Friday 12 April 2019

شادي کان پوء اولاد جي خواھش |اصغر ساگر|

شادي کان پوء اولاد جي خواھش |اصغر ساگر|

شادي جي ڪجھ عرصي کان پوء شادي شدھ جوڙن جي دل ۾ اولاد جي خواھش ڪر کڻي ٿي. شادي نئين زندگي ۽ تبديلين جو نالو آھي. باھمي زندگي ۾ جوڙي کي آسائشن کان علاوه اولاد جي وڏي طلب رھي ٿي پر کاڌي پيتي ۽ صحت جي صحيح معلومات جي ڄاڻ نہ ھئڻ ڪري مشڪلون سامهون اچن ٿيون. اسان جي سماج جو وڏي ۾ وڏو الميو اھو آھي تہ ماڻھن کي صحت جي ڄاڻ ناھي نتيجي طور خوشي ڀريون زندگيون مايوسين جي ور چڙھي وڃن ٿيون. صحت ۽ معلومات جي کوٽ جي ڪري گهڻيون عورتن کي ٻار نٿو ٿئي ۽ سڄي عمر اولاد لاء سڪنديون رھن ٿيون ۽ گڏ گڏ بيماري ۾ چڪنديون رھن ٿيون. اڳ گهرن ۾ سگهڙ عورتون پنھنجي ننھن کي مفيد مشورن سان آراستہ پيراستہ ڪنديون ھيون پر ھاڻي ڪال لڳو پيو آھي. اھي عورتون جيڪي اولاد جي طلب رکن ٿيون ۽ پاڻ کي صحتمند ڏسڻ چاھن ٿيون، انهن کي پنھنجي خوراڪ ۔ زندگي جي نموني ۾ احتياط ۽ توازن آڻڻ جي ضرورت آھي. ھيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان ڪافي اولاد جي عمل ۾ ڪافي مدد ملي سگهي ٿي.

چانھن يا ڪيفين جو وڌيڪ استعمال :-
توھان کي چانھن جي پيالي ڇڏڻ جي ضرورت ناھي پر جيڪڏھن توھان 2 سو ملي گرام کان وڌيڪ ڪيفين استعمال ڪري رھيا آھيو تہ احتياط جي ضرورت آھي. 2 سو گرامن جو مطلب آھي تہ ھڪ ڏينھن ۾ ھڪ کان 2 اونس ڪوپ. جسم ۾ ڪيفين جي گهڻائي ٻار ٿيڻ جي عمل ۾ ڏکيائي پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ عورت جي زندگي تي منفي اثر پون ٿا. ڪيفين جي وڌيڪ استعمال سان جسم ۾ فولاد جذب ڪرڻ واري صلاحيت گهٽ ٿي وڃي ٿي ۔ پاڻي جي گهثتائي ٿي وڃي ٿي ۽ ٻار ڪرڻ يا ٻار نہ پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌي وڃن ٿا.

ٿولھ جو وڌڻ يا وزن جو ڪرڻ :-
وزن وڌڻ ۽ وزن گهٽ ٿيڻ سان اولاد نہ ٿيڻ جا امڪان وڌن ٿا ان ڪري بي ايم آئي باڊي ماس انڊيڪس ضرور ڪرائجي. بي ايم آئي سان توھان کي معلوم ٿيندو تہ توھان جي قد جي حساب سان توھان جو وزن ڪيترو وڌيڪ يا گهٽ آھي. جيڪڏھن توھان جو بي ايم آئي 30 کان وڌيڪ آھي يا 18.5 کان گهٽ آھي تہ عورت کي ڪپڙا گهٽ يا وڌيڪ اچي سگهن ٿا. ٿولھ جي ڪري شڳر ۔ اولاد نہ ٿيڻ ۽ بي پي ٿيڻ جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا.

سبزين جو استعمال :-
سبزين جو استعمال اولاد جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ جڏھن تہ بيدن ۔ گوشت ۽ چڻن جو گهڻو استعمال اولاد جھڙي نعمت کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. اھي سبزيون جن ۾ فولڪ ايسڊ گهڻو ٿئي ٿو جيئن پالڪ جي استعمال جي سان اولاد جا ڪثير امڪان رھن ٿا ۽ ساوين سبزين ۾ وٽامن بي گهڻي ٿئي ٿي جنھن ڪري عورت جي صحت بھتر رھي ٿي.

حرڪت ۾ برڪت :-
ھر وقت گهر ۾ ويھي رھڻ عورت لاء نقصانڪار آھي. ھڪ تحقيق مطابق عورت کي پوري پني نموني گهر ۾ ھلندو رھڻ ۽ ڪم ڪندو رھڻ واري عمل کي اپنائڻ کپي پر جيڪڏھن حيض گهٽ يا وڌ يا ڪا ٻي تڪليف ھجي ان جو مطلب ورزش گهٽ ڪجي ۔ گهٽ ھلجي ۽ گهٽ ڪم ڪجي.

مڇي کائڻ ۾ احتياط :-
جيڪي عورتون اولاد جي طلب رکن ٿيون، انهن کي مڇي جي استعمال جي روڪ ڪرڻ کپي ڇوجو مڇي ۾ پاري جي سطح وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ مڇي وارو پارو عورت ۾ توليدي صلاحيت ۾ نقص وجهي ٿو. ان کان سوا مڇي جي کائڻ جي ڪري پارو سال کان وڌيڪ عرصي تائين جسم ۾ رھي ٿو يا اھو پارو ٻار جي پيدا ٿيڻ جي عمل ۾ رڪاوٽون وجهي ٿو. ڀلا جيڪڏھن مڇي کائڻ جو شوق آھي تہ جهينگو يا سرمئي مڇي کائي سگهجي ٿي.

پرسڪون رھڻ جي ڪوشش ڪرڻ :-
عورتن کي ڳڻتي ۔ ذھني مونجھ يا اختلافن کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ ساڳي ڳالھ مڙس کي بہ اپنائڻ کپي ڇو جو ٿوري اڻبڻت يا پريشاني جي ڪري عورت جي توليدي نظام تي ناڪارا اثر پون ٿا. ڳڻتي يا ذھني مونجھ ھجڻ جو مطلب عورت پاڻ کي بي اولاد ٿيڻ طرف وڌائي رھي آھي ۽ صحت کي بگيڙڻ طرف ڌڪي رھي آھي. اھڙي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

پٽاٽا کائڻ :-
جڏھن توھان ٻھراڙي ۾ ڪنھن جي گهر جو در کڙڪائيندا تہ در کلڻ شرط ٻارن جي لانڍ نڪرندي ۽ ھر گهر ٻارن جي نعمت جو ھن نموني اظھار ڪندو. سبب صرف ھي آھي جو ٻھراڙي جو ماڻھو غريب ھئڻ ڪري پٽاٽن مان ٺھندڙ شيون گهڻيون کائي ٿو ۽ گوشت گهٽ کائي ٿو نتيجي طور ماڻهن کي جلدي اولاد ٿيو وڃي ڇوجو پٽاٽي ۾ موجود پوٽيشم عورت ۾ اولاد جي امڪانن کي وڌائي ٿو.

گهڻو پروٽين کائڻ کان پرھيز ڪرڻ :-
جيڪي گهر روز گوشت يا بيدي جو واھپو ڪن ٿا، اتي اولاد نہ پيدا ٿيڻ جا امڪان رھن ٿا ڇوجو گهڻي گوشت کائڻ سان رڳن مان لچڪ ختم ٿي وڃي ٿي ۽ رڳون سخت ٿي وڃن ٿيون ۽ عورتون اولاد لاء سڪن ٿيون.

ڪيلو کائڻ :-
جنھن گهر اولاد نہ ٿئي انهي جوڙي کي کپي تہ روز ٻہ ڪيلا صبح شام کائي ۽ گوشت ۔ مڇي ۔ چڻي ۽ بيدي کان پرھيز ڪري ۽ پٽاٽن جي ڀاڄي روز کائي تہ اھو گهر اولاد جھڙي نعمت سان مالا مال ٿي سگهي ٿو ڇوجو پٽاٽو ۽ ڪيلو ٻئي پوٽيشم رکن ٿا.

احتياط :-
وڏ پروٽين شين جيئن گوشت ۔ مڇي ۔ چڻي ۽ بيدن کان پرھيز ڪرڻ کپي.
پوٽيشم واريون شيون جيئن پٽاٽو ۽ ڪيلو وغيرھ کائڻ کپي.
ٿولھ کي وڌڻ نہ ڏجي.
گهر ۾ ھلڻ ڦرڻ ۽ ڪم ڪرڻ جاري رکجي جيئن حرارا ڳرندا رھن ۽ ٿولھ نہ ٿئي.
چرٻيل گھن کان پاسو ڪجي.
جيڪڏھن مرد کي جريان يا عورت کي ليڪوريا يا ٻنهي کي سوزاڪ ھجي جلدي علاج ڪرائجي نہ تہ اولاد جي محرومي کي ڏسڻو پوندو.
رات جو گهڻي جاڳڻ کان پاسو ڪجي.
گرم مسالن کان پرھيز ڪجي ڇوجو گرم مسالن ۾ ڪيميائي مادا پون ٿا نتيجي جسم جو نظام بگڙي وڃي ٿو.
صبح جو نيراني پاڻي نہ پيئجي ڇوجو انهي عمل سان مرد کي جريان ٿي وڃي ٿو.
نر ٻار پيدا ڪرڻ وارا جزا مرد ۾ آھن جيڪڏھن نر ٻار نٿو ٿئي ان جو ذميوار مرد آھي نڪي عورت آھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment