Tuesday 9 April 2019

وڌيڪ بک لڳڻ Feeling hungry frequently *اصغر ساگر*


سوشل ميڊيا جي ھن دور ۾ وڌيڪ نوجوان نسل رات جو دير تائين سمارٽ فون استعمال ڪن ٿا جنھن جي ڪري ننڊ اڻپوري رھي ٿي جنھن جي ڪري ڪافي عارضا لڳي وڃن ٿا ۽ انهن عارضن ۾ ھڪ عارضو وڌيڪ بک لڳڻ آھي. بک گهڻي تڏھن لڳي ٿي جڏھن غذا ۾ پروٽين ۔ تاندور ۽ چرٻي جي کوٽ رھي ٿي. پروٽين ۔ تاندور ۽ چرٻي کي اھي خاصيتون آھن جيڪي جوڳير ڪن ٿيون ۽ بک کي گهٽائين ٿيون. وڌيڪ بک ننڊ جي اڻپوارئپ ۽ ذھني مونجھ جي نشاني آھي گڏوگڏ دوائون کائڻ ۽ بيماريون پڻ گهڻي بک جو سبب بنجن ٿيون.
کاڌي کان پوء گهڻي بک محسوس ڪرڻ ھڪ ھارمون ليپٺي Leptin جي مدافعت آھي. ليپٺو ھارمون Leptin جنھن کي جسم جي چرٻي پيدا ڪري ٿي اھو کاڌي کي ضابطي ۾ رکي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو تہ پيٽ ڀرجي ويو آھي. ھاڻي کاڌو وڌيڪ کائڻ نہ کپي. پر جڏھن جسم ليپٺي Leptin کي لڪائي ڇڏي ٿو تہ بک جي صحيح صورتحال جي خبر نٿي پوي ۽ گهڻي بک لڳي ٿي. جڏھن گهڻو کاڌو کائجي ٿو تڏھن ليپٺو دماغ کي ٻڌائي ٿو تہ ھاڻ ڍئو آھي.

گهڻي بک جا سبب :-

پاڻي يا لوڻ جي کوٽ :-
گهڻن ماڻھن ۾ لوڻياٺ جي کوٽ پاتي وڃي ٿي جنھن جي ڪري انهن کي غذا جي ضرورت پوي ٿي. غذائي ماھرن مطابق جن ۾ لوڻياٺ جي کوٽ ھوندي آھي، اھي جيڪڏھن  وڌيڪ مقدار ۾ پاڻي پيئن تہ گهڻي بک لڳڻ جي شڪايت ختم ٿي سگهي ٿي.

ميون ۽ خشڪ ميون کان دوري :-
گهڻا ماڻھو ميوا کائڻ ٿا پر اھي ناسپتي ۽ صوف کان سوا ٻين خشڪ ميون کان پري رھن ٿا جنھن جي ڪري انهن جي غذائي ضرورتون اڻپوريون رھن ٿيون ۽ انهن کي ھر وقت بک لڳي ٿي.

تاندور Fiber جي کوٽ :-
ميون ۽ خشڪ ميون وانگر ڏارو ۔ ماني ۽ اھڙي طرح اناج مان ٺھيل شيون گهٽ استعمال جي ڪري ھر وقت بک جي شدت ڪر کڻي ٿي.

ھر وقت نمڪين شيون کائڻ :-
ڪافي ماڻھو ھر وقت چپس ۔ پاپڙ ۽ سلانٽي سميت ٻيون نمڪين شيون کائيندا رھن ٿا جيڪي بک وڌائڻ جا وڏا سبب ٿي سگهن ٿا.

جلدبازيء ۾ کائڻ :-
ڪي ماڻھو وقت جي کوٽ يا ڪم ۾ مصروفيت جي ڪري کاڌي کائڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا جنھن ڪري انهن جون غذائي ضرورتون پوريون نہ ٿيون ٿين ۽ اھي بک جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ بک گهڻي لڳي ٿي.

اي سي ۾ وڌيڪ ويھڻ :-
اي سي يقينن گرمين کان بچڻ جو سڀ کان بھترين طريقو آھي پر اتي وڌيڪ ويھڻ ڪري بک گهڻي لڳي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment