Monday 14 December 2020

مارمو Pygmy Marmoset 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو ڀولڙو مارمو آھي. ھي دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو ڀولڙو آھي، ايترو ننڍڙو آھي جو ھن کي آڱر تي کڻي سگهجي ٿو. ھن جو وزن 110 گرام کان 140 گرام ٿئي ٿو. ھي ڀولڙو آميزون جي جهنگ ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي وڻن جي وچ ۾ ٽپا ڏيندو رھي ٿو. ھن جي لطيف غذا ڪيڙا ۽ جيت ٿين ٿا. ڪجھ بندر وري وڻن جي کونئر شوق سان کائڻ ٿا. مارمو جا ڏند ۽ پنجا تمام تيز ٿين ٿا. ھي ڀولڙا ميڙ يا جهڳٽي جي شڪل ۾ رھن ٿا جنھن ۾ 2 کان 9 ڀولڙا اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ھي ڀولڙا ننڍا ٿين ٿا پر انهن جي چمڙي نرم ملائم ٿئي ٿي. ھنن جي ڳالهائڻ جو انداز نرالو ٿئي ٿو جڏھن ڪنھن مشڪل ۾ پون ٿا تہ تيز ترين آواز سان ھڪ ٻئي کي آگاھ ڪن ٿا. ھي پنھنجي زندگي جو گهڻو حصو وڻن تي گذارين ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن زمين تي لھن ٿا.

مارمن کي پالتو پالي سگهجي ٿو. اھي ڏسڻ ۾ سٻاجهڙا ۽ سھپدار ھوندا آھن. ھي ڪتن وانگر ڪوبہ جوکو نٿا کڻن جڏھن اوھان ڪنھن مشڪل ۾ ڦاسو ٿا.  ھي ڳالهائڻ ۾ ايترا تيز ٿين ٿا جو اوھان ھنن جو ڳالهائڻ سمجهي نٿا سگهو.

مارمو کيڏڻ دوران چڪ يا رھڙ ھڻي سگهن ٿا پر جيڪڏھن انهن جي تربيت ڪئي وڃي اھي تہ سٺا پالتو ٿي سگهن ٿا.

مارما دنيا جي ڪافي علائقن ۾ پاتا وڃن ٿا جن ۾ واشنگٽن اسٽيٽ ۔ مونٽانا ۔ نيواڊا ۔ اتر ڍاڪا ۔ نيبراسڪا ۔ ڪينساس ۔ لووا ۔ مسوري ۔ اوھيو ۔ الباما ۽ ڪيرولينا وغيرھ اچي وڃن ٿا. مارما کي ھٿن ۾ ڇھ آڱريون ٿين ٿيون.

ھي  ڀولڙا نازڪ نفيس ٿين ٿا. ھنن کي ڪڏھن بہ گهر ۾ اڪيلو نہ ڇڏجي ڇوجو ڪتا يا ٻليون ھنن کي نقصان پھچائي سگهن ٿيون ان ڪري ھنن کي وڌيڪ توجھ جي ضرورت ٿئي ٿي. ھي ملاوڙا ٿين ٿا جڏھن گهر ۾ اڪيلا ھوندا آھن تہ ھنن کي بوريت ٿيندي آھي.

مارمن جي چڪ ۾ زھريلو اثر ٿئي ٿو اھي چڪ ھڻي ڪنھن انسان کي ماري سگهن ٿا.