Sunday 26 July 2020

ڄمون Jamun 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڄمون ھڪ موسمي ڦل آھي جيڪو پاڻ ۾ اھڙي ڪيميا رکي ٿو جو ھن موسم ۾ لاحق ٿيندڙ مرضن جي قدرتي علاج سان گڏ ھن موسم لاء قوت مدافعت کي تيار ڪري ٿو ۽ موسمي بيمارين کان بچائڻ جو سبب بنجي ٿو. ڄمون بيمارين ۾ اڪسير جو درجو رکڻ سان گڏ، ھي رس ڀريو ۽ ذائقيدار ٿئي ٿو. ھي رت وارو ميوو آھي ڇوجو ھن ۾ فولاد موجود ٿئي ٿو.

رت جي صفائي ڪندڙ:
ڄمون فولاد Iron سان ڀرپور ٿئي ٿو، جتي ھي رت وڌائي ٿو اتي رت جي صفائي ڪري ٿو ڇوجو ھي آڪسيجن مليل رت جي فراھمي کي يقيني بنائي ٿو.

رت بنائيندڙ:
ھي فولاد Iron سان ڀرپور ميوو رتول پٿ Haemoglobin جي گهٽ سطح کي مناسب سطح تي آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿو، اھڙي طرح رت جي کوٽ جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

رتول پٿ Haemoglobin وڌائيندڙ:
ڄمون وٽامن سي Vitamin C ۽ فولاد Iron سان مالامال ٿئي ٿو جيڪو رت ۾ رتول پٿ Haemoglobin کي وڌائي ٿو جنھن سان رت جسم ۾ آڪسيجن جي وڌيڪ مقدار عضون تائين پھچائي ٿو ۽ رت صاف ڪري صحت تي سٺا اثر مرتب ڪري ٿو.

ھاضمي کي بھتر بنائيندڙ:
ڄمون سرد تاثير ھجڻ ڪري ھاضمي جي مسئلن کي بھتر نموني حل ڪري ٿو، خاص ڪري بدھضمي ۽ تيزابيت جي شڪار ماڻهن جي معدي جي اصلاح ڪري ٿو.

ڏندن ۽ مھارن کي مضبوط ڪندڙ:
ڄمون ڏندن ۽ مھارن لاء مفيد ميوو آھي. ھن جا پن جيوڙا روڪ Antibacteria ٿين ٿا. جيڪڏھن ھن جي پنن کي ڇانو ۾ سڪائي منجن ٺاھيو وڃي ۽ ڏندن تي استعمال ڪيو وڃي تہ بھترين اثر مرتب ٿي سگهن ٿا، ڏندن جي ڇوت Infection ختم ٿي ويندي ۽ ڏندن مان رت اچڻ بند ٿي ويندو.

چمڙي نکاريندڙ:
مصفي ۽ رطوبتي ھجڻ ڪري ھي ڦل چمڙي کي تازو توانو رکي ٿو ۽ ترن ۽ موھيڙن کان بچائي ٿو. ڄمون جو استعمال چمڙي جي بيمارين خاص طور تي داڻن کي دور ڪري ٿو. جن جي چمڙي سڻڀي رھي ٿي، اھي ڄمون کائن جنھن سان چمڙي صاف سٿري ۽ تازي تواني ٿي وڃي ٿي.

ڇوت کان بچائيندڙ:
ھن ۾ موجود مختلف جزا جراثيم ڪش ٿين ٿا جيڪي ڇوت جي خطري کي گهٽ ڪن ٿا. ڄمون جيوڙا روڪ خوبيون ھئڻ سان گڏ ڇوت روڪ ۽ مليريا روڪ پڻ آھي. ڄمون ۾ ڪافي تيزاب صوف جو تيزاب Malic acid ۔ مازو جو تيزاب Gallic acid ۽ بلوطي تيزاب Tannic acid وغيرھ ٿين ٿا جيڪي مليريا سان گڏ ٻين ڇوتن Infections کي روڪن ٿا.

جوت وڌائيندڙ:
ڄمون ۾ وٽامن سي Vitamin C ۽ فولاد Iron جتي رت صاف ڪري ٿو، اتي اکين کي جلا بخشي ٿو ۽ عمر جي وڌڻ سان اکين تي پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪري ٿو.

موسمي بيمارين کان تحفظ ڏيندڙ:
ڄمون ۾ وٽامن سي ڪافي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي جنھن ڪري ھن جو استعمال جسم ۽ دفاعي نظام کي عام موسمي مرضن کان بچائي ٿو.

دل کي مرضن کان تحفظ ڏيندڙ:
100 گرام ڄمون ۾ 55 سيڪڙو پوٺو Potassium موجود ٿئي ٿي جيڪو دل لاء ازحد مفيد آھي ڇوجو ھي دل جي بيمارين سان گڏ فالڄ ۽ رت جو چاڙھ جھڙين بيمارين کي قابو پائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھن ۾ پوٺي Potassium جي مناسب مقدار ٿئي ٿو جيڪو دل جي مرضن ۾ مفيد آھي. ھي رت جي چاڙھ کي روڪي ٿو ۔ فالڄ کان بچائي ٿو ۽ دل جي دوري جي خطري کي گهٽ ڪري ٿي.

شڳر کي روڪيندڙ:
ڄمون شڳر Sugar جي علامتن کي روڪي ٿو خاص طور تي پيشاب وڌيڪ اچڻ ۽ وڌيڪ پياس لڳڻ جھڙين علامتن کي قابو ۾ رکي ٿو ۔ جسم ۾ شڳر جي حد کي وچٿرو رکي ٿو. ڄمون جا گورا شڳر تي بھترين اثر ڇڏين ٿا. ھن ۾ موجود جزا شڳر تي ضابطو رکن ٿا. سائنسي تحقيق مطابق ڄمون مٺ Glucose جي حد کي گهٽ ڪرڻ وارو ڦل آھي. ھن ۾ موجود ٻوھرا Flavonoids اھڙن اثرن وارا ٿين ٿا جو نسول Insulin جي مزاحمت جي خلاف ڪم ڪن ٿا ۽ جسم ۾ نسول جي حساسيت وڌائن ٿا.

Thursday 23 July 2020

ميري ڪيوري Marie curie 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پولینڊ جي هڪ ننڍي شھر ۾ هڪ غريب ڇوڪري مانیا سڪلوڊو وسڪا رهندي هئي جيڪا اڳتي ھلي ميري ڪيوري Marie curie جي نالي سان مشھور ٿي. هوءَ ٽیوشن ڏئي گذر بسر ڪندي هئي. 19 سالن جي عمر ۾ هو هڪ امیر خاندان جي ڏھ سالا ڇوڪري کي پڙهائيندي هئي. ڇوڪري جو وڏو ڀاءُ هن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ظاهر آهي تہ پاڻ بہ ڇوڪري ھن طرف مائل ٿي. ٻنهي شادی ڪرڻ جو فیصلو ڪيو. جڏهن ڇوڪري جي ماءُ کي پتو پيو تہ ھن آسمان کي مٿي تي کنيو. مانیا کي ڪن مان پڪڙي پورچ ۾ اچي بيھاريو. گوڙ ڪري نوڪر گڏ ڪري ھي انهن جي سامهون بي عزت ڪرڻ  لڳي.
"ڏسو! هي ڇوري جنھن کي پائڻ لاءِ ڪپڙا ڪونهن، 24 ڪلاڪن ۾ هڪ وقت ڍئو تي کائڻ لاءِ ماني بہ اسان وٽان ٿي مليس ۽ جوتن جي تري ۾ سوراخ اٿس، اھا منھنجي پٽ سان شادي جي خواهش ٿي رکي ۽ گهر ڌياڻي ٿيڻ گهري ٿي. ڇا هي منھنجي ننھن سڏائڻ لائق آهي.؟"
سڀ نوڪر هن تي کلڻ لڳا. مائي لفظن جو ايترو زهر هاريو جو مانیا کي ائين محسوس ٿيو تہ ڪنھن سندس مٿان تيزاب جو ڊٻو اونڌو ڪيو هجي. توهين جي شدید احساس وچان اتي پورچ ۾ بيٺي بيٺي هن فيصلو ڪيو تہ ھي زندگي ۾ ايتري تہ عزت ۽ شھرت ڪمائيندي جو سڄو پولینڊ ھن جي نالي سان سڃاتو ويندو. سن 1891ع ۾ ھي پولينڊ مان پيرس آئي. يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ھن فزڪس پڙهڻ شروع ڪيو. ھن ايتري سخت محنت ڪئي جو ھي 20، 20 ڪلاڪ پڙهندي هئي ۽ ڪجھ رقم جمع ٿيل مان پنھنجو گذر سفر ڪندي ھئي. ھي ڪفايت سان هڪ شلنگ روز خرچ ڪندي هئي. ھن وٽ گيس بجلي نالي ڪا چيز ڪمري ۾ ڪانہ هئي. پيرس جي سخت سردي واري موسم ۾ ڪوئلا بہ نہ هئس جو ٻاري جسم گرم ڪري. هيٺان مٿان بستري تي پنھنجا سڀ ڪپڙا وڇائي ڏڪندي گذارو ڪندي هئي. مسلسل 5 سال ڊبل روٽين جي سڪن ٽڪرن ۽ مکڻ کان سواءِ هن ڪجھ نہ کاڌو. ڪمزوري جو هي عالم هو تہ بستري تي ويٺي ويٺي بي ھوش ٿي ويندي هئي. جڏهن هوش ايندو هئس تہ چوندي هئي تہ اک لڳي وئي ۽ پاڻ کي تسلي ڏئي همت پڪڙيندي هئي. هڪ ڏينھن ڪلاس ۾ بي هوش ٿي وئي. ڊاڪٽرھن جو معائنو ڪري چيو
”هن کي دوا بجاءِ هڪ گلاس کير جو ڏيو.“
هن یونیورسٽي پيرس يونيورسٽي جي ئي هڪ سائنسدان ( پائر) سان شادی ڪئي. هي سائنسدان بہ هن وانگر غريب هو. شادی جي وقت ٻنهي جو ڪل اثاثو ٻہ سائیڪلون هيون. سال 1865ع ۾ انهن ٻنهي جي شادي ٿي، جيڪا نھايت ڪامياب رهي. کين ٻہ نياڻيون بہ ڄايون جن سان ٻنهي جو ڏاڍو پيار هو. هي ٻئي زال مڙس سدائين سائنسي تجربن ۾ رُڌل رهندا هئا پر ان جو مطلب اِهو هرگز ڪونهي تہ اُنهن جو ٻاهرين دنيا سان ڪو واسِطو نہ هو. مادام ڪِيوري تجربيگاھ کان سواءِ گهرَ جي ڪمن ۾ بہ ڏاڍي دلچسپي وٺندي هئي. انهيءَ غربت دوران ھن پي ايڇ ڊي ڪري ورتي. مانیا (ميڊيم ڪيوري) پي ايڇ ڊي لاء دلچسپ موضوع چونڊيو. هن فيصلو ڪيو تہ هو دنيا کي ٻڌائيندي تہ یورینیم مان روشني ڇو نڪرندي آهي. هي هڪ مشڪل پر ناممڪن ڪم هو پر هي تجربن سان جڙي رهي.
ميري پنھنجي مشاھدي ۽ تجربي سان عيان ڪيو تہ اسان جي چئني پاسي هڪ عجيب غريب قوت موجود آهي جنھن کي ’تابڪاري‘ چئبو آهي. اِها قوت ڪجھ ڌاتن اندر سج جي شعاعن ۾ ۽ ڪج قسمن جي معدني پاڻيءَ ۾ موجود آهي. جيڪڏهن اِن قوت کي ڪنھن صورت ۾ جدا ڪري سگهجي ته ان کي انساني ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
اِهو عظيم ڪارنامو ميڊم ڪيوريءَ پنهنجي مُڙس جي مدد سان انجام ڏنو. هِن ’پچ بلينڊ‘ نالي هڪ ڪيميائي مرڪب تي تحقيقي ڪم شروع ڪيو جنھن جو رنگُ ڪارو هو. ڪيوريءَ ان مان ٻہ جُزا جُدا ڪيا. هڪڙي جو نالو هُن پنھنجي مُلڪ پولينڊ پُٺيان ’پولو نيم‘ رکيو ۽ ٻئي جو ’ريڊيم‘.
ريڊيم مان پنھنجو پاڻ تمام گهڻا شُعاعَ ڦٽندا رهندا آهن. اِن عمل کي تابڪاري Radiation ۽ اهڙن ڌاتن کي تابڪار چئجي ٿو. اِهي شعاعَ انهن شين مان بہ گذري وڃن ٿا جن مان روشنيءَ جا شعاعَ نہ ٿا گذري سگهن. بيڪرل اِهو معلوم ڪيو هو تہ ’يورينيم‘ نالي ڌاتوءَ ۾ اِها صفت موجود آهي. ان کان پوءِ اهو ڌاتو ائٽم بم بڻائڻ ۾ اِستعمال ڪيو ويو پر ڪيوريءَ جي پولونيم ۽ ريڊيم ۾ تمام گهڻي تابڪاري موجود هئي.
ريڊيم جي اِها صفت ڪينسر جھڙي موذي مرض جي علاجَ ۽ تڪليف گَهٽائڻ لاءِ اِستعمال ڪئي وئي ۽ اڄ بہ ان جو استعمالُ عام آهي. ريڊيم کي هيضي، ڦُرڙين ۽ مُدي جي تپ وارن جراثيمن کي ناسُ ڪرڻ لاءِ بہ اثرائتو سمجهيو وڃي ٿو.
ريڊيم جي ڳولا سائنس جي تاريخ ۾ هڪ وڏي ڪارنامي جي حيثيت رکي ٿي ۽ اسان آسانيءَ سان اُن محنت ۽ مصيبت جو اندازو نہ ٿا لڳائي سگهون جيڪا ڪيوريءَ ۽ ان جي مڙس کي برداشت ڪرڻي پئي. ڪيوڙيءَ جي صحت تي تمام گهڻي محنت ۽ پاڻ پَتوڙجو ڏاڍو بُرو اثر پيو پر هو ۽ پنھنجي اِرادَن ۾ اٽل هئي. همت ۽ جدوجھد کيس آخرڪار ڪاميابيءَ ڪِناري رَسايو.
محنت سان گڏ اِها تحقيقَ تمام گهڻي مھانگي بہ ثابت ٿي ڇو تہ ’پِچ بلينڊ‘ اِنتھائي ڳري قيمت تي ملندو هو. خوشقسمتيءَ سان آسٽريا جي بادشاھ انهن ٻنهي سائنسدانن کي هڪ ٽَن پچ بِلينڊ موڪليو. اهڙي طرح کين تحقيقي ڪم ڪرڻ ۾ بيحد هَٿي مِلي ۽ اِهو تحفو سائنسي تاريخ ۾ يادگار ۽ مثالي بڻجي پيو.
ريڊيم جا تجربا نھايت خطرناڪ ٿين ٿا ڇوتہ شعاعَ مختلف بيمارين جي جراثيمن کي تباھ ڪندا آهن. اهي اسان جي صحت تي بہ هاڃيڪار اَثر وجهن ٿا. اِنهن تجربن خود پائر ڪيوريءَ کي اهڙي بُري نموني زخمي ڪري وڌو جو هو هلڻ ڦِرڻ کان معذور ٿي پيو. ان هوندي بہ هنن بھادر سائنسدانن جي ڪم ڪرڻ واري صلاحيت ۽ مستقبل مزاجيءَ ۾ تِرَ جيترو بہ فرق نہ آيو. سڀ کان وڌيڪ تعريف جهڙي ڳالھ سندس عزم ۽ استقلال آهي. ريڊيم اهڙي قيمتي شيءِ آهي جو جڏهن پوري هڪ ٽن ڪچي ڌاتوءَ تي پنجاھ ٽَن پاڻي ۽ پنج، ڇھ ٽَن ٻيون ڪيميائي شيون صرف ڪيون وڃن تڏهن وڃي ڇھ گرين ريڊيم حاصل ٿيندو آهي.
مانیا ۽ پائر هڪ پراڻو ورانڊو مسواڙ تي ورتو جنھن جي نہ ڇت مڪمل هئي نہ فرش سڌو هو. هن خستا حال ورانڊي ۾ هو چار سال پچ بلينڊ پگهرائيندا رهيا. ٻنهي زال مڙسن پچ بلينڊ مان 6 گرين ریڊیم حاصل ڪيو. چار سال هن جوڙي گرمي سردي پنھنجي جسم تي وسائي، پر هار نہ مڃي. بٺي جي زهريلي دونھين ۾ مانيا جا ڦڦڙ خراب ٿي ويا، پر هو ڪم سان جڙي رهي. دنيا ڏٺو تہ پولش ڇوڪري ناقابل يقين ڪارنامو ڪري ڏيکاريو....ايتري قدر جو پوري سائنس هن جي قدمن ۾ جهڪي وئي....... هي ريڊيم، ڪينسر جي لکين مريضن لاء زندگي جو پيغام کڻي آيو. اڄ جنهن کي اسين شعائي علاج يا ريڊيو ٿراپي سڏيون ٿا سو مادام ڪيوري جي ايجاد آهي. هي عورت دنيا جي واحد سائنس دان هئي جنھن کي زندگي ۾ ٻہ دفعا نوبل پرائز مليو، جنهن جي زندگی تي 30 فلمون ٺھيون ۽ سوين ڪتاب لکيا ويا. دنيا هن ايجاد بدلي جڏهن مٿس ڪروڙين ڊالرن جي بارش ڪئي. هن جو چوڻ هو ته مان پنهنجي ايجاد جا حق ان اداري کي ڏينديس جو اسپتال ۾ داخل ڪينسر ۾ مبتلا هڪ پوڙهي عورت جو علاج ڪندو. جي ها اها ساڳي پولش پوڙهي جنهن هن کي ڪن مان وٺي گهران ڌڪاري ڪڍيو هو.
ميڊم ڪيوريءَ جي عمر ٻَٽيھ سالَ بہ نہ هئي تہ هن ريڊيم حاصل ڪري ورتو. تجربن دوران ھن ريڊيم دریافت ڪيو جو یورینیم جي مقابلي ۾ 20 لک دفعا وڌيڪ روشنی پیدا ڪري پيو. هن جا شعاع ڪاٺ، پٿر، ٽامي ۽ لوه مان پر دنيا جي هر شيء مان گذريو وڃن.
سندس گهر واري ۽ هينري بيڪرل کي فزڪس جو گڏيل نوبل انعامُ مليو. انهيءَ سال ئي هِن کي رائل سوسائٽيءَ جو ڊيوي تمغو بہ مليو. ڪيوريءَ ۽ سندس مڙس کي پئرس يونيورسٽيءَ بہ وڏو اعزاز بخشيو.
مشھوريءَ ۽ مُسرت وارو اِهو دورُ پائر ڪيوريءَ جي اوچتو موت سان ٽن سالن کان پوءِ گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو. پائر پئرس جو هڪ رستو پار ڪري رهيو هو تہ هڪ ريڙهي سان ٽَڪرائجي ويو ۽ اُتي ئي جانِ ڏنائين. ظاهر آهي تہ اِهو صدمو ۽ سانجو ميڊم ڪيوريءَ لاءِ جيءُ جهوريندڙ ۽ عذابيندڙ هوندو پر هُن پاڻ پُختو ڪري مڙس واري شروع ڪيل تحقيقي ڪم کي جاري رکڻ ۽ ساڳئي مقصد کي اڳتي وڌائڻ ۾ اندر جو آٿتُ ڀانيو. پئرس  يونيورسٽيءَ کيس اهو ئي عھدو سونپيو جنھن تي سندس مڙس کي مقرر ڪيو ويو هو.
چئن سالن کان پوءِ سال 1911ع ۾ ميڊم ڪيوريءَ اڪيلي سرَ ڪيميائي علم جو نوبل انعام حاصل ڪيو. يونيورسٽيءَ هِن لاءِ هڪ ادارو ’ريڊيم اِنسٽيٽيوٽ‘ قائم ڪيو. ڪجھ وقت کان پوءِ ميڊم ڪيوريءَ پنهنجي وطن وارسا ۾ بہ اهڙي قسم جي اداري قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
تن ڏينھن ۾ اسپتالن اندر ريڊيم ڪَتب اچڻ لڳو هو. پھرين مھاڀاري جنگ ۾ مادام ڪيوريءَ ڪجھ اسپتالن ۾ پاڻ ڪم ڪيو ۽ مريضن جي علاج ڪرڻ ۾ هٿ ونڊايو. نہ فقط ايترو پر هوءَ جنگي ميدان تائين پڻ پھتي ۽ انهيءَ نيڪ ڪم کي جاري رکيو. سن 1921ع ۾ آمريڪا کيس هڪ گرام ريڊيم پيش ڪري مڃتا ڏني. اُن سال ئي آمريڪا جي عورتن ميڊم ڪيوريءَ کي ريڊيم ۽ ڪجھ ڏوڪڙ تحفي طورَ پيش ڪيا جن مان انهيءَ عظيم سائنسدان عورت پنهنجي وطن وارسا جي هڪ اسپتال لاءِ ڪجھ ريڊيم ڳنهي ڏنو. ڪيوريءَ کي سڄي ڄمارَ پنهنجي وطن سان بيحد پيار رهيو ۽ هوءَ وطن واسين جي هر ممڪن خدمت ڪندي رهي.
ميڊم ڪيوري ۽ پائر ڪيوريءَ کي آڪڙ ۽ پاڻ پڏاءَ کان سخت نفرت هئي. هو سڄي عمر نھايت سادگي ۽ سنجيدگيءَ سان پنهنجي تحقيقي ڪَم ۾ مصروف رهيا ۽ هنن ڪڏهن بہ ڪنھن موٽَ يا مڃتا جي ڪا پرواھ نہ ڪئي. پائر جي اوچتي موت کان پوءِ سندس بيواھ ميڊم ڪيوري رڳو سائنس کي ترقي ڏيارڻ ۽ پنھنجن ٻارڙن لاءِ زندھ رهي. مادام ڪيوريءَ جي ڌيءُ وڏي ٿي پنھنجي امڙ جي گَس پيچري تي هَلي. هن کي بہ سائنسي کوجنا سان بيحد لڳاءُ هو ۽ کيس مڙسُ بہ اهڙو ئي مليو. ميڊم ڪيوريءَ لاءِ اِها ڳالھ خوشيءَ جو سبب هئي.
سال 1935ع ۾ سندس ڌيءُ ۽ ناٺيءَ کي علمِ ڪيميا جو نوبل انعام مليو پر افسوس جو هوءَ ان ويل جيئري ڪونہ هئي ڇو تہ 4 جولاءِ 1934ع تي ميڊم ڪيوريءَ لاڏاڻو ڪري وئي، هُن نھايت اطمينان ۽ خوشيءَ سان دَم ڏنو. سندس موت کان هڪ، ٻَہ ڏينھن اڳ ڪنھن کي بہ سندس ناچاڪيءَ جي ڪا کُڙڪ بہ نہ هئي پر جڏهن فوتيءَ جي خبر چوڌاري ڦھلي تہ هر ان ماڻهو جي اکين ۾ ڳوڙھا ھيا جيڪو علم ۽ سائنس سان ذرو بہ چاھ رکندڙ هو.
مادام ڪيوريءَ نہ رڳو پنھنجي محنت ۽ شوق سبب نهايت عزت ۽ احترام سان جيونُ گهاريو پر اڃا تائين سندس نانءُ نمايان آهي. هُن کي مرڻ مھل ان ڳالھ جو اطمينانُ ۽ خوشي هئي تہ هُن پوري حياتي انسانيت جي خدمت ۾ گُذاري ۽ سندس نيڪ ڪَم جي سيوا سدائين جاري رهندي.
دنيا ھن عظيم عورت مادام ڪيوري کي ياد ڪري ھن کي دعائون ڏئي ٿي. مادام ڪيوري جي زندگي تي ٺھيل فلم ريڊيوايڪٽو Radiatioactive پاڻ کي ۽ دوستن کي ضرور ڏسڻ کپي جيئن ھن عظيم عورت جي زندگي جي گوناگون پھلوئن مان گهڻو ڪجھ سکي سگهجي ۽ ھن جي عظمت کي سلام ڪري سگهجي.

Saturday 18 July 2020

نوري سال Light year 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ھڪ وڏي حقيقت جنھن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي تہ ڪائنات ۾ ڪابہ اھڙي شي ناھي جيڪا رفتار کان تيز ھجي.
ڪافي ڪاوشن ۽ تجربن بعد سائنسدان روشني جي في سيڪنڊ جو اندازو لڳائي چڪا ھئا جيڪا 3 لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آھي ۽ پوري ڏينھن يعني 24 ڪلاڪن ۾ ڪل 86400 سيڪنڊ ٺھن ٿا. جيڪڏھن اسان ڏينھن جي بيان ڪيل 86400 سيڪنڊن کي روشني جي رفتار سان ضرب ڪريون تہ روشني جي ھڪ ڪلاڪ ۾ طئي ڪيل ڪل فاصلي جي قيمت ھڪ ارب اسي سو ملين ڪلوميٽر 1,080,000,000Km معلوم ٿي ويندا. اھڙي طرح ضرب در ضرب سان ھڪ سال ۾ طئي ڪيل مفاصلو 94 کرب لڳ ڀڳ بيھي ٿو.
ائين کڻي سمجهجي تہ روشني جي سال ڀر ۾ ڪائنات ۾ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين طئي ڪيل مفاصلي کي فلڪياتي ماھر نوري سال جو نالو ڏيئي فلڪي جسمن جيئن ستارن کان سيارن يا ڪھڪشان جي درميان وڏن وڏن فاصلن کي ماپڻ لاء ھڪ مبھم اصطلاح ٺاھي آھي. نوري سال ھڪ فاصلو آھي جو روشني ڪائنات ۾ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ تائين طئي ڪري ٿي ۽ ھڪ نوري سال فاصلي جي ڪل قيمت 9،460،800،000،000Km چورانوي کرب سٺ ارب اسي ڪروڙ ڪلوميٽر بيھي ٿي.
ھڪ خلاباز صرف 12.5 نوري منٽ جي فاصلي تي موجود ڳاڙھي سياري تي وڃڻ لاء خلائي جھاز ۾ سوار ٿئي تہ پنھنجي منزل مريخ تي پھچڻ ۾ انهن کي 6 مھينن کان سال لڳندو. اسان جي نظام جو ننڍو گرھ پلوٽو جيڪو 4.5 نوري ڪلاڪ جي دوري تي پنھنجي مدار ۾ ڦري ٿو پيو ان تائين پھچڻ ۾ خلابازن کي 10 سال لڳندا. ھڪ اھم ۽ قريبي ستارو پروڪيسما سينٽوري  Proxima Centauri جيڪو سج کان پوء گرھ زمين جو ٻيو قريب ترين ستارو آھي اھو بہ چار نوري سال جي فاصلي تي جڳمڳ جرڪي ٿو پيو.
نوري سال ھڪ سال لاء استعمال ٿئي ٿو. ھڪ سال ۾ روشني جيترو مفاصلو طئي ڪري ٿي ان کي نوري سال چئبو آھي. جيڪڏھن نوري سال کي ڪلوميٽرن ۾ تبديل ڪيو وڃي تہ نوري سال 9 کرب ڪلوميٽرن جي برابر ٿيند ۽ جيڪڏھن ھڪ نوري سال کي ميلن ۾ تبديل ڪيو وڃي تہ 6 کرب ڪلوميٽر بيھن ٿا. اسان جي ۽ ڪھڪشان جي مرڪز کان فاصلو 26 ھزار نوري سال آھي جڏھن تہ ڪھڪشان کان اينڊروميڊا تائين فاصلو 2.5 ملين نوري سال آھي. فلڪيات ۾ اسان جو واسطو وڏن جسمن سان پوي ٿو انهن جي پيمائش ڪرڻ لاء نوري سال جھڙي پيماني جي ضرورت پوي ٿي.
نوري سال ھڪ فاصلي ماپڻ جي اڪائي آھي جنھن کي ly سان ظاھر ڪيو وڃي ٿو. ھڪ نوري سال ان مفاصلي کي چيو وڃي ٿو جيڪا روشني ھڪ سال ۾ طئي ڪري ٿي.
اسان وٽ ڪيئي پيمانا آھن جنھن سان اسان فاصلو ماپيون ٿا جيئن ملي ميٽر ۔ سينٽي ميٽر ۔ انچ ۔ فٽ ۔ يارڊ ۔ ڪلوميٽر ۔ ميل وغيرھ آھن پر ڪي اھڙا فاصلا وڌيڪ دور ٿيندا وڃن ٿا جن کي مروج پيمانن يا اڪاين سان ماپڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو مثال طور اسان جي پاڙيسري ڪھڪشان اينڊروميڊا جنھن کي  Messier 31 يا M31 سڏيو وڃي ٿو اھا اسان کان ايترو دور آھي جو روشني 30000 ھزار ڪلوميٽر في سيڪنڊ طئي ڪري ٿي ان يڪسان رفتار سان 25 لک سالن جيترو فاصلو طئي ڪندي ايترو فاصلو اينڊروميڊا ۽ اسان جي ڪھڪشان جي وچ ۾ آھي. ھڪ اندازو ڪريو تہ ان فاصلي کي ڪلوميٽر يا ميل ۾ ماپڻ ڪيترو ڏکيو آھي. جيڪڏھن سوچجي تہ روشني ھڪ سال ۾ لڳ ڀڳ 9460800000000 مفاصلو طئي ڪري ٿي تہ 25 لک سالن ۾ ڪلوميٽرن يا ميلن جا ڪيترا عدد ٿيندا. انساني شمار ختم ٿي ويندو ۽ ھڪ عام سائنسدان کي ان کي 
سائنسی اندازِ خط Scientific Notation ۾ لکڻو پوندو.
ھي مثال اسان جي قريبي ڪھڪشان جو آھي پر اڃان ان کان وڌيڪ مفاصلي تي ڪھڪشائون ۔ نيبولا ۔ ڪلسٽر ۔ سپرڪلسٽر وغيرھ آھن.
انهي فاصلي کي مدنظر رکندي سائنسدانن کي ضرورت محسوس ٿي تہ فلڪياتي فاصلن جي پيمائش لاء مروج پيمانا ناڪافي آھن. ان ڪري ئي فلڪياتي فاصلن جي تعين لاء فاصلن کي روشني سان نسبت ڏني وئي جنھن کي اسان نوري سال Light year سڏيون ٿا. فلڪياتي فاصلن جي ماپ کي روشني سان ان ڪري نسبت ڏني وڃي ٿي ڇوجو روشني جي رفتار خلا ۾ مستقل رھي ٿي. اسان روشني جي رفتار کي c سان ظاھر ڪريون ٿا 
اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ اسان جي ھن ڪائنات جي ماپ 93016000000 آھي.
c=299792458m|s
مطلب روشني 299792458 ميٽرن جو فاصلو ھڪ سيڪنڊ ۾ طئي ڪيو آھي.
نوري سال ly: اھو فاصلو جيڪو روشني سال ۾ طئي ڪري ٿي.
فرض ڪيو تہ توھان A نقطي تي ويٺل آھيو. ۽ توھان جو دوست B نقطي تي ويٺل آھي. توھان کي وچ وارو فاصلو طئي ڪرڻو آھي. توھان ھڪ ميٽر کڻي آساني سان فاصلو معلوم ڪيو ٿا. ھاڻي اچون ٿا زمين ۽ گرھن جي وچ فاصلو معلوم ڪرڻ لاء. زمين ۽ گرھن جي وچ ۾ فاصلو معلوم ڪرڻ لاء ڪروڙين اربين ميٽر کپن جن کي توھان ھندسن ۾ لکي نٿا سگهو پر نوري سال سان ماپي سگهو ٿا.
روشني ھڪ سيڪنڊ ۾ فاصلو طئي ڪيو = 299792458 ميٽر
ھاڻي اسان سيڪنڊ وڌايون ٿا ۽ ھڪ سال ۾ جيترا سيڪنڊ ٿين ٿا اھي کڻون ٿا.
1 سال=31536000 سيڪنڊ
ھاڻي روشني 31536000 سيڪنڊن ۾ مفاصلو طئي ڪيو= y کي فرض ڪريون ٿا.
جيئن تہ وقت وڌي رھيو آھي تہ فاصلو بہ وڌي رھيو آھي. وقت ۽ فاصلو وڌي رھيا آھن تہ ٻنهن جي وچ ۾ تناسب جو عمل ٿيندو.
1سيڪنڊ : 31536000 سيڪنڊ : : 299792458 ميٽر : y ميٽر
1÷31536000=299792458÷y
ھاڻي ھتي y جي قيمت معلوم ڪرڻ سان
y=9.454x10^15 ميٽر
ھي ميٽر اھي فاصلو آھن جيڪي روشني ھڪ سال ۾ طئي ڪري ٿي. ھن رقم کي لکڻ لاء ڪافي وقت ۽ جڳھ درڪار ٿئي ٿي ان ڪري جسمن جي وچ ۾ فاصلو معلوم ڪرڻ لاء نوري سال جو پيمانو استعمال ڪيو وڃي ٿو.