Showing posts with label پيڙھي مختصر ڪھاڻي. Show all posts
Showing posts with label پيڙھي مختصر ڪھاڻي. Show all posts

Tuesday, 20 November 2018

پيڙھي مختصر ڪھاڻي

MyDairyAsgharSagar

"ممتاز لوهار"

سجيلا پٺيري بيٺل پيءۡ جي ڳچيء ۾ ٻانھون هار ڪري چيو “بابا ٻين لئہ جيئڻ ڀلو يا پنھنجي لاء؟”

“ٻين لاء ڌيءُ.”
هن مرڪي وراڻيو.

“بابا! پيءُ جي پيڙھي پٽ وڌائيندا آھن نہ؟”

“ها.”
پيءُ ڏڪندڙ ھٿ ڌيءُ جي هٿن تي رکي چيو.

“۽ ڌيئر بابا؟”

“اهي ٻين جي پيڙھي وڌائينديون آھن.“
 هن ڪنڌ ورائي ڌيءُ کي چيو.

“ان جي معنيٰ تہ پٽ پنھنجي لاء جيئندا آھن ۽ ڌيئر ٻين لاء.... ها نہ بابا؟”
پيء ماٺ جي اونداهي گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو.