Friday 12 April 2019

ڪشمش Raisins |اصغر ساگر|

ڪشمش  Raisins |اصغر ساگر|
انگور کي خشڪ ڪري ڪشمش بنائي وڃي ٿي. ھن جي رنگت سونھري ۔ سائي يا سياھ ٿئي ٿي. ھي ميوو مزيدار ٿئي ٿو.انگورن جي خشڪ ميوي کي ڪشمش سڏيو وڃي ٿو. ماھر روزانو 10 داڻا ڪشمش کائڻ جو مشورو ڏين ٿا. ھي ميوو پوڙھائپ کي روڪي ٿو ۔ رت جي گردش ۾ بھتري آڻي ٿو ۽ ڏندن ۽ بڊن کي طاقت بخشي ٿو. نشاستو ھئڻ ڪري ڪشمش جسم کي توانائي ڏئي ٿي ۽ بي خوابي دور ڪري ٿي. ھن جي استعمال جا ڪيترائي فائدا آھن. ڪشمش اسان جي گهر ۾ ھر مٺي طعام ۾ پوي ٿي ڪسٽرڊ ھجي يا کيرڻي ۔ ملائي ھجي يا آئسڪريم سڀن جي زينت وڌائي ٿي.
ڪشمش ڏندن کي مضبوط ڪري ٿي ۽ انهن کي جيوڙن لڳڻ کان بچائي ٿي. ڪشمش جي استعمال سان اس جو اثر گهٽ ٿئي ٿو. ڪشمش ۾ فولاد موجود ٿئي ٿو جيڪو وارن کي سفيد ٿيڻ کان روڪي ٿو ۽ جسم ۾ معدنيات کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڪشمش جي کائڻ سان سونھن گهڻو وقت ھلي ٿي ۽ وار چمڪدار رھن ٿا.

ڪشمش جا فائدا :-

قبض کان نجات :-
تاندور سان ڀرپور ھئڻ ڪري ڪشمش ۾ ٽاٽڙ تيزاب شامل ٿئي ٿو جيڪو جلاب جھڙو اثر ڏيکاري ٿو. ھڪ تحقيق مطابق اڌ اونس ڪشمش جو روزانو استعمال ھاضمي جي نظام کي ٻيڻو بھتر ڪري ٿو.

رت جي کوٽ دور ڪندڙ :-
ڪشمش آئرن سان ڀرپور ميوو آھي جيڪو رت جي کوٽ دور ڪرڻ اھم ترين جز آھي. ڪشمش کي آساني سان ڏھي ۔ ڏاري ۽ يا ڪنھن ٻي شي ۾ وجهي سگهجي ٿو تہ بہ شڳر جي مريضن کي ھن ميوي کان پرھيز ڪرڻ کپي.

بخار کان تحفظ ڏيندڙ :-
ڪشمش وائرس روڪ ھئڻ سان گڏ تڪسيد روڪ آھي. وائرن Viruses ۽ جيوڙن Bacterias جي وچيڙ جي ڪري بخار جي عارضي جو علاج بہ فراھم ڪري ٿو.

معدي جي تيزابيت ختم ڪندڙ :-
پوٽيشم ۽ مئگنيشم ھئڻ ڪري ڪشمش معدي جي تيزابيت ۾ گهٽتائي آڻي ٿي. معدي جي تيزابيت وڌڻ سان جلدي مرض ۔ سنڌن جا مرض ۔ وارن جو ڪرڻ ۔ دل جا مرض ۽ ڪينسر تائين خطرو وڌي وڃي ٿو.


اکين جي صحت بھتر ڪندڙ :-
ڪشمش ۾ موجود جزا اکين کي نقصانڪار آزاد آڪسن جي پھچندڙ نقصانن کان تحفظ ڏين ٿا جڏھن تہ عمر جي وڌڻ سان ڏورن جي ڪمزوري ۔ موتيي ۽ گهٽ نظر کان بچائن ٿا. ھن ميوي ۾ موجود بيٽا گجرو ۽ گجرو نظر کي بھتر بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

توانائي وڌائيندڙ :-
نشاستي ۽ قدرتي کنڊ موجود ھئڻ ڪري ھي ميوو جسماني توانائي جي لاء بھترين ذريعو آھي. ڪشمش جو استعمال وٽامنن ۔ پروٽين ۽ ٻين جزن کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. انهي سبب ڪري ايٿليٽس ۽ باڊي بلڊر ڪشمش جو استعمال عام ڪن ٿا.

ننڊ ڏيندڙ :-
ڪشمش ۾ موجود فولاد بي خوابي ۽ بي آرامي کي ختم ڪري بھترين ننڊ جي معيار کي وڌائي ٿو.

رت جو داٻ ٺيڪ رکندڙ :-
ڪشمش ۾ موجود پوٽيشم ۔ بي وٽامن ۽ تڪسيد روڪ بي کي وڌڻ کان روڪن ٿا خاص ڪري پوٽيشم رت جي شريانين ۾ ڇڪ کي گهٽ ڪري ٿو. اھڙي طرح قدرتي تاندور شريانين جي آڪڙ کي ختم ڪري بي پي جي سطح کي پورو پنو ڪن ٿا.

ھڏيون مضبوط ڪندڙ :-
ڪشمش ۾ موجود ڪيلشم ھڏين جي صحت لاء فائديمند آھي جيڪو ھڏين کي مضبوطي ڏئي ٿو ۽ بڪين ۾ پٿري جي امڪان کي ختم ڪري ٿو. ھي ميوو پوٽيشم سان ڀرپور ھئڻ ڪري بڪين ۾ پٿري جي خطري کي گهٽائي ٿو.

پوڙھائپ روڪيندڙ :-
ڪشمش رت جي نظام کي بھتر بنائي ٿي جنھن ڪري وڌيل عمر جا ظاھر اثر رڪجي وڃن ٿا ۽ پوڙھائپ جي روڪ ٿئي ٿي

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment