Wednesday 12 June 2019

رات جو روشني ۾ سمهڻ نقصانڪار آھي!!! 💎اصغر ساگر💎

طب جي ماھرن مطابق رات جو اوندھ ۾ سمهڻ فائديمند آھي. جيڪي ماڻھو رات جو ڪمري ۾ ھلڪي روشني ۾ سمهڻ جا عادي ھوندا آھن. اھي رات جو بي چيني جي عالم ۾ ننڊ پوري ڪن ٿا ۽ ڏينھن جو انهن جي ڪم ۾ ترتيب نٿي رھي. اھڙي طرح رات جو ٽي وي ھلندي دوران سمھڻ ۾ بي سڪوني واري ڪيفيت وڌي ٿي.
ماھرن مطابق رات جو ننڊ دوران روشني صحت تي ناڪاري اثر ڇڏي ٿي. اھڙا ماڻھو ڏينھن جو اداس نظر اچن ٿا. تحقيق ۾ ھي ڳالھ بہ سامهون آئي آھي تہ رات جو صنعتن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ماڻھو مختلف عارضن سان ٻہ چار ٿين ٿا.
عام طور تي خيال ڪيو وڃي ٿو رات جو سمهڻ وقت روشني ننڊ ۾ خلل وجهي ٿي. بلڪل سچ آھي. ڪمري ۾ موجود روشنيون مختلف عارضن ۾ مبتلا ڪري سگهن ٿيون جيئن شڳر ۔ مونجھ ۽ ڪينسر.
روشني جي موجودگي مثال بلبن يا راڊن جي روشني ۽ برقي آلن مثال ڪمپيوٽر ۔ ليپ ٽاپ ۽ موب وغيرھ جي روشني اسان جي جسم جي قدرتي حياتياتي گهڙيال ۾ گڙٻڙ پيدا ڪري ڇڏي ٿي جنھن جي ڪري جسماني ھارمون گهرڙبدليت ۾ تبديليون اچي وڃن ٿيون ۽ نتيجو بيمارين جي صورت ۾ نڪري ٿو.
 رات جو سمهڻ سان روشني جا شعاع اک تي اثرانداز ٿي دل کي متاثر ڪن ٿا ۽ عورت کي ڪينسر ۾ مبتلا ڪن ٿا. اوندھ ۾ سمهڻ اکين ۽ جسم جو مراقبو آھي جنھن ۾ ٻيئي تازا توانا ٿي وڃن ٿا ۽ جسم ۾ چستي ڦڙتي رھي ٿي. ان ڪري رات جو سمهڻ وقت ماڻهو ڪمري ۾ ھجي يا آڳند ۾ بلب وسائي پوء سمهي ۽ پرسڪون ننڊ ماڻي ۽ بيمارين کان پري رھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment