Wednesday 10 April 2019

ميڪپ Makeup |اصغر ساگر|

ميڪپ   Makeup |اصغر ساگر|
ڪاسميٽڪ ۾ ڪافي جز ٿين ٿا ڪي سٺا، ڪي خراب ۽ ڪي وري خطرناڪ حد تائين نقصانڪار ٿين ٿا. روزانو ميڪپ ڪرڻ سان چھرو متاثر ٿئي ٿو ڇوجو ان جو ڪجھ حصو چمڙي ۾ جذب ٿي ساھ ذريعي ڦڦڙن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ موجود ڪيميائي مادا ايلرڄي جو سبب ٿين ٿا.
ميڪپ جي ڪري جيڪي چمڙي تي خراب اثر پون ٿا انهن تي روشني وجهجي ٿي.


 مٿي جو سور:
ڪجھ اينٽي مائڪروبيل ڪيميائي مادا ڪاسميٽڪ ۾ شامل ٿين ٿا جيڪي مٿي ۾ سور ۽ سوزش پيدا ڪرڻ سان گڏ اکين کي نقصان پھچائين ٿا. جيڪڏھن مٿي جي سور جي شڪايت مستقل ٿي وڃي ۽ سبب سمجھ ۾ نہ اچي تہ 2 يا 3 ڏينھن ميڪپ ڇڏي ڏجي ٿي، سگهي ٿو تہ مسئلو حل ٿي وڃي. 

وارن جا مسئلا:
ٻين فيشنن سان گڏ وارن جي نموني جو فيشن بدلبو رھي ٿو جنھن جي لاء مختلف جيل ۔ سيرم ۔ ڪنڊيشنر ۔ اسپري ۽ شيمپو استعمال ٿين ٿا جيڪي وقتي طور تي وارن کي خوبصورت بنائن ٿا پر وقت سان گڏ انهن کي نقصان پھچائن ٿا. انهن شين جو وڌيڪ استعمال وارن کي سنهو ۔ بي ساھو ۽ خشڪ بنائي ٿو ۽ ٻيون بيماريون ڏئي ٿو جنھن جي ڪري وار ڪرن ٿا. اھڙي طرح وار ڪلر وارن جا رنگ تبديل ڪري کين بد رنگ ڪري ٿو.

داڻا :
سڀ کان عام مسئلو ھي آھي جنھن کي عورتون منھن ڏين ٿيون خاص ڪري ميڪپ ڪرڻ جي ڪري عورتن جي چمڙي جا مسام بند ٿي وڃن ٿا خاص ڪري پرليڪوئڊ ۽ ڪريمن جي استعمال سان چمڙي جا مسام بند ڪارن داغن جي شڪل وٺن ٿا. جيڪڏھن انهن کي صاف نہ ڪيو وڃي داڻ يا موھيڙن جي شڪل وٺن ٿا. ان ڪري ضروري آھي تہ رات جو سمھڻ کان پھرين پاڻي يا سٺي ڪلينر سان چمڙي کي صاف ڪجي جيڪڏھن چھري تي داڻ رھجي وڃي تہ لازمن ڪريم استعمال ڪجي جيڪا ٻن ٽن ھفتن ۾ چھري کي صاف ڪري ڇڏيندي.

ايلرڄي :
ڪاسميٽڪ کي جيوڙن کي بچائڻ لاء ان ۾ خاص ڪيميائي مادو پيرابين ملايو وڃي ٿو جنھن جي ڪري چمڙي ايلرڄي جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ چھري تي سوزش جو اثر رھڻ ڪري داغ ۽ داڻ اچي وڃن ٿا. ان کان سوا چھري تي ڪرائيندڙ داڻا نڪري اچن ٿا.

اکين جي ڇوت Infection :
اکين ۽ ان جي آسپاس وارو حصو صفا نازڪ ٿئي ٿو ان ڪري اکين تي استعمال ٿيندڙ اپتون ڇوت جو سبب بنجي سگهن ٿيون. اکين تي لڳندڙ ميڪپ اکين ۾ داخل ٿي سوزش پيدا ڪري ٿو. مسڪارا ۽ آئي لائينن جو استعمال پنبڻين کي نقصان پھچائي ٿو ۽ انهن جي نشونما کي نقصان پھچائي ٿو صرف اھو نہ پر پنبڻيون جيوڙن جي جڳھ بنجي وڃن ٿيون ۽ اکيون ڇوت جي ور چڙھن ٿيون.

گهنج اچڻ :
ميڪپ جي استعمال سان چمڙي کي نقصان پھچڻ لڳي ٿو جنھن جي ڪري چھري ۽ چمڙي تي گهنج پوڻ لڳن ٿا ۽ وقت کان پھرين چھري تي پوڙھائپ جهلڪڻ لڳي ٿي.


سونھن وڃڻ :
چھري تي استعمال ٿيندڙ گهڻيون اپتون جيئن سن اسڪرين ۔ ٽونر ۔ موائسچر ۽ اھڙيون ڪريمون جن ۾ بليچ شامل ھجي اھي چمڙي کي نقصان پھچائين ٿيون خاص طور تي غير معياري اپتون چمڙي کي بد رنگ بنائن ٿيون ۽ چمڙي تي داغ اچي وڃن ٿا. جلد چمڙي بدرنگ ٿي وڃي ٿي ۽ چمڙي جي پڳ Skin pigmentation جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. جيڪڏھن اھڙا مسئلا رونما ٿين ٿا تہ لازمي ڪريم جو استعمال ڪجي جيئن ڪجھ ھفتن جي استعمال سان چمڙي صاف ٿي وڃي.

اپاء :-
چھري تي ميڪپ بجاء قدرتي نموني ٺھيل شيون استعمال ڪجن.
رات جو سمهڻ وقت ميڪپ کي ڪلينر يا پاڻي سان ڌوئي صاف ڪجي.
روزانو ميڪپ نہ ڪجي.
شادي يا ڪنھن وھانء تي عارضي طور ميڪپ استعمال ڪجي.
غيرمعياري ميڪپ استعمال نہ ڪجي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment