Tuesday 26 November 2019

ڳوڙھا ۽ سائنس Tears and Science 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ٻار روئڻ لڳو مگر ماء ڌيان نہ ڌريو. ٻار جذبات ۾ رانڀاٽ شروع ڪيا، ماء ڊوڙندي اچي ھن کي ڳلي لڳايو. ڳلي لڳڻ شرط ٻار جو احتجاج ماٺو ٿي ويو ۽ کيس ننڊ اچي وئي پر ڪجھ دير تائين ڳوڙھا ھليا.
ھي روئڻ ۔ ھي ڳوڙھا ڳاڙڻ فطرت جي نشاندھي ڪن ٿا جيڪي ڪائنات ۾ معصوم روپ سروپ سان موجود آھن. ڪڪرن جو اڀ تي مڙڻ ۔ سارنگ جو ساٺ ڪرڻ ۔ پياسي ڌرتي کي پلر جي پالوٽ ڏيڻ ۽ ڌرتي تي سرسبز شادابي اچڻ ۔ ارزان ان ٿيڻ ۽ سنگهارن لاء سک ٿيڻ ھي سڀ ڪيفيتون فطرت جي زرخيز ھجڻ اشارو ڪن ٿيون.
سارنگ   سار   لَڌِي
آگَميا           اَبَر

سَڄو سُونھن ٿَر
چُميو چُم مَلِير کي.
”اصغر ساگر“

محبوب جو رسڻ ۔ عاشق جو تڙپڻ ۔ حيلا وسيلا ھلائڻ ۔ ايلاز منٿون ڪرڻ ۔ ڪوبہ وس نہ ڇڏڻ ۔ فطرت اھو عشق انسان جي جيء سان جڙي ڇڏيو. محبت ۾ پاڻ کي ڪنھن سان منسوب ٿيڻ ۽ ان کان ڌار ٿيڻ دردن جو اڻ کٽ سلسلو جنھن ۾ ڳوڙھا ڳاڙڻا پون ٿا ۔ راتو ڏينھن روئجي ٿو ۽ ريجهائڻ لاء ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.
روئڻ سان جي ريجهن تہ راتو ڏينھن روئان
لاڙي لڙڪ اکين مان    پيرين   ھوند   پوان
ڌرتي سڀ ڌوئان  لڙڪن سان  لطيف چوي.
”شاھ لطيف“

ڳوڙھا جتي عاشق پنھنجي جاني جي جدائي کي ظاھر ڪن ٿا، اتي پڇتاء وارا ڳوڙھا اکين ۾ ڪر کڻن ٿا ۽ روئندي پاڻ تي ملامت کڻڻي پوي ٿي. اتي ساڳي ھنڌ گوتم ٻڌ جو مرندي ڪامل مراقبو نظر اچي ٿو ۽ موت جي ڪابہ فلڪ سندس منھن تي نظر نٿي اچي، مرڻ وقت بہ گوتم ٻڌ ڌيان ۽ گيان ۾ رھيو.
ڌِيان       گِيان       مُراقبو
سوچُون سُونھن سُرڪ

سَدا      کيڏِي     مُرڪ
گوتَم   تُنھنجي   لَبن   تي.
”اصغر ساگر“
ھندوستان ۾ ذات پات واري اونداهي نظام کي للڪاريندڙ ۽ ٻڌمت جو باني - انسانيت جي پرچار ڪندڙ - انساني محبت ۾ يقين رکندڙ ۽ مذھبن جي متڀيد کان مٿانھون سوچيندڙ سڌارٿ عرف گوتم ٻڌ جنھن کي کي کنڀيون  ڏاڍيون وڻنديون هيون. سندس هڪ پيروڪار کنڀيون پچائي سندس خدمت ۾ پيش ڪيون ۔
 اتفاقاً ان ۾ زهريليون کنڀيون بہ شامل ٿي ويون ، جيڪي گوتم ٻڌ کاڌيون ۔ ان کان پوءِ سندس طبيعت ناساز ٿيڻ لڳي.  هاڻي سندس پوئلڳ کي پنھنجي غلطي ۽ لاپرواهي تي پشيماني ۽ شرمندگي ٿيڻ لڳي. پوئلڳ  زارو زار روئڻ لڳو ۽ گوتم ٻڌ کان معافي گهرڻ لڳو.
مھاتما ٻڌ، جيڪو حد درجي جو رحمدل هو ، تنهن ھن ڳالھ کي ليکي ۾ نہ آندو - گوتم ٻڌ ھن سان اھڙي نموني ڳالهايو ڄڻ تہ ڪجھ ٿيو ئي نہ ھجي ۽ اطمينان سان کيس چوڻ لڳو :
"ڪا ڳالھ ناهي منهنجا دوست ! کاڌو واقعي مزيدار هو ۔ "

موت جو ڊِڄ نَہ مُنھن تي
نَظَر   نَڪو   نِراس

مُراقِبو      قائِم      يَڪو
ساڳا سَڀ اِحساس

کُنڀيُن  جو سَواس
پڇ    مرندي   گوتم  کان.
”اصغر ساگر“
اهڙي طرح ان زهر جي اثر سبب  483 ق۔م ۾ هن عظيم اڳواڻ جي وفات جو واقعو پيش آيو.
ڪن ڪن عاشقن دلپشوري طور بہ عشق ڪيو آھي ۽ يادن ۾ حوالي طور ناٽڪ نموني ڳاڙيا آھن. انهن ناٽڪ وارن ڳوڙھن کي بہ اسان جذباتي ڳوڙھا چونداسين.
ھڪ دفعي جوش مليح آبادي پنھنجي گهر ۾ ڪجھ بي تڪلف دوستن سان پنھنجي محبوبائن جو ذڪر ڪري رھيو ھو. ذڪر ڪندي ڪندي ھو ايترو جذباتي ٿي ويو جو ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ايتري ۾ ھن جي گهر واري ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ جوش کي روئندو ڏسي روئڻ جو سبب پڇيو
جوش صاحب ورندي ڏني
”بس ٿورو اڳ امان ياد اچي وئي ھئي.“

ڳوڙھا وھائڻ جتي مرد جي جذبن جي اظھار ظاھر ڪن ٿا، اتي عورت جي معصومپائپ کي نمايان ڪن ٿا پر ڪڏھن ڪن جا ڳوڙھا مانگر مڇ جي ڳوڙھن وانگر لڳندا آھن. عام جائزي مطابق مرد سال ۾ ڏھ ڀيرا ڳوڙھا وھائي ٿو تہ عورتون سال ۾ 50 ڀيرا روئن ٿيون. اکين ۾ ڳوڙھن جا خاص غدود نير غدود  Lacrimal glands ٿين ٿا جتان ڳوڙھا وھي نڪرن ٿا. ڳوڙھن جي مربوط نظام کي نيري سرشتو Lacrimal system چئبو آھي جيڪي اک ۾ ڳوڙھا پيدا ڪن ٿا ۽ ان کي ٻاھر خارج ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿا. جيڪي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ سان نڪرن ٿا، اھي انهن ڳوڙھن کان مختلف ٿين ٿا جيڪي عام طور تي مٽي پوڻ ۔ بصر ڪٽڻ جي خارج ٿيل گئس جي اثر جي ڪري خارج ٿين ٿا. اھي خارج ٿيندڙ ڳوڙھا ان گئس جي ڪري ٿين ٿا جيڪا بصر جي گهرڙن ۾ موجود گنڌو تيزاب sulfenic acid ۽ خاص خامري لسڻ  Alliinase جي ميلاپ سان گنڌڪ گئس Sulphur gas جڙي ٿي جنھن کي نيرڪار جزي ترڪيب  Lachrymatory-factor synthase  سڏيو وڃي ٿو جنھن سان بصر پاڻ تي حملو ڪندڙ خردوبا  Microbes ۔ جنگلي جانورن ۽ اسان کي رلائڻ لاء استعمال ڪن ٿا. گئس جي حالت ۾ گنڌڪ يا ٻئي ڪنھن جز جي ڪري اکين کي اھا تڪليف اچي ٿي جنھن کي توھان غير جذباتي چئي سگهو ٿا.
نير غدود  Lacrimal gland اکين جي پنبڻين ھيٺان ٿورو مٿان واقع ٿين ٿا ۽ پنبڻين جهپٽڻ سان ڳوڙھا اک جي سطح تي اچن ٿا ۽ پوء ناسي نالين Lacrimal punctum ذريعي نڪ ۾ لھي اچن ٿا. جيڪڏھن ڳوڙھن جو وھڪرو وڌيڪ آھي تہ ناسي ناليون ڳوڙھن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ ڳوڙھا اک تان ڇلڪي ڳلن تي قطرن جي صورت ۾ ٽم ٽم ٽمڪن ٿا.
اکين ۾ پوسل قائم رکڻ لاء ڳوڙھا ڪيترن نموني مفيد ٿين ٿا ۽ ھي لڳاتار جڙندا رھن ٿا. ھر سال اکين مان 15 کان 30 گيلن ڳوڙھا خارج ٿين ٿا. ڳوڙھن ۾ چرٻا Lipids ۔ پروٽين Protein ۔ تابڪارا Electrolyte ۽ لوڻياٺ موجود ٿين ٿا جيڪي اکين کي جيوڙن ۽ وائرن کان تحفظ ڏيڻ سان ٻين فائدن سان ھمڪنار ڪن ٿا. ڳوڙھن کي سائنسدانن ٽن قسمن ۾ ورھايو آھي.

(1) Psychic tears
جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:

(2) Basal tears
اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:

(3) Reflex tears
عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا:

(1) Psychic tears
جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:-
اھي وڏي جذبات جي ڪري رونما ٿين ٿا. ھي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ ۔ ڏک درد ۔ جسماني تڪليف يا غم خوشي جي ڪري نڪري اچن ٿا. جذباتي ڳوڙھن مان قدرتي طور تي ھڪ ھارمون لڪانتو Leu-enkephalin خارج ٿئي ٿو جيڪو درد جي شدت گهٽ يا ختم ڪري ٿو جنھن جي ڪري ڏک غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ توھان پاڻ کي ھلڪو محسوس ڪيو ٿا. روئڻ دوران دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي ۔ ساھ جي رفتار گهٽ ٿيڻ سان پگهر اچڻ لڳي ٿو ۔ ھڏڪيون پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ۔ ڳوڙھن جي نڪ ۾ زڪام پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ ائين ڳلو وٺجي وڃي ٿو.

2) Basal tears
اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:-
ھي ڳوڙھا اکين کي ھر وقت تر رکن ٿا ۽ خشڪ ٿيڻ نٿا ڏين ۽ جراثيمن کان بچائن ٿا.

(3) Reflex tears
عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا ۔ اضطراري ڳوڙھا:
ھي ڳوڙھا پوتلي Cornea جي صفا رکڻ لاء جڙيل آھن. ھي ڳوڙھا اکين کي ڌوڙ ۔ دونھين يا بصر مان نڪرندڙ گئس يا ٻي ماحول جي ناسازگاري تي اچن ٿا.
 ابھم ٻارن جي روئڻ کي جذبات جو اظھار نٿو سمجهيو وڃي پر والدين تائين ڳالھ پھچائڻ ۽ مڃرائڻ جو نمونو آھي جنھن بھاني سان ھن کي ٿيڻ واري تڪليف کان نجات ملي ٿي. ننڍي ٻار جي روئڻ کي جسماني درد ۔ بک لڳڻ ۔ ڊڄي وڃڻ ۽ ڪنھن ڳالھ تي غصو اچڻ يا ڳالھ مڃرائڻ ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو جڏھن تہ وڏي ٿيڻ سان اھي انداز ٻيو نمونو اختيار ڪن ٿا. جذبات ۾ رلائڻ جو ذميدار دماغ جو پنھنجو سرشتو انگڪار سرشتو Limbic system آھي جنھن ۾ جذبن کي اڀارڻ يا قابو ڪرڻ جو ذميدار ھڪ مخصوص حصو مغزوٽو Hypothalamus آھي جيڪو ٻيا اھم ڪم سرانجام ڏئي ٿو. ھي دماغ جي خودڪار اعصابي نظام جنھن تي توھان جو قابو ناھي، ان سان جڙيل ٿئي ٿو. اھو ھڪ ڳوڙھن وھائڻ واي نظام اعصابي نفوذي تنتابي (تنتي لعابو) Acetylcholine جي ذريعي نيريت Lacrimal system کي ضابطي ۾ رکي ٿو. ھن ھي اعصابي نفوذي جي تحريڪ ذريعي ڳوڙھن جي برسات شروع ٿئي ٿي.
سادي نموني اعصابي نظام غم ۽ خوشي ۽ ڏک ۽ درد کان متاثر ٿئي ٿو ۽ پوء ھي ڳوڙھن جي بھاني سان ڳوڙھن جي نظام کي حڪم جاري ڪري ٿو. ڳوڙھن ۾ ھر قسم جا خامرا ۔ چرٻا ۔ تابڪارا ۔ پاڻي ۽ نامياتي مرڪب ٿين ٿا. ڳوڙھن تي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن ڳوڙھن جي فلم Tear film جي جي درجابندي کي ٽن تھن Layers ۾ ورھايو آھي.

(1) Oil layer = Lipid layer
تيلي تھ ۔ چرٻ تھ ۔ تيلي استر ۔ چرٻ استر

(2) Water layer = Aqueous layer
آبي تھ ۔ رطوبتي تھ ۔ آبي استر ۔ رطوبتي استر

(3) Mucin layer = Mucous layer
بلغمي تھ ۔ لعابي تھ ۔ بلغمي استر ۔ لعابي استر
اھي ٽئي تھ اسان جي اکين جي صحت برقرار رکڻ ۽ ڇوت ختم ڪرڻ لاء گڏجي ڪم ڪن ٿا. ڳوڙھن جا آبي پرت پروٽين ۔ پاڻي ۽ تابڪارن تي مشتمل ٿين ٿا جڏھن تہ ٻاھريون پرت جنھن کي  Oily layer سڏيو وڃي ٿو ان ۾ ڪيترن قسمن جا چرٻا پاتا وڃن ٿا. ٽيون اندروني پرت Mucin layer آھي. ڪجھ سائنسدانن جو خيال آھي تہ جذباتي ڳوڙھن ۾ ڪجھ اھڙا پروٽين ۽ حرڪيرا Hormone پاتا وڃن ٿا جيڪي ٻين قسمن جي ڳوڙھن ۾ پاتا نٿا وڃن جن ۾ چوکيرو Prolactin حرڪيرو ۔ لڪانتو Leu-enkephalin سان گڏ پوٽيشم ۽ معدنيات Manganese شامل آھن. 
اسان کي اھا ڳالھ بہ سمجهڻ کپي تہ جذبات ۾ روئڻ دماغ جي حڪمت عملي آھي جنھن سان وڌيڪ پھتل تڪليف ۔ غم ۔ خوشي جيڪا دماغ کي نقصان پھچائي ٿي ان کي روئڻ زائل ڪري ٿو ۽ ٻيھر جسم جان ۾ توازن قائم ڪري ٿو.

ڳوڙھا صحت لاء ضروري:-
دريا خان سنڌي روئڻ جي اھميت کي اجاڳر ڪندي لکي ٿو
” روئڻ انساني صحت لاءِ ضروري ۽ فائديمند آهي. انهيءَ لاءِ مرد، عورت، ٻار ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن کي هفتي ۾ هڪ دفعو لازم روئڻ گهرجي. روئڻ سان نفسياتي دٻاءۡ ۽  ٿڪاوٽ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. روئڻ وارو ماڻهو روئڻ کان پوءِ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو. سمهڻ، آرام وٺڻ ۽ هڪ ڪپ چانھن پيئڻ کان سٺو آهي تہ ھفتي ۾ هڪ دفعو روئي وٺجي. روئڻ سان زندگيءَ کي سٺو بنائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ روئڻ جي ڪوشش جي دوران اکين مان ڳوڙها جو اچڻ بہ لازمي آهي. جاپان ۾ هڪ ماڻهو ھيڊ ڦومي يوشيدافي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪو روائڻ جو ماهر آهي. اهو ماڻهن کي روئڻ جا طريقا سيکارڻ سان گڏوگڏ ان جي فائدي تي بہ ليڪچر ڏئي ٿو ۽ پنھنجي شاگردن کي اکين مان ڳوڙها ڳاڙڻ جا طريقا سيکاري ٿو. ھن جو جو چوڻ آهي تہ گانا ٻڌڻ، دردن ڀريون فلمون ڏسڻ ۽ ڪھاڻيون پڙهڻ سڀ معمول مطابق زندگيءَ جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون پر هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو روئڻ پرسڪون زندگيءَ ۽ پاڻ کي نفسياتي دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ ڪافي آهي.“

روئڻ جا فائدا:-
اسان جي معاشري ۾ روئندڙ کي ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري کي جتي روئڻو پوي ٿو اتي اھي نٿا روئن. ھڪ تحقيق مطابق پاڪستان ۾ عورتون مھيني ۾ 5 يا 7 دفعا روئن ٿيون جڏھن تہ مرد مھيني ۾ ھڪ دفعو روئن ٿا. 5 اھڙيون بيماريون آھن جيڪي روئڻ سان ختم ٿين ٿيون. ان ڪري جيڪڏھن ڪنھن کي اھڙي بيماري آھي اھو روئي ان بيماري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو اھي بيماريون ھي آھن.

(1) ڇڪتاڻ ۽ مونجھ:
ھڪ نئين تحقيق مطابق روئڻ سان مونجھ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو فرحت محسوس ڪري ٿو. ماھرن مطابق روئڻ سان ٿوري ديرکان پوءِ ذھني مونجھ موڪلائي وڃي ٿي جنھن سان گھري ننڊ اچي ٿي. طبي سائنس مطابق روئڻ سان پراسمپٿيٽڪ سرشتو بيدار ٿي وڃي ٿو ۽ ھي تنتي سرشتو دماغ کي پرسڪون ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

(2) رت جو دٻاءُ:
رت جو دٻاءُ خطرناڪ بيماري ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري دل جو دورو - بڪيون ختم ۽ فالج جھڙيون خطرناڪ بيماريون اچي وڃن ٿيون. ماھرن مطابق روئڻ سان رت جو دٻاء پورو پنو ٿي وڃي ٿو ۽ دل جون ڌڙڪنون قابو ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ ٺيڪ ٿي وڃن ٿيون.

(3) فاضل مادا خارج ٿين ٿا:
روئڻ سان اکين جي صفائي ٿئي ٿي ۽ مير نڪري وڃي ٿو. روئڻ سان گڏ بيڪار مادا خارج ٿين ٿا جيڪي ڇڪتاڻ دوران وڌن ٿا ۽ اسان جي جسم جي ڪورٽيسول حد ٺيڪ ٿي وڃي ٿي. ڪورٽيسول ھڪ ھارمون آھي جنھن جي وڌڻَسان ذھني مونجھ وڌي ٿي.

(4) موڊ تبديل ٿئي ٿو.
غصي ۽ پريشاني جي دوران مزاج ناگوار ٿي ويندو آھي ۽ روئڻ سان مينگانيز جي تعداد وڌيڪ خارج ٿئي ٿي جنھن ڪري اھا مزاج کي متاثر ڪري ٿي ۽ جڏھن اھا خارج ٿئي ٿي تہ اسان جو مزاج خوشگوار ٿي وڃي ٿو ۽ سڪون جي ننڊ اچي ٿي.

(5) درد جو خاتمو:
جسماني درد جي صورت ۾ روئڻ سان تڪليف گهٽ ٿئي ٿي اھڙي طرح شديد غم جي صورت ۾ روئڻ سان غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ دماغي ڇڪتاڻ ختم ٿي وڃي ٿي.
ماھرن جو چوڻ آھي تہ روئڻ سان ڳوڙھن سان گڏ جسم مان اھڙا ڪيميائي مادا خارج ٿين ٿا جيڪي جسماني دردن کي گهٽ ڪن ٿا ۽ غم جي احساس کي ميسارين ٿا.

Friday 15 November 2019

تَنتو - تَنتِيو Neuron 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
تَنتو (جنھن کي تنتيو يا تنتي گهرڙو پڻ سڏجي ٿو) اھو ھڪ گهرڙو آھي جيڪو برقي ڇڪون کڻي ھلي ٿو. تَنتا بنيادي ( ڪارجي ۽ جوڙجڪي) ايڪا آھن. ھر ھڪ تنتو گهرڙي جسم ( جنھن کي تَناتو يا جِياگهو پڻ سڏجي ٿو ) ۔ نَراخن ۽ جياگهي جو ٺھيل آھي. نَراخا ۽ تَناتا تنتي تاندورا آھن.
A neuron (also called neurone or nerve cell) is a cell that carries electrical impulses. Neurons are the basic (functional & structural) units of our nervous system. Every neuron is made of a cell body (also called soma or cyton), dendrites and an axon. Dendrites and axons are nerve fibers.

Neuron ۔ Neurone ۔ Nerve cell
تَنتو ۔ تَنتِيو ۔ تنتي گهرڙو

Neuron  تَنتو
تَنتِيو    Neurone

Nerve cell  تنتي گهرڙو

برقي ڇڪون  Electrical impulses

Functional  ڪارجي

جوڙجڪي  Structural

Units  ايڪا
تنتي سرشتو   Nervous system

Cell body  گهرڙي جسم

جُسو ۔ تَنو  Soma

Cyton  جِياگهو ۔ جِيوگهو

Dendrites ۔ Dendrons
نَراخا ۔ تَنتاخا ۔ نَرشاخا ۔ تَنت شاخا ۔ نَري جون شاخون ۔ تنتي گهرڙي جون شاخون

Thursday 14 November 2019

نِرَنگي ۔ نِرعَڪسي Retina 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِرَنگي حس جهلي آھي جيڪا اک بال جي پويان اندريين تھ ۾ ليڪ ڌارائون ڪڍي ٿي. اھا ڪيترن تھن تي مرتب ٿئي ٿي ھر ھڪ خاص گهرڙن تي مشتمل ٿئي ٿي جن کي فوٽوگرافر سڏبو آھي. نِرَنگي روشني حاصل ڪري ٿي جنھن تي بلور مرڪوز ٿيل ھوندو آھي ۔ روشني کي تنتي اشارن ۾ تبديل ڪري ٿي ۽ انهن اشارن کي عڪسي سڃاڻپ لاء دماغ ڏي موڪلي ٿي.
The retina is the sensory membrane and thin layer that lines the inner surface of the back of the eyeball. It's composed of several layers, including one that contains specialized cells called photoreceptors. It is located near the optic nerve. Retina receives light that the lens has focused, converts the light into neural signals, and sends these signals on to the brain for visual recognition.

Retina
نِرَنگِي - نِرُوپي - نِرحَس ۔ نِرجوتِي - حَس جهلي - نِرعڪسي - نِرڌار

حس جهلي Sensory membrane

Inner surface  اندريون تھ

مرتب ھجڻ ۔ مرتب ٿيڻ  To be composed

Specialized cells  خاص گهرڙا

 Photoreceptor - Photoreceptor cell
عَڪسُول - عَڪسُولو - عڪس وُصُولو - عَڪسول گهرڙو - عَڪسُولو گهرڙو - عَڪس وُصُولو گهرڙو - عَڪس وٺندڙ گهرڙو

To be located  واقع ھجڻ ۔ واقع ٿيڻ

نظري تنت ۔ بصري تنت Optic nerve

To be focused مرڪوز ٿيڻ ۔ مرڪوز ھجڻ

اعصابي اشارا ۔ تنتي اشارا Neural signals

Visual recognition  عڪسي سڃاڻپ

اَکاڇو - اَکاڇ Sclera 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اَکاڇو اک جو اڇو حصو آھي جيڪو پوتلي جي آسپاس آھي. درحقيقت، اَکاڇ اک بال جي تھ ايراضي جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ جوڙجڪ ڪري ٿو جيڪو پوتلي کان نُوري تنت جي سموري رستي تائين پکڙيل آھي جيڪو اک جي پ جو وجود رکي ٿو. صرف اکاڇي جي اڳئين حصي جو ننڍو حصو نظر اچي ٿو.
The sclera is the white part of the eye that surrounds the cornea. In fact, the sclera forms more than 80 percent of the surface area of the eyeball, extending from the cornea all the way to the optic nerve, which exits the back of the eye. Only a small portion of the anterior sclera is visible.

Sclera = The white of the eye
اَکاڇو ۔ اکاڇ ۔ اک اڇ ۔ اک جو اڇو حصو

Cornea
پوتلي ۔ پوت ۔ نِرمِلي ۔ نِروتِي - نِروجِهي - اک جي نرت جو شفاف حصو

Eyeball  اک بال

نُوري تنت - بَصري تنت - نظري تنت Optic nerve

Small portion  ننڍو حصو

اکاڇي جو اڳيون حصو Anterior sclera

Visible ڏسڻ جوڳو

Wednesday 13 November 2019

ڳوڙھن جا نمونا Types of tears 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
There are three different types of tears.
ڳوڙھن جا ٽي مختلف قسم آھن.

(1) Psychic tears
جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:

They are caused by extreme emotions.
اھي وڏي جذبات جي ڪري رونما ٿين ٿا.

(2) Basal tears
اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:

They are made to keep the cornea lubricated.
اھي پوتلي Cornea جي صفا رکڻ لاء جڙيل آھن.

(3) Reflex tears
عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا:

They come out in response to something else.
اھي ڪنھن ٻي شي جي موٽ ۾ نڪرن ٿا.

ڳوڙھن جي فلم جا نمونا Layers of the tear film 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اسان جي ڳوڙھن جي فلم ٽن تھن جي ٺھيل آھن.
Our tear film is made up of three layers.

(1) Oil layer = Lipid layer
تيلي تھ ۔ چرٻ تھ ۔ تيلي استر ۔ چرٻ استر

(2) Water layer = Aqueous layer
آبي تھ ۔ رطوبتي تھ ۔ آبي استر ۔ رطوبتي استر

(3) Mucin layer = Mucous layer
بلغمي تھ ۔ لعابي تھ ۔ بلغمي استر ۔ لعابي استر

اھي ٽئي پرت اسان جي اکين جي صحت برقرار رکڻ ۽ ڇوت ختم ڪرڻ لاء گڏجي ڪم ڪن ٿا.
These three layers work together to help maintain the health of our eyes and ward off infection.

Saturday 9 November 2019

خامرو Enzyme 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
خامرا پروٽينن جي عمارت جي بنيادن مان آھن ۽ ھر جاندار جي گهرڙن ۾ پاتا ويندڙ سڀ کان عام ۽ ڪثير مقدار جا وڏا ماليڪيول دراصل پروٽين ئي آھن. پروٽين امينو تيزاب ماليڪيولن سان ملي شڪل پائن ٿا ۽ امينو تيزاب ۔ ڪاربان ۔ ھيڊروجن ۔ نائٽروجن ۽ گنڌڪ جھڙن عنصرن سان ملي جڙن ٿا. امينو تيزابن جي تعداد ڏسجي تہ 20 آھي پر مختلف ترتيبن سان اربھا پروٽين جوڙي سگهجن ٿا ۽ ھي پروٽين ھڪ جاندار جي جسم ۾ تمام مختلف نوعيتن جا ڪم سرانجام ڏيئي سگهن ٿا.
خامرا گهرڙن جي ڪيميائي رد عمل کي ھلائين ٿا. جيڪڏھن ھي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين تہ انهن کي وري ھڪ وقت ۽ تيزي سان ھلائڻ تمام ڏکيو آھي. سائنسدان ھن مھل تائين اھڙو متبادل نظام ٺاھڻ ۾ ناڪام ويا آھن. حقيقت ھي آھي تہ اھي خامرن جھڙو واحد نمونو ٺاھي نٿا سگهن جنھن رد عمل سان خامرا عمل کي ھلائين. خامرن جو ڪم پروٽين جي ڪيميائي ردعمل کي عمل ڏيڻ ۽ تيز ڪرڻ آھي ۽ ٻيا ڪم جيئن پروٽين وري ٺاھڻ ۔ قابو ڪرڻ ۽ نقل ڪرڻ وغيرھ جي تڪميل ڪن ٿا. ھي ناممڪن آھي تہ ھڪ نامعقول واقعي جي نتيجي ۾ پنھنجو پاڻ وجود اچن.
ڪنھن ھڪ جملي کي پڙھڻ ۾ ڪجھ سيڪنڊ  درڪار ٿين ٿا پر جيڪڏھن جسم جو ڪو خامرو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي تہ ان جملي کي پڙھڻ ۾ 15 سو سال لڳي ويندا. خامرا گهرڙن کي متحرڪ ڪري ردعمل شروع ڪن ٿا ۽ ان عمل جي رفتار کي 10 ارب ڀيرا وڌيڪ تيز ڪن ٿا. خامرن جي غيرموجودگي ۾ اھي گهرڙا جيڪي ڪم شروع ڪرڻ جي انتظار ۾ رھن ٿا ۽ ٻيا گهڻا ردعمل سرانجام ڏين ٿا جيڪي توھان کي زندھ رکن ٿا جيتوڻيڪ اھي ھڪ ٻئي کان بي خبر ھجن ٿا ۽ متحرڪ نٿا ٿين. توھان جي ھن جملي ختم ڪرڻ کان پھرين ھڪ ھڪ ٿي مري ويندا جنھن جي نتيجي ۾ توھان جملو لکڻ کان پھرين مري ويندا.
خامرا حياتياتي ماليڪيول نموني طور پروٽين آھن جيڪي خاص طور تي ڪيميائي عملن جي شرح کي تيزي ڏين ٿا جيڪي گهرڙن جي اندر جڳھ وٺن ٿا. اھي زندگي لاء اھم ۽ جسم ڪارجن جي وشال حد جيئن ھاضمي ۾ اضافو ۽ گهرڙبدليت Metabolism کي ھلائين ٿا.
خامرا گهرڙن ۾ پروٽيني ماليڪيول آھن. خامرا  جسم ۾ ڪيميائي ردعملن کي تيزي ڏين ٿا پر مرحلي ۾ عادي نٿا ٿين ان ڪري اھي وري ۽ وري استعمال ٿين ٿا. خامرن سان ڪيميائي ردعمل تمام تيز ھلن ٿا بغير خامرن جي ڪيميائي عمل سست ٿي سگهن ٿا.
خامرا امينو تيزاب جا ٺھيل آھن ۽ اھي پروٽين آھن. جڏھن خامرو جڙي ٿو تہ اھو خاص ترتيب ۾ 100 کان 1000 امينو تيزابن جي وچ تائين ڪڙي سان جڙي ٿو. ان کان پوء امينو تيزاب ور جي خاص شڪل وٺن ٿا.
لڳ ڀڳ خامرن کي ڪاشي تباھ ڪري سگهي ٿي اھو گهڻو يا ٿورو لوڻ يا گهڻو يا ٿورڙو pH ۔ گرمي ۔ بخار ۔ يا ٻيا خامرا. ڪابہ شي جيڪا ھلڪي نموني اھڙي جوڙجڪ کي خراب ڪري ٿي ۽ خامرن کي تباھ ڪري ٿي.
پروٽين جا 4 وڏا قسم آھن
(1) تندڪار Fibrous
(2) جهلي Membrane
(3) بي ترتيب پروٽين Disordered protein
(4) گول پروٽين Globular protein
پروٽين جي قسمن ۾ شامل گول پروٽين ھڪ تھدار ٿري ڊائمينشن ساخت ۽ گول يا بال نما ماليڪيول آھي جنھن ۾ خامرا Enzymes ۔ اجسا Antibodies  ۽ ٻيا اھم پروٽين اچن ٿا. رت جي ڳاڙھن گهرڙن ۾ موجود ھيموگلوبن بہ انهن مان ھڪ آھي جيڪا گول پروٽين جي ئي ھڪ خاص قسم حياتياتي عمل انگيز Biological catalyst آھي جيڪا جيڪا جسم ۾ ٿيندڙ ڪيميائي عملن Chemical reactions جي رفتار تيز ڪري جسم کي تيزي سان توانائي فراھم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ان کي خامري جو نالو ڏنو ويو آھي. خامرا مختلف پروٽينن سان ملي شڪل پائن ٿا. ھي ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا ۽ ھن مھل تائين 2 ھزار کان وڌيڪ قسمن جا خامرا دريافت ڪيا ويا آھن. اھي خامرا مختلف شڪل شبيھ سان مختلف نوعيت جي پيچيدھ ۽ وڏن ماليڪيولن کي ٽوڙي سادن ۽ ننڍن ماليڪيولن ۾ ٽوڙي جسم کي تيزي سان توانائي پھچائڻ جو ڪم ڪن ٿا ۽ جسم جي گهرڙ بدل نظام Metabolism system ۾ بيحد اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ھر خامرو پنھنجي ھڪ مخصوص شڪل ۽ مختلف پروٽينن جي ترتيب رکي ٿو جيڪا مختلف ماليڪيولن کي پاڻ سان جوڙڻ ۽ پوء ڪيميائي ميل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. خامري جو اھو حصو جتي نامياتي ۽ غيرنامياتي مادن جا ماليڪول اچي جڙن ٿا يا فٽ ٿين ٿا انهن کي ساھنڌ Active cite سڏيو وڃي ٿو جيڪي دراصل خامرن جي سطح تي ھڪ ونگ يا خال ٿين ٿا. اھي پيچيدھ گهرڙا يا وڏا ماليڪيول جيڪي خامرن جي ساھنڌ Active cell جي اندر فٽ ٿيڻ جھڙا ٿين ٿا اھي اچي ونگ يا ڏار ۾ جڙن ٿا يا فٽ ٿين ٿا انهن کي خمرا Substrates سڏيو وڃي ٿو. ڪنھن ٻي شڪل شبيھ جي ماليڪيول سان خامري جو ميل ان ساھنڌ Active cite جي خاص شڪل جي ڪري ممڪن نٿو ٿئي. ھڪ خامرو تڏھن سرگرم ٿئي ٿو جڏھن مخصوص شڪل جي خمرن Substrates سان ان جو ميلاپ ٿئي ٿو. ھي ميلاپ ان ڪري ٿئي ٿو جو وڏا ماليڪيول تمام وڏي تيز ۽ ناموافق حرڪت ڪندي خامري سان ٽڪرائن ٿا ۽ خامري جي ساھنڌ Active cite ۾ اچي جڙن ٿا يا فٽ ٿين ٿا. جڏھن خمرا Substrates خامرا پاڻ ۾ جڙن ٿا تہ انهن جي پوري شڪل شبيھ کي خامري خمري پيچيدگي  Enzyme-substrate complex سڏيو وڃي ٿو. خمرن Substrates جي وچ ۾ خامرا ڪيميائي ميل تيز ڪن ٿا ۽ ھي سادن ۽ ننڍن ماليڪيولن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ پوء خامرا بي حد سادن ماليڪيولن يا اپت کي خارج ڪن ٿا. ھن پوري عمل ۾ خامرن ۾ ڪنھن بہ قسم جي تبديلي رونما نٿي ٿئي ۽ وري اھي ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا.
 خامرا نہ مرن ٿا ۽ نڪي انهن جو شمار جاندار يا بي جان شين ۾ ٿئي ٿو. ھي پنھنجو ڪم لڳاتار ڪندا رھن ٿا ۽ جڏھن انهن جي ماحول جي پي ايڇ يا گرمي جي سطح انهن لاء نامناسب ٿي وڃي ٿي تہ انهن جي شڪل شبيھ ۽ خاصيتن ۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ انهن کان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ڇڄي وڃي ٿي تڏھن ھي خامرا جسم جي گهرڙن ۾ تحليل ۽ ضم ٿي وڃن ٿا. 
خامرن جا قسم ڀاڃو خامرو Catabolic enzyme ۽ تعميري خامرو Anabolic enzyme ڪيميائي عمل ۾ تيزي پيدا ڪري ڪنھن جاندار جي جسم ۾ کي تيزي سان توانائي پھچائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا.
خامرن جا 6 درجا جوڙيا ويا آھن جيئن خامرن کي آساني سان نالو ڏيئي سگهجي. اھي درجا آھن.

Oxidoreductases
تَڪسِيفو ۔ تَخفِيفو ۔ تَڪسِيدِي تَخفِيفو ۔ تَڪسِيدي ڇانٽو ۔ تَڪسِيد گهٽ ڪندڙ

Transferases
مَٽ سَٽو - مَٽ پذير - بدل پذير - مُنتَقلو ۔ تبديل ٿيندڙ

Hydrolases
آبيو ۔ آب آور ۔ ھيڊِيو - آب پَذير

Lyases
کارِيو ۔ سَجِيو ۔ کار آور - سَجِي آور

Isomerases
ھمسريو ۔ ھم ترڪيبيو ۔ ھم جزيو - ھَم ذَرڙِيو

Ligases.
سَنڌِيو ۔ ٻَنڌِيو ۔ تَنجِيو

ھي بين الاقوامي درجابندي خامرن لاء استعمال ڪئي وڃي ٿي.
ٻيا مختلف ٽي اھم خامرا ٿين ٿا جيڪي جسم ۾ ڪيميائي ردعمل کي تحريڪ ڏين ٿا ۽ ڪار وھنوار کي ھلائين ٿا.

(1) گيگو ۔ گيڦو ۔ گيفو  Amylase
Amylase and other carbohydrase enzymes break down starch into sugar.
گيگا ۽ ٻيا نشاستي خامرا نشاستي کي ٽوڙي کنڊ ۾ تبديل ڪن ٿا.

(2) ليحو ۔ لَحميو ۔ ماسيو Protease

Protease enzymes break down proteins into amino acids.
ليحي خامرا پروٽينن کي ٽوڙي امينو تيزابن ۾ تبديل ڪن ٿا.

(3) سينڀو ۔ گِيھو ۔ ليغو   Lipase
Lipase enzymes break down lipids (fats and oils) into fatty acids and glycerol.
سينڀا خامرا چرٻن کي ٽوڙي چرٻ تيزاب (چرٻين ۽ گھن) ۽ گلسراڻ ۾ تبديل ڪن ٿا.
 ان کان سوا معدي ۾ پيدا ٿيندڙ پِپيڻ Pepsin ۽ ٽِپيڻ Trypsin خامرا پيچيدھ ۽ وڏن پروٽينن جي ماليڪيولن کي ٽوڙي سادن ماليڪيولن ۾ تبديل ڪري قابل ھضم بنائن ٿا.

خامرن جي اھميت:
ھاضمي وارا خامرا گهڻو ڪري لبلبي ۔ معدي ۽ ننڍي آنڊي ۾ ملن ٿا. ايتريقدر جو کائڻ وقت گگ غدود ھاضميدار خامرا پيدا ڪري کاڌي جي ٽوڙ وارا ماليڪيول پيدا ڪري ٿو.
خامرا پروٽين آھن جيڪي جسم ۾ ڪيميائي رد عملن جي رفتار کي ھٿ وس رکن ٿا. اھي رد عمل آھستي جڳھ وٺي جيون کي جاري رکن ٿا. اھي ھڪٻئي سان ڳانڍاپي رکڻ ۾ مدد ڪري گهرڙن جي واڌ ويجھ ۔ زندگي ۽ موت تي ضبط رکن ٿا. پروٽينن کي ٽوڙي امينو تيزابن ۾ تبديل ڪرڻ لاء خامرن جي ضرورت پوي ٿي جيڪي ڪيمياڪاري ڪري زندگي ۾ پيچيدھ ردعمل ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اسان کي ڄاڻ ھئڻ گهرجي تہ امينو تيزاب ئي زندگي جي علامت آھن.

کاڌا جن ۾ خامرا ملن ٿا:
کاڌا جيڪي قدرتي خامرا رکن ٿا انهن ۾ انناس Pineapples ۔ پپيتو Papaya ۔ انب Mango ۔ ماکي Honey ۔ ايڪڏو Avocado ۔ ڪيفر Kefir ۔ گوبي جي کٽاڻ sauerkraut ۔ ڪمچي kimchi ۔ مسو miso ۔ ڪيوي ميوو kiwifruit ۽ ادرڪ ginger ۾ ملي ٿو.

ڪيلو Banana 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪيلو مشھور ميوو ۽ سنڌ عام جام پاتو وڃي ٿو. معدنيات سان مالامال ۔ پوٽيشم سان ڀرپور ۔ غذائيت سان سرشار ۽ بھترين ذائقو رکندڙ آھي. ڪيلو گهٽ قيمت تي دستياب ۽ مارڪيٽ ۾ سستي قيمت تي موجود ھوندو آھي. ڪيلو غذائي کوٽ ۾ مفيد آھي. ھرڪو ماڻھو ڪيلو شوق سان کائي ٿو ڪي ڇلي ۔ ڪي کير ۾ ملائي شيڪ ڪري ۽ ڪي وري جوشاندي طور مطلب ڪيلو ھر رخ ۾ فائدا رکي ٿو. ڪيلو آمريڪا ۾ استعمال ٿيڻ وارن ميون ۾ پھرئين نمبر تي آھي. آمريڪي صوف ۽ مالٽي کان وڌيڪ پيسو ڪيلي تي خرچ ڪن ٿا
⏪ڪيلي ۾ موجود ڪيلرين جو تعداد ھن ريت آھي.
⏪ڪاربوھائیڊريٽ 27.2 گرام
⏪ڪیلشم 17ملي گرام
⏪میگنشم 14ملي گرام
⏪فاسفورس 36 ملي گرام
⏪سوڊیم 36 ملي گرام
⏪پوٽيشم 88ملي گرام
⏪جست 0.15 ملي گرام
⏪فولاد 0.36 ملي گرام
⏪تاندور 3.5 ملي گرام
⏪چرٻي 6.3 ملي گرام
⏪وٽامن بي 6 0.8 ملي گرام
⏪وٽامن سي 7 ملي گرام
⏪پروٽین 1.2 ملي گرام
⏪ڪیروٽین 78 ملي گرام
اسان مان ڪيترائي ماڻھو ڪيلو کائن ٿا پر ھن جي طبي افاديت کان اڻ واقف آھن ڪيلو غذائي جزن سان ڀرپور ميوو آھي. ڪيلي ۾ صوف کان چئوڻ تي پروٽين ۔ ٻيڻو نشاستو ۔ٽيڻو فاسفورس ۔ پنجوڻو وٽامن اي ۔ ٻيا  وٽامن ۽ معدنيات ٻيڻ تي آھن. ڪيلي ۾ ٽن قسمن جي شڳر پاتي وڃي ٿي.
⏪ کنڊاڻ  Sucrose
⏪ثمراڻ   Fructose
⏪ميٺاڻ   Glucose
⏪پيڄاڻ  Maltose
ڪيلو جسم ۾ طاقت ۽ توانائي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھن ۾ موجود نشاستو شڳر جي مقدار کي معمول تي آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان ڪري ڪيلي کي ضروري وٽامن سان ڀرپور ۽ غذائيت جو ڀرپور مرڪب قرار ڏنو ويو آھي. ان کان سواء ڪيلو يڪدم ديرپا ۽ حقيقي توانائي ميسر ڪري ٿو. تحقيق مطابق 2 ڪيلا ڏيڍ ڪلاڪن جي سخت جفاڪشي جي بحالي لاء ڪافي آھن.
ڪيلي ۾ تاندورا ۔ وٽامن جي ۽ وٽامن بي 6 ٿئي ٿي ان ڪري ڪيلي کائڻ سان دل کي تقويت ملي ٿي. ڪيلو کائڻ سان توانائي محسوس ٿيندي آھي. ان ڪري ورزشي ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ 2 ڪيلا کائڻ کپن تہ جيئن جسم ۾ کنڊ جي مقدار وڌي وڃي ان لاء جو ورزشي عمل ۾ کنڊ خرچ ٿئي ٿي.
ڪيلو پوٽيشم جو بھترين ذريعو آھي ۔ ھڏين کي سگھ ڏئي ٿو ۽ بي پي تي ضابطو رکي ٿو. ڪيلي ۾ وٽامن بي 6 موجود ٿئي ٿي جنھن جي ڪيلي کائڻ سان دل جي مرضن ۽ ڪينسر جو خطرو گهٽ رھي ٿو. ڪيلو وٽامن سي رکي ٿو ان ڪري چمڙي تي بھترين اثر مرتب ڪري ٿو. ڪيلي ۾ تاندور ٿين ٿا ان ڪري قبض جي شڪايت کي ختم ڪري ٿو ۽ ھاضمي جي نظام کي درست رکي ٿو. ڪيلي ۾ موجود ڪيروٽين موذي مرضن جو خاتمو ڪري ٿو. ڪيلو فطري طور تي تيزابيت گهٽ ڪندڙ آھي ان ڪري ان ڪري معدي جي السر ۽ آنڊن جي بيمارين ۾ مفيد آھي. سخت گرمي ۽ سخت سردي ۾ جسم جي پد ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڪيلي ۾ پوٽيشم جي جهجهي مقدار ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ڪيلي کي پابندي سان کائيندڙن ۾ موت جا 20 صد امڪان گهٽ رھن ٿا. ڪيلي جو استعمال قبضي ۔ سيني جي جلن ۔ اعصابي ڇڪتاڻ ۔ السر ۽ پيٽ وارين عورتن جي گرمي پد تي ضابطو رکي ٿو جيڪو ھڪ وقت ماء ۽ عورت لاء مفيد آھي.

⏪ڪيلو بيري ميوي جو نسل :-
اڄ تائين ڪيلي کي رڳو ڪيلو سمجهي غلطي ڪئي وئي آھي. ڪيلي بابت هڪ نئون انڪشاف سامهون آيو آهي تہ ڪيلو دراصل ڪيلو نہ پر بيري جو نسل آهي (بيري مان مراد اسٽرابيري، بليڪ بيري ۽ بليو بيري وغيره).
امريڪي ماهر جوليا مارٽن 1987 ۾ هڪ تحقيقي مقالي ۾ ثابت ڪيو تہ ڪيلو ڪيلو نہ پر کريل بيري آهي. جوليا مارٽن مطابق ڪيلي ۾ اندر جيڪي هلڪڙا سنهڙا ڪارا داغ يا جيڪي ليڪون ھونديون آهن، اهي ثابت ڪن ٿيون تہ ڪيلو اصل ۾ بيري ئي آهي.

⏪سونھري ڪيلو :-
غريب ملڪن جي غذائي مناسبت کي پورو ڪرڻ لاء
هاڻي ماهرن وٽامن اي سان ڀريل هڪ سونهري ڪيلي کي تيار ڪيو آهي، جيڪو لاتعداد انساني زندگيون بچائي سگهي ٿو. ڪجھ ڪيلن کي پچائي کائڻ سان انهن مان نشاستي جي مقدار پوري ٿي ويندي آهي، پر ٻين غذائي شين (مائيڪرو نيوٽرينٽس) مثال طور وٽامن اي جي مقدار گهٽ ٿي ويندي آهي، هاڻي سوئيزرلينڊ جي هڪ زرعي بايو ٽيڪنالوجسٽ جيمز ڊيل گهٽ ۾ گهٽ ۱۰ سالن جي محنت کان پوءِ هڪ اهڙو ڪيلو تيار ڪيو آهي، جيڪو وٽامن اي سان مالا مال ۽ ان جي رنگ جي آڌار تي “سنهري ڪيلي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. پروفيسر ڊيل موجب دنيا ۾ 6 کان 7 لک ٻار صرف وٽامن اي جي گهٽتائي ڪري هر سال موت جي منهن ۾ ھليا وڃن ٿا، غربت جي ڪري اهي ٻار وٽامن اي جي سپليمنٽ يا گوري کائڻ کان به محروم رهجي ويندا آهن، جنهن جي ڪري ۳ لک ٻار وٽامن اي جي گهٽتائي جو شڪار ٿيندا آهن، پر هاڻي اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنهري ڪيلي جي پيداوار سان ان ۾ گهٽتائي ضرور ايندي.

⏪(1) توانائي سان ڀرپور :-
ڪيلو پاڻ ۾ بھترين توانائي رکي ٿو.
ڪيلو کائڻ سان عضلات (عضلاتي عضون) خاص طور تي پنين جي پٽ ۽ ٽنگن جي ڇڪتاڻ ختم ٿي وڃي ٿي. توھان اڪثر رانديگرن کي راند جي دوري جي وقفي جي دوران ڪيلو کائيندي ڏٺو ھوندو. ڇوجو انهن کي ڪيلي کائڻ سان يڪدم توانائي ملي ويندي آھي. ڪيلو دنيا جي معروف ترين ايٿليٽن جو پسنديدھ ترين ميوو آھي. رانديگر پنھنجي جسم کي فٽ ڪرڻ لاء ڪيلو کائيندا رھن ٿا. جڏھن امتحان ھجي ۔ يا انٽرويو ھجي يا راند کيڏڻي آھي يا مسافري تي وڃڻو آھي ان کي ڪيلا ضرور کائڻ کپن ڇوجو جسم ۾ پوٽيشم جي وڌڻ سان توانائي اچي ويندي آھي ۔ چاق چوبند ھجڻ ڪري ڪوبہ ڪم خير خوبي سان ٿي وڃي ٿو ۽ گڏوگڏ ڪيلو گلوڪوز ۔ فرڪٽوز ۔ سيڪروز ۽ مالٽوز تي مشتمل ھوندو آھي جن ۾ توانائي جا قدرتي ذريعا موجود آھن.

⏪(2) ھاضمي جي عمل کي بھترين ڪندڙ :-
ڪيلي ۾ تاندور ٿين ٿا جيڪي ھاضمي جي عمل ۾ مدد ڪن ٿا. ڪيلن جي ڪري آنڊا متحرڪ رھن ٿا ۔ قبضي جي شڪايت نٿي رھي ۽ قبض ختم ڪري ٿو. ڪيلي ۾ خامرا Enzymes ٿين ٿا جيڪي ھاضمي کي درست رکن ٿا ۽ جسم مان زھريلن مادن ۽ نقصانڪار معدنيات کي ڪڍن ٿا. قبضي ھجي يا دست ڪيلا ٻنهي ۾ فائديمند آھن. جيڪڏھن ھاضمي ۾ گڙٻڙ ھجي تہ ان کي درست ڪري ٿو. معدي ۾ پاتو ويندڙ مفيد جراثيمن جو دوست آھي. سيني جي جلن ۔ معدي جي زخمن ۽ زھريلن مادن کي ختم ڪري سڪون پھچائي ٿو.

⏪(3) ڪوليسٽرول کي ضابطي ۾ رکندڙ :-
ڪيلي ۾ حل جوڳو تاندور پيڪٽن پاتو وڃي ٿو جيڪو رت ۾ ڪوليسٽرول جي سطح کي مستحڪم رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان کان سواء رت ۾ خراب ڪوليسٽرول جي مقدار کي گهٽ ڪري ٿو. ڪﻴﻠﻲ ﺟﻮ روزانو ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ گڙدن ﺗﻲ ﭼﺮﭔﻲﺀَ ﺟﻲ تھ جي ﻣﻀﺒﻮﻃﻲ ﺧﺘﻢ ڪﺮﻱ ﺳﮅﻭ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ۽ گڙﺩﻱ ۽ ﺟﮕﺮ ﮐﻲ ﻃﺎﻗﺖ ڏيئي ﺭﺕ ﭘﻴﺪﺍ ڪندو ﺁﻫﻲ .

⏪(4) فالج کان حفاظت ڪندڙ :-
باقائدي ڪيلي کائڻ سان فالج پوڻ جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا ڇوجو ڪيلي ۾ ڪئلشم جي ججهي مقدار رت جي داٻ کي معتدل رکي ٿي ۽ ان کي وڌڻ نٿي ڏئي. ڪيلو ڌڙڪنن کي معمول تي رکڻ ۽ دماغي فالج کان بچائي ٿو.
 الاباما يونيورسٽي جي تحقیق مطابق پوٽاشم سان ڀرپور کاڌا خون جي شریانين جي سڪڙجڻ یا خون گھاٽي ٿيڻ جي ڄان وٺندڙ عمل کان تحفظ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. شریانین جي سختي ڪنھن بہ فرد ۾ ھرٽ اٽيڪ یا فالج جو خطري کي وڌائي ٿي .
ھن تحقیق مطابق پوٽاشم انهن جینن کي باقائده ڪري ٿي  ڇوجو اھا شریانين ۾ لچڪ برقرار رکي ٿي.
ھن تحقیق دوران ڪوئن کي زیادہ گهٽ، پوري یا زیادہ مقدار واري پوٽاشم سان ڀرپور کاڌا استعمال ڪرايا ويا.
نتيجن مان معلوم ٿيو تہ گهٽ پوٽاشم واري غذا سان شریانيون زیادھ سخت ۽ غیرلچڪدار ٿيون جڏھن تہ زیادھ پوٽاشم سان شریانين جي لچڪ ۾ اضافو ٿيو ۽ سختي بہ گهٽ ٿي.
محققن جو چوڻ آھي تہ روزانو صرف ھڪ ڪیلو کائڻ جي عادت فالج ۽ دل جي چاڙھ Heart attack کان بچاءُ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
ان جو چوڻ آھي تہ مناسب مقدار ۾ پوٽاشم جو استعمال خون جي شريانين ۾ پیدا ٿيڻ وارين پیچیدگین کان تحفظ ڏئي ٿو.
ھن تحقیق جا نتيجا طبی جریدي جرنل آف ڪلینیڪل انویسٽیگیشن ان سائٽ ۾ شائع ٿي.

 ⏪(5) معدي جي السر کان بچائيندڙ :-
ڪيلو معدي جي جلن کي گهٽ ڪري ٿو. ڪيلو انهن گهرڙن کي سرگرم رکي ٿو جيڪي معدي جي ڀتين سان جهلي بنائن ٿا ۽ معدي جي تيزابن جي حفاظت لاء اھا جهلي پردي طور ڪم ڪري ٿي. ڪيلو انهن جراثيمن جو خاتمو ڪري ٿو جيڪي السر جو سبب بنجن ٿا.

⏪(6) ذھني صلاحيتن کي بھتر بنائيندڙ :-
ڪيلي جي شيڪ پيئڻ سان ماڻھن خاص ڪري ٻارن جي ياداشت مضبوط ٿئي ٿي ۽ ھڏين کي طاقت ملي ٿي. ڪيلي ۾ موجود پوٽيشم جي وڏي مقدار ذھني صلاحيتن کي بھتر بنائي ٿي.

⏪(7) قوت مدافعت وڌائيندڙ :-
ڪيلي ۾ وٽامن بي ۽ وٽامن سي جا وڌيڪ قسم پاتا وڃن ٿا ان ڪري ڪيلو جسم جي قوت مدافعت وڌائي ٿو ۽ اعصابي نظام ۾ بھتري آڻي ٿو.

⏪(8) ھڏين کي مضبوط ڪندڙ :-
ڪيلي ۾ قدرتي کنڊ پاتي وڃي ٿي جنھن جي ڪري وڏي آنڊي ۾ پاتو ويندڙ فائديمند جراثيم جڙي ٿو جيڪو ڪيلشم جھڙي غذائي مواد کي جسم اندر جذب ڪري جي عمل کي بھتر بنائي ٿو.

⏪(9) مزاج کي خوشگوار ڪندڙ :-
ڪيلي کي روز جي غذائن ۾ شامل ڪرڻ پاڻ کي بيمارين کان بچائڻ آھي. ڪيلو ذھني مونجھ وارن مريضن ۾ نمايان تبديلي آڻي ٿو. ڪيلي ۾ ھڪ خاص قسم جي پروٽين جسم کي آرام پھچائي ٿي ۽ طبيعت تي خوشگوار اثر ڇڏي ٿي. ڪيلي کي Tryptophan amino acid جو اھم ذريعو شمار ڪيو وڃي ٿو جيڪو انسان جي نفسياتي حالت کي پرسڪون رکي ٿو ان ڪري ڪيلو ذھني دٻاء کي گهٽ ڪري ٿو ۔ جسم ۾ تازگي ۽ شگفتگي جو احساس پيدا ڪري ٿو ۽ ٿڪ ختم ڪري ٿو.

⏪(10) بڪين جي صحت برقرار رکندڙ :-
ڪيلي جي اندر تڪسيد روڪ جز جي وڏي مقدار موجود ٿئي ٿي جيڪا بڪين جي صحت کي قائم رکي ٿي. ڪيلي ۾ موجود پوٽيشم بڪين ۾ لوڻ جي وڌيل ۽ منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو جنھن جي نتيجي ۾ بڪيون پنھنجو ڪم سھولت سان ڪن ٿيون.

⏪(11) نظر وڌائيندڙ :-
روز ھڪ ڪيلو کائڻ سان نظر وڌي ٿي ۽ نظر جي گهٽ ٿيڻ جو خطرو نٿو رھي. ڪوئنز لينڊ يونيورسٽي جي تحقيق مطابق ڪيلي ۾ گجروڻ Carotene پاتي وڃي ٿي. گجروڻ Carotene جي ڪري ميوا ۽ ڀاڄيون مختلف رنگ وٺن ٿيون ڪڏھن ڳاڙھو ڪڏھن پيلو تہ ڪڏھن ٻيو رنگ. ھي جز جسم ۾ وڃي وٽامن اي جو روپ وٺي ٿو جيڪو اکين لاء تمام مفيد آھي. تحقيق مان اھا ڳالھ سامھون آئي تہ گجروڻ Carotene مختلف قسمن جي ڪينسر ۔ رت جي شريانين جي مرض ۽ شڳر کي تحفظ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

⏪(12) ننڊ ڏياريندڙ :-
ڪيلي ۾ وٽامن بي 6 موجود ٿئي ٿي جنھن ڪري ننڊ ڀرپور اچي ٿي. روز ننڊ جو ٽڪيون کائيندڙ مريض جيڪڏھن ڪيلي جو باقائدي استعمال ڪري تہ کيس ٽڪين جي ضرورت نہ پوندي. ڪيلي کائڻ سان مغز جي بيداري وڌي ٿي. ڪجھ ماڻھو ننڊ اچڻ جي ڪري ننڊآور دوائن جو سھارو وٺن ٿا جن جي پاسائتن نقصانن جي ڪري اھي جسماني طور تي وڌيڪ پيچيدگين جا شڪار ٿي وڃن ٿا.
صحت جي ماھرن جو چوڻ آھي تہ اھڙي مشڪل ۾ ڪيلي جي ڪري  پرسڪون ننڊ اچي ٿي. ڪيلي ۾ پوٽاشم ۽ ميگنيشم جي وافر مقدار ھجڻ ڪري پرسڪون ننڊ اچڻ لڳي ٿي - پٺاڙا مضبوط ٿين ٿا - آڪڙ ۽ ڇڪتاڻ نٿي ٿئي. جيڪي ماڻھو مسلسل بي خوابي جا شڪار آھن ڪوشش باوجود رات جو انهن کي ننڊ نٿي اچي انهن کي گهڻي تڪليف ڏسڻي پوي ٿي - ننڊ نہ اچڻ ڪري مختلف بيماريون جنم وٺن ٿيون ۽ شگر ۽ جسماني ڪمزوري جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
اجزا :
ڪيلو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ھڪ عدد
پاڻي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ھڪ گلاس
دارچیني ۔۔۔۔۔۔۔۔2 گرام 
برتن ۾ پاڻي وجهي دارچيني - ڪيلا  ٽوٽا ڪري وجهي ڏھ منٽ تائين پچائجي ڇاڻي پيئجي.
رات جو سمهڻ کان پھرين ڪلاڪ پھرين پيئجي. روزانو استعمال ڪجي پرسڪون ننڊ ايندي.

⏪(13) رت جي داٻ کي پورو رکندڙ :-
ڪيلي ۾ ڪيلشم ٿئي ٿو جيڪو دل لاء بيحد مفيد آھي. ماھرن مطابق سوڊيم گهٽ کائجي ۽ پوٽيشم وڌيڪ. ان ڪري وڌووڌ ڪيلو کائڻ کپي ڇوجو ڪيلي ۾ پوٽيشم بي پي کي وڌڻ نٿو ڏئي ۔ فالج ٿيڻ کان روڪي ٿو ۽ رت جي داٻ کي معتدل رکي ٿو. ڪيلي ۾ ڀرپور پوٽيشم 10 سيڪڙو لوڻياٺ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۔ بڪين جي حفاظت ڪري ٿي ۽ دماغي طاقت ۾ اضافو ڪري ٿو جنھن جي ڪري رت جو داٻ معتدل رھي ٿو.

⏪(14) خوشي پيدا ڪندڙ :-
ڪيلي کائڻ کان پوء خوشي محسوس ٿيندي آھي ۔ ذھني مونجھ دور ٿي ويندي آھي. ڪيلي ۾ ٽرپٽوفين ٿئي ٿو جيڪو سيروٽونن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. سيروٽونن دماغ تائين خوشي جي لھر روانو ڪري ٿو ان ڪري خوشي محسوس ٿيندي آھي.

⏪(15) دست ۽ پيچش روڪيندڙ :-
جڏھن دست يا پيچش ٿي وڃي يا پيشاب ۾ سوزش ٿي وڃي تہ ان حالت ۾ ڪيلو پنھنجو ڪردار ڏيکاري ٿو.
ڪيلو ڏھي ۾ وجهي ملائي کائڻ سان پيچش ختم وڃي ٿي. 

⏪(16) رت پيدا ڪندڙ :-
ڪيلي ۾ فولاد ٿئي ٿو ان ڪري رتول پٿ Haemoglobin  پيدا ڪري ٿو  جنھن سان ھڏيون مضبوط ٿي وڃن ٿيون. گرمي ۾ ڪيلو کائڻ سان جسم جو گرمي پد گهٽجي وڃي ٿو تہ فرحت محسوس ٿيندي آھي ۽ ﺳﻨﻬﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﭤﻠﻬﺎ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ .

⏪(17) آزاد تڪسيدي جزن Free radicals کي ختم ڪندڙ :-
ڪيلو مجموعي طور تي صحت بخش آھي ڇوجو ان ۾ وٽامن اي ۽ وٽامن سي ٿئي ٿي جيڪا آزاد تڪسيدي جزن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جيڪي سرطان پيدا ڪن ٿا.
ڪيلي ۾ غذائيت سان گڏ ڪينسر جھڙي مرض
 کان نجات پائڻ جا خواص موجود آھن. ماھرن مطابق ڪيلي ۾  Tumor Necrosis Factor یعني TNF
جز ڪينسر جي جراثيمن کي ڪمزور ڪرڻ يا انهن کي پيدا ڪرڻ ۾ روڪي ٿو.

⏪(18) پيٽ وارين عورتن لاء بھترين :-
پيٽ وارن ڏھاڙن ۾ عورتون صبح جي وقت بيزاري محسوس ڪنديون آھن ڪيلو کائڻ سان اھا دور ٿي وڃي ٿي. ھن طريقي سان جسم ۾ آڪسيجن پھچي وڃي ٿي ۽ دل جي ڌڙڪنن ۾ توازن پيدا ٿي وڃي ٿو. اھڙي طريقي سان دماغ تائين آڪسيجن جي مناسب مقدار پھچي وڃي ٿي. ان کان سواء ڪيلو جسم ۾ پاڻي جي مقدار جو توازن رکي ٿو. ڪيلي کائڻ سان اھڙي ريت پيٽ وارين عورتن جو کاڌو ھضم ٿي وڃي ٿو ۽ ھاضمي جو نظام درست رھي ٿو.

⏪(19) ڊائيٽ لاء لاڀائتو :-
جيڪڏھن توھان ڊائيٽ ڪريو ٿا تہ ڪيلا کائو. ڪيلي ۾ حرارا گهٽ ٿين ٿا ۽ حل پذير ريشا ٿين ٿا ان ڪري ھاضمو درست رھي ٿو ۽ مطمئنتا رھي ٿي.

⏪(20) ماھواري Menses لاء بھترين :-
ڪيلو ماھواري ۽ حيض جي اچڻ لاء بھترين آھي. ڪپڙن کان اڳ يا پوء ڪيلي کي کائڻ سان ماھواري جو آڪڙ گهٽجي وڃي وڃي ٿو ۽ ماھواري آساني سان اچي ٿي ڇوجو ڪيلو مئگنيشم ۽ معدنيات سان مالامال آھي پر حيض دوران ڪيفين کان پرھيز ڪرڻ کپي ڇوجو ڪيفين حيض جي روڪ ڪري ٿو ڪيفين ۾ چانھن ۽ ڪافي اچي وڃن ٿا. ڪيلو حيض واري عورت جا درد تحليل ڪري ان کي پرسڪون ننڊ سمهاري ٿو.

⏪(21) خشڪ کنگھ ختم ڪندڙ :-
ڪيلو ﮐﺎﺋﮡ ﺳﺎﻥ خشڪ کنگھ ۾ ﻓﺎﺋﺪﻭ ٿئي ﭤﻮ ۽ ڳلي ﺟﻲ ﺧﺎﺭﺵ ﮐﻲ ﺧﺘﻢ ٿي ويندي ﺁﻫﻲ.

⏪(22) ٻارن لاء بھترين غذا :-
ڪيلو بھترين غذا ھئڻ ڪري ٻارن جي نشونما ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري ٿو ۔ انهن جي ھڏين کي طاقت ڏئي ٿو ۽ کين چاق چوبند رکي ٿو. ﭔﺎﺭﻥ ﮐﻲ ﺭﻭﺯﺍﻧﻮ ﻫڪ ﮐﺎﻥ ٻہ ڪيلا ﮐﺎﺭﺍﺋﮡ ﺳﺎﻥ پيٽ ﺻﺎﻑ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ.

⏪(23) ڪيلو بطور ڀاڄي يا پڪوان :-
ڪيلو جٿي ڪٿي عام کاڌو ويندو آهي پر ڪيترن ئي آفريڪي ملڪن ۾ ان کي روز مرحا پڪوان جو نالو ڏنو ويو آهي. يوگينڊا ۽ ٻين مشرقي آفريقي ملڪن ۾ ڪچن ڪيلن کي ڀاڄي يا پڪوان طور پچايو ويندو آهي ۽ انهن کي روز کاڌو ويندو آهي، جنهن سان ماڻهن جي جسم ۾ وٽامن جي مقدار پوري ٿي ويندي آهي.

⏪(24) ڪيلي ۽ صوف جو ملڪ شيڪ :-
رت جي کوٽ اهڙو مسئلو آهي، جيڪو هر 10 مان 8 ماڻهن کي هوندو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي تہ صوف ۽ ڪيلي جو جوس ٿولھ گهٽائڻ سان گڏوگڏ جسم ۾ آئرن جي سطح وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي. صحت جي عالمي اداري جي هڪ اندازي موجب دنيا جي 80 سيڪڙو آبادي فولاد جي کوٽ جو شڪار هوندي آهي، خاص طور ڳورهاري عورتن ۾ اهو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. صوف ۽ ڪيلو غذائيت سان ڀريل ميوا آهن. هڪ وچولي سائز جي صوف ۾ 95 ڪيلوريز، 25 گرام ڪاربوهائيڊريٽ، آئرن ۽ وٽامن سي هوندي آهي، جڏهن ته ڪيلي ۾ فولڪ ايسڊ ۽ وٽامن بي 12 جهڙيون خاصيتون موجود آهن، جيڪي رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند آهن. صوف نہ رڳو آئرن حاصل ڪرڻ لاءِ سٺو ذريعو آهي پر ان سان جسم کي پوٽيشم بہ ملندو آهي، جيڪو بلڊ پريشر کي معمول تي آڻڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اهڙي ريت ڪاپر بہ اهڙي معدنيات آهي، جيڪا جسم ۾ هيموگلوبن ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. ڪيلن ۾ آئرن جي وڏي مقدار موجود هوندي آهي، جڏهن تہ اهي فائبر ۽ پوٽيشم بہ فراهم ڪندا آهن.
⏪ملڪ شيڪ ٺاهڻ لاءِ شيون :-
⏪صوف    ھڪ عدد
⏪ڪيلا     2 عدد
⏪کير        گلاس
⏪پاڻي       3 گلاس
⏪کنڊ        مٺي آھر
⏪طريقو:
ڪيلي جي کَل لاهي ان جا ٽُڪرا ڪيو. صوف جي کَل لاھي ٽڪرن ۾ ڪَٽيو، هاڻ انهن کي جوسر ۾ وجهي ۽ کير پاڻي وجهي سڀني شين کي چڱي طرح بلينڊ ڪيو. پوء  لاهي گهر جي سڀن ڀاتين کي پياريو ۽ پاڻ بہ پيو. ان جوس جي استعمال سان رت جي کوٽ ختم ڪري سگهجي ٿي.
By Asghar Sagar
https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1063421663812261&id=649790728508692

Thursday 7 November 2019

خامرن جا درجا Classes of enzymes 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
خامرن جا 6 درجا جوڙيا ويا جيئن خامرن کي آساني سان نالو ڏيئي سگهجي. اھي درجا آھن.
There were six classes of enzymes that were created so that enzymes could easily be named.
These classes are:

Oxidoreductases.
تَڪسِيفو ۔ تَخفِيفو ۔ تَڪسِيدِي تَخفِيفو ۔ تَڪسِيدي ڇانٽو ۔ تَڪسِيد گهٽ ڪندڙ

Transferases.
مَٽ سَٽو - مَٽ پذير - بدل پذير - مُنتَقلو ۔ تبديل ٿيندڙ

Hydrolases.
آبيو ۔ آب آور ۔ ھيڊِيو - آب پَذير

Lyases.
کارِيو ۔ سَجِيو ۔ کار آور - سَجِي آور

Isomerases
ھمسريو ۔ ھم ترڪيبيو ۔ ھم جزيو - ھَم ذَرڙِيو

Ligases.
سَنڌِيو ۔ ٻَنڌِيو ۔ تَنجِيو

ھي بين الاقوامي درجابندي خامرن لاء استعمال ڪئي وڃي ٿي.
This is the international​ classification used for enzymes.

Tuesday 5 November 2019

کنڊ جا نمونا Types of sugar 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
Fructose   ثمراڻ - ميواڻ - نِباتاڻ
It is found in fruits and honey.
اھا ميون ۽ ماکي مان ملي ٿي.

Galactose    کِيراڻ - ڪَشِيراڻ
It is  found in milk and dairy products.
اھا کير ۽ کيري اپتن مان ملي ٿي.

Glucose  ميٺاڻ ۔ مِٺاڻ
It is found in honey, fruits and vegetables.
اھا ماکي ۔ ميون ۽ سبزين ۾ ملي ٿي.

Lactose  ريٺاڻ ۔ کِيرَٺ ۔ کِيريٺاڻ
It is found in milk, made from glucose and galactose.
اھا ميٺاڻ ۽ کيراڻ مان ٺھيل کير مان ملي ٿي.

Maltose  خِميراڻ ۔ پيڄاڻ
It is found in barley and other seeds.
اھا جو ۽ ٻين ٻجن مان ملي ٿي.

Sucrose       کَنڊاڻ ۔ کَنڊيَٺ ۔ کَنڊ
It is made up of glucose and fructose and found in plants.
اھا ٻوٽن مان پاتل ميٺاڻ ۽ ثمراڻ مان ٺھيل آھي.

Sunday 3 November 2019

All birds pee & poo from the same place cloaca. سڀ پکي پيشاب ۽ وٺ ساڳي جڳھ ڪلوڪا مان ڪن ٿا. 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

پکين جي نيڪالي جو سرشتو ھڪ جڳھ مان ٿئي ٿو جنھن کي اسان پکين جي اھڙي ترتيب جي ارتقا چئون ٿا. پکي وٺ ۽ پيشاب لاھن ٿا مگر ھڪ ئي وقت ڪلوڪا ذريعي. انهن ۾ اخراج جو ھڪ ئي سوراخ ھوندو آھي۔ پيشاب اتان وٺ بہ اتان ۔ وٺ ۾ پيشاب مليل ھوندو آھي. پکين کي اندر پيشاب جي نالي ۽ آنڊا ٿين ٿا پر اھي ساڳي جڳھ تان نڪرن ٿا ۔ ھڪ جڳھ ٻنهي ڪمن واسطي استعمال ٿئي ٿي دراصل پکين جي وٺ ۾ پيشاب ھوندو آھي. پکين جو بڪين ۽ آنڊن جو الڳ نظام آھي مگر وٺ ۽ پيشاب ھڪ جڳھ ڪلوڪا مان ڪندا آھن انهن جي وٺ ۽ پيشاب جو نظام ھڪ نالي مان ٿئي ٿو جنھن کي اسان ڪلوڪا چئون ٿا ڇوجو انهن جي ارتقا اھڙي نموني ٿيل آھي. پکي ڌار نموني پيشاب ناھن ڪندا.