Wednesday 31 July 2019

ڦِڳوٿ ۔ ڦِڦوٿ Alveolus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڦڦڙي ڦڳوٿ (جمع ڦڦڙي ڦڳوٿا) ڦڦڙن ۾ ڪي ننڍا ھوا جا خال جتي ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ رت مان نڪري ٿي ۽ آڪسيجن انهي ۾ داخل ٿئي ٿي. ٻڦاري دوران ھوا ڦڦڙن ۾ داخل ٿيندي لاتعداد لنگهن ۾ سفر ڪري ٿي جن کي ڦڦوليون سڏجي ٿو ۽ پوء ڦوٽارين يا گهٽ ھوائي لنگهن جي آخر ۾ لڳ ڀڳ 30 ڪروڙ ڦڳوٿن ۾ وھي ٿي. ٻاڦ نيڪالي دوران ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ھوا ساڳن لنگهن ذريعي ڦڳوٿن ۾ نيڪال ٿئي ٿي.
Pulmonary alveolus, (plural pulmonary alveoli) any of the small air spaces in the lungs where carbon dioxide leaves the blood and oxygen enters it. Air, entering the lungs during inhalation, travels through numerous passageways called bronchi and then flows into approximately 300,000,000 alveoli at the ends of the bronchioles, or lesser air passages. During exhalation, the carbon-dioxide-laden air is forced out of the alveoli through the same passageways.

Alveolus  ڦڳوٿ ۔ ڦڦوٿ ۔ ڦڦڙ جي ٿيلهي

Pulmonary alveolus
ڦڦڙي ڦڳوٿ ۔ ڦڦڙي ڦڦوٿ ۔ ڦڦڙي ٿيلهي

Alveoli (Plural of alveolus)
ڦڳوٿا ۔ ڦڦوٿا ۔ ڦڦڙ جون ٿيلهيون

Pulmonary alveoli
ڦڦڙي ڦڳوٿا ۔ ڦڦڙي ڦڦوٿا ۔ ڦڦڙي ٿيلهيون

Small air spaces  ننڍا ھوائي خال

رت مان نڪرڻ To leave the blood

To enter  داخل ٿيڻن

Inhalation
ٻڦارو ۔ دم ڪشي ۔ ساھ دوران ٻاڦ جي داخل جو عمل

Numerous  لاتعداد ۔ بي شمار ۔ بي انداز

لنگھ ۔ گذر Passageways

Bronchi  ڦڦوليون ۔ ڦڦڙ جون ساھ نليون

لڳ ڀڳ Approximately

Alveoli ڦڳوٿا ۔ ڦڦوٿا ۔ ڦڦڙ جون ٿيلهيون

ڦوٽاريون ۔ ڦڦڙ جون ٽاريون Bronchioles

Lesser air passages
گهٽ ھوائي لنگھ ۔ گهٽ ھوائي گذر

Exhalation
ٻاڦ نيڪالي ۔ دم نيڪالي ۔ ساھ دوران ٻاڦ نڪرڻ جو عمل

To be forced out of the alveoli
ڦڳوٿن مان نيڪال ٿيڻ ۔ ڦڳوٿن مان خارج ٿيڻ ۔ ڦڦوٿن مان نيڪال ٿيڻ ۔ ڦڦوٿن مان نيڪال ٿيڻ

ڦوٽار Bronchiole 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڦوٽار ننڍين ٽارين مان ھڪ ٽاري آھي جنھن ۾ ڦِڦولي ورھائجي ٿي. ڦوٽاريون ڦڦڙ ۾ نليون آھن جيڪي وڏين ڦِڦولين مان نڪري ورھائجڻ ٿيون جيڪي وڏي ۽ اڪيلي ڦِڦناڙ کان ھر ڦڦڙ ۾ داخل ٿين ٿيون جيڪو وات سان ملي ٿو.
ڦوٽارين جو ڪم انهي پڪ ڪرڻ ۾ آھي تہ اندر ايندڙ ھوا ڦِڳوٿن کي مھيا ٿئي ٿي. ڦِڳوٿ جيڪو سنهين رت جي رڳن سان گهيريل ٿئي ٿو جن کي وارنليون سڏيو وڃي ٿو. اھو سنهين وارنلين ذريعي ٿئي ٿو جن ذريعي آڪسيجن رت ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ۽ پاڻي رت مان نڪرن ٿا.
Bronchiole is any of the minute branches into which a bronchus divides. The bronchioles are tubes in the lungs which branch off from the larger bronchi that enter each lung, from the large and singular trachea which connects to the mouth.
The function of the bronchioles is to ensure that incoming air is supplied to each alveolus. The alveoli are surrounded by tiny blood vessels called capillaries. It is through the thin capillary walls that oxygen enters the blood, and carbon dioxide and water leave the blood.

Bronchiole
ڦوٽار ۔ ڦڦڙ جي ٽاري ۔ ڦڦڙ جي نلي

Bronchus  ڦڦولي ۔ ساھ نلي

Bronchioles  ڦوٽاريون ۔ ڦڦڙ جون ٽاريون

نليون   Tubes

To branch off   نڪري ورھائجڻ ۔ شاخون ڪڍڻ

Larger bronchi
وڏيون ڦِڦوليون ۔ وڏيون ڦڦڙ جون ناليون ۔ وڏيون ڦڦڙ جون ساھ ناليون

Large  وڏي ۔ وڏيون

اڪيلي ۔ اڪيليون Singular

Trachea  ڦڦناڙ

پڪ ڪرڻ To ensure

Incoming  اندر ايندڙ ھو

ڦِڳوٿ -  ڦِڦوٿ - ڦڦڙ جي ڳوٿري Alveolus

Alveoli (Plural of Alveolus)
ڦِڳوٿا ۔ ڦِڦوٿا - ڦڦڙ جون ڳوٿريون

Capillaries  وارنليون

وار نلي ڀت Capillary walls

To enter داخل ٿيڻ

نڪرڻ ۔ ڇڏڻ   To leave

Monday 29 July 2019

ڦِڦوليون Bronchi 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڦِڦوليون ڦڦڙن ۾ اھم لنگھ آھن. جڏھن ڪو نڪ يا وات مان ساھ کڻي ٿو تہ ھوا ڦڦڙ ۾ سفر ڪري ٿي. اڳيون قدم ڦِڦناڙ وسيلي آھي جيڪو کاٻي ۽ ساڄي ڦڦولي ڏي ھوا کڻي وڃي ٿو. ڦِڦوليون تمام ننڍيون ٿي وڃن ٿيون اوترو تمام ويجهو ٿي وڃن ٿيون جيئن اھي ڦڦڙي اوڄي وٽ پھچن ٿيون ۽ پوء انهن کي ڦوٽاريون سمجهيو وڃي ٿو. اھي لنگھ پوء سنهين ھوا جي ڳوٿرين ۾ نشونما پائن ٿا جن کي ڦِڳوٿا سڏجي ٿو جيڪو ساھ سرشتي ۾ آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي مٽا سٽا جي جڳھ آھي. ابتدائي ڦڦوليون ڦڦڙن جي مرڪز وٽ ثانوي ڦڦولين سان ڦڦڙن جي مٿين حصي ۾ واقع آھن. 
Bronchi are the main passageway into the lungs. When someone takes a breath through their nose or mouth, the air travels into the larynx. The next step is through the trachea, which carries the air to the left and right bronchus. The next step is through the trachea, which carries the air to the left and right bronchus. The bronchi become smaller the closer they get to the lung tissue and are then considered bronchioles. These passageways then evolve into tiny air sacs called alveoli, which is the site of oxygen and carbon dioxide exchange in the respiratory system. Primary bronchi are located in the upper portion of the lungs, with secondary bronchi near the center of the lungs.

(Bronchi (Plural of bronchus ڦِڦوليون ۔ ساھ ناليون

لنگھ ۔ گذر ۔ گذرگاھ Passageway

takes a breath through nose or mouth
نڪ يا وات ساھ کڻڻ

ڦِڦناڙ ۔ ڦڦڙ جي شھ رڳ  Trachea

To carry air ھوا کڻڻ

نڙگهٽ  Larynx

Left bronchus  کاٻي ڦِڦولي ۔ کاٻي ساھ نالي

Right bronchus  ساڄي ڦِڦولي ۔ ساڄي ساھ نلي

ڦِڦڙي اوڄو  Lung tissue

Bronchiole  ڦوٽار ۔ ڦڦڙ جي ٽاري 

Bronchioles  ڦِوٽاريون ۔ ڦڦڙ جون ٽاريون

نشونما پائڻ ۔ ارتقا پائڻ To evolve

Tiny air sacs  سنهيون ھوا ڳوٿريون

ڦِڳوٿا - ڦڦوٿا - ڦڦڙ جو ڳوٿريون Alveoli

Site  جڳھ

مٽا سٽا ۔ ادل بدل ۔ تبادلو Exchange

Respiratory system ساھ سرشتو

ابتدائي ڦڦوليون ۔ ابتدائي ساھ ناليون Primary bronchi

Located  واقع

مٿيون حصو  Upper portion

 Lungs  ڦڦڙن


ثانوي ڦڦوليون ۔ ثانوي ساھ ناليون Secondary bronchi

 Center  مرڪز ۔ وچ

Sunday 28 July 2019

ڦِڦولي ۔ ساھ نالي Bronchus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڦِڦولي ساھ سرشتي ۾ ھوا جي رستي جو گذرگاھ آھي جيڪو ڦڦڙن ۾ ھوا کڻي وڃي ٿو. ڦِڦناڙ کان شاخ ھئڻ واريون پھرين ڦِڦوليون ساڄي اھم ڦِڦولي ۽ کاٻي اھم ڦِڦولي آھن. ڦِڦوليون جيڪي اڪيلي طور ڦِڦولي ڄاتيون وڃن ٿيون اھي ھوا نالي جون پکيڙون آھن جيڪي ڦڦڙن ڏي ۽ ڦڦڙن کان ھوا جي اچ وڃ ڪن ٿيون. انهن کي گئس جي اچ وڃ جو شاھراھ سمجهو، آڪسيجن سان جيڪا ڦڦڙن ڏي وڃي ٿي ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ سان جيڪا ڦڦڙن مان نڪري ٿي. اھي ساھ سرشتي جي انتظام ڪرڻ جو علائقو آھن.
Bronchus is a passage of airway in the respiratory system that conducts air into the lungs. The first bronchi to branch from the trachea are the right main bronchus
and the left main bronchus.
The bronchi, singularly known as a bronchus, are extensions of the windpipe that shuttle air to and from the lungs. Think of them as highways for gas exchange, with oxygen going to the lungs and carbon dioxide leaving the lungs through them. They are part of the conducting zone of the respiratory system.

Bronchus
ڦِڦولي ۔ ساھ نالي ۔ دموي نالي

Passage  لَنگھ ۔ گُذر ۔ گذرگاھ

ھوا جو رستو  Airway

Respiratory system ساھ سرشتو

کڻي وڃڻ ۔ انتظام ڪرڻ To conduct

(Bronchi (Plural of bronchus  ڦِڦوليون ۔ ساھ جون نليون

ڦِڦناڙ ۔ ساھ نالي ۔ دموي نالي Trachea

Bronchus  ڦِڦولي ۔ ساھ نالي

Right main bronchus
ساڄي اھم ڦِڦولي ۔ ساڄي اھم ساھ نالي

Left main bronchus
کاٻي اھم ڦِڦولي ۔ کاٻي اھم ساھ نالي

Singularly  اڪيلي طور

پکيڙون ۔ وسعتون  Extensions

Windpipe  ھوا نالي

To shuttle
اوٽ موٽ کڻڻ ۔ اوٽ موٽ پھچائڻ ۔ اوٽ موٽ موڪلڻ.

Highways  شاھراھون

Gas exchange
گئس جي اچ وڃ ۔ گئس جو تبادلو

To go to the lungs  ڦڦڙن ڏي وڃڻ

To leave the lungs through them
ڦڦڙن مان نڪرڻ

Conducting zone انتظامي علائقو

Saturday 27 July 2019

پاڇَھ ۔ پاجهلي Diaphragm 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڍڍي پاڇَھ يا سادي نموني پاڇھ انسانن کيري جانورن ۾ اندرين ڍانچي مشڪ آھي جيڪا عنقي خال جي تري کان پکيڙ ڪري ٿي. پاڇھ ڍڍي خال کي ڌار ڪري ٿو جنھن ۾ پيٽ جي خال کان دل ۽ ڦڦڙ اچي وڃن ٿا ۽ ساھ کڻڻ ۾ اھم ڪارج ادا ڪري ٿو. جيئن پاڇھ سسي ٿو تيئن ڍڍي خال جو مقار وڌي ٿو جنھن ۾ ڪاٽو داٻ پيدا ٿئي ٿو ۽ ڦڦڙن ۾ ھوا ڀري ٿو.
The thoracic diaphragm, or simply the diaphragm is a sheet of internal skeletal muscle in humans and other mammals that extends across the bottom of the thoracic cavity. The diaphragm separates the thoracic cavity, containing the heart and lungs, from the abdominal cavity and performs an important function in respiration: as the diaphragm contracts, the volume of the thoracic cavity increases, in which a negative pressure is created and draws air into the lungs.

Diaphragm ۔ Thoracic diaphragm
پاڇَھ ۔ پاجَهلي ۔ ڍڍي پيڇَھ ۔ ڍڍي پيجَهلي ۔ سريري پيڇھ ۔ سريري پيجَهلي ۔ پاسراٽين جو ڇَھ ۔ پاسراٽين جي جَهلي

Thoracic diaphragm
ڍڍي پاڇَھ ۔ ڍڍي پاجهلي ۔ سريري پاڇھ ۔ سريري پاجهلي ۔ پاسراٽين جو ڇَھ ۔ پاسراٽين جي جَهلي.

Diaphragm
پاڇَھ ۔ پاجَهلي ۔ پاسراٽين جو ڇَھ ۔ پاسراٽين جي جَهلي

Sheet  چادر

Internal skeletal muscle
اندرين ڍانچي مشڪ

Mammals
ٿڻي جانور ۔ کير ڌارائيندڙ جانور

To extend  پکيڙ ڪرڻ

ترو    Bottom

Thoracic cavity 
ڍڍي خال - ڪوڙي خال - سريري خال - سيني وارو خال

Abdominal cavity پيٽ وارو خال

ساھ کڻڻ Respiration

To contract  سسڻ ۔ گهٽجڻ

مقدار  Volume

Negative pressure  ڪاٽو داٻ

پيدا ٿيڻ To be created

To draw air  ھوا ڀرڻ

ڦڦڙ     Lungs

Friday 26 July 2019

ڍِڍ Thorax 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڍِڍ يا سينو پيٽ ۽ ڳچي جي وچ ۾ واقع انسانن جي انگيات ۽ مختلف ٻين جانورن جي انگيات جو حصو آھي.  ڍِڍ ڍِڍي خال ۽ ڍِڍي ڀت تي مشتمل آھي. اھو عضون تي مشتمل آھي جن ۾ دل ۔ ڦڦڙ ۽ عنقي غدود ان کان سواء مشڪون ۽ مختلف ٻيون اندروني جوڙجڪون اچي وڃن ٿيون.
The thorax or chest is a part of the anatomy of humans and various other animals located between the neck and the abdomen. The thorax includes the thoracic cavity and the thoracic wall. It contains organs including the heart, lungs, and thymus gland, as well as muscles and various other internal structures.

Thorax ۔ Chest
ڍِڍ - ڍِڍر - ڀَڀر - ڏيل - سرير - سينو - ڇاتي - ڪوڙو ۔ جُسو ۔ ڀانڊو

Anatomy  انگيات

ڳچي ۔ نڙي ۔ گردن ۔ عَنق ۔ ڳاٽو ۔ ڳلو   Neck

Abdomen  پيٽ ۔ شڪم

Thoracic cavity
ڍڍي خال ۔ ڪوڙي خال ۔ سريري خال ۔ سيني وارو خال ۔ سيني واري کڏ

Thoracic wall
ڍڍي ڀت ۔ ڪوڙي ڀت ۔ سريري ڀت ۔ سيني واري ڀت

Organs عضوا ۔ انگ

دل  Heart

Lungs  ڦڦڙ

Thymus gland
عنقي غدود ۔ گردني غدود ۔ ڳچي وارو غدود ۔ ڳچيء ۾ واقع غدود

Muscles  مشڪون

Various other internal structures
مختلف ٻيون اندروني جوڙجڪون

Thursday 25 July 2019

پاڃِرو Rib cage 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پاڃرو گهڻن ڪرنگهيدارن جي ڍِڍ ۾ ڪرنگهي ٿنڀ ۽ ڪوڙاٺيء سان مليل پاسراٽين جو انتظام آھي جيڪو دل ۽ ڦڦڙن کي بندڀر ڪري ٿو ۽ محفوظ ڪري ٿو.
The rib cage is the arrangement of ribs attached to the vertebral column and sternum in the thorax of most vertebrates, that encloses and protects the heart and lungs.

Rib cage
پاڃرو ۔ پاسراٽي جو پڃرو ۔ پاسريء جو پڃرو

Arrangement  انتظام

 پاسِراٽِيُن ۔ پاسِرين Ribs

Vertebral column  ڪرنگهي ٿنڀ

Sternum
ڪوڙاٺي ۔ اُرھاٺي ۔ ڪوڙي جو ھڏو ۔ سيني جو ھڏو

Thorax ۔ Chest
ڍِڍ - ڍِڍر - ڀَڀر - ڏيل - سرير - سينو - ڇاتي - ڪوڙو ۔ جُسو ۔ ڀانڊو سيني جو پڃرو ۔ ڇاتي جو پڃرو


ڪرنگهيدارن Vertebrates

Heart  دل

ڦڦڙن   Lungs

ڪوڙاٺي Sternum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪوڙاٺي يا ارھاٺي ڇاتي جي وچين حصي ۾ واقع ھڪ سڌو ڊگهو ھڏو آھي. اھا ڪچوڏ ذريعي پاسراٽين سان ملي ٿي ۽ پاڃري (پاسراٽي جي پڃري) جو اڳيون حصو ٺاھي ٿي، ائين دل ۔ ڦڦڙ ۽ اھم رت جي رڳن کي زخم کان بچائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
The sternum or breastbone is a long flat bone located in the central part of the chest. It connects to the ribs via cartilage and forms the front of the rib cage, thus helping to protect the heart, lungs, and major blood vessels from
 injury.

Sternum ۔ Breasrbone
ڪوڙاٺي ۔ ڪوڙڪنڊو ۔ ڪوڙيء جو ھڏو ۔ سيني جو ھڏو ۔ ارھاٺي ۔ ڪوڙڪنڊو ۔ ڇاتيء جو ھڏو

Sternum
ڪوڙاٺي ۔ ڪوڙڪنڊو ۔ ڪوڙيء جو ھڏو ۔ سيني جو ھڏو

Breastbone
ارھاٺي۔ ڪوڙڪنڊو ۔ ڪوڙيء جو ھڏو ۔ ڇاتيء جو ھڏو

Long flat bone ڊگهو سڌو ھڏو

ڪنھن شي سان ملڻ To connect to sth

Ribs پاسراٽيون

رستي ۔ ذريعي  Via

Cartilage  ڪچوڏ ۔ ڪچو ھڏو

پاڃرو ۔ پاسراٽي جو پڃرو  Rib cage

To protect  بچائڻ

دل  Heart

Lungs  ڦڦڙ

اھم رت جو رڳون  Major blood vessels

Injury  زخم

Tuesday 23 July 2019

ڏوراٺِي Clavicle 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڏوراٺِي يا ڦَڻي ھڪ ڊگهي ھڏي آھي جيڪا ڪُلهپَٽي ۽ ڪوڙاٺِي يا اُرھاٺِي جي وچ ۾ داٻ سھندڙ طور ڪم ڪري ٿي. ٻہ ڏوراٺيون آھن ھڪ کاٻي پاسي ۽ ٻي ساڄي پاسي. ڏوراٺي جسم جي صرف ڊگهي ھڏي آھي جيڪا اُفقي (ليٽيل) طور پيل آھي.
The clavicle or collarbone is a long bone that serves as a strut between the shoulder blade and the sternum or breast bone. There are two clavicles, one on the left and one on the right. The clavicle is the only long bone in the body that lies horizontally.

Clavicle ۔ Collarbone
ڏوراٺِي ۔ ڦَڻي ۔ ڏورٺ ھڏي ۔ ڪَنڌ ھڏي

Clavicle  ڏوراٺِي ۔ ڦَڻي

ڏورٺ ھڏي ۔ ڪَنڌ ھڏي Collarbone

Strut  داٻ سھندڙ ۔ دٻاء سھندڙ

ڪُلهپَٽِي ۔ ڪُلهي جي پٽي Shoulder blade

Sternum ڪوڙاٺِي - ڪوڙڪنڊو - سيني جي ھڏي - ڪوڙيءَ جي ھڏي

Breast bone
اُرھاٺِي ۔ اُرھ جي ھڏي ۔ ڇاتِيءَ جي ھڏي ۔ بُبي جي ھڏي

افقي طور ۔ ليٽيل طور Horizontally

Monday 22 July 2019

ٻانھوڏي Humerus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ٻانھوڏي مٿين ٻانھن جي ڊگهي ھڏي آھي۔. اھا ٺوٺ جي سنڌ ۽ ڪلهي ۾ واقع آھي. ٺوٺ وٽ،اھا بنيادي طور تي ھٿوڏي سان ملي ٿي جڏھن تہ اڳين ٻانھن جي قطروڏي ڪارائي سان ملي ٿي. ڪلهي وٽ ٻانھوڏي ڪلهپر جي کھاڏي رستي جسم جي چوکٽ سان ملي ٿي.
The humerus is the long bone in the upper arm. It is located between the elbow joint and the shoulder. At the elbow, it connects primarily to the ulna, as the forearm's radial bone connects to the wrist. At the shoulder, the humerus connects to the frame of the body via the glenoid fossa of the scapula.

Humerus  ٻانھوڏي ۔ ٻانھن واري ھڏي

ڊگهي ھڏي    Long bone

Shoulder  ڪلهو

ٺوٺ   Elbow

Primarily  بنيادي طور تي ۔ ابتدائي طور

ھَٿوڏِي ۔ ھٿ واري ھڏي  Ulna

Forearm  اڳين ٻانھن

قَطروڏِي ۔ قطر واري ھڏي  Radial bone

Forearm's radial bone
اڳين ٻانھن جي قَطروڏِي ۔ اڳين ٻانھن جي قطري ھڏي

Wrist  ڪارائي

ڪلهو  Shoulder

Frame       چوڪٺ ۔ گهاڙ ۔ ڍانچو ۔ ڪارب ۔ قالب

Elbow joint  ٺوٺ جو سنڌ ۔ ٺوٺ جو جوڙ

Scapula
ڪُلهپَر ۔ ڪُلهپَٽي ۔ ڪلهي تي لڳڻ واري پٽي ۔ ڪلهي کي ڍڪڻ وارو شھپر

Glenoid fossa
کُھاڏو ۔ کوھاڏو ۔ ھڏي ۾  کڏ يا پيالي نما سوراخ ۔ ڪلھي جي پيالي نما کڏ جنھن ۾ ٻانھوڏي ملي فٽ ٿي ڪلهي جو جوڙ بنائي ٿي.

Glenoid fossa of scapula
ڪُلهپَر جو کُھاڏو ۔ ڪُلهپَر جو کوھاڏو ۔ ڪلهپر جي پيالي نما کڏ جنھن ۾ ٻانھوڏي ملي فٽ ٿي ڪلهي جو جوڙ بنائي ٿي.

کوپناڙ Viscerocranium 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
انساني انگيات ۽ اوسر ۾، کوپناڙ اڪثر ڪري کوپڙي جي عنصرن جو حوالو ڏئي ٿو جيڪي ڪپاٽ جو حصو ناھن (کوپوار جو مخالف ھئڻ ڪري) ۽ جن کي شاخ طور ورھائي سگهجي ٿو:
جهليدار کوپناڙ جيڪا رخي ڍانچي تي مشتمل آھي.
ڪچوڏي کوپناڙ جيڪا کوپرود تي مشتمل آھي.
In human anatomy and development, viscerocranium usually refers to elements of the skull that are not part of the braincase (as opposed to the neurocranium), and which can be subdivided into: The membranous viscerocranium, comprising the facial skeleton. The cartilaginous viscerocranium, comprising the splanchnocranium.

Anatomy  انگيات

اوسر   Development

Viscerocranium
کوپناڙ ۔ ناڙي کوپ ۔ ناڙي ڪپاٽ ۔ رڳن واري کوپڙي ۔ آنڊي واري کوپڙي

Usually  اڪثر ڪري

ڪنھن شي جو حوالو ڏيڻ To refer to sth

Elements  عنصر

کوپڙي ۔ ڪيپراٽي ۔ کوپڙي Skull

Braincase  ڪپاٽ ۔ ڪوپري ۔ کوپڙي

مخالف  Opposed

Neurocranium
کوپوار ۔ تنتي ڪپاٽ ۔ تنتي کوپ ۔ تنتي کوپڙي ۔ وارنلين واري کوپڙي


To be subdivided  شاخ طور ورھائجڻ

Membranous viscerocranium
جهليدار کوپناڙ ۔ جهليدار ناڙي ڪپاٽ

Comprising  مشتمل آھي

رخي ڍانچو ۔ منھي ڍانچوFacial skeleton

Cartilaginous viscerocranium
ڪچوڏي کوپناڙ ۔ ڪچوڏي ناڙي ڪپاٽ

Splanchnocranium
کوپرود ۔ آنڊوجهي ڪپاٽ ۔ آنڊوجهي کوپ ۔ آنڊي اوجهري واري کوپڙي

Sunday 21 July 2019

قطروڏي Radius 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
قطروڏي يا قطري ھڏي اڳين ٻانھن جي ٻن وڏين ھڏين مان ھڪ ھڏي آھي جڏھن تہ ٻي ھٿوڏي آھي. اھا ٺوٺ جي پاسي واري طرف کان ٿيندي ڪارائي جي آڱوٺي واري پاسي ڏي پکيڙ ڪري ٿي ۽ ھٿوڏي ڏي پوروڇوٽ وڃي ٿي.
The radius or radial bone is one of the two large bones of the forearm, the other being the ulna. It extends from the lateral side of the elbow to the thumb side of the wrist and runs parallel to the ulna.

Radius ۔ Radial bone
قطروڏي ۔ قطري ھڏي

Radius  قطروڏي

قطري ھڏي Radial bone

Forearm  اڳين ٻانھن

ھٿوڏي ۔ ھٿ واري ھڏي Ulna

To extend  پکيڙ ڪرڻ ۔ والار ڪرڻ

بغلي ۔ پاسي واري Lateral

Lateral side بغلي پاسو ۔ پاسي وارو رخ

ٺوٺ   Elbow

Thumb side آموٺي وارو پاسو ۔ آموٺي وارو رخ

ڪارائي  Wrist

Parallel  پوروڇوٽ ۔ ھموار

Saturday 20 July 2019

ھَٿوڏِي Ulna 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ھَٿوڏِي اڳين ٻانھن ۾ پاتو ويندڙ ھڪ وڏو ھڏو آھي جيڪا ٺوٺ کان چيچ تائين پکيڙ رکي ٿي ۽ جڏھن جسماني حالت ۾ ھوندي آھي تہ ھي اڳين ٻانھن جي درمياني حصي تي ھوندي آھي. اھا اڳين ٻانھن جي ٻئي وڏي ھڏي قَطروڏِي ڏي پُوروِڇوٽ وڃي ٿي،  ۽ وڏي ھوندو آھي ۽ ٻي کان وڏي ھوندي آھي.
The ulna is a long bone found in the forearm that stretches from the elbow to the smallest finger, and when in anatomical position, is found on the medial side of the forearm. It runs parallel to the radius, the other long bone in the forearm, and is the larger and longer of the two.

Ulna  ھَٿوڏِي ۔ ھٿ واري ھڏي

اڳين ٻانھن   Forearm

To stretch  پکيڙ رکڻ ۔ والار ڪرڻ

ٺُوٺ   Elbow

Smallest finger  چيچ

جسماني حالت  Anatomical position

Medial side  درمياني پاسو ۔ وچولو پاسو

ھلڻ  To run

Parallel  پوروڇوٽ ۔ ھموار

قَطروڏِي ۔ قطر واري ھڏي Radius

Friday 19 July 2019

مطلق جز God particle 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مطلق جز God particle جي دريافت کي ھن صدي جي سڀ کان وڏي دريافت قرار ڏنو ويو آھي. 
4 جولاء جڏھن جنيوا ۾ سائنسدانن جي ميڙاڪي پريس ڪانفرنس ۾ مطلق جز جي دريافت جو اعلان ڪيو تہ ان موقعي تي سڀ کان پھرين ٽيليويزن اسڪرين تي ان نظريي جي خالق پروفيسر ھگز بوسن جو چھرو ڏيکاريو ويو. ھن جي اکين ۾ خوشيء جا ڳوڙھا ھئا ۽ ھو خوشي ڀري ڏڪندڙ آواز ۾ چئي رھيو ھو تہ منھنجي سڀ کان وڏي خوشقسمتي ھي آھي تہ مان پنھنجي نظريي جي سچائي پنھنجي ئي زندگي ۾ راس ٿيندي ڏٺي آھي.
مطلق جز جي دريافت کي ھن صديء جي وڏي دريافت قرار ڏنو ويو آھي.

مطلق جز ڇا آھي؟
ايٽم جي اندر پاتو ويندڙ ھڪ تمام ئي ننڍڙو ذرڙو آھي جنھن جو وزن اندازن ھيڊروجن جي گئس جي ايٽم  کان 130 ڀيرا گهٽ آھي ۔ ھيڊروجن جي گئس جي ايٽم دنيا جو ھلڪي کان ھلڪو ايٽم آھي.

مطلق جز Higgs boson جو تصور ڪيئن جنم ورتو؟
مطلق جز Higgs boson يا God particle جي ڪھاڻي مايي کان شروع ٿئي ٿي ۽ جيڪڏھن ٽيڪنيڪي اصطلاح چيو وڃي تہ مايو ڪنھن بہ جسم جي انرشيا جي پيدائش جو نالو آھي. سادن لفظن ۾ کڻي ائين چئجي تہ جيڪڏھن ڪوبہ جسم سڪون جي حالت ۾ آھي تہ اسان ان جي حالت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون ان جي حالت بدلڻ لاء اسان کي مزاحمت جو سامڻو ڪرڻو پوي ٿو ان مزاحمت کي اسان مايو چئون ٿا جيئن ڪنھن بيٺل گاڏي کي ڌڪو لڳائڻ لاء توھان ان جي مايي کي محسوس ڪريو ٿا.
اسان ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن ڪنھن شي کي مايو نہ ھجي تہ اھا پور Vaccum ۾ روشني جي رفتار سان سفر ڪندي. جيئن تہ فوٽان پاڻ ۾ مايو نہ ھجڻ ڪري پور Vaccum ۾ ھي رفتار پائي سگهن ٿا. جيڪڏھن ڪا شي Object روشني جي رفتار حاصل نہ ڪري رھي آھي ان جو مطلب آھي ان ۾ ڪجھ نہ ڪجھ مايو ضرور آھي.
 اسان مايي ۽ وزن کي ھڪ جھڙو ئي سمجهون ٿا پر وزن مايي کان مختلف آھي وزن ۾ ڪشش ثقل Gravity جو عمل دخل ٿئي ٿو جڏھن تہ مايي جو ڪشش ثقل Gravity سان ڪا ڏي وٺ ناھي ڇوجو ڪشش ثقل ۽ فوٽان مايي ۾ ٻڙي آھي ان ڪري ڪائنات ۾ جسم جو مايو ھر جڳھ يڪسان رھي ٿو جڏھن تہ وزن ڪشش ثقل Gravity جي حساب سان ھر جڳھ مختلف ٿئي ٿو. جيڪڏھن پڇيو وڃي تہ ھي مايو ڪٿان اچي ٿو اسان چونداسين تہ اھو جسم مادي مان ٺھيل آھي اھو ئي  مايو مھيا ڪري رھيو آھي.
مقداري سطح Quantum level تي ڏسڻ مان پتو پوي ٿو مادي جي بنياد ڪئار Quarks ۽ ليپٽان آھن. ڪئار ۽ ليپٽان ٻي ڪنھن شي مان جڙيل ناھن اھي توانائي مان جڙيل آھن ان ڪري انهن جو مايو نہ ھئڻ کپي پر اسان کي معلوم آھي ۽ ثابت شدھ آھي تہ ليپٽان ۽ ڪئار مايو رکن ٿا. ھاڻي ھي سوچڻ جي ڳالھ آھي تہ انهن کي مايو ڪٿان ملي ٿو ۽ ھي سوال بہ اٿندو رھي ٿو تہ جڏھن انهن بنيادي جزن جو مايو موجود آھي تہ فوٽان مايي بنا جز ڇو آھي؟
1960ع ۾ طبعي ماھرن بنيادي جزن کي بھتر طريقي سان سمجهڻ لاء جوڙون Equations اوسر ڪيون جن جي مدد سان اھي جزن کي سمجهي اڳڪٿي ڪري پئي سگهيا پر ھتي مونجھ اڃان وڌي وئي ڇوجو جڏھن اليڪٽران ۽ ڪئار کي فرض ڪيو پئي ويو تہ جوڙ ٺيڪ نموني ڪم ڪيو پئي پر جڏھن تہ ثابت شدھ آھي تہ اليڪٽران ۽ ڪئار مايو رکندڙ جزا آھن ۽ مايي جي مقدار جي حساب سان انهن جوڙن ٺيڪ نموني ڪم نہ ڪيو پئي.
 ان دوران پيٽر ھگز ھڪ نئين نظريي سان اڳيان آيو......ھن نظريي مطابق ڪائنات ۾ ھر جڳھ مطلق ميدان Higgs fields موجود ٿين ٿا ۽ جزا انهن ميدانن ۾ توانائي جي ڪري جڙن ٿا ۽ توانائي خارج ڪرڻ تي ھي جزا بہ ختم ٿي وڃن ٿا ۽ پيٽر ھرگز جو مڃڻ ھيو تہ ھن طرح ڪائنات ۾ ھڪ ٻيو ميدان موجود آھي جنھن جي توانائي سان مطلق جز Higgs bossom  جڙن ٿا. ھن جو مڃڻ ھيو تہ سڀ جزا فوٽان وانگر مايي بنا ٿين ٿا انهن سڀني جزن کي مطلق ميدان Higgs field ئي مايو مھيا ڪن ٿا.
جڏھن بہ ڪي جزا مطلق ميدان Higgs field ۾ داخل ٿين ٿا اھي جزا جيترو وڌيڪ مطلق ميدان سان پيچ اڙائيندا اھي اوترو وڌيڪ مايو رکندڙ ھوندا. جيئن تہ فوٽان مطلق ميدان سان ٿورڙو بہ پيچ نٿا اڙائن جنھن جي ڪري فوٽانن کي مايو نٿو ٿئي ۽ اليڪٽران مطلق ميدان سان ٿورو پيچ اڙائن ٿا ان ڪري اليڪٽرانن جو مايو گهٽ ٿئي ٿو جڏھن تہ ڪئار مطلق ميدان سان گهڻو رلن ملن ٿا انهي ڪري ڪئارن جو مايو وڌيڪ ٿئي ٿو.
1964ع ۾ پيٽر ھگز ھڪ سائنسي جريدي ۾ حسابي جوڙ mathematical Equation جي ذريعي ثابت ڪري ڇاپرائي پر ان وقت پذيرائي نہ ملي ڇوجو ھي ڳالھ مڃڻ مشڪل ھئي تہ اڻڏيکي ميدان Invisible fields ڪنھن جزي کي مايو ڏيئي سگهن ٿا. طبعي ماھرن مطابق مطلق ميدان Higgs fied جي موجودگي صرف حسابي نموني Mathamatically موجود ٿئي ٿي ان کي تجرباتي بنياد تي ثابت نہ ڪيو ويو ھو. ھن کي تجرباتي بنيادن تي ثابت ڪرڻ لاء Large Hadron Collider بنايو ويو ۽ حساب Maths جي مدد سان پتو پيو تہ جي اسان جي سوچ ٺيڪ آھي ۽ مطلق ميدان Higgs field موجود آھي تہ تمام ٿوري خال ۾ چارجي جزا پاڻ ۾ ٽڪرائين تہ ھي ٽڪراء مطلق ميدان Higgs field ۾ ڪجھ دير لاء ھلچل پيدا ڪندو جيئن پاڻي ۾ 2 تيز رفتار ٻيڙين جي پاڻي سان ٽڪراء جي ڪري پاڻي ۾ ھلچل پيدا ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح اھڙي ھلچل جي ڪري مطلق ميدان Higgs field ۾ مطلق جز Higgs boson يا God particle پيدا ٿيندا جن کي اسان سڃاڻي سگهون ٿا. سڃاڻپ ڪرڻ لاء مطلق جز جي Predicted Decay Pattern کي مانيٽر ڪيو وڃڻ ھيو.
ھن شي کي استعمال ڪندي 4 جولاء 2012ع ۾ LHC ۾ ٻن چارج ٿيل جزن کي روشني جي 99.9 رفتار تي پاڻ ۾ ٽڪرايو ويو تہ مطلق جز جو ڊيڪي مانيٽر ڪيو ويو جنھن مان پتو پيو تہ مطلق جز وجود رکن ٿا جنھن پيٽر ھگز جي نظريي کي صحيح ثابت ڪري ڇڏيو جنھن جي بنياد تي 2013ع ۾ پيٽر ھگز کي نوبل پرائيز ڏنو ويو.
مطلق ميدان Higgs field ۽ مطلق جز God particle يا Higgs boson کي وٺندي ھڪ غلط فھمي پاتي وڃي ٿي تہ مطلق جز جزن کي مايو مھيا ڪن ٿا پر حقيقت مختلف آھي مطلق جز تہ اھي جزا آھن جيڪي مطلق ميدان ۾ تونائي جي ڪري جڙن ٿا.
جيڪڏھن مطلق ميدان موجود نہ ھجي ھا جنھن کان سائنسدان 2012ع کان بي خبر ھئا تہ سڀ جزا بنا مايي ھجن ھا ۽ اھڙي صورت ۾ مادي جو وجود نہ ھجي ھا سڀ جزا فوٽان جي رفتار سان سفر ڪري رھيا ھجن ھا ۔ اليڪٽران نيوڪليس جي چوڌاري نہ ھجن ھا نہ ڪئار پاڻ ۾ ملي اليڪٽران ۽ پروٽان ٺاھن ھا نہ ايٽم ٺھن ھا نہ بانڊ ٺھن ھا، مطلب تہ مادي جو وجود نہ ھجي ھا، نہ اسان ھجون ھا نہ دنيا ھجي ھا پر جزن جي ڊوڙ ھيڏي ھيڏي جاري ھجي ھا. اسان چئي سگهون ٿا تہ ڪائنات جي وجود ۾ ھگز ميدان مک اھميت رکي ٿو.
 جيئن تہ اسان کي معلوم آھي تہ ڪائنات ۾ ھر جڳھ توانائي ميدان موجود آھن انهن ميدانن جو اثر ھر ھنڌ ساڳو ناھي. ڪٿي اھي اثر ڪن ٿا ڪٿي نٿا ڪن. پر مطلق ميدان ھر ھنڌ ھڪ جيئن ڪم ڪن ٿا چاھي ھي دنيا ھجي يا ٻي  ڪائنات جي ڪنڊ ھجي. ھي سڀني جڳھن تي ھڪ جھڙو اثر رکن ٿا.

مطلق جز ڇا ٿو ڪري؟
ڪنھن بہ شي جو ايٽم اليڪٽران ۔ نيوٽران ۽ پروٽان سان ملي جڙي ٿو پر انهن کي ھڪ مرڪز تي اھڙي طرح گڏ ڪم ڪرڻ تہ جيئن اھي ايٽم جي شڪل اختيار ڪري سگهن اھو ڪم مطلق جز ڪري ٿو. جوھري جزا انتھائي تيز رفتار ٿين ٿا جن کي مطلق جز پاڻ ڏي ڇڪي انهن جي رفتار گهٽ ڪري ٿو ۽ اھي ھڪ ايٽم جي شڪل اختيار ڪن ٿا.
ڪائنات ۾ مادي جو عام شڪلون نھرو ۔ پٽڙو ۽ گئس ٿين ٿيون. جيڪڏھن مطلق جز نہ ھجي ھا تہ ھن ڪائنات ۾ ستارن ۔ سيارن ۔ ڪھڪشائن ۽ دنيا جي بدران صرف توانائي جون لھرون ھجن ھا.

مطلق جز ڪھڙي نموني ڪم ڪري ٿو؟
پراسرار جوھري ذرن جي خالق پروفيسر ھگز بوسن ان کي ھڪ مثال سان واضح ڪيو آھي. ھي چوي ٿو تہ پراسرار ذرا ڪنھن اھم پرڪشش فلمي ۔ سماجي يا سياسي شخصيت وانگر ٿين ٿا جنھن کي ڏسي ماڻھو سڀ ڪجھ ڇڏي جلدي ۾ ھن جي طرف ڇڪجي اچن ٿا ۔ ڪو انهن سان تصوير ڪڍائڻ چاھي ٿو ۔ ڪو ھن کان آٽوگراف جي طلب رکي ٿو تہ ڪو ھٿ ملائڻ جي آرزو رکي اڳتي وڌي ٿو. ھن جي چوڻ مطابق ان ھجوم جو نالو ايٽم آھي. جوھري ذرن جي ميڙ جي نوعيت ۽ تعداد جي لحاظ کان مختلف نوعيت جا ايٽم وجود ۾ اچن ٿا ۽ پوء اھي ڪائنات جوڙين ٿا.

مطلق جز نہ ھجي ھا تہ؟
جيڪڏھن ھگز بوسن يا مطلق جز نہ ھجي ھا تہ ڪائنات ۾ سواء توانائي جي ٻيو ڪجھ بہ نہ ھجي ھا. ڪھڪشائون ۔ سج ۔ چنڊ ۔ ستارا ۔ زمينون ۽ انهن جا رنگ روپ ۽ زندگي جون مختلف شڪليون ڏسڻ ۾ نہ اچن ھا. طبيعاتي ماھرن جو چوڻ آھي تہ ڪائنات برقي مقناطيسي لھرن ۽ جوھري قوتن سان ڀري پئي آھي ۽ ھن وشال ڪائنات ۾ انهن کي ڪنھن مادي جي ضرورت ناھي پر ھن ڪائنات ۾ بي شمار مادي جسم ترن ٿا پيا. ماھرن مطابق توانائي ۽ مادو ھڪ ٻئي جو بدل آھن ۽ مادو ئي توانائي جي ھڪ شڪل آھي. پوء ھي سوال اڀري ٿو تہ آخر توانائي جو ڪجھ حصو مادي ۾ تبديل ڇو ٿيو ھن الجهن کي حل ڪيو پروفيسر ھگز بوسن ۽ ان ھي نظريو پيش ڪيو تہ جيڪڏھن مطلق جز نہ ھجي ھا تہ ڪائنات ۾ صرف توانائي ھجي ھا ۽ مادي جسم اڻ لڀ ھجن ھا.
ايڊن برگ ۾ واقع برطانيہ جي اسڪاٽ لينڊ يونيورسٽي جي سائنسدان ھگز بوسن 1964ع ۾ ھڪ پراسرار جوھري ذري جو نظريو پيش ڪيو. ڪائنات جي تخليق جي ماڊل جي جديد عمارت ھن نظريي تي بيٺل آھي. تصوراتي پراسرار ذري جو نالو ھن جي پنھنجي نالي ھگز بوسن تي رکيو ويو. ھن کان پوء ھن موضوع تي مطلق جز جي نالي سان ڪتاب شايع ٿي جنھن کان پوء پراسرار ذرو عام طور تي مطلق جز جي نالي سان مشھور ٿي ويو.

مطلق جز ڪڏھن وجود ۾ آيو؟
سائنسدان ھن نظريي تي متفق آھن تہ ڪائنات ھڪ تمام وڏي ڌماڪي جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي جنھن کي ڌم ڌماڪ چيو وڃي ٿو. ڌم ڌماڪ کان پھرين ھڪ تمام وڏو گولو موجود ھيو جيڪو پنھنجي اندروني بي پناھ قوت جي ڪري ڦاٽي وکري ويو گولو ڦٽڻ جي ڪري لامحدود مقدار ۾ توانائي وھي نڪتي ۽ تيزي سان ڦھلجڻ لڳي.
بگ بينگ کان پوء ھڪ سيڪنڊ جي اربئين حصي ۾ مطلق جز جنم ورتو ۽ ھن توانائي جي اڻ کٽ سمنڊ کي پاڻ طرف ڇڪڻ شروع ڪيو.
بنيادي طور تي توانائي ٻن قسمن جي ٿئي ٿي ھڪ اھا جيڪا مطلق جز جي ڪشش کي قبول ڪري ٿي ۽ ٻي اھا جنھن تي ھن جو اثر نٿو ٿئي بلڪل ايئن جيئن گهڻا ماڻھو پلٽجي اھم شخصيتن کي ڏسن نٿا ماھرن جو چوڻ آھي تہ ھن وقت ڪائنات ۾ وکريل توانائي جو وڌيڪ حصو اھو ئي آھي جنھن کي مطلق جز پنھنجي طرف ڇڪي نٿو سگهي.

مطلق جز ڪيئن دريافت ٿيو؟
ڪنھن بہ سائنسي نظريي جي اچڻ کان پھرين ليباريٽري ۾ ان جي سچائي جي تصديق ڪئي وڃي ٿي. ھگز بوسن جي نظريي جي تصديق جو ڪم پوئين صدي جي آخر ۾ شروع ٿيو پر وڏي پيماني تي ان جي تحقيق جو آغاز پارٽيڪل فزڪس جي دنيا جي سڀ کان وڏي تجربيگاھ لارج ھيڊرن ڪولائيڊر جي قيام بعد ٿيو. اربين ڊالرن جي ماليت تي ٻڌل ھن تجربيگاھ ۾ حلقي جي شڪل ۾ 17 ميل ڊگهي سرنگھ ٺاھي وئي جنھن جي ٻنهي سرن تي نصب طاقتور آلاتن ذريعي جوھري ذرن جون لھرون اھڙي انداز ۾ موڪليون ويون جو اھي ايتري قوت سان ھڪ ٻئي سان ٽڪرائيندي انهن جا جوھري ذرا ٽٽي وکري وڃن ۽ وري اھا شڪل اختيار ڪن جا اربين سال پھرين ڌم ڌماڪ جي وقت ھئي. جوھري ذرن جي ٽڪراء جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڊيٽا کي ھزارن ڪمپيوٽرن سان پراسس ڪيو ويو. سائنسدانن جي ٻن الڳ وڏين ٽيمن تجربن جي رونمائي جي نتيجن کي بار بار پرکيو.
4 جولاء تي ھن صدي جي سڀ کان وڏي سائنسي دريافت جو اعلان ڪندي سائنسدانن چيو تہ پنھنجي نتيجن جي صداقت تي پنج سيگما تائين يقين آھي. سائنسي اصطلاح ۾ سيگما مان مراد ھڪ اربھون حصو آھي يعني ھن دريافت ۾ غلطي جو امڪان ھڪ ارب ۾ صرف پنج آھي.

مطق جز جو ڪائنات جوڙڻ ۾ ڪردار :-
پور توانائي Vaccum energy ۽ ڪاري توانائي Black energy ۔ ھاڻي ڪاري توانائي خود پور توانائي جو ھڪ قسم آھي. پور توانائي Vaccum energy مان ورچوئل جزا تخليق ٿيا. جوھري جزن Virtual particles جي ماپ ۾ اضافو ٿيو. مطلق جز Higgs boson مطلق ميدان Higgs field ذريعي انهن ذرن کي مقدار يا مايو ڏيڻ ۔ انهن جزن جو مايو حاصل ڪرڻ ۔ بنيادي جزن جو پاڻ ۾ جڙڻ. اليڪٽران ۔ پروٽان ۽ نيوٽران جي پيدائش ۔ ايٽم جو ٺھڻ ۔ ماليڪيول ٺھڻ ۔ مادو ٺھڻ ۔ سيارن ۔ ستارن ۽ ڪھڪشائن جو ٺھڻ ۔ پوري ڪائنات جو وجود ۾ اچڻ ۔ ڪائنات جي جڙڻ سان ٻہ شيون ڪارفرما ٿيون.
مطلق ميدان Higgs field
پور توانائي  Vaccum energy
مطلق ميدان Higgs field سڄي ڪائنات ۾ موجود ھو ۽ ان مايي ٺاھڻ لاء پور توانائي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ پور توانائي مان مادي ذرا تخليق ڪيا يعني مطلق جز مطلق ميدان ذريعي جزن کي مايو ڏيئي مادي جي شڪل ڏني ۽ ڪائنات جي تخليق جي بنياد رکي. ھي پور توانائي ۽ مطلق جز سڄي ڪائنات ۾ موجود ۔ مادي جي تخليق جو بنيادي سبب ۔ ڪائنات جي پيدائش جو مظھر ۔ ان کي پکيڙ ڏيڻ: سڀ مطلق جز ۽ مطلق جزي سان مليل پور توانائي جي ڪري ٿيو. مطلق جز پور توانائي ذريعي ايٽم ٺاھڻ ۔ ماليڪيول ٺاھڻ ۔ مادو ٺاھڻ ۔ ڪائنات جوڙڻ ۾ اڳڀرو رھيو مقداري ميڪانيات چوي ٿي.
مطلق جز مادي ذرو آھي جيڪو مطلق ميدان Higgs field ذريعي ضابطو رکي ٿو. ھن سڄي تھ ۾  ھڪ ئي قوت ڪارفرما آھي يعني مطلق جز ۽ ان جي پور توانائي.
مطلق جز 126 بلين اليڪٽران وولٽ يا پروٽان جي مايي يا مقدار کان 122 ڀيرا وڌيڪ ڀاري ذرو آھي.
طبيعاتي ماھرن مطابق مطلق توانائي ميدان ڪائنات جي ابتدا ۾ پيدا ٿيو. مطلب اھو ٿيو تہ Inflation theory مطابق جڏھن پور توانائي جوھري جزن Virtual particle مان مادي ذرا پيدا ڪيا تہ گڏ ئي ڪشش ثقل ڏيڻ لاء مطلق ميدان ۽ ان جو ذرو مطلق جز بہ تخليق ڪيو جنھن کان پوء ڪائنات کي ڪشش ثقل ڏني وئي ۽ حتمي شڪل ڏني وئي. ڪشش ثقل مادي جي ڪري پيدا ٿي ۽ مادي جي مايي جو وجود مطلق ميدان جي مادي ذري مطلق جز جي ڪري ٿي جڏھن تہ مادي جي پيدائش پور توانائي جي ڪري ٿي.
ھاڻي ٻہ نظريا آھن. ھڪ تہ پور توانائي مطلق ميدان ۽ پوء مطلق جز ۽ تمام مادي ذرا تخليق ڪرايا.
ٻيو تصور ھي آھي تہ ڪاري توانائي مطلق ميدان Higgs field جي ڪري وجود ۾ آئي. مطلق ميدان Higgs field مان ڪاري توانائي جيڪا پور توانائي جو روپ آھي وجود ۾ آئي ۽ پوء مادي ذرا ۽ انهن مان ڪائنات جي تخليق ۽ ان جي پکيڙ يا خود پور توانائي Vaccum energy مان مطلق جز God particle پنھنجي قوت يعني پور توانائي مان مادي جزن کي تخليق ڪيو، پوء انهن کي مطلق ميدان Higgs field مايو يا مقدار ۽ ڪشش ثقل ڏني. پوء ان مادي مان پوري ڪائنات تخليق ڪئي ۽ ھاڻي ھن توانائي جي سطح توازن رکيون ڪائنات کي قائم رکيو ويٺي آھي.

ناسوڏو Nasal bone 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ناسوڏا 2 مستطيلي ھڏا ٿين ٿا، ماپ ۾ مختلف ٿين ٿا ۽ ڌار ڌار نمونن ۾ جڙن ٿا.اھي منھن جي مٿئين  ۽ ھيٺئين حصي وٽ ۽ انهن جي جوڙ وٽ پاسي پاسي رکيل آھن، نڪ جي پل ٺاھن ٿا.
The nasal bones are two small oblong bones, varying in size and form in different individuals; they are placed side by side at the middle and upper part of the face and by their junction, form the bridge of the nose.

ناسوڏو     Nasal bone
Nasal bones  ناسوڏا

مستطيلي ھڏا   Oblong bones

Varying مختلف ٿيڻ ۔ مختلف ھجڻ

ڌار ڌار نمونن ۔ ڌار ڌار روپن Individuals

Side by side پاسي پاسي

جوڙ ۔ ڳنڍ ۔ سنڌ Junction

Bridge  پل

Thursday 18 July 2019

مَڄاڙِي Maxilla 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مڄاڙي جنھن کي پڻ مٿين ڏنداٺي سڏيو وڃي ٿو اھا کوپڙيء جي جوڙجڪ جي اھم مغزي ناڙي آھي. اھا حلقڏي ۔ نڪ ۽ تارون جي جوڙجڪ ۾ ملوث آھي ۔ مٿين ڏندن کي بيھڪ ڏئي ٿي ۽ چٻاڙ ۽ لنگھ لاء اھم ڪردار ادا ڪري ٿي.
The maxilla, also known as the upper jaw, is a vital viscerocranium structure of the skull. It is involved in the formation of the orbit, nose and palate, holds the upper teeth and plays an important role for mastication and communication.


Maxilla مَڄاڙِي ۔ مٿين ڄاڙي ۔ مٿين ڏنداٺي

upper jaw مٿين ڏنداٺي ۔ مٿين ڄاڙي

اھم Vital

Viscerocranium
مناڙ ۔ مغزي ناڙ ۔ مغزي ناڙي ۔ کوپڙي جون رڳون ۔ ۔ کوپڙي جون نسون

Orbit حلقوڏو ۔ گول ھڏو

نڪ  Nose

Palate  تارون ۔ ورت

مٿيان ڏند  Upper teeth

To hold بيھڪ ڏيڻ ۔ جهلي بيھڻ

چٻاڙ ۔ چٻائي  Mastication

Communication  لنگھ ۔ رستو

Wednesday 17 July 2019

ھيڄاڙي Mandible 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ھيڄاڙي (يا ھيٺين ڄاڙي) فقط چرندڙ ڪاپاري ھڏو آھي. 
ھيڄاڙي لوندڙ ھيڄاڙ جوڙ ذريعي کوپڙي سان مليل ھڏو آھي. اھا وڏي ۾ وڏي ۔ مضبوط ۾ مضبوط ۽ انساني منھن جو ھيٺيون ھڏو آھي. اھا ھيٺين ڄاڙي جوڙي ٿي ۽ ھيٺين ڏندن کي جڳھو رکي ٿي.
ھيڄاڙي جا ٽي حصا آھن
ھيڄاڙي جو جسم
ھيڄاڙي جي ڏنڊي
خمدار مرحلو
The mandible (or lower jaw bone) is the only movable cranial bone. The mandible is a single bone connected to the skull by the temporomandibular joint.
It is the largest, strongest and lowest bone in the human face. It forms the lower jaw and holds the lower teeth in place.
 Themandible has three parts: body of mandible, ramus of mandible (2), cronoid process.

Mandible ۔ Lowe jaw bone ۔ Mandibula
ھيڄاڙي۔ ھيڄياڙي ۔ ھيٺين ڄاڙي ۔ ھيٺين ڄياڙي ۔ ھيٺيون ڏنداٺو

Mandible
ھيڄاڙي ۔ ھيڄياڙي ۔ ھيٺين ڄاڙي ۔ ھيٺين ڄياڙي

Movable  چرندڙ

ڪاپاري ۔ کوپرائون ۔ ڪوپرائون Cranial

cranial bone
ڪاپاري ھڏو ۔ کوپرائون ھڏو ۔ ڪوپرائون ھڏو

کوپڙي ۔ ڪيپراٽي ۔ ڪوپري ۔ ڪپار   Skull

Temporomandibular
لوندڙ ڄياڙ ۔ لوندڙي ڄياڙي وارو

Temporomandibular joint
لوندڙ ڄياڙ جوڙ ۔ لوندڙي ڄياڙي وارو جوڙ

Largest وڏي ۾ وڏو

مضبوط ۾ مضبوط   Strongest

Lowest  ھيٺيين ۾ ھيٺيون

ھيٺين ڄاڙي ۔ ھيٺين ڄاڙي Lower jaw

Lower teeth  ھيٺيان ڏند

جائتو ۔ جڳھو   In place

Body of mandible 
ھيڄاڙي جو جسم ۔ ھيڄياڙي جو جسم

Ramus of mandible
ھيڄاڙي جي ڏنڊي ۔ ھيڄياڙي جي ڏنڊي ۔ ھيڄاڙي جي ٽاري ۔ ھيڄياڙي جي ٽاري

Cronoid process
خمدار مرحلو ۔ پيچدار مرحلو ۔ وريل مرحلو

Tuesday 16 July 2019

مھار Gingiva 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مھار يا بڊ (جمع مھارون) گگلي جهلين تي مشتمل آھي  جيڪا وات ۾ ھيڄاڙي ۽ مڄاڙي تي بيھي ٿي. مھار جي صحت ۽ بيماري عام صحت تي اثر وجهي سگهي ٿي. اھا کاڌي جي چٻاڙ دوران ھيٺئين ھڏي سان سخت نموني سلهاڙيل ھئڻ ڪري کاڌي جي رڳڙ کي منھن ڏئي ٿي.
The gums or gingiva (plural: gingivae), consist of the mucosal tissue that lies over the mandible and maxilla inside the mouth. Gum health and disease can have an effect on general health. It resists friction of food during mastication by being tightly bound to the underlying bone.

Gingiva  مھار ۔ مسوڙو ۔ بڊ

بڊ ۔ مھار ۔ مسوڙو  Gum

Gingivae  مھارون ۔ مسوڙا ۔ بڊ

Mucosal tissue
گگلي اوڄو ۔ گگ جي جهلي وارو اوڄو

Mandible  ھيڄاڙي ۔ ھيڄياڙي ۔ ھيٺين ڄياڙي

مڄاڙي ۔ مڄياڙي ۔ مٿين ڄياڙي  Maxilla

Inside اندر ۔ ۾

مھار جي صحت Gingiva health

Gingiva disease  مھار جي بيماري

عام صحت  General health

To resist  مدافعت ڪرڻ ۔ منھن ڏيڻ

رڳڙ      Friction

Friction of food  کاڌي جي رڳڙ

چٻاڙ ۔ چٻائي  Mastication

Underlying bone ھيٺيون ھڏو

Monday 15 July 2019

تارون Palate 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
تارون انسانن ۽ ٻين کير وارن جانورن جي وات جي ڇت آھي. اھا زباني کڏي کي ناس کان ڌار ڪري ٿي. ساڳو سرشتو مگرمڇن ۾ پاتو وڃي ٿو پر گهڻو ڪري چوپاين ۾، زباني کڏا ۽ ناسون سچي پچي ڌار نہ ٿين ٿيون. انهي جا 2 حصا آھن.
اڳيون نرم تارون
پويون سخت تارون
The palate is the roof of the mouth in humans and other mammals. It separates the oral cavity from the nasal cavity. A similar structure is found in crocodilians, but in most other tetrapods, the oral and nasal cavities are not truly separate.
It has two parts.
Anterior soft plate
Posterior hard plate

تارون ۔ ورت Palate

Mammals  کير وارن جانورن

زباني کڏو ۔ زباني کانچو  Oral cavity

Nasal cavity  ناس

مگرمڇن  Crocodilians

Tetrapods  چوپاين

Sunday 14 July 2019

سخت تارون Hard palate 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
سخت تارون ھڪ ھموار ھڏيء جي پليٽ آھي جيڪا وات جي پرت جو ننڍو ڀاڱو آھي. اھو زباني کڏي جي ڇت جو اڳيون ٻہ ڀاڱي ٽي حصو بنائي ٿو. سخت پرت ٻن شڪلي ھڏن جو ٺھيل آھي مٿين ڄياڙي جو تارون وارو مرحلو ۽ جوڙدار تارون وارا ھڏا
The hard palate is the horizontal bony plate that makes a subsection of the palate of the mouth. It makes the anterior two-thirds of the roof of the oral cavity. The hard palate is made of two facial bones: palatine process of the maxilla and paired palatine bones.
Hard palate
سخت تارون ۔ وات جي سخت ڇت

Horizontal افقي ۔ ھموار ۔ پوروڇوٽ

ننڍو ڀاڱو ۔ ننڍو ٽڪرو Subsection

Palate  تارون

اڳيون  Anterior

Two-thirds ٻہ ڀاڱي ٽي

Oral cavity
زباني کڏو ۔ زباني کانچو ۔ زباني  ڍورو ۔ زباني غار

Facial bones   شڪلي ھڏا ۔ رخي ھڏا

تارون وارو Palatine

Process  مرحلو

مٿين ڄياڙي  Maxilla

Paired  جوڙيدار

Saturday 13 July 2019

نرم تارون Soft plate 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نرم تارون وات جي تارون جو حصو آھي۔ٻيو حصو سخت تارون آھي. نرم تارون جي  اندر وات  جي اڳ تي سخت تارون سان سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي تہ انهي ۾ ھڏو نٿو اچي.
The soft palate is part of the palate of the mouth; the other part is the hard palate. The soft palate is distinguished from the hard palate at the front of the mouth in that it does not contain bone.

Soft palate  نرم تارون - وات جي نرم ڇت

 سخت تارون - وات جي سخت ڇت  Hard palate

To be distinguished
سڃاڻپ ٿيڻ ۔ ممتاز ٿيڻ ۔ نمايان ٿيڻ

At the front  اڳ تي

ھڏو    Bone

Friday 12 July 2019

ڪاڪ Uvula 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڳھڻ دوران نرم پرت ۽ ڪاڪ گڏ چرپر ڪن ٿا ۔ ناڳل کي بند ڪن ٿا ۽ کاڌي کي ناس ۾ وڃڻ کان روڪن ٿا. اھو بہ منتخب ڪيو ويو آھي تہ ڪاڪ پاران پيدا ڪيل سنهي گگ جو گهڻو مقدار ڳلي کي سٺي نموني آلو رکي ٿو. انهي جو ڳالهائڻ ۾ بہ ڪارج آھي.
During swallowing, the soft palate and the uvula move together to close off the nasopharynx, and prevent food from entering the nasal cavity. It has also been proposed that the abundant amount of thin saliva produced by the uvula serves to keep the throat well lubricated. It has a function in speech as well.

During  دوران
ڳھڻ      Swallowing

Soft palate  نرم پرت

Uvula
(ڪاڪڙي جو) ڪاڪ ۔ گوشت جو لڙڪندڙ ٽڪرو ۔ ڪاڪڙي جو ڪاڪ جيڪو لڙڪندو رھي ٿو ۔ ڪاڪڙي جو لڙڪندڙ گوشت جو ٽڪرو.


To move together  گڏ چرپر ڪرڻ

بند ڪرڻ  To close off

Nasopharynx  ناڳل

ناس   Nasal cavity

Abundant amount  گهڻو مقدار

سنهي گگ Thin saliva

Throat  ڳلو

سيويو ۔ کنڊ ٻوٽو Stevia 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
سيويو پنھنجن مٺن پنن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھي قدرتي طور تي پيراگوئي ۽ برازيل ۾ پاتو وڃي ٿو پر ھن جي پوکي دنيا ڀر ٿي چڪي آھي. ھن جا پن کنڊ کان 15 ڀيرا وڌيڪ مٺا آھن ۽ ھن جو عرق کنڊ کان 2 سو کان 3 سو ڀيرا وڌيڪ مٺو ٿئي ٿو. ھن جي نشاستي ۾ حرارا نہ ھجڻ جي برابر آھن جنھن ڪري ھي شڳر جي مريضن لاء مفيد آھي. ھي رت ۾ شڳر جي مقدار ۽ بي پي کي گهٽ ڪري ٿو. ھن مان تيار ڪيل کاڌا مريض بنا ھچڪ جي استعمال ڪري سگهن ٿا. اسٽيويا کنڊ جو بھترين متبادل آھي.
تحقيقن بعد ھي ڳالھ مشاھدي ۾ آئي آھي تہ جيڪڏھن اسٽيويا جي پنن کي چانھن جي پتي طور استعمال ڪيو وڃي تہ چانھن بنا کنڊ بلڪل مٺي ٿي سگهي ٿي. ھي جراثيم ڪش آھي ان ڪري ھن کي ڏند جي پيسٽن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھي ڏندن ۽ ھڏن کي مضبوط ڪري ٿو ڇوجو ھن ۾ ڪيلشم وافر مقدار ۾ موجود آھي جيڪا عورتن ۽ ٻارن جي نشونما لاء مفيد آھي. سيويو ھاضمي جي نظام ۽ معدي جي فعل کي درست ڪري ٿو ۔ معدي جي السر کي گهٽ ڪري ٿو ۔ رت جي گهرڙن کي ٺھڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۔ رت جي نالين کي مضبوط ڪري ٿو ۽ انساني جسم ۾ روٽا وائرس خلاف اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. 
ماھرن جي تجزيي مطابق ھي ٻوٽو سڄي پاڪستان ۾ پوکي سگهجي ٿو. جيڪڏھن ھن جي پنن مان چانھن جي پتي ٺاھڻ درڪار ھجي گل اچڻ کان پھرين ھنن جي پنن کي ٽوڙي پيھي انهن جو پائوڊر ٺاھيو وڃي ۽ چانھن يا کاڌن ۾ استعمال ڪيو وڃي. ھن ٻوٽي کي ٿوري تڪليف سان گهرن ۾ بہ پوکي سگهجي ٿو.
نرسرين ۾ ھي ٻوٽو سو کان ٽن سون تائين وڪرو ٿئي ٿو پر ايوب زرعي تحقيقاتي اداري ۾ جهنگ کان فيصل آباد تائين ھي ٻوٽو 5 روپين ۾ ملي سگهي ٿو پر ھن جي نرسري کي پھرين ٿڌن علاقن ۾ تيار ڪري پوري ملڪ ۾ فراھمي ڪئي وڃي ٿي. ھن غير روايتي فصل طرف توجھ ڏيئي نفعي ڪمائڻ سان گڏ گهر جي مٺاڻ جي ضرورت پوري ڪرڻ کان سوا چانھن ۾ پوندڙ ھٿراڌو ڪيميائي مادن کان بچي سگهجي ٿو. ھن جي ٻج جي ڦٽڻ جي شرح گهٽ ٿئي ٿي. جيڪڏھن ٻج پوکڻا ھجن تہ ٺڪر جي ڪپن ۾ مٽي ۾ 2 يا 3 ٻج وجهي ان تي پاڻي جي ڇڻڪار ڪجي ۽ شاپر سان ڍڪجي. ھن جي قلم مان ٻوٽو ڦٽي ٿو. 

فائدا :- 
اسٽيوا بي زھر آھي. جنوبي آمريڪا جا ماڻهو صدين کان کائيندا اچن ٿا پر زھر ناھي پاتو ويو
گهٽ ڪيلرين ھجڻ ڪري ھن جا پن کاڌن ۽ شربتن ۾ وڌا وڃن ٿا. ھن جا پن شڳر ۔ ٿولھ ۽ ڪچ ھڏ arteriosclerosis جي ماڻھن لاء موزون آھن.
سٽیلوزائڊ آساني سان پاڻي ۽ الڪوحل ۾ حل ٿئي ٿو ۽ سڪروز ۔ فرڪڪوز ۽ آورومائيزڊ ھن جي کنڊ سان ملن ٿا تڏھن ذائقو بھتر ٿئي ٿو.
ھي منفرد مٺو ذائقو رکي ٿو ۽ مٺيون خاصيتون رکي ٿو. ھن کي ذائقي جي کاڌن ۽ ڪينڊين وغيرھ لاء استعمال ڪري سگهجي ٿو. ھي ذائقي دار ايجنٽ طور استعمال ٿئي ٿو ۽ خوراڪي دوائن ۾ بہ ڪم آندو وڃي ٿو.
ھن کي دواسازي ۔ شربتن ۔ دالن ۽ حبن جي تيار ڪرڻ لاء متبادل سينڪلي Sucrose طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ھن کي مصالحن ۔ آچارن ۔ ڪاسميٽڪ ۽ سگريٽ لاء ڪم آڻي سگهجي ٿو.

پوکي :-
سيوين جي پوکي جو بھترين طريقو آھي تہ ھنن جي قلمن ۾ پوکي ڪجي. پوکي جي بھترين موسم بھار جي شروعات ۾ ٿئي ٿي ۽ ٽن سالن تائين ھي ٻوٽا پيداوار ڏيئي سگهن ٿا. سردين ۾ ھن جي واڌ رڪجي وڃي ٿي. ھن کي پيسٽيسائيڊ نہ ڏجي ڇوجو ھن ۾ ڪيڙا تمام گهٽ پون ٿا. جيڪڏھن نظر اچن تہ نموري ڪلو کي 16 ڪلو پاڻي ۾ ڪاڙھجي جڏھن 8 ڪلو بچن تہ جوشاندي کي ڇاڻي رکجي. زمين ۾ ڪلر نہ ھجي تہ صرف گوبر استعمال ڪجي تہ جيئن پي ايڇ 6 کان 7 انچ رھي. ھن جي نرسري جي تياري دوارن گرمي پد 15 کان 20 ڊگري سينٽيگريڊ ھجڻ کپي. ھن جو فصل 50 کان 70 مڻ في ايڪڙ لھي سگهي ٿو.

Thursday 11 July 2019

نِڙڳو Faryngeal 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اھو نِڙي سان واسطو رکي ٿو. نڙي سان جڙيل ھڪ اصطلاح جيڪو اڪثر ھم آھنگي کي بيان ڪري ٿو جيڪا زبان جي پٽڙي ايراضي سان جڙيل آھي جيڪا ڪاڪ ۽ نڙڳي ڀت جي وچ ۾ ھيٺيين علائقي ڏي اڀار کائي ٿي. ھي اصطلاح پلساھي ۽ ھم آھنگي جي روڪ سان لاڳو ٿي نٿو سگهي
It is pertaining to the pharynx.
Articulated with the pharynx, a term usually describing a consonant which is articulated by the rear area of the tongue being raised to below the region between the uvula and the pharyngeal wall. The term cannot apply to a plosive or stop consonant.

Pharyngeal  نِڙڳو - نڙي يا ڳلي بابت

Pertaining  واسطو رکڻ ۔ جي بابت

نِڙي ۔ ڳلو  Pharynx

Articulated  جڙيل

ھم آھنگي    Consonant

Rear  پٽڙي

ڪاڪ (ڪاڪڙي جو) Uvula

Pharyngeal wall  نڙڳي ڀت

ڪنھن شي سان لاڳو ٿيڻ  To apply to sth

Plosive پلساھي ۔ وات بند ڪري ساھ کڻڻ جو عمل

ھم آھنگي جي روڪ  Stop consonant