Saturday, 18 January 2020

سنڌو ندي Indus river 💎اصغر ساگر💎

سنڌو ندي دنيا جي وڏين ندين مان هڪ ندي آهي. چين مان نڪرندڙ سنڌو ندي جي ڀارت م ڪل ڊيگھ هڪ هزار ڪلوميٽر آهي. اتھاس جي ڪتابن م اسان جنھن سنڌو ندي جي باري م پڙهيو آهي، ان سنڌو ندي کي انڊس بہ چئبو آهي. ڄمون ڪشمير کان ويندي آخر تائين سنڌو ندي جي ڪنارن تي اڄ بہ ٽيھ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي رهي ٿي.
سنڌو ندي جي ڪل ڊيگھ 3500 ڪلوميٽرن تي مشتمل آھي.
سنسڪريت يعني رگويد ۾ سنڌ جي ڪيترن نالن منجهان سنڌو مھا ديس ، سنڌو  سپت ديس ، سنڌوديس ، اند ، اندو وري بعد ۾ انڊيا، مطلب سنڌو نديء تان سنڌ نالو پيو ۽ سنڌ تان اڳتي ھلي هند نالو پيو ۽ ھند ھاڻي ھندستان سڏجي ٿو پيو. سنڌ جي جاگيرافي ڊيگھ تڏهن ٺٺو کان هماليا جبل تائين هئي. جتان جتان سنڌو درياھ جو گذر ٿيندو هئو، انهي جي ٻنهي ڪنارن کان آباد ماڻهن کي رگويد يعني تاريخي سنسڪريتي ۾ سنڌو ندي جا رهواسي يعني سنڌي سڏيو وڃي ٿو.
سنڌو درياءَ جي قدامت حضرت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياءَ کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“ ۔ ”سپت سنڌو“ ۔ ”مھراڻ“ ۽ ”انڊس“ وغيره سنڌو درياءَ جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم ھندو ويدن ۽ پستڪن ۾ ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيو. رگ ويد توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراھ ۾ ڀڄڻ چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو تہ سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياءَ جي ڪري پيا. سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.
سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جو مطلب آهي سمنڊ يا وڏو درياءُ. آڳاٽي دور ۾ ڪابل ندي، گومتي وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون. سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻي وڏي رهي آهي جنھنڪري آڳاٽن لوڪن نالو اهو نالو رکيو.
لفظ ”سنڌو“ جو ڌاتو يا بنياد سنسڪرت لفظ ”سيند“ آهي جنھن جو مطلب آهي وهڻ. جڏهن تہ ٻي راءِ موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو آهي ”سڌ“ جنھن جو مطلب آهي رکي وٺڻ يا بچاءُ ڪرڻ. انهن ٻنهي مان پھريون مفھوم عالمن جي نظر ۾ وڌيڪ درست لڳي ٿو.
ايرانين ۽ آرين جو اچار لفظ سنڌو لاءِ ڦري ٿيو ”هندو“ مطلب تہ ”س“ کي ڦيرائي ”ھ“ ڪيو ويو ڇوجو ايرانين ۽ آرين وٽ ”س“ اکر ڪونہ ھيو، اھي ”س“ اکر جي جاء ”ھ“ اکر استعمال ڪندا ھئا. قديم ايراني سنڌو ماٿري (سنڌ ۽ پنجاب) کان گهڻو پري ڪونہ ويا. هنن اڪثر علائقن ۾ آرين کي رهندي ڏٺو تنھن ڪري چيو ويو ”هندو ـ آسٿان“ جيڪو اڳتي هلي ٿيو ”هندستان“. اهڙي طرح قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان بابت ڄاڻ پئي. سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا، تن سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهن کي اُچار ڦيرائي سڏيو ”انڊو“ ۽ سنڌوندي کي سڏيائون ”انڊوس“. اهڙِي طرح سڄي ملڪ کي سڏيائون انڊيڪا. اڳتي هلي لئٽن ٻوليءَ ۾ اهي اُچار ڦري ٿيا ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“.
سنڌو (هندو) لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌونديءَ جي ڪناري رهندڙ“،  هندستان لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌوندي وارو ملڪ“. اڳتي هلي جڏهن مسلمانن حڪومتون قائم ٿيون تہ هندستان جو مطلب ڦري ٿيو ”برهمڻي ڌرم کي مڃيندڙ“. اهڙي طرح لفظن جا اصلوڪا مطلب متروڪ يا گم ٿيندا ويا ۽ نوان مفھوم رائج ٿيندا ويا. آڳاٽن عربن کي ”هند“ جي ڄاڻ قديم ايرانين وٽان پئي.
اهو علائقو جنهن کي يوناني سنڌوءَ مان ”پراچين“، هندو ”سنڌو ديس“، عرب جاگرافيدان مھراڻ ۽ سنڌ جا رهواسي پڻ ”سنڌوديس“ جي نالي سان سڏيندا آيا آهن.

سڌو نديء جا لھجا:-
رگويد جي زماني ۾ سنڌو کي سنڌو ندي چيو ويندو ھيو. ايراني دور 518ع ۾ ايران جي بادشاھ دارا سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ايرانين سنڌ کي ھند چوڻ شروع ڪيو ڇوجو انهن جي زبان ۾ س اکر ڪونہ ھيو ۽ انهن س اکر جي جڳھ تي ھ اکر استعمال ڪرڻ شروع ڪيو اھڙي سنڌو مان ڦري ھندو ٿي ويو ۽ سنڌ مان ڦري ھند ٿي ويو. يوناني دور 326 ق ۾ يونانين سنڌ کي ھند چيو ۽ انهن جي لھجي ۾ سنڌ ڦري انڊ ٿي ويو ۽ سنڌو ڦري انڊوس ٿي وئي ۽ ملڪ جو نالو انڊيڪا پئجي ويو. لاطيني زبان ڳالهائڻ وارن انڊوس کي انڊس ۔ سنڌ کي ھند ۽ پوري خطي کي انڊيڪا مان انڊيا بنائي ڇڏيو. 641ع ۾ چيني سياح يوان سنڌ کي سن تو سنتو لکيو آھي. مطلب تہ سنڌو مختلف لھجن ۾ ھيئن آھي.
سنڌو   سنسڪرت
ھندو   ايراني
انڊوس يوناني
انڊس  لاطيني
سنتو    چيني

سنڌو نديء جا صفاتي نالا:-
سنسڪرت ۾ سنڌ کي بچائڻ وارو يا روزي ڏيڻ وارو چيو ويو آھي. تبت وارن ھن کي شير جي وات مان نڪرندڙ دريا يعني شير دريا سڏيو آھي. قراقرم جي وچ واري حصي ۾ ھن کي دريا سڏيو ويو آھي. قراقرم کان ھيٺ تربيلا تائين ھن کي اباسين سڏيو ويو آھي جنھن جو مطلب آھي سڀن جو پي دريا يا دريائن جو پي.

سنڌو ندي سِڌ تان ورتل:-
سنڌو ندي سِڌ (سِنڌ) تان ورتل آھي.
سنسڪرت جي معنا مطابق سنڌو جي معنا تراشيل آھي مطلب سِڌي آھي. گهڻن محققن جو چوڻ آھي تہ سنڌو سنسڪرت جي لفظ سنڌو تان ورتل آھي پر اھو مغالطو آھي. سِڌوندي (سنڌو ندي) سِڌ (سنڌ) تان ورتل آھي جيڪو ٺيٺ سنڌي لفظ آھي.  سنڌو جو مطلب سڌي نڪري ٿي جيڪو سِڌ تان ورتل آھي جنھن جو مطلب آھي سڌي زمين ۽ سنڌ سڌي زمين رھيو آھي. اڳتي ھلي سِڌ سنڌ ٿي ويو ۽ سِڌوندي سنڌو ندي ٿي ويو. اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ پھرين سنڌي ٻولي ۾ نون غني جو تصور ڪونہ ھيو جيڪو بعد ۾ آيو. سِڌ ڦري سنڌ ٿي وئي ۽ سِڌو دريا ڦري سنڌو دريا ٿي ويو.

سنڌو نديء جا لنگھ:-
ھيءَ عظيم الشان ندي ھماليا جبل جي ڪيلاش پربت واريءَ مانسرور ڍنڍ مان نڪري، ڪشمير جي گلگت واري جابلو حصي کي لتاڙي، ٻارھن ھزار فوٽن جي بلنديءَ تان جتي انسان جو لنگھ مشڪل آھي . پھريان بنجيءَ تائين اتراولھ، تنھن کان پوءِ ڏکڻ اولھ جو رخ اختيار ڪري ٿي. تنھن کان پوءِ پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن کي لتاڙيندي، 18سئو ميل وھي، سنڌ جي شاھ بندر وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سندس ساڄي ڪپ وارين شاخن مان ڪي نديون افغانستان جي مٿانھين پٽ مان نڪري، ڪرم واديءَ کي لتاڙي ۽ ھندستان جي سرحد وارن جبلن منجھان ٽپي اچي منجھس پون ٿيون.
انھن مان ڪڀا (ڪابل) ندي اٽڪ وٽ منجھس پوي ٿي. ڪونر ۽ سوات، ڪابل نديءَ جون شاخون آھن. ڪابل نديءَ کانپوءِ ٻيو نمبر ڪرم ندي آھي. ڪرم ندي افغانستان جي مٿانھين پٽ جي ڏکڻ کان نڪري ڪرم واديءَ کي لتاڙي، سنڌونديءَ ۾ پوي ٿي. ٽوچي ندي بہ ڪرم جي شاخ آھي. اڳڀرو ھلي، دري اسماعيل خان وٽ ، ڏکڻ طرف گومل (گومتي) ندي، جا برساتي آھي منجھس پوي ٿي. مانسرور ڍنڍ کان وٺي اٽڪ تائين ، سنڌو ندي جابلو سوڙھن پيچرن کي لتاڙي ٿي، تنھن ڪري جھاز راني ڪرڻ جي قابل ناھي، ليڪن اٽڪ کان پوءِ سندس پيٽ پنجاھ گز ويڪرو آھي، پوءِ جيئن ڏکڻ جو رُخ اختيار ڪري ٿي ، تيئن سندس پيٽ ھڪ ميل ويڪر ۾ آھي. اوڀر کان پنجاب جون پنج نديون : (1) وتستا (جھلم) (2) اسڪني (چناب)، (3)پروشني (راوي) ، (4) ستو دري (ستلج) ۽ (5) وياس (بياس). مٺڻ ڪوٽ وٽ ، منجھس ڇوڙ ڪن ٿيون. اڳ جمنا ۽ ستلج جي وچان دور شادتي ٻہ نديون سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون ھيون، پر ھينئر اھي ميٽجي ويون آھين. اڃا بہ سرسوتيءَ واري ھنڌ تي گھگھر ندي وھي ٿي، جا راجپوتانا جي وارياسي ميدان ۾ گم ٿي وڃي ٿي. اھڙيءَ طرح ھاڪڙو بہ سنڌو نديءَ جي ھڪڙي قديم شاخ ھئا جا ”پنجند“ وٽان سنڌوءَ مان نڪري ، بھاولپور ۽ ٿر کي لتاڙي، پارڪر جي پارينگر بندر ويجھو، ڪڇ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي. پوءِ زلزلن ڪري غائب ٿي ويئي، ليڪن سندس وھڪري جا نشان بھاولپور رياست ۽ ٿر ۾ موجود آھن..

دنيا جي وڏين ندين مان سنڌو ندي سترھون نمبر ڊيگھ ۾ :-
(1) مسيسي 4382 ميل
(2) آميزان 4080 ميل
(3) نيل 3500 ميل
(4) ينگستي ڪئانگ 3500 ميل
(5) ينيسي 3300 ميل
(6) آمور 2640 ميل
(7) نائيجر 2550 ميل
(8) لينا 2500 ميل
(9) اوبي 2500 ميل
(10) ڪانگو 2500 ميل
(11) ھوانگو 2480 ميل
(12) وولگا 2400 ميل
(13) ميڪنزي 2300 ميل
(14) لاپلاتا 2300 ميل
(15) سينٽ لارينس 2150 ميل
(16) مڊيرا 2000 ميل
(17) سنڌو 18 ميل

جيئن قديم مصري نيل نديءَ جي پرستش ڪندا ھئا، تيئن آريا لوڪن جي عقيدي موجب سنڌو بہ متبرڪ ندي ھئي.


سنڌو نديء جون حدون:-
قديم دور ۾ سنڌ جون حدون ”اتر ڏي بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ ڏانھن عربي سمنڊ، اڀرندي طرف وارياسو رڻ پٽ ۽ الھندي ڏي جبلن جي هڪ قطار هيون. سنڌوندي کي ”مٺو سمنڊ“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. سنڌوءَ جو عام وهڪرو اتر کان ڏکڻ طرف آهي. سنڌوندي ”بکر (سکر) ۽ روهڙيءَ جي شهرن وچان پھاڙن کي چيريندي آهستي آهستي ڏکڻ اولھ طرف وهي ٿي. سکر بيراج ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌوءَ مان ڪيترائي واھ ڪڍيا ويا جيڪي سنڌ جي مختلف حصن کي سرسبز ۽ آباد ڪن ٿا. سيوهڻ وٽ جبلن جي روڪ سنڌوءَ کي سڌو اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي جنھن ڪري ان جو رخ حيدرآباد تائين ڏکڻ ـ اوڀر طرف ڦيرائي ٿي. سنڌوندي جو آخري ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو جتي دنيا جي هڪ خوبصورت ڊيلٽا جڙي ٿي.
سنڌو درياءَ جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليا جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙھ شروع ٿئي ٿو جيڪو آگسٽ ۾ پنھنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لھڻ شروع ٿئي ٿو. سنڌوءَ جا قديم بندرگاھ الور، بلري، منصوره، منجابري، نيرون ۽ رابيل وغيره هئا. سنڌوءَ جي ڊيلٽا مڇين جي نرسري سڏجي ٿي جتي تمر جا ٻيلا آهن جيڪي مڇين جي واڌويجھ لاءِ خوراڪ جو ڪم ڏين ٿا. اهڙي طرح اهي ٻيلا سامونڊي کاڌ کان بچاءُ جو پڻ اهم ذريعو آهن.
سنڌو ندي، 1800 ميل ڊگهي آهي، اھا هماليہ جبل جي سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان نڪري ٿي، سنگي ڪباب ٿٻيٽ ۾ آهي. سنگي ڪباب مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل پري آهي. سنڌو ندي والاريل ڪشمير مان ٿيندي آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواھ ۽ پنجاب لتاڙيندي، اتان جي چئن ندين جون پاڻي پاڻ منجھ سمائيندي، سنڌ ۾ ڪشمور وٽان داخل ٿئي ٿي. پوءِ هاڻوڪي سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌو سڀيتا جي مٿي ڄاڻايل تھذيبي دؤر ۾ موجوده سنڌ ۾ سنڌو ندي ٻن حصن ۾ وهندي هئي. ان جي اولھ واري شاخ ليمون جوڻيجي کان اولھ طرف وهندي لوهم جو دڙي، لوهري، آمري جي ڀرسان لنگهندي ۽ حيدرآباد وٽان ٿيندي وڃي سمنڊ ۾ پوندي هئي. هاڪڙو کي سنڌوندي مان پاڻي ٻن هنڌن تان ملندو هو. هڪ ڪشمور واري شاخ ۽ ٻيو سکر واري شاخ مان.
دنيا جو قديم مذھبي ڪتاب رگويد جيڪو 9 ھزار سال پراڻو آھي ۽ جيڪو سنڌو دريا جي ڪنارن تي لکيو ويو اھو وحدانيت تي ٻڌل آھي ۽ ان ۾ ست دريائن سان گڏ سنڌو دريا يا سنڌو ندي جو جو ذڪر ملي ٿو، جنھن کي لکندڙ ٽي سنڌي دراوڙي رشي عورتون وڌوا ۔ گوشا ۽ اپالا ھيون جن رگويد لکيو. رگويد کي دنيا جي سڀني مذھبي ڪتابن مان پراڻو مذھبي آھي. رگويد وحدانيت ۽ ھيڪڙائي تي ٻڌل ڪتاب جيڪو 9 ھزار سال اڳ لکيو ويو ان ۾ توحيد جي نظريي کي آشڪار ڪيو ويو آھي.
رگويد ۾ لکيل آھي
ايڪم ادويتم دوناسي
رب ھڪ آھي ۔ ھن جھڙو ٻيو ڪوبہ ناھي ۔ ھن جو ڪوبہ شريڪ ناھي. ان مان ظاھر ٿئي ٿو تہ سنڌي پھرين کان توحيد جا قائل رھيا آھن. رگويد ۾ رب جو شخصي تصور ناھي جڏھن تہ ٻين مذھبي ڪتابن ۾ رب جو شخصي تصور ڏنو ويو آھي جيئن عيسائي ۽ يھودي مخاطب ٿيڻ وقت رب کي پيء ڪري پڪاريندا ھئا.
رگويد کي سنڌو ندي جي ڪنارن تي لکيو ويو. ھڪ انگريز ليکڪ جڏھن رگويد کي پڙھيو تڏھن رگويد کان متاثر ٿي بي اختيار چئي ويٺو
”منھنجي رڳن ۾ رت نٿو وھي پر سنڌو ندي وھي ٿي پئي“
 پارسين جي مقدس ڪتاب زنداوستا ۾ مھراڻ ندي جو ذڪر ملي ٿو جيڪا دراصل سنڌو ندي آھي.
ترجمو
”سنڌ جي محبت ڀرئي دل جي وادي ۾ مھراڻ روان آھي
ڄڻ تہ معشوق جي وصال واري واعدي جي خوشي جو منظر آھي.“
مصر جي نيل ندي شرم وچان نيل ۾ منھن ڍڪي ڇڏيو
۽ مھراڻ کي ڏسي آبحيات بہ خفا ٿي بحر ۾ ٽٻي ھنئي آھي.
رگويد واري دور ۾ سنڌي عورت ديوي جو روپ رکندي ھئي. ان دور سگهڙ سنڌي عورت کي جيجي سڏيو ويندو ھيو ڇوجو ان وقت فيصلا عورتون ڪنديون ھيون. انهن سنڌي عورتن جي ھمہ گيري سوچ جي ڪري موھن جو دڙو ۾ ھٿيار نہ مليو آھي. سنڌي عورتن کي ان وقت امبي جي نالي سان پڪاريو ويندو ھيو. رگويد جي منتر ۾ آھي.
”سندھو تمے، ندی تمے، دیوی تمے،
امبی تمے -- ارتھات سندھو !
تون سنڌو آھين ۔ تون ندي آھين ۔ تون ديوي آھين ۔ تون امبي آھين تون ارٿات آھين.“
رگويد ۾ سنڌي لوڪ جي سماجي حالت کي بھترين نموني ڄاڻايو ويو آھي. جڏھن دنيا وٽ ڪپڙن پائڻ جو فن نہ ھو ان وقت سنڌي چرخا ھلائي ڪپڙا اڻي پائيندا ھئا.
رگويد جي ھڪ منتر ۾ آھي
”اي سنڌو جڏھن دنيا بنجر ھئي ۽ سنسار جا ماڻهو بنا ڪپڙن جي اگهاڙا گهمندا ھئا تڏھن تنھنجي ڪناري تي رھڻ وار چرخي تي سوٽي ڪپڙا اڻندا ھئا.“
رگوريد جي ٻئي منتر ۾ آھي
”اي سنڌو تون سڀ کان پراچين ۔ سڀ کان صاف سٿري ۽ اجلي ندي آھين.
اي سنڌو تون سڀ کان سمرڌ ۽ ڌن جي ڀنڊار سان ڀريل ندي آھي.
اي سنڌو تون جسوي ۽ تيجسوي ندي آھين.“
خيال ڪيو وڃي ٿو تہ سنڌ 25 کان 30 ھزار سال پراڻي ڀومي آھي جنھن ۾ سنڌي رھندا ھئا. رگويد ۾ آھي
”سنڌو ديس اتر ۔ ڏکڻ ۔ اوڀر ۔ اولھ جي سمنڊن تائين پکڙيل آھي.“
اٿر ويد جي پرٿوي سوڪت جي ھڪ منتر 21/1 ۾ لکيل آھي
جنھن ديس جي مھما ڳائي وئي آھي اھا ھي سپت سنڌو آھي جنھن ۾ سنڌو ندي وھي ٿي جنھن سان سمنڊ لڳل آھي. ھي اھا ڀومي آھي جتي پروڙي ماڻهو رھن ٿا.
رِگِويدَ ۾ سِنڌُو نَندِيءَ جو نالو ٽيھَ ڀيرا ۽ گَنگا جو نالو ڇَڙو ٻَہ ڀيرا آيَلُ آھي. رِگِويدَ جي 10 هين ڀاڱي جي 75 هين کَنڊَ جي نَون مَنترَنِ ۾ سِنڌُو نَندِيءَ جِي مَھمان (وڏائي) ڳايَلَ آھي.
شِرِي ڀَرَترام ڀَٽَ (مانَوَ اُتپَتتِي ڪا پرَٿَم راشٽرَ سَپت سِنڌَوَ) "ماڻھو ذاتِ جي جَنَمَ جو پَھرِيونّ ديسُ" نالي سانّ ھِڪ ڪِتاب ۾ لِکِيو آھي. ھِتي اِھو صَفا ڪَري ڇَڏِڻُ ٺِيڪُ رَھَندو تَہ رِگِويدَ جي پَھِرينّ مَنڊَلَ جي يارھين سُوڪت (باب) جي ڇَھين مَنترَ مانّ بَہ اِھا پٺِڀَرائِي ملي ٿِي تَہ يَمُنا نَدِيءَ کانّ سِنڌُو نَندِيءَ تائِينّ وارِين ڀُومِين جو ڀاڱو "سَپتسِنڌَوَ" جي نالي سانّ ھاڪارو هو.
وَئِدِڪ (ويدَنِ واري) جُڳَ ۾ سِنڌُو نالو ندِيءَ جي آڌارَ تي رَکِيَلُ هو، اِنھي ڪَري يَمُنا، سَتلج، وِياس، راوِي، چَناب، جھلَم ۽ سِنڌُو اِنھَن سَتَنِي نَندِنِ وارِي پُورِي ڌَرِتِيءَ کي "سَپت سِنڌَوَ" ديسُ چَيو ويندو هو.
رِگِويدَ جي ڀاڱي 10 هينّ ۽ 75 هين کَنڊَ "نَدِي سُوڪت" ۾ نَو مَنترَ آھِنِ، جِنِ ۾ سِنڌُو نَدِيءَ جِي مَهِما ھيٺِين رِيتِ ڳايَلَ آھي.

پرَسوَتروپو مَھِمامتَم،
ڪارُرَوو واتِ سَدَني وِوَسِوَت ۔
پرَسَپت سَپت ميگھا هِي چَڪرَمُھ،
پرَسرِتوَرِيڻامَتِ سِنڌُ روز سا ۔۔ (10/75/1) . معنا -- 
"هي جَل ديوتا ! مانّ پَنھِنجي يَجمانَ جي گھَرَ ۾ تَوھانّ جِي اِستُتِي - ساراھَ ڪَرِڻَ وارو تَوھانّ جِي وَڏِي مَهِمان ڳايانّ ٿو. نَندِيُونّ سَتَ - سَتَ ٿِي ڪَري، ٽنهينّ ھَنڌَنِ پرَٿوِي، آڪاشَ ۽ پاتالَ ۾ وَهَنِ ٿِيُونّ ۔ اِنھَنِ نَدِينِ مانّ سَڀِنِي کانّ تيز وَھَڻَ وارِي سِنڌُو پَنھِنجي ٻَلَ جي ڪارَڻِ، اِنھَن سَڀِنِي جي وِچَ ۾ ھَلينّ ٿِي ۔"

پرَتيڱَرَدوَرُڻو ياتَوي پَٿَھَ،
سِنڌُو يَدواجام اَڀيَدرَوَاِستَوَم ۔
ڀُومِيا اَڌِپرَوَتا يامِ سانُنا،
يَدديشامَگرَ جَگَتامِرَجِيَسِ ۔۔
(رِگِويد 10/75/2) .
"هي سِنڌُو ! تُون اُپَجِ وارَنِ ھَنڌَنِ ڏي وَڌِي سَگھينّ، اِنھَنّ لاءِ جَل ديوَتا وَرُوڻَ تُنھِنجي ھَلَڻَ لاءِ وَڏو ۽ ويڪِرو ماڳُ ٺاهِيو آھي. تُونّ ڌَرِتِيءَ جي اُوچي - مَٿاھينّ ھَنڌَ تانّ وَهِي ڪَري نِڪِرَندِي آهينّ ۽ اَنَنّ - ڌَنَنّ جو ڀَنڊارُ رَکَندِي آهينّ ۔ تُونّ سَڀِنِي نَدِينِ کانّ اَڳِتي رَھَڻَ وارِي آهين"

دِوِسِوَنو يَيَتي ڀُوموپِيَ،
يَنَنتَم شُشمَمُدِيَنتِ ڀانُنا ۔
اَڀرَدِوَ پرَستَنَيَنتِ ورَشٽَيَھَ،
سِنڌُريَدوتِ ورَشَڀو نَ رورُوَت ۔۔
(رِگِويد 10/75/3) .
"هي سِنڌُو ! تُونّ جَڏَھِنّ بَئلَ وانگُرُ گَجَندِي آهينّ تَہ تُنھِنجِي گَجِگوڙَ ديوَلوڪَ سُرڳَ تائِينّ پھچَندِي آھي. تُونّ پَنھِنجِي سَگھ، لَھَرُن وَسِيلي پَڌِرو ڪَندِي آهين جِيئَنّ مِينھن جي سَمُھَ ۾ ڪَڪَرَ - بادَلَ گَجِگوڙَ ڪَندا آھِنِ، تِيئَنّ ئِي تُنھِنجي وَھَڻَ سانّ گَجِگوڙَ گُونجَندِي رَھَندِي آھي ۔"

رِگِويدَ ۾ سِنڌُوءَ جِي مَھانتا ڳائِيندي رِشِي پريميڌَ ھِڪَ مَنترَ ساڻُ لِکِيو آھي.
اَڀِتوا سِنڌو شِشُمِننَ ماتَرو،
واشرا اَرشَنتِ پَيَميوَ ڌينُوَھ ।
راجيوَ يُدڌَوانَيَسِ توَمِتسِچو،
يَدا ماسَگرَم پرَوَتامِن ڀِڪشَسِ ۔۔
(رِگِويد 10/75/4) .
"هي سِنڌُو ! جِيئَنّ ڏُھائِڻَ جوڳُ رَنڀَندَڙِ گاھِيُونّ (ڳئون)، پَنھِنجي وَڇِڙَنِ جي ويجھو اِيندِيُونّ آھِنِ، تِيئَن ئِي اِھي اَنيڪُ نَدِيُونّ گَجِگوڙَ ڪَندي تو وَٽِ ڊڪَندِيُونّ اَچَنِ ٿِيُونّ. يُڌِ (ويڙھِ) وقت جِيئَن راجا سينائُنِ (لشڪر) کي وَٺِي، اَڳِتي وَڌَندو آھي، تِيئَنّ ئِي تُونّ اِنھنِ نَدينِ کي ساڻُ وَٺِي اَڳِتي وَڌَندِي ويندِي آهين."
*رِگِويدَ ۾ سِنڌُوءَ جِي مَهِمانّ جا گِيتَ (2)*

رِگِويدَ جي ڀاڱي 10 هينّ ۽ 75 هينّ کَنڊَ "نَدِي سُوڪت" ۾ نَوَنّ مَنترَ آھِنِ، جِنِ ۾ سِنڌُو نَدِيءَ جِي مَھما (وڏائي) ھيٺينّ رِيتِ ڳايَلَ آھي.

اِمَ مي گَنگي يَمُني سَرَسوَتِي،
شُتُدرِ اِستَومَم سَچَتا پَرُشَڻيا ۔
اَسِڪَنِيا مَرُدڌي وِتَستَيا،
گَنگَجِينڪيِيي شرَڻُھَيا سُشومَيا ۔۔
(رِگِويد 10/75/5) .
"هي گَنگا، يَمُنا، سَرَسوَتِي، شَتُدرِي، پَرُشڻِي، اَسڪِنِي سانّ گَڏُ رَهَڻَ وارِي مَرُودڌ، وِتَستا، سُشوما ۽ آجِينڪِيا نَندِيُونّ تَوھانّ مُنھِنجِي اِستُتِي ساراھَ ٻُڌو ۽ سوِيڪارُ ڪَيو ۔"

ترَشٽَمَيا پرَٿَمَنّ ياتَوي سَجُوھَ،
سُسَرتَوا رَسَيا شِويتَيا ۔
تِوَم سِنڌو ڪُڀَيا گومتِيم،
مَھِتوام سَرَيَم ياڀِرِييَسي۔۔
(رِگِويد 10/75/6) .
"هي سِنڌُو ! تُونّ تيجُ (تيز) وَھَندَڙَ گومتِي نَدِيءَ جي ويجھو وَڃَڻَ کانّ پَھريونّ تُشٽاما نَندِيءَ سانّ مِلَندِي آهينّ. انھَنّ کانّ پو تُونّ سُسَرت، رَسا، شِويتِي، ڪُرَمَ، ڪُڀا ۽ ميھَتنُ سانّ مِلِي ڪَري اَڳِتي وَڌَندِي آهينّ ۔ تُونّ اِنھنِ نَدِينِ سانّ گَڏُ وَھَندِي آهينّ ۔"

رِجِيتِيينِي رُشَتِي مَھِتوام،
پَرِجَيَنسِ ڀَرَتي رَجانسِ ۔
اَدَبڌا سَنڌُرپامَپَستَما،
شوا نَ چِترا وَپُشِيوَ دَرشَتا ۔۔
(رِگِويد 10/75/7) .
"صافُ - سُڦيتُ رَنگَ وارِي سِڌو وَھَڻَ وارِي ۽ سُجهَنديوارِي سِنڌُوءَ جو تيز وارو ٻَلُ چَئِنِي پاسي وَھَندو آھي. سِنڌُو سَڀِنِي کانّ تيجُ (تيز) آھي، ھِيءَ بِنا ڪَنھن ھاڃي جي، اَڳِتي وَڌَندِي آھي ۽ چِترا جان (جيان) ڏاڍِي سُھڻِي نارِ وانگُرُ ڏِسَڻَجوڳُ آھي."

شوَشوا سِنڌُو سُرَٿا سُواسام،
ھِرَڻيَنِي سُڪرِتا واجِنِيوَتِي ۔
اُرڻاوَتِي يُوَتِھِ سِيلڀاوَ،
تِيُتاڌِ وَستي سُڀاگا مَڌُوَرڌَم ۔۔
(رِگِويد 10/75/8) .
"هي سِنڌُو ! تُونّ سُھڻي گھوڙَنِ وارِي، سُھِڻي رَٿَنِ وارِي، سُھِڻي ويسَنِ وَڳَنِ وارِي ۽ سوني ڳَھَنِ وارِي، اَنَنّ سانّ ڀَرِپُورُ، ڪَپھ ۽ جَلَ (پاڻي) سانّ ڀَرِپُورُ، شِيشَمَ (ٽالهي) جِي ڪاٺنِ سان ڀَنڊارَ ڀَرِپُورُ سُھِڻي ۽ ڀاڳَوانُ ماکِي اُپائِڻَ واري وَڻَنِ جو سَھارو، تُونّ ئِي آهين."

سُکَمَم رَٿَم يُيُجي سِنڌُوراشوَنَم،
تيج واجَم سَنِشَدَسمِناججَؤ ۔
مَهان هاسِيَ مَهِما پَنَسِيَيي،
اَديبَڌَسِيَ سوَيَشَسو وِرَپشَنَھَ ۔۔
(رِگِويد 10 / 75 / 9) .
"هي سَجِيَلَ سَمبِرِيَلَ گھوڙَنِ واري رَٿَ تي ويٺَلَ سِنڌُو ديوِي ! تَوھانّ اَسان کي اَنُ ڏِيو. يُڌِ ۽ يَگِيَ ڪَرِڻَ مَحِلَ اَسانّ تي اُپَڪارَ (ٿورو) ڪَرِڻَ وارِي سِنڌُو! اَسانّ تَوھانّ جِي اِستُتِي ساراھَ ڪَيُونّ ٿا."

حوالو
رگويد جا شعر      سر پريم تنواڻي
By Asghar Sagar

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment