Thursday 30 April 2020

زرشڪ شيرين Barberries 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جيڪڏھن ڪير پوڙھائپ کان بچڻ چاھي ۽ تازو توانو رھڻ چاھي، ان کي روز زرشڪ کائڻ کپي. زرشڪ محافظ بدن آھي ۔ بيمارين کان پري رکي ٿو ۽ باز جھڙي چستي جان ۾ اوتي ٿو جتي نظر تيز ڪري ٿو اتي جسم کي تڙو کڙو رکي ٿو. 
زرشڪ پھاڙي علائقن ۾ 11،000 کان 17،000 فوٽن جي اوچائي تي ٿيندڙ ٻوٽو آھي جيڪو ڪڏهن ڪڏھن هڪ ننڍي وڻ جي ماپ جيترو ٿئي ٿو جنھن ۾ ڪنڊا ٿين ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ھي ڪارا داڻا ٿين ٿا جن کي پھاڙي ماڻهو چونڊين ٿا ۔ وڪرو ڪن ٿا ۽ انهي طريقي سان هي اسان جي مارڪيٽن تائين پھچي ٿو.
ھي اھڙي ٻوٽي جو ميوو آهي جيڪو ٽائر جي دونھي جي ڪيميائي آلودگي کان متاثر نہ ٿيندو آهي. فطرت جي انوکن رازن ۾ ھن جي نشونما ٿئي ٿي ٿي، ماڪ جهومي جهومي ھن کي چمي ٿي، برسات برکا ڪري ھن کي پالي ٿي، بادل هن تي ڇانو ڪن ٿا، سج هن جي خوبصورتي کي نکاري ٿو ۽ چنڊ پنهنجي چانڊوڪي سان هن ۾ مٺاڻ ۽ ذائقو اوتي ٿو.  پوءِ اهي ڪارا داڻا سھڻا نظر اچن ٿا.
 توهان عقابي اکيون محاورو پڙهيو هوندو، يعني تيز اکيون، اھڙيون تيز اکيون جيڪي باريڪ شين کي ميلن تائين چٽو ڏسي سگهن. اوھان حيران ٿي ويندا تہ باز جو پھريون کاڌو هي ڪارو ٻج آهي جنھن جي ڪري عقاب تمام تيز نظر رکي ٿو. آئون ھن کي ڪاري ڪشمش چوندس. عقاب هي داڻا کائيندو آهي ۽ ايترو طاقتور ٿي ويندو آهي جو ھي زمين تي ھلندڙ نانگ کي مٿان کان ڏسي کن پل ۾ پڪڙي ٿو ۽ جهٽ ھڻي ڳيري ۽ ڪبوتر کي گرفت ۾ آڻي ٿو. پھاڙ جي  چوٽي تي ويٺل ھي باز زمين تي رڙھندڙ ڪيڙن کي پنهنجي تيز اکين سان ڏسي ٿو، ھن جي تيز نظر جو جو سبب ڪاري ڪشمش آھي.  جڏهن توهان پساري کان خريد ڪندؤ تہ توهان ان کي ڪاري ڪشميري نہ سڏيندا، توهان زرشڪ شيرين چوندئو.

فائدا:

نظر تيز ڪندڙ:
زرشڪ دماغ ۽ اکين جي تقويت لاءِ فطرت جو هڪ منفرد طبي راز آهي. روز رات جو زرشڪ جو اڌ چمچو چٻاڙي مٿان نيم گرم کير پيئجي تہ نظر تيز ٿيندي.

مختلف عارضن ۾ فائدو ڪندڙ:
هيپاٽائيٽس ھجي يا سائي يا جيري جو مسئلو يا جيرو سڪڙي ويو ھجي يا جگر جو ڪينسر، سڀن حالتن ۾ زرشڪ مسيحائي ڏيکاري ٿو.
گرمي جي موسم ۾ ھي انوکو مزو رکي ٿو. توهان گلاب جي عرق ۾ زرشڪ چمچو رات جو پسايو ۽ صبح جو چٻاڙي کائو ۽ پاڻي پئو. خوبصورتي، جواني، چمڪ ، خوشي، دماغ، دل، عضلات، اعصاب، جسماني طاقت ۽ وڃايل طاقت لاء ھن کان وڌيڪ شي نہ ملندي.
سنڌن جو سور، هڏن جو زخم، هڏن جي ٽوڙ ڦوڙ، پنين ۾ پٽ، ڪن رڳ جو سور ۽ رات جو سمهڻ تي بيچيني، دل چاھيندي ھجي تہ ڪجھ تيل سان مالش ڪجي. اھڙن مريضن لاء مشورو تہ هر کاڌي  کان 15 داڻا زرشڪ چٻاڙي کائن.

جوشاندو:
زرشڪ      2 گرام
ڪاسني     2 گرام
پاڻي       گلاس
ملائيڪاڙھجي، پاڻي اڌ بچي تہ ڇاڻي پيئجي.
ھي جو شاندو انتھائي مقوي قلب آھي، جڏھن دل گهٽندو ھجي، اھڙي حالت ۾ ھي اڪسير آھي. بخار جي دوران ۽ بخار کان پوء ھي جوشاندو بي چيني ۽ گهٻراھٽ کي دور ڪري ٿو ۔ ڪمزوري کي دورڪري ٿو ۔ بک لڳائي ٿو ۽ مريض ٺيڪ ٿي وڃي ٿو.
 بلغمي دم ۾ ھي جوشاندو وڏو فائدو ڪري ٿو. 80 سيڪڙو کنگھ جا مريض ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. دماغ ۾ بلغم ڄميل ھجي يا مٿي ۾ سور ھجي يا اڌ مٿي جو سور ساڄي پاسي وارو، ان کي فائدو ڏئي ٿو.
ڪاري کنگھ لاء تمام موثر آھي. جن کي شڳر ھجي، اھي ھن جو شاندي مان فائدو وٺي سگهن ٿا. چيچڪ ۔ خسرو ۔ نوبتي بخار ۔ دست سڀن عارضن ۾ ھي جوشاندو ھاڪاري اثر ڏيکاري ٿو ۽ چند ڏينھن پيئڻ سان بخار ختم ٿي وڃي ٿو.
جن عورتن کي ليڪوريا ھجي يا رحم جي سوڄ يا حيض ڪاراڻ مائل ايندو ھجي يا حيض دورا دڳ ايندا ھجن ھن جوشاندي استعمال ڪرڻ سان ڀلايون ٿي وڃن ٿيون.
ٻار جيڪي سوڪھڙي جو شڪار ھجن يا جن کي دست ھجن انهن کي ھي جوشاندو فائدو ڏئي ٿو.
ھي جوشاندو بدھضمي جي مريضن کي ٺيڪ ڪري ٿو، ھن جي استعمال سان بک وڌي وڃي ٿي. پيچش ۽ وٽن پوڻ ۾ ھي سٺو اثر ڏيکاري ٿو.

Tuesday 28 April 2020

سنا Senna 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نالا:
سنڌي ۾ سنا
عربي ۽ فارسي ۾ سنامڪي
بنگالي ۾ سونا مڪي
انگريزي ۾ Senna

رنگ:
پيلو مائل سبز، گل پيلا

ذائقو:
ڪسارو ۔ تلخ

مزاج:
گرم خشڪ پھريون درجو

ماھيت:
ھي ٻوٽو اڍائي فٽن کان 4 فٽن تائين ٿئي ٿو. ھن جو ٻج ھڪ انچ ڊگهو چمڪدار ۽ ھيڊسرو سبز ٿئي ٿو جيڪو ميندي جي پنن جھڙو ٿئي ٿو.
ھي ٻوٽو عرب کان آيو، ھاڻي ھندستان ۽ پاڪستان ۾ ان جي پوکي ٿئي ٿي. ھن جا گل نيرسرا ۽ پن ميندي وانگر ٿين ٿا. ھن جي ڦلي چپتري ٿئي ٿي جنھن جي اندر ڊگهڙو ۽ ڪجھ پيچيل ننڍڙو ٻج ٿئي ٿو. ھن جا پن دوا ۾ استعمال ٿين ٿا.

سنا جا قسم:
سنا جا ٻہ قسم ٿين ٿا.


(1) ننڍپن سنا   Cassia senna
ھي پاڻ ڦٽندڙ ننڍن پنن وارو ٻوٽو آھي جيڪو جنوبي حصن ۾ پيدا ٿئي ٿو. ھي اعلا سنا آھي.


(2) وڏپن سنا  Cassia angustifolia
ھي وڏن پنن واري سنا ٿئي ٿي جيڪا انڊيا مدراس ۔ مدورائي ۔ ترچناپلي ۽ بمبئي جي ڪجھ علائقن ۾ پيدا ٿئي ٿي. ھن کي ديسي سنا سڏجي ٿو.

فعل:
ھي ملين (پيٽان ويھاريندڙ) ۔ مسھل بلغم (دست ذريعي بلغم ڪڍندڙ) ۔ مسھل صفرا (دست ذريعي صفرا ڪڍندڙ)  ۔ مسھل سودا (دست ذريعي سودا ڪڍندڙ) ۔ رڪاوٽ ختم ڪندڙ ۔ مصفي خون (رت صاف ڪندڙ) ۔ ڪيڙا ماريندڙ ۔ جالي (کائيندڙ) ۔جاذب (جذب ڪندڙ)


استعمال :-
مسھل ھجڻ ڪري بلغم ۔ صفرا ۽ سودا کي دستن ذريعي خارج ڪري ٿي، ان ڪري نوبتي بخارن ۔ نقرس (سنڌن جو سور) ۔ گهنٽيا (ڪن رڳ جو سور) ۔ چيلھ جو سور ۔ وجع الورڪ ۔ ضيق النفس (دم) ۾ مفيد آھي. مصفي خون ھجڻ جي ڪري تر ۽ خشڪ خارش ۽ سوڄن ۾ کارائي وڃي ٿي. ڪيڙا مار ھجڻ ڪري ھن کي پيٽ جي ڪيڙن کي مارڻ ۽ خارج ڪرڻ لاء ھن جو سفوف يا جوشاندو پياريو وڃي ٿو. ھي قولنج کي کولي ٿو.
سنا ازخود ڦٽندڙ ٻوٽو آھي جنھن کي عمدي قسم جو ليکيو وڃي ٿو. هي معدي مان صفرا کي خارج ڪري ٿي، سودا کي ڪڍي ٿي ۔ پٺن ۽ مشڪن کي درد کان نجات ڏي ٿي ۔ وارن کي خراب ٿيڻ کان روڪي ٿي ۽ صحتمند بڻائي ٿي ۽ جسماني درد ختم ڪري ٿي.
ھن کي استعمال ڪرڻ جو بھترين طريقو ھن جو جوشاندو آهي. ھن کي اٻارڻ وقت جيڪڏھن ھن ۾  منقا ۽ بنفشا ملايو وڃي، اهو وڌيڪ فائديمند ٿيندو.
سنا اھا جڙي ٻوٽي آھي جيڪا جسم مان فاسد (فساد پيدا ڪندڙ) ۽ زھريلا مادا خارج ڪري ٿي ۽ جسم تندرست شروع ٿي وڃي ٿو. ھي دل کي طاقت ڏئي ٿي ۔ وسوسن کي دور ڪري ٿي ۽ سنڌن جي سور کي ختم ڪري ٿي. ھن جي جوشاندي ۾ جيڪڏھن شاھترو ۔ منقا ۽ بنفشا شامل ڪيو وڃي تہ ھن جي فائدن ۾ وڏو اضافو اچي وڃي ٿو.

فائدا:

اڌ مٿي ۽ مٿي جو سور ختم ڪندڙ:
سنا مسھل (جلاب آور) آھي، ھي صفراوي ۔ سوداوي ۽ بلغمي مادن کي جسم مان خارج ڪري ٿي ۔ دماغي رڳن مان اٽڪيل رطوبتن کي خارج ڪري اڌ مٿي جي سور کي ختم ڪري ٿي.سنا ڪن رڳ جي سور ۽ پراڻي مٿي جي سور ۾ مفيد آھي.
نسخو:
اسطوخدوس      تولو
ڌاڻا سڪل سڄا  تولو
سنا مدبر            تولو
ڪارا مرچ          اڌ تولو
مصري               ساڍا ٽي تولا
وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
اڌ ننڍو چمچو سج اڀرندي ۽ اڌ ننڍو چمچو سج لھندي مٽ جي پاڻي سان استعمال ڪجي.

دل کي طاقت ڏيندڙ:
سنا دل جي فعل کي طاقت ڏئي ٿي ۔ دل جي پردي کي طاقت ڏئي ٿي ۔ زھريلن مادن کي خارج ڪري دل کي متحرڪ ڪري ٿي ۔ دماغ مان وھم ۽ وسوسن کي دور ڪري ٿي ۔ رت کي صاف ڪري ٿي ۽ پيٽ جي ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿي.
نسخو:
سنا مدبر      2 تولا
جرڦل          2 تولا
مغز اخڙوٽ  2 تولا
مصري         6 تولا
پھرين سنا ۽ مغز اخڙوٽ کي گڏ ڪٽجي. پوء سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
چپٽي صبح شام پاڻي سان استعمال ڪجي.

پٿري ختم ڪندڙ:
ھاضمي جي خرابي جي ڪري جڏهن  تکيٽو Oxilate ۽ پسيٺو Urate وڌيڪ مقدار ۾ پيدا ٿين ٿا، تڏھن سنا ​​جو استعمال انهن جي اخراج جو سبب بڻجندو آهي.  پيشاب ۾ پسيٺو Urate اچڻ مستقبل ۾ پٿري جي پيدا ٿيڻ جو پيشخيمو آھي، گڏ گڏ پيشاب ۾ ساڙو رھي ٿو ڇوجو پيشاب ۾ پسيٺو Urate ۽ تکيٽو Oxalate ڪونہ ڳرن ٿا ۽ مريض جي سفيد رطوبت ۾ الڳ نظر اچن ٿا جنھن کي جاهل طبيب جريان قرار ڏين ٿا.  اهڙن مريضن لاءِ ، سنا ۽ سونف پاؤڊر فائديمند آهن. ثنامڪي جو مسلسل استعمال گردن ۽ مثاني کان پٿر کي ختم ڪرڻ لاءِ تمام مشھور آهي.

نسخو:
سنا مدبر        100گرام
سونف          50گرام
گنڌڪ مدبر   25 گرام
مغز اخڙوٽ   25 گرام
کنڊ               175 گرام
پھرين سنا ۽ مغز اخڙوٽ کي گڏ ڪٽجي. پوء سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
اڌ چپٽي صبح شام پاڻي سان پيئجي.

قبضي ختم ڪندڙ:
جيڪڏھن اجابت (پيٽان ويھڻ) معمول مطابق نہ اچي يعني ڪڏھن ڪڏھن يا ٻئي ٽئين ڏينھن اچي يا گهٽ مقدار ۾ اچي تہ انهي کي قبضي ليکبو. قبضي بيمارين جي ماء آھي جنھن جي ڪري مٿي جو سور ۔ نزلو ۔ زڪام ۔ نظر جي ڪمزوري ۔ دل جي گهٻراھٽ ۔ بي چيني ۔ بک جي کوٽ ۽ بواسير جھڙا مرض پيدا ٿين ٿا. ان ڪري بواسير کي ننڍو عارضو تصور نہ ڪجي.
چانھن جو استعمال ۔ سگريٽ نوشي ۔ حقہ نوشي ۔ آفيم کائڻ ۔ گھ کير جو گهٽ استعمال ڪرڻ جي ڪري آنڊا خشڪ ٿي وڃن ٿا ۽ قبضي جنم وٺي ٿي.
حاجت دير سان اچي ٿي يا شڪل سان خشڪ پاخانو اچي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن اجابت ۾ خون اچي ٿو ھي سڀ قبضي جون علامتون آھن.
جيستائين سنا جو تعلق آھي ھي قبضي کي ٽوڙڻ لاء اڪسير آھي. مسھل ھجڻ ڪري دل کي طاقت ڏئي ٿي ۔ سودا کي خارج ڪري مشڪن کي چست بنائي ٿي ۔ وارن کي ڪرڻ کان روڪي ٿي ۔  جوئن کان بچائي ٿي ۽ پراڻي مٿي جي سور کي روڪي ٿي ۔ خارش ۔ داڻن ۽ مرگهي کي فائدو ڏئي ٿي.

نسخو:
سنا مدبر      2 تولا
سونف         2 تول
جرڦل          2 تولا
مغز اخڙوٽ  2 تولا
مصري         6 تولا
پھرين سنا ۽ مغز اخڙوٽ کي گڏ ڪٽجي. پوء سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
چپٽي صبح شام پاڻي سان استعمال ڪجي.


نوٽ:
سنا کي ھميشہ مدبر ڪري پوء استعمال ڪجي. پھرين سنا کي ڪاٺين کان دور ڪجي ۔ پوء سنا کي ڪٽي پائوڊر ڪجي ۽ آخر ۾ سنا پائوڊر کي روغن بادام ۾ ھلڪي نموني آٻوھجي جيئن ھلڪي سڻڀ ظاھر ٿئي. مٿين نسخن ۾ سنا کي مدبر ڪرڻ جي ضرورت ناھي ڇوجو سنا مغز اخڙوٽ ۾ مدبر ٿي وڃي ٿي يا سنا سان گڏ مصلح طور گل سرخ ۔ انيسون (سونف رومي) يا باديان (وڏف) استعمال ڪرڻ کپي. 
سنا کي اڪيلي طور ڪڏھن بہ استعمال نہ ڪجي. ھن جي جوشاندي ۾ گلاب جا گل يا روغن بادام ملائڻ ضروري آھي.
طب ۾ سون سالن کان جلاب استعمال ڪيا وڃن ٿا پر سنا واحد جلاب آھي جيڪو جسم کي نرم ڪري طبيعت کي درست ڪري ٿو.
نوٽ: ھي نسخا صرف ڄاڻو حڪيم ٺاھن، عام ماڻهو نہ ٺاھي.

Saturday 25 April 2020

تخم بالا Tukhm e balanga 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اوھان اونهاري ۾ اڪثر ريڙھي تي رکيل شربت ڏٺو ھوندو جنھن کي پيئڻ سان گرمي جو احساس ختم ٿي ويندو آھي ۽ جسم ۾ توانائي اچي ويندي آھي. جي ھي شربت جيڪو اسان پيئندا آھيون، ان کي تخم بالا يا تخم ملنگا جو شربت چئبو آھي.
گرمي هجي يا سردي ، خزان هجي يا بھار، قدرت موسم مطابق مفيد غذائون عطا ڪيون آھن. جيئن سرد موسم ۾ گرم کاڌو انسان جي سردي جي خطري کي گهٽائي ٿو، اهڙي طرح گرم موسم ۾ ٿڌو کاڌو انسان جي گرمي ٿڪ ، پياس ۽ گهٻراهٽ کان بچائي ٿو. سخت گرم موسم ۾ تخم بالا جو استعمال وڌي وڃي ٿو. ھي ٻج کي فرحت بخش ۽ ٻين ٿڌي مشروبات ۾ استعمال ڪرڻ سان گرمي جي شدت گهٽجي وڃي ٿي. ٻج ۾ موجود غذائي جزا گرمي کي ختم ڪن ٿا ۽ جسم ۾ ٿڌ بہ پيدا ڪن ٿا.
 فطرت جي هڪ نعمت جيڪا نہ رڳو گرميءَ ۾ پر ٻين عنصر ۾ به تمام گهڻي مفيد آهي.  هن نعمت جو نالو آهي تخم بالا.
تخم بالا جنھن کي عام ٻولين ۾ تخت ملنگا پڻ چيو ويندو آهي، اھو قدرتي نعمت آھي پر اسان وٽ عام طور تي نظرانداز ٿيل آهي جڏھن تہ ھي طبي فائدن سان مڪمل آهي ڇوجو ھن ۾ صحت جو خزانو موجزن آھي.
تخم بالا جا ٻج جڏهن شربت ۽ فالودي ۾ استعمال ٿين ٿا پر تاريخ ۾ ھي ٻج ڪرنسي طور پڻ استعمال ٿيو آهي. ازطق سپاهي جنگ کان پھرين انهي کي کائيندا هئا ڇوجو ھي توانائي سان ڀرپور آهي. انهي بنياد تي تخم بالا جو ٻج کي ڊوڙڻ واري خوراڪ پڻ چيو ويندو آهي.
 تخم بالا ۾ ڪيترائي لڪل طبي ۽ غذائي فائدي آھن. تخم بالا جي باقاعده استعمال سان نشاستو Carbohydrate، پروٽين Protein، وٽامن Vitamins ۽ انساني جسم ۾ ڪيترائي ٻيا غذائي اجزا پيدا ٿين ٿا. تخم بالا وٽامن سي Vitamin C، ڪيلشم Calcium ۽ پوٽيشم Potassium جو خزانو آھي، ھن ۾ کير کان 5 ڀيرا وڌيڪ ڪلشيم ۽ ڪينو جي ڀيٽ ۾ 7 ڀيرا وڌيڪ وٽامن سي آهي.
تخم بالا 28 گرام ۾ 137 حرارا، 12 گرام نشاستو ، 4.5 گرام سڻڀ، 10.5 گرام تاندورا، 0.6 ملي گرام معدنيات، 265 ملي گرام فاسفورس ۽ 177 ملي گرام ڪيلشم کان علاوه وٽامن ، معدنيات ۽ نکڻ Niacin ۽ اڇليٺي Thiamine موجود آهن. ان کان علاوه ، تخم بالا ۾ ڪيترن نمونن جي تڪسيد روڪن Antioxidents تي مشتمل آهن. هن جا ٻج مختلف نموني استعمال ڪري سگهجن ٿا. هن کي کير، ليمن، آئس ڪريم ۽ شربت وغيره ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
هن جا ٻج مختلف نموني استعمال ڪري سگهجن ٿا. هن کي کير، ليمن، آئس ڪريم ۽ شربت وغيره ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

تخم بالا جا فائدا:

خارش ۽ تيزابيت ۾ مفيد:
تخم بالا خارش ، تيزابيت ۽ السر جي مريضن لاءِ مفيد آهي. بھتر هاضمي لاءِ تخم بالا جو استعمال وڏي فائدي وارو آهي. هي معدے ۽ معدي جي خرابين کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

وزن گهٽائيندڙ:
اسان ڊائٽنگ جي نالي تي سخت کان سخت ورزش ۽ ڊگها فاقا برداشت ڪريون ٿا پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته تخم بالا جو استعمال وزن گهٽائڻ لاءِ پڻ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ تہ انهن ٻجن ۾ حرارا گهٽ مقدار ۾ ٿين ٿا ان ڪري ھن جي استعمال سان وزن نٿو وڌي، تنھن ڪري، ٿولھ جو شڪار ماڻهو پنھنجو وزن گهڻو ڪري گهٽائڻ چاھن ٿا تہ اهي روزانو 2 چمچا تخم بالا استعمال ڪن.

 شڳر کي روڪڻ ۾ مدد ڪندڙ:
 تخم بالا جسم ۾ موجود نسولي Insulin جي حد کي متوازن ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته نسولي وزن وڌائڻ ۽ پيٽ ۾ چرٻي کي جمع ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي. تخم بالا ۾ الفا سڻڀيٺ تيزاب Alpha Linoleic acid ۽ تاندورا Fibers رت ۾ چرٻي پيدا ڪرڻ نہ ڏيندا آهن نہ ئي نسولي Insulin جي مزاحمت جو سبب بڻجندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انهن ٻجن جو شڳر کي روڪڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿئي ٿو.

 پوڙھائپ روڪيندڙ:
 تخم بالا خوبصورتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.ھن جي ٻج مان حاصل ڪيل تيل چمڙي کي خشڪ ٿيڻ نہ ڏيندو آهي ۽ عورتن لاءِ تمام گهڻو مفيد آهي. ھن جو تيل وڌيل عمر جي اثرن کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ھن تيل تل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants جو وڌيڪ مقدار وڌندڙ عمر جي اثرن کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿو.

 مشڪن ۽ اوڄن کي طاقت ڏيندڙ:
 تخم بالا جو استعمال غير فعال اوڄن Tissues جي بحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي ۽ انهن ٻجن ۾ موجود امينو تيزاب Amino acid ۽ پروٽين Protein مشڪن جي مقدار کي برقرار رکڻ ۽ انهن جي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

پوڙھائپ روڪيندڙ:
 تخم بالا خوبصورتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.ھن جي ٻج مان حاصل ڪيل تيل چمڙي کي خشڪ ٿيڻ نہ ڏيندو آهي ۽ عورتن لاءِ تمام گهڻو مفيد آهي. ھن جو تيل وڌيل عمر جي اثرن کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ھن تيل تل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants جو وڌيڪ مقدار وڌندڙ عمر جي اثرن کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿو.

 مشڪن ۽ اوڄن کي طاقت ڏيندڙ:
 تخم بالا جو استعمال غير فعال اوڄن Tissues جي بحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي ۽ انهن ٻجن ۾ موجود امينو تيزاب Amino acid ۽ پروٽين Protein مشڪن جي مقدار کي برقرار رکڻ ۽ انهن جي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

جلد نکاريندڙ ۽ پوڙھائپ روڪيندڙ:
 ميڪسيڪو ۾ تخم بالا تي تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي تہ هن ۾ قدرتي نِڦيڻ Phenolic مقدار ٻيڻي موجود آهي جيڪو جسم ۾ آزاد آڪسن Free radicals جي عمل کي روڪي ٿو. اهڙيءَ طرح تخم بالا هڪ طرف چمڙي لاءِ تمام فائديمند آهي تہ ٻئي طرف پوڙھائپ کي روڪي ٿو.


 هاضمي لاءِ مفيد:
 تاندورن Fibers جي وڌيڪ مقدار جي ڪري، تخم بالا هاضمي لاءِ تمام مناسب آهي. السي ۽ تخم بالا خون ۾ نسولي Insulin کي برقرار رکندا آهن ۽ صفرا Cholesterol  ۽ رت جي چاڙھ کي ضابطي ۾ رکن ٿا. طبي تحقيق مان اهو ظاهر ٿيو آهي تہ تاندورا پاڻي کي جذب ڪري پيٽ ڀرڻ جو احساس ڏيارن ٿا ۽ وزن گھٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.  ھن جو استعمال معدي جي مفيد جيوڙن Becterias جي مقدار کي وڌائي ٿو.

 دل کي صحتمند رکندڙ:
 تخم بالا صفرا کي پورو رکي ٿو، رت جي داٻ کي پورو رکي ٿو ۽ دل کي طاقت بخشي ٿو. ھن جو باقاعده استعمال رت جي شريانين کي تنگ ٿيڻ کان روڪي ٿو ۽ ان کي لچڪدار بنائي ٿو.  اوميڳا 3 چرٻ تيزاب جي ڪري، ھي دل جو اھم محافظ ٻج آهي.

 توانائي وڌائيندڙ:
جرنل آف اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب، تخم بالا ڏيڍ ڪلاڪ تائين توانائي وڌائي ٿو ۽ ورزش ڪندڙن لاءِ تمام گهڻو مفيد آھي.  ھي ٻج جسم ۾ گهرڙبدليت Metabolism کي تيز ڪري چربی کي گهٽائي ٿو ۽ ٿولھ کي بچائي ٿو.

 هڏن کي طاقت ڏيندڙ:
 چوڻي مطابق، تخم بالا جو هڪ اونس ۾ روزاني ضرورت جي ڪيلشم 18٪ پاتي وڃي ٿي جيڪا هڏين جي وزن ۽ طاقت لاءِ ضروري آهي. ھن ۾ موجود  بورون نالي سفورو Phosphorus ۽ معدنيات Minerals سفوري کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا ۽ هڏن ۽ عضون کي مضبوط رکن ٿا.  ان کان علاوه ھن ۾ موجود جست Zinc ۽ ٻيا جزا وات ۽ ڏندن جي صحت برقرار رکن ٿا.

Thursday 23 April 2020

بيھي ڦل Quince 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
انگريزي زبان ۾ بيھي ڦل کي Quince ۽ عربي ۾ سفرجل سڏيو ويندو آهي. ھي ناسپتي جي خاندان سان منسوب آهي. ھن جي کل جو رنگ پيلو ۽ ڳر سفيد ٿئي ٿي. ھن جا 2 قسم ٿين ٿا.
ھڪ کٽو
ٻيو مٺو
ھن جي ٻج کي بيھي داڻو سڏيو وڃي ٿو. هن جو ميوو تازو استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ھن جو مربو ۽ جيلي پڻ .هي يوناني دوائن ۾ دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي .هن ميوي جي موسم سيپٽمبر کان جنوري تائين ٿيندي آهي.
ناسپتي ۽ صوف سان مشابھت رکندڙ بيھي ڦل ڪيترن ئي خاصيتن سان مالا مال ميوو ڪيترن ئي بيمارين کان بچائي ٿو. ھي ميوو ڪينسر کان بچائي ٿو ۔ ٿولھ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۔ هاضمي کي مضبوط ڪري ٿو ۔ صفرا کي گھٽائي ٿو ۔ قوت مدافعت وڌائي ٿو ۔ آنڊن جي بيماري ۽ سوزش کي دفع ڪري ٿو ۽ چمڙي کي خوبصورت بڻائي ٿو.
بيھي ڦل خشڪ کنگھ جو بھترين علاج آهي. هي ميوو تازو رت پيدا ڪري ٿو ۔ دل کي طاقت ڏئي ٿو ۔ کير پياريندڙ مائرن جو کير وڌائي ٿو ۔ رت جي چاڙھ تي قابو پائي ٿو ۔ دماغ ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو ۽ اڃ لاھي ٿو. جيڪڏهن حاملہ عورت کائي تہ انهي سان حمل ضايع ٿيڻ جو ڪو امڪان نہ ٿو رهي. هن جي شامل جزن ۾ وٽامن سي جو هڪ خزانو موجود آهي. هن ميوي جو استعمال بيمارين ۾ تمام گهڻو مفيد آهي.
 جام ۔ جيلي ۽ پائوڊر ٺاهڻ لاءِ پڻ استعمال ٿئي ٿو. ھي ڦل ناشتي جي انداز ۾ پڻ کائي سگهجي ٿو.  بيھي ڦل جي کل ۽ گودي ۾ وٽامن Vitamins، معدنيات Minerals، تڪسيد روڪ Antioxidents ۽ تاندورا Fibers موجود ٿين ٿا.  ھن مان پورو فائدو وٺڻ لاءِ، ھن کي کل سان گڏ کائڻ لازمي آھي.

 بيھي ڦل جا صحت بخش فائدا:

(1)  ڪينسر روڪيندڙ:
 بيھي ڦل ۾ ڪافي مقدار ۾ تڪسيد روڪ Antioxidents ٿين ٿا جيڪي آزاد آڪسن Free radicals کي ختم ڪن ٿا ۽ ڪينسر Cancer جي خطري کي ڪافي حد تائين گهٽائن ٿا.

( 2) وزن گھٽائيندڙ:
بيھي ڦل جو استعمال پڻ جسم ۾ گهرڙبدليت Metabolism جي عمل کي تيز ڪري، هاضمي کي بھتر ڪري ٿو ۽ تاندورن جي وڏي مقدار جي ڪري هاضمي جو سرشتو تيز ٿي وڃي ٿو جنهن سان وڌيڪ توانائي پيدا ٿئي ٿي. ھي بھتر هاضمي جو نظام پيدا ڪرڻ ڪري جسم ۾ اضافي چرٻي کي وڌڻ نہ ڏيندو آهي ۽ وزن وڌائڻ کي روڪيندو آهي.

 (3) رت جي چاڙھ کي وچٿرو ڪندڙ:
 بيھي ڦل ۾ پوٽيشم Potassium رت جي چاڙھ لاءِ فائديمند آهي.  پوٽيشم انساني جسم ۾ هڪ اهم معدنيات آهي جيڪو رت جي چاڙھ کي ضابطي رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.  پوٽيشم رت جي کوٽ کي گهٽائي ٿو جنھن ڪري دل جي دوري ۽ فالج جو خطرو خاص طور گھٽجي ويندو آهي.

(4)  قوت مدافعت وڌائيندڙ:
 بيھي ڦل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants، وٽامن سي Vitamin C ۽ وٽامن اي Vitamin A جسم ۾ مدافعتي نظام کي وڌائن ٿا.  وٽامن سي جسم ۾ اڇي رت جي خلين جو تعداد وڌائي ٿي جيڪي جسم کي وائرن Viruses ۽ جيوڙن Bacterias کان بچائن ٿا.

(5) چمڙي صحتمند ڪندڙ:
بيھي ڦل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants ۽ وٽامن Vitamins چمڙي کي صحت مند ۽ جوان بڻائن ٿا. تڪسيد روڪ جزا Antioxidants آزاد آڪسن Free radicals جي نقصان جو خطرو گهٽائن ٿا ۽ تابڪاري شعاعن Ulta violate rays کان چمڙي کي بچائن ٿا.

(6) الرجي ختم ڪندڙ:
 بيھي ڦل ۾ ايلرڄي Elergy ختم ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هوندي آهي. جيڪڏهن چمڙي جي سوزش تي جيل جي صورت ۾ چمڙي کي ھڻجي تہ چمڙي کي تڪڙي راحت ملندي.  ھن ۾ موجود وٽامن سي چمڙي جي سوزش گهٽائڻ سان گڏ چمڙي جي صحت کي بھتر ڪري ٿي.

(7) وارن وڌائيندڙ:
 بيھي ڦل ۾ موجود معدنيات جن ۾ فولاد Iron ، ٽامو Copper ۽ جست Zinc شامل آهن، اھي ڳاڙھن گھرڙن جي پيداوار لاءِ ضروري آهن. رت جا ڳاڙھا گهرڙا جيترا مقدار ۾ وڌيڪ ، اوترو رت جو وھڪرو وڌيڪ تيز هوندو.  ان طريقي سان وڌيڪ آڪسيجن جسم ۾ ويندي ۽ رت وڌندو. ان ڪري ھي رت جو وڌيڪ وھڪري کي تيز ڪري وارن جي ڳنڍن کي وڌيڪ صحتمند بنائي ٿو ۽ وار جي واڌ کي وڌائي ٿو.

8) جلن ختم ڪندڙ:
بيھي داڻي جو جو لعاب ڪڍي ان کي ساڙڻ واري هنڌ تي لڳائڻ سان جلن ختم ٿئي ٿي.

(9) وات جي ڦلوڪڻا مٽائيندڙ:
بيھي داڻن کي چوسڻ سان وات جا ڦلوڪڻا ختم ٿي وڃن ٿا.

(10) خشڪ کنگھ ۽ گلي جي سخت خارش ۾ مفيد:
بيھي داڻن کي خشڪ کنگھ م چوسڻ اثرائتو علاج آهي ۽ ڳلي جي خرابي کي پڻ فائدو پوي ٿو.

(11) ٻارن جي خسري بعد گرمي زائل ڪندڙ:
خسرن مان نڪرڻ بعد ، اڪثر ٻارن کي گرمي پد شروع ٿي ويندو آهي. اھڙي حالت ۾ بيھي داڻن جو لعاب شربت صندل ۽ عرق ڪيوڙي سان ملائي پيارجي تہ فائدو پوندو.
 ھن جي ٻج کائڻ سان بيماري جي نقصان يا خطري بابت معلومات اڃا تائين سامهون ڪونہ آئي آهي. وڌيڪ ٻج کائڻ سان نقصان ٿي سگھي ٿو. ھن جي ٻجن کي سنڌي ۾ بيھي داڻا چئبو آھي جيڪي مختلف بيمارين ۾ استعمال ٿين ٿا.

احتياط:
بيھي ڦل کائڻ کان پوءِ استعمال ڪجي. کاڌي پهريان ھن جو استعمال قبضي پيدا ڪري ٿو ۽ پيٽ ۾ سور پيدا ڪري ٿو. ٿڌي مزاج وارا ماڻهو ھن کي ماکي سان کائن، ٻي صورت ۾ اهو صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.