڍاڪِيو يا ڍاڪيو ھڏو ٽن ھڏن مان ھڪ ھڏو آھي جيڪو ڍاڪ ٺاھي ٿو. سنڌو جتي ڍاڪيا ھڏا ملن ٿا ان کي ڍاڪيو جوڙ سڏجي ٿو جيڪو ڪچوڏ جو ٺھيل آھي.
The pubis, or pubic bone, is one of three bones that make up the hip. The joint where the pubic bones meet is called the pubic symphysis, which is made of cartilage.Jan 28, 2019

Pubis - Pubic bone - Pubes
ڍاڪِيو - ڍاڪِيو ھڏو - نِھاڙِيو - نِھاڙيو ھڏو - ڍاڪُون - ڍاڪون ھڏون - ڍاڪ جو ھيٺيون ھڏو

Pubis ڍاڪِيو ۔ نِھاڙِيو ۔ ڍاڪُون - ڍاڪ جو ھيٺيون ھڏو

Pubic bone
ڍاڪِيو ھڏو ۔ نِھاڙيو ھڏو ۔ ڍاڪُون ھڏو - ڍاڪ جو ھيٺيون ھڏو

Hip  ڍاڪ ۔ دُڏ ۔ ڍُونگرو

سنڌو ۔ جوڙ ۔ ڳنڍ  Joint

Pubic symphysis ڍاڪِي جوڙ ۔ نِھاڙِي جوڙ ۔ دُڏِي جوڙ

ڪَچوڏ ۔ ڪچوڏو ۔ ڪچو ھڏ   Cartilage

ايٽم Atom 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
يوناني فيلسوفن چار خلط مقرر ڪيا باھ ۔ پاڻي ۔ ھوا ۽ مٽي پر سوال ساڳو برقرار رھيو تہ ھي باھ ۔ مٽي ۔ پاڻي ۽ ھوا ڇا جا ٺھيل آھن. اھڙي نموني چار خلط ٺاھيا ويا صفرا ۔ بلغم ۔ دم ۽ خاڪي. ائين اڳتي ھلي مادي جو تصور آيو. مادي جي تصور اچڻ سان مادي جي جوڙجڪ ڏي ڌيان ڇڪجي آيو ۽ مادي جي ننڍڙي ذرڙي بابت سوال اڀرڻ لڳا.
توھان چوطرف نظر ڦيرائي ڏسو تہ توھان کي سھسين قسم جون شيون نظر اينديون ڪٿي نھرو ڪٿي پٽڙو ۽ ڪٿي گئس مادي جون صورتون نظر اينديون ظاھر ۾ مختلف پر باطن ۾ ھڪ اھي سڀ ايٽمن جون ٺھيل آھن.
مادي جو ننڍي ۾ ننڍو ذرو جيڪو پنھنجي جوڙ ۾ پورو ٿئي ٿو. ايٽم مادي جي وجود ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. ايٽم ڌم ڌماڪ کان پوء وجود ۾ آيو. ان کان پوء ايٽمن يڪجا ٿي ڪائنات کي جوڙيو جنھن ۾ سج ۔ چنڊ ۔ تارا ۽ گرھ اچي وڃن ٿا. ان کان پوء ايٽمن ڌرتي جي گولي تي زندگي جي شروعات ڪئي.
ايٽم جو پھرئين نظريي يونان ۾ جنم ورتو جيڪو وسيع پيماني تي مشھور ٿيو. تقريبن 460 سو قبل مسيح اڳ يونان ۾ فيلسوف ڊيموڪريٽس پيدا ٿيو جيڪو ھر مادي ۽ ڪائنات تي غور ڪندو ھيو. ان پنھنجي علم منطق سان سٽ سلجهايو ۽ فلسفي جي بنياد تي مادي جو نظريو پيش ڪيو
ڊيموڪريٽس جي نظريي مطابق ڪائنات جو سڄو مادو اڻ ٽوڙ ذري سان ملي ٺھيو آھي. جيڪڏھن ھڪ پٿر کي ٽوڙجي ۽ حصن ۾ تقسيم ڪندو وڃجي ھلي ھلي اھڙي ننڍڙي ذري تي پھچي وينداسين جنھن کي وڌيڪ حصن ۾ ٽوڙڻ ناممڪن آھي جنھن ايٽم جو نظريو پيش ڪيو جيڪو تصور ھن پنھنجي استاد ليوسي تان ورتو ۽ ان ذري کي ھن ايٽموس Atmos جو نالو ڏنو يعني اڻ ٽوڙ ذررڙو جيڪو اڳتي ڦري ايٽم جي نالي سان مشھور ٿيو جنھن جي معنا آھي ناقابل تقسيم. يوناني فيلسوف جو خيال ھو تہ ايٽم کي تباھ نٿو ڪري سگهجي ۽ ان جي وڌيڪ تقسيم ڪري نٿي سگهجي ايٽم جو ھي نظريو 23 سو سالن تائين رھيو.
1803ع ۾ سائنسدان جان ڊالٽن عملي طور تي ايٽمي نظريو پيش ڪيو ۽ ايٽم کي ذرو قرار ڏنو جيڪو برقي قوت وارن زورن ۽ اليڪٽرانن سان ڀريل آھي. ان کان پوء 1800ع ۾ جان ڊالٽن ڊيموڪريٽس جي ايٽم جي نظريي کي بنياد بنائي ڪجھ وڌيڪ شيون شامل ڪري ايٽم جو نظريو پيش ڪيو. ھن نظريي مطابق
مادو ايٽمن سان ملي ٺھيو آھي جنھن کي تقسيم ڪري نٿو سگهجي.
ايٽم کي اک سان ڏسي نٿو سگهجي.
ايٽم ۾ تغير ۽ تبدل آڻڻ ناممڪن آھي.
جڏھن عنصر ڪيميائي ميل ڪن ٿا تہ ان جو سبب ان جا ايٽم ٿي سگهن ٿا.
جان ملٽن جي ان نظريي سان گڏ ڪجھ مغالطا پيدا ٿيا جنھن جي ڪري ايٽم جو نظريو ڌنڌلايو ۽ ڊيموڪريٽس جو نظريو مبھم ٿي ويو.
1968ع ۾ پروٽان ۽ نيوٽران جي اندر ڪئار دريافت ڪيو ويو.ھر پروٽان ۽ نيوٽران جي اندر 3 ڪئار ٿين ٿا جيڪي پاڻ ۾ وڌيڪ جزن گلونس جي ذريعي جڙيل ٿين ٿا.
ھر ايٽم جو نيوڪليس ٿئي ٿو جنھن ۾ مختلف تعداد ۾ پروٽان ۽ نيوٽران ٿين ٿا. ان کان سوا اليڪٽران ٿين ٿا جيڪي نيوڪليس جي مدار ۾ گردش ڪن ٿا. ايٽم جي اندر اليڪٽران ۽ پروٽان برابر تعداد ۾ ٿين ٿا اليڪٽران تي ڪاٽو چاڄ ۽ پروٽان تي واڌو چاڄ ٿئي ٿي جنھن سان مثبت ۽ منفي برقي قوت رکڻ وارا اليڪٽران ۽ پروٽان ھڪ ٻئي جو توازن برقرار رکن ٿا. انهن عددن ۾ ھڪ بہ
مختلف ھجي تہ ايٽم جو وجود نہ رھي ھا ۽ برقي مقناطيسي توازن بگڙي وڃي ھا. اليڪٽران پروٽانن جي ڀيٽ ۾ ھلڪا ٿين ٿا. 1836 اليڪٽران ھڪ پروٽان جي برابر ٿين ٿا جڏھن تہ اليڪٽران ۽ پروٽان مقدار ۾ برابر ٿين ٿا. ڪنھن ايٽم ۾ ھڪ پروٽان جي اضافي سان اھو پروٽان ھڪ نئون ايٽم بنجي وڃي ٿو. جيڪو مادو ھڪ ئي قسم جي ايٽمن بڻيل ھجي اھو عنصر سڏجي ٿو. مثال ھيڊروجن ۔ آڪسيجن ۽ ڪاربان وغيرھ عنصرن جا مختلف قسم ٿين ٿا. ھاڻي تائين 118 عنصر دريافت ڪيا ويا آھن انهن مان گهڻا عنصر قدرتي آھن. سڀ کان سادو ترين ايٽم ھائيڊروجن جو آھي جنھن ۾ ھڪ اليڪٽران ۽ ھڪ پروٽان ٿئي ٿو جڏھن تہ نيوٽران نٿو ٿئي. ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ايٽمن جيملڻ سان ماليڪيول ٺھن ٿا مثال طور عنصر ھيڊروجن جا ٻہ ايٽم عنصر آڪسيجن جي ھڪ ايٽم سان ملايا وڃن ٿا تہ پاڻي جو ھڪ ماليڪيول تشڪيل پائي ٿو.
ھاڻي ھي معلوم ڪريون تہ ايٽم ۽ ان جا ذرا ڪيترا ننڍا ٿين ٿا. اليڪٽران کي وزن جي لحاظ کان ھلڪي ترين جزي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھڪ قطرو پاڻي جو وزن اليڪٽران جي ڀيٽ ۾ اربين ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿو. جيڪڏھن اسان پينسل سان ھڪ سينٽي ميٽر ليڪ ڪڍون تہ ان ليڪ ۾ 10 ڪروڙ ايٽم سمائجي سگهن ٿا. جيڪڏھن اسان ايٽم جي اسڪيل سان نقشڪاري ڪريون ۽ پروٽان ۽ نيوٽران جي قطر جي ماپ ھڪ سينٽي ميٽر رکون تہ اليڪٽران ۽ ڪئارن جي ماپ انساني وار جي ماپ کان ننڍي ٿيندي جڏھن تہ پوري ايٽم جي ماپ جي ماپ 30 فٽ بال جي ميدان جي برابر ھوندي. نيوڪليس ايٽم کان ايترو ننڍو ٿئي ٿو جو جيڪڏھن اسان ايٽم کي فٽ بال جي ميدان جيترو پکيڙيون تہ نيوڪليس ھڪ انگور جي داڻي برابر ٿيندو. ھاڻي اچو تہ ھن ڳالھ کي سمجهون تہ اليڪٽران نيوڪليس کان ڪيترو پري مخصوص مدار ۾ گردش ڪن ٿا. ان لاء نيوڪليس کي گولف جي بال برابر تصور ڪيو وڃي تہ ان جي چوڌاري گردش ڪرڻ وارن اليڪٽرانن جو پھريون مدار ان کان ھڪ ڪلوميٽر پري ھوندو. جڏھن تہ ٻيو مدار چار ڪلوميٽر ۽ ٽيون مدار 9 ڪلوميٽر پري ھوندو. اھڙي طرح باقي مدارن جو بہ قياس ڪري سگهجي ٿو. ھڪ ٻي حيرت انگيز ڳالھ اھا آھي تہ نيوڪليس جي جسامت ايٽم جي جسامت کان ايتري ننڍي ٿئي ٿي جو جو ان جو مقدار ايٽم جي ڪل مقدار جو 99.50 سيڪڙو ٿئي ٿو. ڪيتري حيرت انگيز ڳالھ آھي تہ ھڪ طرف ھڪ شي جو مقدار تقريبن سمورو حصو آھي ٻئي طرف نيوڪليس نہ ھجڻ جي جڳھ والاري ٿو ۽ ايٽم جو 99.999999999999 % حصو خالي آھي گڏوگڏ سائنسدانن صرف انهن قوتن کي دريافت ڪيو آھي تہ ننڍا ننڍا ايٽم پاڻ ۾ ڪيئن جڪڙيل آھن ۽ اھي طريقا بہ معلوم ڪيا آھن تہ برقي قوتن کي ايٽم کان ڌار ڪيئن ڪجي انهي طريقي کي نيوڪليئر پاور پلانٽ ۾ استعمال ڪري بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي.
نت نين ٽيڪنالاجين ۽ تجربن سان سائنسدان اسٽينڊرڊ ماڊل آف پارٽيڪلز جو نظريو پيش ڪن ٿا جنھن ۾ نيوڪليس جي گهر ۾ گهڙي پروٽان در کڙڪائي ٿو ۽ ان جي اندر ڪئارن Quarks جي دريافت ڪئي وڃي ٿي تہ پتو پوي ٿو تہ ڪئار تہ توانائي جي Vibratory strings آھن يعني توانائي جون ھي ڏوريون ھڪ خاص نموني Viberate ڪن ٿيون تہ ڪئار کي وجود ملي ٿو. مطلب اھو ٿيو تہ مادي جي سرزمين ڪئارن تي اچي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ھن سرزمين کان اڳتي توانائي جي دنيا شروع ٿي وڃي ٿي.
يعني ڪئار ئي بنيادي ذرا آھن جن کي وڌيڪ تقسيم ڪرڻ ناممڪن ھيو يعني ماديت جو جڳ ڪئارن کان شروع ٿئي ٿو. غور ڪيو وڃي تہ ڊيموڪريٽس جي ڳالھ ايتري سچي ۽ منطقي آھي جو مادي جي تقسيم در تقسيم سان اسان اھڙي ذري تي پھچي وڃون ٿا جنھن کي وڌيڪ تقسيم ڪرڻ ناممڪن آھي اھو ذرو ڪئار آھي. اڄ کان ھزار سال پھرين سائنس ان جزي تي پھچي ٿي پر فلسفي ان جي پيشنگوئي اڄ کان ھزارين سال پھرين ڪري ڇڏي ھئي پر جان ڊالٽن جو نظريو مغالطو پيدا ڪري چڪو ھيو ۽ جنھن کي ھو ايٽم تصور ڪري ويٺو ھو ڊيموڪريٽس جو اھو ايٽم نہ ھيو پر ڊيموڪريٽس ان جزي کي ايٽم چيو ھو جنھن جي تقسيم ممڪن نہ ھجي تہ مادي جي شروعات ڪيئن ٿئي ڇوجو اليڪٽران ۽ ڪئار ئي بنيادي جزا آھن جن کي ھاڻوڪي علم مطابق بنيادي جزا سڏيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏھن جديد سائنس اسان کي ان ذري جو پتو ڏئي جو اليڪٽران ۽ ڪئار جا بنيادي ايڪو ھجي تڏھن بہ ڊيموڪريٽس جو نظريو ھر صورت صحيح رھندو.
ويھين صدي۾ مادي ۽ توانائي جو اختلاف ختم ٿي ويو. سائنس ثابت ڪيو تہ ٻئي ھڪ ٻئي جون شڪليون آھن. ڪڏھن مادو توانائي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ ڪڏھن توانائي مادي ۾. ڪنھن مادي شي جو مقدار مستقل ٿي نٿو سگهي پر ان جي حرڪت تي دارومدار ٿئي ٿو  ۽ اھا رفتار سان گڏ وڌندي ۽ گهٽجندي رھي ٿي. ھڪ مادي شي ڪڏھن ذري وانگر ھڪ ليڪ ۾ حرڪت ڪري ٿي ڪڏھن وري موجن وانگر پکڙجي اڳتي وڌي ٿي. مادي کي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انهي اصول تي ايٽم جنم ورتو.
ايٽم جي باري ۾ 1985ع تائين ائين سمجهيو ويندو ھيو تہ ھن کي وڌيڪ حصن ۾ ٽوڙي نٿو سگهجي. ايٽم ۾ ٽي باريڪ ذرڙا اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران ٿين ٿا. ايٽم جو مادو پکڙيل نٿو ٿئي پر ھن جي اندر جو نظام شمسي نظام وانگر آھي ۽ ذرا مقرر مدارن ۾ حرڪت ڪندا رھن ٿا. ايٽم جي ذرن جي درميان ايترو خال ٿئي ٿو جيترو سج ۽ گرھن جي درميان. ايٽم جي مرڪز ۾ ناڀ ٿئي ٿو جنھن جي ٽٽڻ سان ايٽم جي ماھيت تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ ايٽمي توانائي حاصل ٿئي ٿي.
موجودھ صدي ۾ زمان ۔ مڪان ۔ مادو ۔ توانائي ۔ عنصر ۽ قوت جھڙن بنيادي تصورن ۾ تبديلي اچي چڪي آھي. نيوٽن ھڪ ڏينھن چيو ھو تہ ڪائينات جي ھر حالت ۽ ھر گهڙي مقرر آھي ۽ مادو ان مطابق پنھنجي شڪل اختيار ڪري ٿو. 1927ع ۾ ھڪ پروفيسر ھائي زنگ دعوا ڪئي تہ ڪائنات ۾ ڪنھن ذري جو مستقبل قطعي طور تي مستقل ناھي پر ھو حالتون تبديل ڪري سگهي ٿو. اھي سڀ ڳالهيون ايٽم سان منسلڪ آھن.
مختلف سائنسدان دور در دور ايٽم جي نظريي تي پنھنجون تحقيقون پيش ڪندا رھيا ۽ وقت گذرڻ سان ايٽم جي نظريي جامع صورت ورتي.
ڊالٽن جو ايٽمي ماڊل:-
سن 1808ع ۾ سر جان ڊالٽن باضابطہ طور تي پھريون ايٽمي ماڊل پيش ڪيو. ھن ماڊل جا بنيادي نڪتا ھي آھن.
1 ھر قسم جومادو ننڍڙن باريڪ ذرڙن جو ٺھيل آھي جيڪو ناقابل تقسيم ۽ ناقابل فنا آھي يعني ايٽم کي وڌيڪ ٽوڙڻ ممڪن ناھي ۽ نہ ان جي اندر ماتحت ذرا ٿين ٿا.
2 ھڪ عنصر Element جا تمام ايٽم پنھنجي مقدار ۽ ٻين خواصن ۾ ھڪ جھڙا ٿين ٿا مثال سون ۔ چاندي ۽ ڪاربان وغيرھ. ٻن لفظن ۾ جنھن مادي جا تمام ايٽم ھڪ جھڙا ۽ ھڪ قسم جا ٿين ٿا انهن کي عنصر چيو ويندو.
3 اھڙا مادا جيڪي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ قسم جي ايٽمن جي ميلاپ سان جڙن ٿا انهن کي مرڪب چيو وڃي ٿو ڇوجو پاڻي مرڪب آھي اھو آڪسيجن ۽ ھيڊروجن جي ايٽمن جي ميلاپ سان عمل ۾ اچي ٿو.
4 ھڪ ڪيميائي ردعمل دراصل ايٽمن جي نئين سر ترتيب rearrangement آھي.
پھرئين نڪتي کان سوا ھن ماڊل جا ٻيا نڪتا صحيح آھن. بعد ۾ سائنسدانن جي وڌيڪ تحقيق پھرئين نڪتي جي چوڌار ڦرندي رھي. جان ڊالٽن جوپھريون جلد ئي غلط ثابت ٿي ويو ۽ ايٽم جي اندر وڌيڪ ذرا اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران دريافت ٿيا. ان کان علاوه ايٽم کي جوھري ردعمل Nuclear reaction جي مدد سان تباھ ڪرڻ ممڪن ٿي ويو. جان ڊالٽن جي نظريي کي 1890ع ۾ جي جي ٿامسن ڪيٿوڊ ريز جي تجربي ۾ اليڪٽران کي دريافت ڪري باطل ثابت ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌايو تہ ايٽم کي ورھائي سگهجي ٿو ۽ ايٽم جي اندر ڪاٽو چاڄ وارا اليڪٽران موجود ٿين ٿا ان ڪري ايٽم جي باري ۾ ڊالٽن جو نظريو غير معتبر ٿي ويو.
اليڪٽران جي دريافت:
سر جان ڊالٽن جي ماڊل کان پوء ايٽم جي اندروني جوڙجڪ معلوم ڪرڻ لاء ڪوششن جو آغاز ٿي ويو. ھن سلسلي ۾ شيشي جي اھڙي ڊسچارج نلي ٺاھي وئي جنھن کي ھوا کان خالي ڪيو ويو ۽ ان ۾ برقي ڌار گذاري وئي.
ھن تي پھريون تجربو 1838ع ۾ مائيڪل فيراڊي ڪيو. ھن چمڪدار شعائن جو مشاھدو ڪيو پر ان جي وضاحت نہ ڪري سگهيو تہ اھي شعاع ڪھڙا آھن. سن 1857ع ۾ جرمن سائنسدان گيرلز ڊسچارج ٽيوب جو نمونو وڌيڪ بھتر ڪيو.
1874ع ۾ وليم ڪروڪس انهن شعاع کي ڪيٿوڊ شعاع جو نالو ڏنو ۽ ثابت ڪيو تہ شعاعون ڪاٽو اليڪٽروڊ ڪيٿوڊ مان خارج ٿين ٿيون.
جي جي ٿامسن اھو سائنسدان ھو جنھن ڪيترن تجربن بعد قرار ڏنو تہ ڪيٿوڊ شعاع حقيقت ۾ ننڍڙا ذرا آھن جن تي ڪاٽو چاڄ آھي ۽ انهن جو پنھنجو مقدار ٿئي ٿو. انهن ذرن کي اليڪٽران چيو ويو. ھي ايترا ھلڪا ٿين ٿا جو اھي ايٽم کان 1840 ڀيرا ننڍا ٿين ٿا. ھر ايٽم ۾ اليڪٽران ٿين ٿا. ھن نظريي جان ڊالٽن جي نظريي تہ ايٽم ناقابل تقسيم ٿئي ٿو ان کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو
ٿامسن جو ايٽمي ماڊل
اليڪٽران جي دريافت بعد منطقي طور تي ايٽم جي بقايا ذري کي واڌو چاڄ وارو قرار ڏنو ويو. جي جي ٿامسن نئون ماڊل پيش ڪيو جنھن کي پلم پڊنگ ماڊل Plum pudding model جو نالو ڏنو ويو. ھن مطابق
1 ايٽم ناقابل ونڊ آھي.
2 ھن جي گهڻي قدر مقدار مثبت چاڄ واري ذري تي مشتمل آھي.
اليڪٽران ھن مثبت چاڄ اندر ساڪن حالت ۾ وکريل ٿين ٿا جيئن ڪيڪ ۾ ڪشمش وکريل ٿئي ٿي.
ايٽم جي مثبت ۽ منفي چاڄ مساوي ٿئي ٿي.
جي ٿامسن Plum Pudding نظريي سان ايٽم جي ساخت کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن مطابق ايٽم ھڪ گولو Sphere آھي جنھن ۾ واڌو وھڪ ڀريل ٿئي ٿي جڏھن تہ اليڪٽران ڪاٽو جزا ان ۾ موجود ٿين ٿا يعني پراڻي نظريي مطابق ايٽم تن تنھا ھيو ان جي گهر ۾ اليڪٽران پيدا ٿي چڪو ھيو.
ردرفورڊ جو ايٽمي ماڊل
ارنسٽ ردر فورڊ جيڪو جي جي ٿامسن جو شاگرد ھيو ان ٿامسن جي ماڊل کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو.
سن 1909ع ۾ ھن سوني جي باريڪ ورق تي الفا ذرن جي بمباري ڪندي ثابت ڪيو تہ
1 ايٽم جو گهڻو تڻو اندروني مقدار خالي ٿئي ٿو.
2 ايٽم جي تمام مثبت چاڄ ۽ گهڻو تڻو مقدار ان جي مرڪز ۾ موجود ناڀ Neucleus ۾ مرڪوز ٿئي ٿو.
(بعد ۾ ثابت ٿيو تہ نيوڪليس ۾ 2 ايٽمي ذرا پروٽان ۽ نيوٽران پاتا وڃن ٿا.پروٽان تي مثبت چاڄ ۽ نيوٽران تي ڪابہ چاڄ ناھي.)
3 تمام نيوٽران نيوڪليس جي چوڌاري گردش ڪندا رھن ٿا جيئن سج جي چوڌاري گرھ.
ايٽم جي دنيا ۾ نيوڪليس جو اچڻ باقي ھيو جنھن جو سھرو رڌرفورڊ Rutherford ڏي وڃي ٿو. ھن پنھنجي گولڊ فائل تجربي سان ثابت ڪيو تہ ايٽم جي درميان ھڪ سخت حصو ٿئي ٿو جنھن کي نيوڪلس سڏجي ٿو ۽ ٻڌايو تہ نيوڪليس تي واڌو چاڄ آھي جڏھن تہ اليڪٽران جيڪي نيوڪليس جي چوڌاري ڦرن ٿا انهن تي ڪاٽو چاڄ آھي. ھن نظريي کي Rutherfords planetary model سڏيو وڃي ٿو ڇوجو ھن جو مثال اسان کي سولر سسٽم ۾ ملي ٿو. شايد ھن جي فڪر ھي نظريو شمسي نظام مان ورتو ھجي.
ردرفورڊ جي ماڊل جون خرابيون
ردر فورڊ جو ايٽمي ماڊل ڪنھن حد تائين درست ھيو پر ھي ٻن مظھرن جي وضاحت ڪري نہ سگهيو.
1 ايٽم جي اخراجي ۽ انجذابي طيف Spectrum حاصل ٿيڻ جا سبب ڇا آھن.
(طيف Spectrum مان مرداد روشني جي اھا رنگ پٽي آھي جنھن جي مخصوص اڳاڻ Frequency ٿئي ٿي جيئن انڊلٺ ۾ ھر رنگ جي ڌار الڳ الڳ ڏيکاري ڏئي ٿي.)
2 اليڪٽران گهمندي پنھنجي توانائي خرچ ڇو نٿو ڪري؟ جيڪڏھن ان جي توانائي خرچ ٿي رھي آھي تہ ان کي نيوڪليس ۾ ڪرڻ کپي.
نيوٽران جي دريافت:
جيمز چيڊوڪ نيوٽران جي ايجاد ڪري ايٽم جي گهر ھڪ نئين جزي جي پيدائش جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بوھر جو ايٽمي ماڊل
ڊينمارڪ جي سائنسدان نيل بوھر Neil Bohr ردرفورڊ جي خامين کي دور ڪري 1913ع ۾ پنھنجو ايٽمي ماڊل پيش ڪيو. ھي اھو وقت ھيو جڏھن مقداري نظريي Quantum theory فزڪس جي شعبي ۾ ھلچل مچائي ڇڏي.
ھن تناظر ۾ پيش ڪيل بوھر جي ايٽمي ماڊل جا نڪتا ھي آھن.
1۔ جيتوڻيڪ اليڪٽران نيوٽران جي چوڌاري گردش ڪن ٿا پر نيوڪليس کان ان جي گردش جو مفاصلو طئي شدھ ٿئي ٿو. انهن طئي شدھ رستن کي آربٽ چئبو آھي. اليڪٽران انهن مقرر آربٽن جي انحرافي نٿا ڪن.
2۔ جيستائين اليڪٽران ڪنھن ھڪ آربٽ ۾ گردش ڪندا رھن ٿا ھي توانائي جذب يا خارج نٿا ڪن.
3۔ ڪوبہ اليڪٽران ان وقت توانائي جذب يا خارج ڪري ٿو جيڪڏھن اھو ڪنھن ھيٺئين آربٽ کان ھيٺ يا مٿئين آربٽ کان مٿي آربٽ ۾ ڇلانگ لڳائي ٿو ۽ ھي اھو وقت ٿئي ٿو جڏھن اسپيڪٽرم جوڙجڪ پائن ٿا.
🔹پروٽان ۽ نيوٽران ڳرا ذرا ٿين ٿا ۽ انهن جي مقدار تقريبن ھڪ جيتري ٿئي ٿي. نيوٽران 1838.7 اليڪٽرانن جي برابر جڏھن تہ پروٽان 1836.1 اليڪٽرانن جي برابر. ھي ٻئي ايٽم جا ذرا نيوڪليس ۾ پاتا وڃن ٿا.
اسان ڄاڻون ٿا تہ ايٽم جا بنيادي ٽي ذرا آھن.
(1) اليڪٽران  Electron
(2) پروٽان      Proton
(3) نيوٽران     Neutron
1) اليڪٽران  Electron
اليڪٽران ھلڪو ذرو ٿئي ٿو ۽ ھي نيوڪليس جي چوڌاري تيز رفتار سان گردش ڪن ٿا. اليڪٽران تي ڪاٽو چاڄ ٿئي ٿي پر ان جي مقدار پروٽان جي واڌو چاڄ جي برابر ٿئي ٿي يعني ھڪ پروٽان ۽ ھڪ نيوٽران ھجي اتي چاڄ نيوٽرل ٿي وڃي ٿي. ايٽم ۾ واڌو چارج رکندڙ مرڪز ٿئي ٿو،جنهن جي چوڌاري ڪاٽو ذرڙا يعني اليڪٽران،توانائي جي خاص رستن يعني توانائي سطح(Energy levels) تي چڪر لڳائين ٿا،جنهن جي ڪري سندن توانائي چڪر هڻڻ ۾ خارج نٿي ٿئي.اليڪٽران توانائي خارج تڏهن ڪري ٿو جڏهن اليڪٽران مٿين توانائي سطح(Higher Energy Level) کان هيٺين تونائي سطح(Low Energy Level) ۾ اچي ٿو. جڏهن اليڪٽران مٿئين تونائي سطح() کان هيٺين تونائي سطح() ڏانهن اچن ٿا تـ تونائي جو خاص مقدار خارج ڪن ٿا،جنهن کي هيٺين رياضي اظهار ذريعي لکبو:
                                        E=hf
E=توانائي،h=ميڪس مستقل،f=فريڪيونسي
جڏھن ڪو به ذرڙو مثال طور اليڪٽران،پنهنجي مخالف ذري پازيٽران سان ملي ٿو ته اهي هڪ ٻئي کي تباھ ڪن ٿا ۽ ٻنهي جو مايو، ڦوٽان جي  “گهڻ توانائي جوڙ“ ۾ تبديل ٿئي ٿو.
ان عمل کي فنائيت  چئجي ٿو.
When a particle such as an electron meets its antiparticle, a positron, they destroy each other and their masses are converted into a high energy pair of photons in a process called annihilation.
(2) پروٽان      Proton
پروٽان تي واڌو چاڄ ٿئي ٿي جڏھن تہ نيوٽران تي ڪابہ چاڄ ناھي. سڀ کان دلچسپ ڳالھ ھي آھي تہ ڪائنات جي تمام ايٽمن جي پروٽانن ۔ اليڪٽرانن ۽ نيوٽرانن ۾ معمولي بہ فرق نٿو ٿئي.
مثال پاري جي ايٽم ۾ 80 پروٽان ٿين ٿا پر جيڪڏھن ان جو ھڪ پروٽان ڪڍيو وڃي تہ ھي سون بنجي پوي ٿو ڇوجو سون جي ھڪ ايٽم ۾ 79 پروٽان ٿين ٿا يا ھن جو الٽ بہ ڪري سگهجي ٿو. اھڙي طرح جيڪڏھن سون جي ايٽم مان ھڪ پروٽان ڪڍجي تہ ھي پلاٽينيم بنجي وڃي ٿو. فزڪس جي عالمگير اصول مطابق ائٽم جي مرڪز ۾ جيتري تعداد ۾پروٽان (مثبت چارج) وڌندا اوتري ئي تعدا ۾  اليڪٽران(منفي چارج)به وڌندا ويندا.
(3) نيوٽران     Neutron
ھي ايٽم جو بنيادي ذرو آھي. ھن تي ڪابہ چاڄ ناھي. ھڪ ايٽم ۾ اليڪٽران ۽ پروٽان جي تعداد ھميشہ برابر ٿئي ٿي جڏھن تہ نيوٽران جي تعداد پروٽان جي برابر يا ٿوري وڌيڪ ٿئي ٿي.
ھاڻي اچون ٿا ايٽم جي سائيز تي. ھڪ ايٽم ايترو ننڍو ٿئي ٿو جو ان جو تصور ڪري نٿو سگهجي. ھڪ ڪاربان جي ايٽم جي ايٽم مثال وٺجي ان جو قطر diameter) 0.154) نينو ميٽر بيھي ٿو. ھڪ نينو ميٽر ھڪ ملي ميٽر جو ڏھ لکون حصو آھي. ڄڻ تہ توھان پنھنجي پينسل سان ڪاغذ تي ھڪ نقطو لڳايو ٿا تہ ان نقطي ۾ ڪروڙين ايٽم سمائجي وڃن ٿا. انهن ايٽمن مان جڙندڙ ماليڪيولن جي تعداد لکين ناھي پر ڪروڙن تائين وڃي پھچي ٿي.
ڪائنات ۾ 120 قسمن جا ايٽم پاتا وڃن ٿا ڇوجو ھڪ عنصر ۾ ھڪ قسم جا ايٽم ٿين ٿا تنھنڪري عنصرن جي تعداد بہ اوتري آھي پر ايٽمن مان بنجندڙ ماليڪيولن جي تعداد لکين ناھي پر ڪروڙن تي وڃي پھچي ٿي.

Wednesday 25 September 2019

ڍالو - پُڙو Sacrum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڍالو ڍال جي روپ جھڙي ھڏائين جوڙجڪ رکي ٿو جيڪو چونڪي ڪرنگهوڏن جي بنياد تي واقع آھي ۽ اھو ڍونگري سان مليل آھي. ڍالو پوئين ڍونگري ڀت ٺاھي ٿو ۽ ڍونگري کي طاقت ڏئي ٿو ۽ مستحڪم ڪري ٿو.
The sacrum is a shield-shaped bony structure that is located at the base of the lumbar vertebrae and that is connected to the pelvis. The sacrum forms the posterior pelvic wall and strengthens and stabilizes the pelvis.

Sacrum   ڍالو ۔ پُڙو ۔ ڍال ھڏو ۔ پڙ ھڏو

shield-shaped bony structure
ڍال جي روپ جھڙي ھڏائين جوڙجڪ

Lumbar vertebrae
چونڪي ڪرنگهوڏا ۔ چونڪي ڪرنگهي جا ھڏا

Vertebra
ڪرنگهوڏ ۔ ڪرنگهوڏو ۔ ڪرنگهي جو ھڏو

Vertebrae (Plural of vertebra)
ڪرنگهوڏ ۔ ڪرنگهوڏا ۔ ڪرنگهي جو ھڏا

Pelvis
چيلهوڏ۔ چيلهوڏو۔ چيلھ جو ھڏو - ڍُونگرو - ڍُونگو

Posterior      پويون ۔ پٺيون

Posterior pelvic wall 
پوئين ڍونگري ڀت ۔ پوئين چيلهوڏي ڀت 

Tuesday 24 September 2019

دڏ ۔ ڍاڪ Ilium 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
دُڏ (جمع دُڏون) ڍاڪ جي ھڏي جو مٿيون ۽ وڏو حصو آھي ۽ گهڻن ڪرنگهيدارن ۾ ٿئي ٿو جن ۾ ٿڻائتا ۽ پکي اچي وڃن ٿا پر ھڏايون مڇيون نہ. سوا نانگن جي سڀني رڙھندڙن ۾ دڏ ٿئي ٿي پر تنھن ھوندي بہ گهڻن نانگن جي قسمن ۾ سنهو ھڏو ٿئي ٿو جنھن کي ڍاڪ تسليم ڪيو وڃي ٿو.
The ilium (plural ilia) is the uppermost and largest part of the hip bone, and appears in most vertebrates including mammals and birds, but not bony fish. All reptiles have an ilium except snakes, although some snake species have a tiny bone which is considered to be an ilium.
Ilium  دُڏ ۔ ڍاڪ ۔ ڪُڇڙ ۔ چُوڻ ۔ ڍاڪ جو ھڏو

Ilia
دُڏون ۔ ڍاڪون ۔ ڪُڇڙا ۔ چُوڻون ۔ ڍاڪن جا ھڏا

Species جنس ۔ نسل ۔ بڻ ۔ قسم ۔ ذات

گهڻي مٿانھين  Uppermost

Largest  وڏو

ڪرنگهيدار  Vertebrate

Mammals  کيرائتا ۔ ٿڻائتا ۔ کير وارا جانور

Reptile  ريڙھيدار ۔ رڙھندڙ جانور

سنهو Tiny

ڏھائي اڻپور Decimal fraction 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اڻپور جنھن جو ڇيد (ھيٺيون عدد) 10 جي سگھ رکي ٿو يا 10 جون وڏيون سگهون رکي ٿو جيئن 100، 1000 ۽ 10000 ان کي ڏھائي اڻپور سڏجي ٿو.
مثال طور: 7/107/1007/1000 وغيرھ سڀ ڏھائي اڻپور آھن.
يا
اڻپور جنھن جو ھيٺيون عدد 10 جي سگھ رکي ٿو يا 10 جون وڏيون سگهون رکي ٿو جيئن 100، 1000 ۽ 10000 ان کي ڏھائي اڻپور سڏجي ٿو.
مثال طور: 7/107/1007/1000 وغيرھ سڀ ڏھائي اڻپور آھن.
The fraction whose denominator is power of 10 or higher powers of 10, i.e., 100, 1000, 10,000 etc., is called decimal fraction.
Or
The fraction whose bottom number is power of 10 or higher powers of 10, i.e., 100, 1000, 10,000 etc., is called decimal fraction.
For example; 7/107/1007/1000, etc, are all decimal fractions.

Monday 23 September 2019

چيلهوڏ ۔ چيلهوڏو Pelvis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
چيلهوڏ (جمع چيلهوڏا) يا تہ پيٽ ۽ رانن جي وچ ۾ انساني جسم جي جي ٿڙ جي ھيٺئين حصو آھي (ڪڏھن ڪڏھن ان کي ٿڙ جو چيلهوڏي علائقو پڻ سڏيو وڃي ٿو) يا ڍانچو ان ۾ لڳل آھي (ڪڏھن ڪڏھن ان کي ھڏائون چيلهوڏ يا چيلهوڏي ڍانچو پڻ سڏجي ٿو).
The pelvis (plural pelves or pelvises) is either the lower part of the trunk of the human body between the abdomen and the thighs (sometimes also called pelvic region of the trunk) or the skeleton embedded in it (sometimes also called bony pelvis, or pelvic skeleton).

Pelvis ۔ Bony pelvis ۔ Pelvic skeleton ۔ Pelvic region of the trunk
چيلهوڏ ۔ چيلهوڏو ۔ ھڏائون چيلهوڏ ۔ ھڏائون چيلهوڏو ۔ چيلهوڏي ڍانچو ۔ ٿڙي چيلهوڏي علائقو ۔  ۔ ڌڙي چيلهوڏي علائقو ۔ ڌڙ جو چيلهوڏي علائقو ۔ 

Pelvis   چيلهوڏ۔ چيلهوڏو۔ چيلھ جو ھڏو

Pelves = Pelvises (Plural of pelvis)
چيلهوڏا ۔ قمروڏا ۔ چيلھن جو ھڏا

Trunk  ٿڙ

پيٽ   Abdomen

Thighs  رانون ۔ سٿر ۔ چڏا

Pelvic region of the trunk   ٿڙ جو چيلهوڏي علائقو

Skeleton  ڍانچو

لڳل ۔ ڄميل ۔ کپيل  Embedded

Bony pelvis
ھڏائون چيلهوڏ ۔ ھڏائون چيلهوڏو ۔ ھڏائون چيلھ جو ھڏ.

Pelvic skeleton
چيلهوڏي ڍانچو ۔ چيلھ جي ھڏي جو ڍانچو

Sunday 22 September 2019

تَھاڄو - پَرتاڄو Mesothelium 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
تَھاڄو اوڄن (گَهستر) جو تھ آھي جيڪو سيني جي عضون (ڦڦوجهي ۽ دلوجهي) - پيٽ جي خال (پيڇھ ۽ آنڊوجهي) ۽ چيلهوڏ ( جيڪو آبولهي تي مشتمل آھي جيڪو خصين کي  گهيري ٿو) کي گهيري ٿو. اھو اندروني جوڙجڪن ۽ چرپر ۽ ساھ ۾ مدد جي بچاء لاء ڪم ڪري ٿو.
The mesothelium is the layer of tissues (epithelium) that surrounds the organs of the chest (pleura and pericardium), abdominal cavity (peritoneum and mesentery), and pelvis (including the tunica vaginalis that surrounds the testes). It functions to protect internal structures and aid in movement and breathing.

Mesothelium = Layer of tissues = Layer of epithelium
تَھاڄو ۔ تھن وارو اوڄو ۔ پَرتاڄو ۔ پرتن وارو اوڄو ۔ گَهستَرڄو ۔ گَهستَر وارو اوڄو ۔ مَٿَستَرڄو ۔ مَٿَستَر وارو اوڄو

Pleura  ڦِڦوجِهي ۔ ڦڦڙ جي جَهلِي

دِلوجِهي ۔ دل جي جَهلِي Pericardium

Peritoneum
پيڇَھ ۔ پيجَهلي ۔ پيٽ  جهلي ۔ پيٽ ڇھ پيٽ جو ڇھ ۔ پيٽ جي جهلي

Mesentery  آنڊوجِهي ۔ آنڊي جي جَهلِي

Pelvis
چيلهوڏ ۔ قَمروڏ ۔ چيلهوڏو ۔ قمروڏو ۔ چيلھ  جو ھڏو ۔ قمر جو ھڏو
Serosa ۔ Serous membrane
آبوجِهي ۔ آب جهلِي ۔ سِيروجهي ۔ سِير جهلي

Tunica vaginalis
آبولِهي ۔ آبوٿِرِي ۔ آبوجهيء جي ٿيلهي ۔ آبوجهيء جي ڳوٿري

Testes  آنورو ۔ خَصيو

Saturday 21 September 2019

پيڇھ ۔ پيجهلي Peritonium 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پيڇھ رطوبتي جهلي آھي جيڪا ڳڀيلين يا ڪجھ بي ڪرنگهيدارن ۾ پيٽ جي خال يا نعدي (ننڍي معدي) جي ليڪ ٺاھي ٿي جيئن ڇليدار جيت. اھو گهڻن منجھ پيٽي يا نعدي عضون کي ڍڪي ٿو ۽  تھاڄي جي تھ سان مرتب ٿيل آھي جنھن کي مليل اوڄي جي سنهي تھ جي ٽيڪ مليل آھي.
The peritoneum is the serous membrane forming the lining of the abdominal cavity or coelom in amniotes and some invertebrates, such as annelids. It covers most of the intra-abdominal (or coelomic) organs, and is composed of a layer of mesothelium supported by a thin layer of connective tissue.

Peritonium
پيڇھ ۔ پيجهلي ۔ پيٽ ڇھ ۔ پيٽ جهلي ۔ پيٽ جو ڇھ ۔ پيٽ جي جهلي

Serous  رطوبتي ۔ آبي ۔ پٽڙو

ليڪ ۔ خط ۔ حاشي Lining

Abdominal cavity  پيٽ جو خال ۔ پيٽ جي غار

Coelom  نعدو ۔ ننڍو معدو

Amniotes    ڳڀيليا ۔ ڳڀ جي ٿيلهي وارا جانور

Invertebrates       بي ڪرنگها ۔ بنا ڪرنگهي وارا جانور

Annelids
ڇليدار ۔ ڇلاوان ۔ ڇليدار جيت ۔ ڇلاوان جيت

Intra-abdominal   اندر پيٽي ۔ منجھ پيٽي

Coelomic  نعدي ۔ ننڍي معدي وارا

تھ  Layer

Mesothelium = Layer of tissue = Layer of epithelium
تھاڄو - پرتاڄو - گهسترڄو ۔ مٿسترڄو ۔ گهستري تھ ۔ مٿستري تھ ۔ گهستر جو تھ ۔ مٿستر جو تھ

Friday 20 September 2019

مڇر Mosquito 💎دريا خان سنڌي💎

MyDairyAsgharSagar
ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو تہ مڇر رت ڇو پيئندا آهن ۽ ڇا مڇر خالي رت تي ئي گذارو ڪندا آهن يا ٻئي ڪنھن شيء تي بہ؟..! 
ماهرن موجب هن مهل تائين مڇرن جي حصن جا عضوا هڪ سئو ملين سال پراڻا دريافت ٿيا آهن يعني زمين تي ڊائنوسارن جي موجودگي کان بہ پھريان مڇر موجود هيا. 

مڇر ٻوٽن ۔ گلن ۽ فروٽن جو رس بہ چوسيندا آهن. مڇر پکين، چمڙن، ڪرڙين ۽ ڏيڏر جي اهم خوراڪ هجن ٿا ۽ انھن پاران ڪيل گند مڇين جي خوراڪ پڻ هجي ٿو.

جيڪڏهن مڇر يا مکيون ختم ٿي وڃن تہ اهي جانور بہ ختم ٿي ويندا جيڪي مڇرن ۽ مکين تي گذارو ڪندا آهن. جيڪڏهن اهي جانور ختم ٿي وڃن تہ انھن کي شڪار ڪندڙ جانور بہ بک وگهي مري ويندا ۽ انهن جو ايڪولوجيڪل اثر ايترو گهڻو ٿي ويندو جو اسان ان جو اندازو بہ نٿا لڳائي سگھون.
مڇر جا 3500 سئو کان مٿي قسم هجن ٿيون جن مان صرف سئو کن قسم نقصانڪار آهن.

ڇا اوهان کي خبر آهي تہ مڇر جي خوراڪ رت بلڪل ناهي هوندي. اهي رت تڏهن چوسيندا آهن جڏهن انهن کي پنھنجا آنا ڏيڻا پون ٿا. هي رت انھن جي آنن کي پروٽين ڏيندو آهي جيڪڏهن اهي رت نہ چوسين تہ انھن جي آنن مان ٻچا نہ نڪرندا يا گھڻا ئي ڪمزور پيدا ٿيندا، مڇر مختلف گاھ ۽ ٻوٽن جو رس خوراڪ واسطي ڪتب آڻيندا آهن. 
مڇر پنھنجي حس جي ذريعي هڪ سئو سٺ فٽ جي پنڌ کان پتو لڳائي وٺندو آهي تہ اوھان ڪٿي آهيو. 
گهڻو ڪري مادي مڇر جو نشانو O بلڊ گروپ وارا وڌيڪ بڻبا آهن. ان کان پوءِ بي B ۽ پوءِ اي A وارن ڇھاسي سيڪڙو ماڻھن جي جسم مان اهڙا سگنل نڪرندا آهن جن کي مڇر محسوس ڪري وٺندو آهي ۽ انهن جي رت جي گروپ جو پتو لڳائي وٺندو آهي.
گھڻو ڪري صحت مند ۽ تندرست ماڻھن جي جسم مان ساہ ذريعي گھڻو ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ڪڍندا آهن. مڇر کي انساني پگھر پاڻ ڏي ڪشش ڪري ٿو ۽ ماڻھو جنھن جو جسم ڪنھن بہ وجھ سان گرم هجي اھو گرم جسم انھن جي پسند آهي. جڏھن ورزش جي دوران اوھان کي پگهر ٿيندو آهي تہ اوهان جي جسم جو پد گرم هوندو آهي تہ ويھڻ سان ئي مڇرن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. اسان جي جسم تي حفاظت جي لاءِ ڪجھ بيڪٽيريا هوندا آهن جيڪي چمڙي تي اهڙا ڪيميڪل ٺاهيندا آهن جيڪي مڇر محسوس ڪري سگهن ٿا.
چٽي رنگ ۽ ڪاري ڳاڙهي ۽ ان طرح جهڙا تيز رنگ وارا ڪپڙا مڇرن کي پري پري تان نظر ايندا آهن ۽ اهي ئي شڪار ٿيندا آهن. جيڪي شراب پيئندا آهن انهن ڏي بہ مڇر ڇڪ ڪندو آھي.
مڇر انسانن کان علاوه وڌيڪ رت ٻين جانورن ۽ پکين جو بہ پيئندا آهن جن ۾ پيرن وارا جانور ڪتا ۔ ٻليون ۽ ٻيا شامل آهن جيڪي مختلف بيماريون ڏيندا آهن جن مان ورمز ۽ لنگ ورمز وغيره جيڪا انھن ڪارڻ ڦهلبي آهي.

عام حالتن ۾ مادي مڇر ڪجھ هفتن تائين زندھ رهندي آهي ۽ نر مڇر هڪ هفتي تائين. انھن جي زندگي جو گھڻو ڪري گذارو پد ۽ نمي ۽ موسم تي هوندو آهي ۽ گهڻي ٿڌ جي موسم ۾ هي ميلاپ ڪندا آهن جنھن کي ڊائپش چئبو آهي ۽ ڪجھ مڇر گرم جڳھن تي پنھنجو گھر ٺاهيندا آهن جيئن گٽر نالين جا پائپ ۽ گندگي وارا هنڌ ۽ ڪچرو.
سڄي دنيا ۾ مڇرن جا 3500 سئو کن مختلف قسم آهن.
سڄي دنيا ۾ هڪ ملين ماڻھون هر سال مڇرن جي چڪ جي ڪري موت جو شڪار ٿيندا آهن. مليريا بيماري مڇرن جي مدد سان ڦھلبي آهي جيڪا سڀ کان عام بيماري آهي ۽ هڪ مليريا مڇر تقريبن سئو کن ماڻھن کي ان جو شڪار بڻائي سگهي ٿو.

مادي مڇر جو رت چوسڻ وارو گهڻو پسند وارو جانور گهوڙو مينھن هوندي آهي ۽ ٻيا جانور جيڪي ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ گهڻو ڪڍندا آهن انکان پوءِ انسان ۽ ٻيا چمڙي وارا جانور.

ڇا مڇر بہ هڪ ٻئي جو رت چوسيندا آهن؟
جي بلڪل: اهي هڪ ٻئي جو رت بہ چوسندا آهن 
مڇرن جي خوراڪ رت کان علاوه نيڪٽر رس ۽ پاڻي هجي ٿي جيئن ٻيا جيت گلن مان نيڪٽر  رس حاصل ڪندا آهن. خالي مادي مڇر پنھنجي نسل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ رت چوسڻ کي ترجيح ڏيندي آهي ۽ نر مڇر ۾ رت چوسڻ وارو حصو ناهي پاتو ويندو.

مڇر رت چوسڻ کان سوا بہ زندھ رهي سگهن ٿا رت ۾ نيڪٽر جي نسبت گهڻي وڌيڪ طاقت هوندي آهي. ان ۾ موجود پروٽين ۽ آئرن ۽ ٻيا نيوٽرينٽس آنن لاءِ مفيد هجن ٿا

مڇر هڪ دفعو چڪ هڻڻ سان ٽي ملي گرام رت چوسيندا آهن.

نر ۽ مادي مڇر ۾ فرق ڪيئن ڪجي؟
نر مڇر جا اينٽينا جيان وار پرن سان ڀريل هوندا آهن جن سان اهي مادي مڇر جو پري کان پتو لڳائي سگهندو آهي. ان جي ابتڙ مادي مڇر جا اينٽينا جيان گهٽ وار ٿين ٿا. مادي مڇر نر مڇر کان گھڻي ڀاڱي وڏي هوندي آهي. 

مڇر جي چڪ هڻڻ سان خارش ۽ سوزش ٿئي ٿي ۽ مادي مڇر چڪ هڻڻ دوران رت کي ڄمائڻ کان روڪڻ لاءِ Saliva گگ استعمال ڪندي آهي. ان ۾ پروٽين رت کي ڄمڻ کان روڪيندا آهن. هي ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ اسان جي جسم جو الرجڪ ري ايڪشن هوندو آهي. 

مڇرن کي ڇھ ٽنگون ۽ ٻہ اکيون هونديون آهن ۽ 47 کن ڏند پر اهوئي انسان جيان نہ پر عاري بليٽ جيان اڳيان کان هوندا آهن.

مڇر جسماني لحاظ کان ٽي ايم ايم کان پنجويھ ايم ايم تائين ٿئي ٿو. مليريا مڇر گھڻو ڪري پنج ايم ايم جو ٿئي ٿو. دنيا ۾ مختلف ملڪن جي مڇرن جا مختلف نالا رکيا ويا آهن جيئن ”نو سي يومس“ ”سائوٿي ارن هائوس“ ”مرشا اور مليريا“ ”نارٿين هائوس“ ”يلو فيور“ ايشيائي ٽائيگر وغيره.

مڇر جي چڪ سان بخار 265 عيسوي ۾ پاتو ويو. تاريخ ۾ ان بخار جو ذڪر سترهين صدي ۾ بہ آيو آهي. ڊينگي مڇر مختلف ملڪن ۾ ٽائرن ۽ ٻين شين وسيلي ريلن ذريعي مختلف ملڪن ۾ پھتو.

ياد رهي تي مڇر جون ڇھ ٽنگون هونديون آهن. ان کان وڌيڪ ٽنگون رکندڙ مڇر جھڙو ڏيک ڏيندڙ ٻئي نسل جا جيت هوندا ۽ جيڪي وڏا پڻ ٿيندا آھن ۽ گهڻو ڪري باغن ۾ پاتا ويندا آهن جن کي اسان مڇر سمجهي ماري ڇڏيندا آهيون اهوئي دراصل مڇر ناهين هوندا. ڊينگي مڇر جي جسم تي اڇا چٽڪا هوندا آهن ۽ اهو وڏو ناهي ٿيندو.

مڇر ڏينھن جو گهرن جي اونداهي وارين جڳھن ۽ گندگي وارين جڳھن تي ننڊ ڪندا آهن. گهڻا ٻوٽن ۽ وڻن ڏي واپس هليا ويندا آهن

مڇر کان احتياط:
گهر ۾ يا گهر جي ٻاهران پاڻي ڪٿي بہ هجي تہ اهو سڪائي ڇڏجي.
جيڪڏھن گهر ۾ ڪونڊين وارا ٻوٽا آهن تہ انهن ۾ پاڻي نہ بيهڻ ڏجي
پنهنجي گھر جي ٻاهران کان گند ڪچرو صاف ڪري ڇڏجي.
رڌڻي ۾ غير ضروري شيون جيئن ٽائر ۽ پراڻا سامان نہ رکجن.
جارن ۽ کڙڪين تي ڄار لڳائجن.

ڏھائي Decimal 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڏھائي سبتو اڻپور آھي جنھن جو عدد ھڪ کان گهٽ آھي. اھو 1 عدد جو حصو آھي. ڏھائي اڻپور ظاھر ڪرڻ لاء اھا نقطو ٿئي ٿي.
A decimal is a proper fraction, which is a number less than 1. It is a part of number 1. It is a dot (decimal point) to represent decimal fraction.

Wednesday 18 September 2019

عام اڻپور Common fraction 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اڻپور جنھن جو انس ۽ ڇيد ٻئي پورا عدد ھجن ان کي عام اڻپور چئبو آھي.
يا
اڻپور جتي ٻئي مٿيان ۽ ھيٺيان عدد ٻئي سڄا عدد ھجن ان کي عام اڻپور چئبو آھي.
مثال:
1/2 ۽ 3/4 ٻئي عام اڻپور آھن.
A fraction whose numerator and
denominator are both whole numbers is called common fraction.
Or
A fraction where both top and bottom numbers are integers is called common fraction.
Example:
1/2 and 3/4 are both Common Fractions.
Common fraction ۔ Simple fraction ۔ Vulgar fraction
عام اڻپور ۔ سادو اڻپور ۔ رواجي اڻپور

Tuesday 17 September 2019

ڄوڀوڙو ۔ ڄِڀوڙو Lingula 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
کاٻي ڦڦڙ جيان ساڄو وچون لوٿڙو نٿو رکي. تنھن ھوندي بہ اصطلاح ڄوڀڙو کاٻي ڦڦڙ جي مٿئين لوٿڙي جي خاڪي جو اظھار ڪرڻ لاء استعمال ٿئي ٿو جيڪو ھم شڪل طور ڪم ڪري ٿو. کاٻي لوٿڙي جي  ھي ايراضي ۔ لنگولا (ڄوڀڙي) جي لاطيني ۾ معنا ننڍي زبان آھي ۽ اڪثر ڪري ڦڦڙ ۾ زبان جي حوالي سڃاتو وڃي ٿو.
The left lung, unlike the right does not have a middle lobe. However the term lingula is used to denote a projection of the upper lobe of the left lung that serves as the homologue. This area of the left lobe - the lingula, means little tongue (in Latin) and is often referred to as the tongue in the lung.

Left lung  کاٻو ڦڦڙ

جيان نہ - وانگر نہ Unlike

Middle lobe  وچون لوٿڙو ۔ وچون لوٿ

اصطلاح     Term

Lingula  ڄوڀڙو - ڄِڀوڙو

اظھار ڪرڻ  To denote

Projection  خاڪو ۔ نمونو

مٿيون لوٿڙو   Upper lobe

To serve  ڪم ڪرڻ

ھم شڪل ۔ ھم روپ Homologue

اصلي ھيرا ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
بادشاھ شيشي جا ھيرا ۽ اصلي ھيرا ھڪ ٿيلهي ۾ وجهي اعلان ڪيو
”جيڪو شيشي جي ھيرن ۽ اصلي ھيرن کي الڳ ڪندو انهي کي وڏي انعام سان نوازيو ويندو.“
ڪيئي جوھري آيا پر ھيرن سڃاڻڻ ۾ ناڪام ڇوجو شيشي جا ھيرا اھڙي نموني گهڙيل ھئا جو بلڪل اصلي پئي لڳا.
ڍنڍورو ٻڌي ھڪ انڌو شاھي درٻار ۾ حاضر ٿيو. سلام عرض ڪرڻ کان پوء انڌي چيو
”مان شيشي جي ھيرن ۽ اصلي ھيرن کي ڌار ڪري سگهان ٿو.“
بادشاھ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ درٻار سڄو کلڻ لڳو.
بادشاھ اجازت ڏني. انڌو ٿيلهي اس ۾ کڻي ويو ۽ ڪلاڪ کان پوء وري حاضر ٿيو. انڌي جي ھڪ ھٿ ۾ اصلي ھيرا ۽ ٻئي ھٿ ۾ شيشي جا نقلي ھيرا ھئا. شاھي جوھرين تصديق ڪئي تہ انڌو کٽي ويو آھي.
بادشاھ سميت درٻارين جي حيرت جي حد نہ رھي تہ جيڪو ڪم سڄا نہ ڪري سگهيا اھو انڌو ڪيئن ڪري ويو؟
بادشاھ انڌي کان دريافت ڪيو تہ ھن اصلي ۽ نقلي جي سڃاڻ ڪيئن ڪئي؟
انڌي چيو
”اھو تمام آسان آھي. مون ھيرن جي ٿيلهي اس ۾ رکي. جيڪي ھيرا گرم ٿيا اھي نقلي ھئا ۽ جن ھيرن گرمي برداشت ڪئي ۽ ٿڌا رھيا اھي اھي اصلي ھئا.“
سڄي درٻار ۾ واھ واھ مچي وئي. بادشاھ بہ انڌي جي علم جي تعريف ڪئي ۽ کيس انعام اڪرام سان نوازي روانو ڪيو.

Monday 16 September 2019

اڻپور جا حصا Parts of the fraction 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اڻپور ٻن حصن تي مشتمل آھي.
(1)  قدرتي عدد
(2)  سبتو اڻپور
2/5 ۾ 3 قدرتي عدد جو حصو آھي ۽ 2/5 سبتو اڻپور آھي.
A fraction contains of two parts:
(i) Natural number
(ii) Proper fraction
In 3 2/5, 3 is the natural number part and 2/5 is the proper fraction part.

ڪُر - ڦِڦڙ جو ڪُر Base ۔ Base of the lung 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪُر وسيع ڪماني آھي ۽ پاڇھ جي ڪماني تھ مٿان بنياد رکي ٿو جيڪو ساڄي ڦڦڙ کي جيري جي لوٿڙي ۽ کاٻي ڦڦڙ کي جيري جي لوٿڙي ۔ معدي ۽ تلي کان ڌار ڪري ٿو.
The base of the lung is broad, concave, and rests upon the convex surface of the diaphragm, which separates the right lung from the right lobe of the liver, and the left lung from the left lobe of the liver, the stomach, and the spleen.

Base ۔ Base of lung   ڪر ۔ ڦڦڙ جو ڪر ۔ ڦڦڙ جو بنياد

Broad  وسيع ۔ وشال

ڪماني ۔ ڪمان نما ۔ لڪو ۔ اپٽيل ۔ کٻ نما Concave

Convex  اپٽيل ۔ ڪماني ۔ کٻدار ۔ قبيدار ۔ ڪٻدار

Diaphragm
پاڇھ ۔ پاسر ڇھ ۔ پاسراٽي جو ڇھ ۔ پاجهلي ۔ پاسر جهلي ۔ پاسراٽي جي جهلي

Right lung  ساڄو ڦڦڙ

ساڄو لوٿڙو ۔ ساڄو لوٿ ۔ Right lobe

 Left lobe  کاٻو لوٿڙو ۔ کاٻو لوٿ

معدو  Stomach

Spleen  تري

Sunday 15 September 2019

گڏيل اڻپور Mixed fraction 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
گڏيل اڻپور سڄو عدد ۽ مليل سبتو اڻپور آھي.
يا
سڄو عدد ۽ سبتو اڻپور ھڪ گڏيل عدد ۾ مليل ھجي.
يا
گڏيل اڻپور سڄي عدد ۽ سبتي اڻپور جو ميل آھي.
مثال:
½1 گڏيل اڻپور آھي.
A Mixed Fraction is a whole number and a proper fraction
combined.
Or
Whole number and a proper fraction combined into one "mixed" number.
Or
A mixed fraction is a combination of a whole number and proper fraction
Example:  (one and a half) is a mixed
fraction.

Mixed fraction ۔ Mixed number ۔ Compound fraction
گڏيل اڻپور ۔ گڏيل عدد

Saturday 14 September 2019

اڍ ۔ دل جو اڍ Base ۔ Base of the heart 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اڍ دل جي راس جي سامهون دل جو حصو آھي. اھو وڏو ۽ وچ ۾ واقع آھي. اھو دل جي مٿين سرحد ٺاھي ٿو ۽ بلڪل ٻي پاسراٽي ھيٺان ٿئي ٿو ۽ ابتدائي طور تي کاٻي دلنگھ ۔ ساڄي دلنگھ جي حصي ۽ رڳن جي قريبي حصن ۾ ملوث ٿئي ٿو.
Base of the heart is the portion of the heart opposite the apex. It is superior and medially located. It forms the upper border of the heart, lies just below the second rib, and primarily involves the left atrium, part of the right atrium, and the proximal portions of the great vessels.

Base of the heart
اڍ ۔ دل جو اڍ ۔ دل جو بنياد

Portion  حصو

سامهون ۔ مخالف Opposite

Apex  راس ۔ دل راس ۔ دل جي چوٽي ۔ دل جو مٿو

Superior  وڏو

وچ ۾ Medially

Rib پاسراٽي ۔ پاسري

کاٻو دلنگھ ۔ کاٻو دلنگهو ۔ کاٻو دل جو لنگھ Left atrium

Right atrium
ساڄو دلنگھ ۔ ساڄو دلانگهو ۔ ساڄو دل جو لنگھ

Vessels  رڳون

ابتو اڻپور Improper fraction 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جيڪڏھن انس ڇيد کان وڏو ھجي، ان کي ابتو اڻپور سڏجي ٿو.
يا
جيڪڏھن اڻپور ۾ مٿيون عدد ھيٺئين عدد کان وڏو ھجي، ان کي ابتو اڻپور سڏجي ٿو.
مثال:
5/4 ۽ 7/6 ابتو اڻپور  آھن.
If numerator is greater than the denominator, it is called improper fraction.
Or
If top number is greater than the bottom number in a fraction, it is called improper fraction.
Example:
5/4  and 7/6 are improper fractions.

Friday 13 September 2019

سبتو اڻپور Proper fraction 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جيڪڏھن انس ڇيد کان گهٽ ھجي ان کي سبتو اڻپور سڏجي ٿو.
يا
جيڪڏھن اڻپور ۾ مٿيون عدد ھيٺئين عدد کان گهٽ ھجي ان کي سبتو اڻپور سڏجي ٿو.
مثال:
1/4 ۽ 5/6 سبتو اڻپور  آھن.
If numerator is less than the denominator, it is called proper fraction.
Or
If top number is less than the bottom number in aardvark fraction, it is called proper fraction.
Example:
1/4 (one quarter) and 5/6 (five sixths) are proper fractions.

Thursday 12 September 2019

سِرو ۔ ڦڦڙي سِرو Apex ۔ Apex of the lung 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڦڦڙ مٿان واري سوڙھي گول سِري سان مخروطي شڪل جا آھن. سرو وسيع ڪَماني بنياد آھي جيڪو پاڇھ جي گول تھ تي ٻڌل آھي. اھو ڦڦڙ جي صاف وڏي پڇڙي آھي. ڦڦڙ جو سرو ڳچي جي پاڙ ۾ پکيڙ ڪري ٿو ۽ پھرين پاسراٽي جي ڍِڍي پڇڙي جي سطح مٿان ٿوري نموني پھچي ٿو. ڦڦڙ ڦڦڙي جهلي سان گهيريل ٿين ٿا.
Lungs are conical in shape with a narrow rounded apex at the top. Apex is a broad concave base that rests on the convex surface of the diaphragm. It is the blunt superior end of the lung. The apex of the lung extends into the root of the neck, reaching shortly above the level of the sternal end of the first rib. ... The lungs are surrounded by the pulmonary pleurae.

Apex ۔ Lung apex ۔ Apex of the lung
سِرو ۔ ڦڦڙي سِرو ۔ ڦڦڙ جو سِرو ۔ ڦڦڙ جي چوٽي ۔ ڦڦڙ جو مٿو

Apex  سرو ۔ ڦڦڙجو سرو

ڦڦڙي سرو ۔ ڦڦڙ جو سرو Lung apex

Apex of the lung
ڦڦڙ جو سرو ۔ ڦڦڙ جي چوٽي ۔ ڦڦڙ جو مٿو

Lungs  ڦڦڙ

مخروطي ۔ نِباتي ۔ گُگهيدار Conical

Sternal angle
ڍِڍِي۔ ڪوڙاٺِي ۔ سَرِيرِي

Narrow rounded apex گول سوڙھو سِرو

مٿان کان ۔ مٿان واري At the top

Concave  ڪَماني ۔ وريل ۔ ڪُٻو ۔ لَڪو ۔ کُٻدار

Concave base  ڪماني بنياد ۔ وريل بنياد

Diaphragm
پاڇھ ۔ پاسر ڇھ ۔ پاسر جهلي ۔ پاسراٽي واري جهلي ۔ پاسراٽي وارو ڇھ

Blunt  صاف ۔ چٽو

وڏي پڇڙي   Superior end

Root  پاڙ

ٿوري نموني  Shortly

Sternal end ڍِڍي پُڇڙي ۔ سَرِيرِي پڇڙي ۔ ڪوڙاٺِي پڇڙي

پاسري ۔ پاسلي ۔ پاسراٽي Rib

Pulmonary pleurae  ڦڦڙي ڇَھ ۔ ڦڦڙي جهلي

Wednesday 11 September 2019

ڇيد Denominator 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اڻپور ۾ ھيٺئين عدد کي ڇيد چئبو آھي.
يا
اڻپور جو حصو جيڪو ليڪ ھيٺان ھجي ۽ جيڪو انس جي ونڊيندڙ طور ڪم ڪري.
مثال:2/3 اڻپور ۾، انس 2 آھي ۽ ڇيد 3 آھي.
The bottom number in a fraction is called denominator.
Or
The part of a fraction that is below the line and that functions as the divisor of the numerator
For example
In the fraction 2/3 the numerator is 2 and the denominator is 3.

Tuesday 10 September 2019

انس Numerator 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اڻپور ۾  مٿئين عدد کي انس چئبو آھي.
يا
اڻپور ۾ ليڪ مٿان عدد جيڪو سڄي جي حصن جا عدد ڏيکاري ٿو ان کي انس چئبو آھي. اھو اڻپور جو مٿيون عدد آھي ۽ ھيٺئين عدد يا ڇيد سان ونڊ ٿئي ٿو.
 ¾ اڻپور ۾، 3 انس آھي.
The top number in aardvark fraction is called numerator.
Or
The number above the line in a fraction showing the number of parts of the whole is called numerator. It is a top number of fraction and is divided by the bottom number, or denominator.
In the fraction ¾, 3 is the numerator.

انس    Numerator

ڇيد  Denominator

راس ۔ دل جو راس Apex 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جنسي اوسر دوران گردش جي ڪري راس (دل جو راس) پنھنجي تري وٽ آھي ۽ وچين حاشي جي کاٻي پاسي آھي. دل چئن خانن تي مشتمل آھي (بنياد) چوٽي وٽ ٻہ ننڍا دلنگها ۽ سري وٽ ٻہ وڏا دلوگها. کاٻو دلوگهو راس (دل جو راس) ٺاھي ٿو.
Because of rotation during fetal development, the apex of the heart (tip of the cone) is at its bottom and lies left of the midline. ... The heart consists of four chambers: two smaller atria at the top (the base) and two larger ventricles at the apex. Left ventricle forms the apex of the heart.

Apex دلسرو ۔ دلراس ۔ دلمٿو

Apex ۔ Apex of the heart ۔ Tip of the cone
راس ۔ دلراس ۔ دل جو راس ۔ دل جو مٿو ۔ دل جي چوٽي ۔ مخروطي چوٽي

Tip of the cone
مخروطي مٿو ۔ مخروطي سرو ۔ مخروطي راس

Rotation  گردش

Fetal
جنسي ۔ ڄڻي ۔ ٻچي ۔ جنس بابت ۔ ڄڻ بابت ۔ ٻچ بابت

Development  اوسر ۔ نيسر ۔ نشونما

Apex of the heart
راس ۔ دلراس ۔ دل جو راس ۔ دل جو مٿو ۔ دل جي چوٽي

Tip of the cone 
مخروطي راس ۔ مخروطي مٿو ۔ مخروطي چوٽي

Midline وچين ليڪ ۔ وچين حاشي

خانا   Chambers

Atria (Plural of atrium)
دلنگها ۔ دلانگها ۔ دل جا لنگھ

Ventricles دلوگھ ۔ دلوگهو ۔ دل جو لوگهو

Left ventricle

کاٻو دلوگھ ۔ کاٻو دلوگهو ۔ کاٻو دل جو لنگھ

Sunday 8 September 2019

ڪنوتي ۔ آروتي Auricle 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪنوتي دل جو انگيات جو نمونو آھي. دل ۾ 2 ڪنوتيون آھن. ھر ھڪ دلنگهن جي ٻاھرين ڀتين جي ٻاھرئين تھ سان مليل آھن. اھي منظري طور ٿيلهي وانگر گهنجيل جوڙجڪن وانگر نظر اچن ٿيون. انهن جو مقصد دلنگھ جي گنجائش وڌائڻ آھي ۽ ان ڪري رت جومقدار پڻ وڌائن ٿيون تہ جيئن اھا شامل ٿي سگهي. ڪنوتي کي دلنگهي حاشي بہ چئبو آھي. اھا گهگهيدار مشڪي ٿيلهي وانگر ڪن آھي جيڪا ھر دلنگھ مان اڀري ٿي.
An auricle is the feature of anatomy of the heart.There are two auricles in the heart. Each one is attached to the anterior surface of the outer-walls of the atria (i.e.left and right atria).
Visually, they look like wrinkled pouch-like structures. Their purpose is to increase the capacity of the atrium, and so also increase the volume of blood that it is able to contain.
Auricle is also called atrial appendage. It is the ear like conical muscular pouch that arise from each atrium.

Auricle  ڪنوتي ۔ آروتي

نمونو ۔ رنگ روپ ۔ مظھر  Feature

Anatomy انگيات ۔ عضون جو علم

ڪنوتيون ۔ آروتيون  Auricles

Anterior  پويون ۔ پٺيون

ٻاھريون ڀتيون  Outer-walls

Left and right atria
کاٻا ۽ ساڄا دلنگها ۔ کاٻا ۽ ساڄا دلانگها ۔ کاٻا ۽ ساڄا دل جا لنگھ

Wrinkled pouch-like structures
گهنجدار ٿيلهي جوڙجڪون ۔ گهنجيل ٿيلهي جوڙجڪون

Capacity  گنجائش

دلنگھ ۔ دلانگهو ۔ دلان ۔ دل جو لنگھ Atrium

Atrial appendage
دلنگهي حاشي ۔ دلنگهي ضميمو ۔ دلنگهي تتمو

Appendage  حاشي ۔ ضميمو ۔ تتمو

 Like conical muscular pouch
گهگهيدار مشڪي ٿيلهي وانگر ۔ نباتي مشڪي ٿيلهي وانگر ۔ مخروطي مشڪي ٿيلهي وانگر

اڻپور Fraction 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
سڄي جي حصي کي اڻپور چئبو آھي.
يا
اڻپور سڄي جي حصي کي ظاھر ڪري ٿو. جڏھن ڪا شي حصن جي تعداد ۾ ٽٽل ھوندي آھي، تہ اڻپور ڏيکاري ٿو تہ اھي ڪيترا حصا توھان وٽ آھن.
5 ڇوڪرا آھن.
پنجن مان ٽي ڇوڪريون آھن تنھنڪري ڇوڪرين جو اڻپور بيھي ٿو ( 3⁄5 ).
پنجن مان 2 ڇوڪرا آھن تنھنڪري ڇوڪرن جو اڻپور بيھي ٿو  (2⁄5 ).
A part of a whole is called fraction.
Or
A fraction represents a part of a whole. When something is broken up into a number of parts, the fraction shows how many of those parts you have.
For example, 
There are total of 5 children.
3 out of 5 are girls. So, the fraction of girls is three-fifths ( 3⁄5 ).
2 out of 5 are boys. So, the fraction of boys is two-fifths ( 2⁄5 ).

Saturday 7 September 2019

سيٽ Set 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
رياضي ۾، سيٽ واضح شين جو ھڪ مجموعو آھي جنھن کي ھڪ شي طور ٺيڪ سمجهيو وڃي ٿو. مثال طور عدد 2، 4 ۽ 6 واضح شيون آھن جڏھن انهن کي الڳ سمجهيو وڃي ٿو پر جڏھن انهن کي گڏ سمجهيو وڃي ٿو اھي ٽن جي ماپ جو واحد سيٽ ٺاھن ٿا جيئن لکيل آھي {2, 4, 6}.
In mathematics, a set is a collection of distinct objects, considered as an object in its own right. For example, the numbers 2, 4, and 6 are distinct objects when considered separately, but when they are considered collectively they form a single set of size three, written {2, 4, 6}.

ناطِق عدد ۔ اڻپور Rational number 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ناطق نالو نسبت لفظ تي ٻڌل آھي. نسبت ٻن يا ٻن کان وڌيڪ عددن جي ڀيٽ آھي ۽ انهي کي اڪثر اڻپور لکيو وڃي ٿو. عدد کي ناطق عدد سمجهيو ويندو جيڪڏھن انهي کي ٻئي عدد ھٿان ونڊ ڪيل ھڪ سڄي عدد طور لکي سگهجي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن انهي جو سادي اڻپور طور ذڪر ڪيو وڃي ٿو. عدد 1/2 ناطق عدد آھي ڇوجو اھو ٻن سان ونڊ ڪيل ھڪ سڄي عدد طور لکيل آھي. عدد 5 ناطق عدد آھي ڇوجو اسان ان کي 5/1 طور لکي سگهون ٿا. اسان انهي کي پڻ 15/3 يا 50/10 طور لکي سگهون ٿا ڇوجو 15 ٽن سان ونڊ ڪيل يا پنجاھ ڏھ سان ونڊ ڪيل ٻئي 5 جي برابر بيھن ٿا. گڏيل عدد ½ 1 پڻ ناطق عدد آھي ڇوجو اسان انهي کي  3/2 طور لکي سگهون ٿا.
عدد جيڪو سادي اڻپور طور لکي سگهجي ٿو انھي کي ناطق عدد چئبو آھي. ان جو مطلب آھي تہ 5 وانگر قدرتي عدد ۔ پورا عدد ۽ سڄا عدد اھي سڀ ناطق عددن جو حصو پڻ آھن ڇوجو اھي اڻپورن طور لکي سگهجن ٿا جيڪي ½ 1 وانگر گڏيل عدد آھن.
ناطق عدد واڌو ۔ ڪاٽو يا 0 ٿي سگهن ٿا. جڏھن اسان ناڪاري اڻپور عدد لکون ٿا تہ اسان يا تہ اڻپور جي اڳيان يا ڳاڻپي سان  ڪاٽو جي نشاني ڏيون ٿا. اھو معياري حسابي اصطلاح آھي. مثال طور اسان 5/7- کي 5/-7 جو مخالف طور لکنداسين.
اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا ھيون تہ قدرتي عدد ۔ پورا عدد ۽ سڄا عدد پڻ ناطق عدد آھن ڇوجو انهن کي اڻپورن طور لکي سگهجي ٿو. انهي کي ڪرڻ جو سادي ۾ سادو طريقو ھڪ مٿان عدد ڏيڻ آھي. 
مثال طور اسان 7 کي 7/1 طور لکي سگهون ٿا، اسان 3- کي 3/1- طور لکي سگهون ٿا ۽ اسان 0 کي 0/1 طور لکي سگهون ٿا. ان ڪري اھي سڀ عدد ناطق عدد آھن.
ڏھاين کي ختم ڪرڻ سان ناطق عدد ملن ٿا. ختم ڪندڙ ڏھائي ڏھائي آھي جيڪا ختم ٿئي ٿي. سڀ ختم ٿيندڙ ڏھائي عدد ناطق عدد آھن ڇوجو اھي اڻپورن ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. اسان 1.2 کي 12/10 يا 6/5 طور لکي سگهون ٿا. اسان 3.25 کي اڻپور طور طريقن جي عدد ۾ لکي سگهون ٿا پر ھڪ طريقو 325/100 آھي.

The name rational is based on the word 'ratio.' A ratio is a comparison of two or more numbers and is often written as a fraction. A number is considered a rational number if it can be written as one integer divided by another integer. Sometimes this is referred to as a simple fraction.
The number 1/2 is a rational number because it is written as the integer 1 divided by the integer 2. The number 5 is a rational number because we can write it as 5/1. We can also write it as 15/3 or 50/10 because 15 divided by 3 or 50 divided by 10 both equal 5. The mixed number 1 ½ is also a rational number because we can write it as 3/2.
Any number that can be rewritten as a simple fraction is a rational number. This means that natural numbers, whole numbers and integers, like 5, are all part of the set of rational numbers as well because they can be written as fractions, as are mixed numbers like 1 ½.
Rational numbers can be positive, negative or zero. When we write a negative rational number, we put the negative sign either out in front of the fraction or with the numerator. That's the standard mathematical notation. For example, we would write -5/7 as opposed to 5/-7.
We mentioned earlier that natural numbers, whole numbers and integers are also rational numbers because they can be written as fractions. The simplest way to do this is to put the number over 1. For example: We can write 7 as 7/1; we can write -3 as -3/1; and we can write 0 as 0/1. Therefore, all of these numbers are rational numbers.
Terminating decimals are rational numbers. A terminating decimal is a decimal that ends. All terminating decimals are rational numbers because they can be converted to fractions. We can write the decimal 1.2 as 12/10 or as 6/5. We can write 3.25 in a number of ways as a fraction, but one way is 325/100.

Rational number - Fraction
ناطِق عدد - اَڻپور

Fraction  اڻپور

دِلوگھ ۔ دِلوگهو Ventricle 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
دِلوگھ عضوي ۾ لوگهي يا خال آھي. دل جي تري ڏي ويندڙ ٻن خانن مان ھڪ خانو آھي جيڪو جسم ۽ ڦڦڙن ۾ تھي بسترن ڏي دِلَنگھ مان حاصل ڪيل رت کي ڪٺو ۽ خارج ڪري ٿو. دلنگھ (مليل دل جو خانو يا مٿيون  دل جو خانو جيڪو دلوگهي کان ننڍو آھي) نل کي شروعات ڏئي ٿو.
A ventricle is a hollow part or cavity in an organ. It is one of two large chambers toward the bottom of the heart that collect and expel blood received from an atrium towards the peripheral beds within the body and lungs. The atrium (an adjacent/upper heart chamber that is smaller than a ventricle) primes the pump.

Ventricle  دِلوگھ ۔ دِلوگهو ۔ دل جو لوگهو ۔ دل جو خانو

لوگهي وارو حصو ۔ خال وارو حصو Hollow part

Cavity  لوگهو ۔ خال ۔ کاھي

عضوو   Organ

Chambers  خانا

ڏي ۔ ڏانھن  Toward

Atrium  دِلَنگھ ۔ دِلانگهو ۔ دِلان ۔ دل جو لنگھ

تھي ۔ استري  Peripheral

Adjacent  لڳ ۔ ويجهو ۔ مليل

ابتدا ڏيڻ ۔ شروعات ڏيڻ  To prime

Upper heart chamber  مٿيون دل جو خانو

ويجهڙ دل جو خانو  Adjenct heart chamber

دِلَنگھ ۔ دِلانگهو Atrium 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ايٽريم لاطيني لفظ (دِلَنگھ = دل جو لنگھ) مٿيون خانو آھي جنھن مان رت دل جي دِلوگَهن ۾ داخل ٿئي ٿو. انساني دل ۾ ٻہ دِلانگها آھن کاٻو دلنگھ ڦڦڙي گردش مان رت حاصل ڪري ٿو ۽ ساڄو دلنگھ پور رڳن مان رت حاصل ڪري ٿو.
The atrium (Latin ātrium, “entry hall”) is the upper chamber through which blood enters the ventricles of the heart. There are two atria in the human heart – the left atrium receives blood from the pulmonary (lung) circulation, and the right atrium receives blood from the venae cavae (venous circulation)

Atrium  دِلَنگھ ۔ دِلانگهو ۔ دلان ۔ دل جو لنگھ

(Atria (Plural of atrium
دِلَنگھ ۔ دِلانگها ۔ دلان ۔ دل جا لنگھ

دِلوگھا ۔ دل جا لوگها ۔ دل جا خال Ventricles

Left atrium
کاٻو دِلنگھ ۔ کاٻو دِلانگهو ۔ کاٻو دل جو لنگھ

Right atrium
ساڄو دِلَنگھ - ساڄو دِلانگهو - ساڄو دل جو لنگھ

 Pulmonary circulation ۔ Lung circulation
ڦِڦڙي گردش

Venae cavae (Plural of vena cava)
پور رڳون ۔ پور شريانيون ۔ لوگھ رڳون ۔ لوگھ شريانيون ۔ پوردار رڳون ۔ لوگهدار رڳون ۔ خالدار رڳون