Wednesday, 11 November 2020

دماغي ڳڙ Brain tumor 💎اصغر ساگر💎

 


دماغي ڳڙ ڪينسر جي پيچيدھ شڪل آھي جيڪا مغز جي ڪنھن بہ حصي ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ آھستي آھستي پکڙجي سگهي ٿي. دماغي ڳڙ کي ڪينسر ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جڏھن بي قائدي گهرڙن جي نشونما حد کان وڌيڪ وڌي وڃي تہ گهرڙا ھڪ ھنڌ جمع ٿي ڳڙ جي شڪل اختيار ڪن ٿا. ھن مرض جي جيڪڏھن پھرين تشخيص ٿي وڃي تہ پھرئين مرحلي ۾ ھن جو علاج ٿي سگهي ٿو. دماغي ڳڙ دماغ يا ڪرنگهي جي ھڏي ۾ گهرڙن جي بي قائدي يا غير معمولي ورھاست کي چئبو آھي. دماغي ڳڙ سخت ماس وانگر ٿئي ٿو. دماغ ۽ ڪرنگهي جي ھڏي ۾ دماغي ڳڙ جا 100 قسم ٿين ٿا. ڪجھ دماغي ڳڙن جا قسم دماغ جي قسم ۽ گهرڙن تي خطرناڪ حد تائين اثرانداز ٿين ٿا. ان قسم جا دماغي ڳڙ ھڪ ھنڌ تي نٿا رھن پر وقت سان گڏ پکڙبا رھن ٿا انهن کي اسان ولڳڙ Malignant سڏيون ٿا.

جڏھن تہ دماغي ڳڙ جو ٻيو قسم جسم ۾ ھڪ جڳھ تي موجود رھي ٿو ۽ وڌي نٿو. ڳڀڳڙ Benign آھستي آھستي وڌن ٿا ۽ اصلي جڳھ کان وڌيڪ پکڙجن نٿا. ھي ڳڙ عام ٿئي ٿو. آمريڪن ٽيومر ايسوسيئيشن مطابق ھي ڳڙ دماغ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿين ٿا يعني 2/3 ٿين ٿا.

سي ٽي اسڪن جي مدد سان دماغ ۾ انهن گهرڙن جي بي قائدي تقسيم ڏسي سگهجي ٿي ۽ نشاندھي ڪري سگهجي ٿي ۽ اھو بہ پتو لڳائي سگهجي ٿو تہ ڳڙ تي مبني گهرڙن جي ابتدا ڪٿان شروع ٿي. تابڪاري جي ڪري ايڪسپوز برين ٽيومر جا امڪان وڌن ٿا. گهڻو تڻو دماغي ڳڙ ۾ مبتلا ماڻهن جي دماغي ڳڙ جي ڪا تاريخ نہ ٿي ٿئي، تنھن ھوندي بہ ڪجھ خانداني ڪينسر جا عارضا دماغ جي ڳڙ جي خاص قسمن جو سبب بنجي سگهن ٿا. ڪمزور مدافعتي نظام وارا ماڻهو جيئن ايڊز ۾ مبتلا ماڻهن ۾ دماغي ڳڙ جو خطرو وڌيڪ ٿئي ٿو.


دماغي ڳڙ جا قسم:

دماغي ڳڙن کي نشونما جي حساب سان گريڊ ڏنا وڃن ٿا جنھن ۾ ڏٺو وڃي ٿو تہ ھي ڪيتري تيزي سان نشونما ڪن ٿا ۽ علاج جي بعد ڪيتري حد تائين ٺيڪ ٿي سگهن ٿا.

گريڊ ھڪ ۽ گريڊ ٻہ ھيٺئين درجي جا ڳڙ ٿين ٿا جڏھن تہ گريڊ 3 ۽ گريڊ 4 وڌندڙ ڳڙ جي لاء استعمال ٿين ٿا. ٽيومر معنا ڳوڙھو يا سخت قسم جو ڳوڙھي جھڙو ماس ٿئي ٿو جيڪو جسم جي ڪنھن بہ حصي ۾ گهرڙن جي بي قائدا تقسيم جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. ھي ڦوڙو يا ڳڙ ٻن قسمن جو ٿئي ٿو.


ڳڀڳڙ   Benign:

مقامي Benign ھي ڳڙ ھڪ جڳھ تائين محدود رھن ٿا. ھن دماغي ڳڙ کي (گريڊ ھڪ ۽ گريڊ 2) ھيٺئين گريڊ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جنھن جو مطلب آھي تہ ان جي نشونما سست روي سان ٿي رھي آھي ۽ علاج بعد شفا ملي سگهي ٿي ۽ آپريشن ذريعي آساني سان ڪڍرائي سگهجن ٿا.


ولڳڙ    Malignant:

ھي ڳڙ (گريڊ 3 ۽ گريڊ چار) مٿئين درجي جو دماغي ڳڙ ٿئي ٿو. ھي يا تہ دماغ ۾ ٿئي ٿو يا جسم جي ڪنھن حصي مان وڌي دماغ تائين پھچي ٿو. ھي دماغي ڳڙ علاج کان پوء اڃان وڌي وڃي ٿو. جيڪڏھن انهن ڳڙن جو بروقت علاج ڪرايو وڃي نہ تہ پوري جسم ۾ پکڙجي سخت تڪليف ڏين ٿا ۽ موت جو سبب بنجن ٿا. ھر ڳڙ ڪينسر نٿو ٿئي پر ھن جي ڪري روز مشڪلون ڪر کڻن ٿيون. ھن ڳڙ جي صورت ۾ لڳاتار مٿي جو سور رھي ٿو ڪڏھن شديد درد پوي ٿو جو الٽيون ۽ بيھوشي جا دورا پون ٿا.


مغزي رسولي جون ابتدائي علامتون:

ڳڙ جي جڳھ ۽ قسم حساب سان مختلف ٿي سگهن ٿا. ڪجھ علامتون آھستي آھستي ظاھر ٿين ٿيون ۽ آھستي آھستي خراب ٿين ٿيون. ڪجھ ماڻهن ۾ علامتون ظاھر نہ ٿيون ٿين. تحقيق مطابق دماغي ڳڙ ۾ مبتلا اڌ ماڻهن کي مستقل مٿي جو سور رھي ٿو. مغزي ڳڙ جي علامتن جو دارومدار دماغ ۾ موجود ڳڙ جي جڳھ تي ٿئي ٿو يعني ڳڙ دماغ جي ڪنھن حصي کي متاثر ڪري رھيو آھي. ان جو عام علامتون ھي آھن.

مٿي ۾ مستقل سور

مٿي ۾ لڳاتار شديد سور پوڻ

وزن ۾ گهٽتائي

دورا پوڻ

جهٽڪا لڳڻ

لڳاتار آت

لڳاتار الٽي

غنودگي جي حالت

ڳالهائيندي توتلو پن

عام ورتاء ۾ تبديلي جھڙيون علامتون

ذھني ڪيفيت ۾ تبديلي جيئن ياداشت ۾ کوٽ يا شخصيت ۾ تبديلي

جسم جو ھڪ حصو ڪمزور يا مفلوج ٿيڻ

ڏسڻ يا ڳالهائڻ ۾ مسئلو ٿيڻ

ڪڏھن ڪڏھن علامتون ظاھر نہ ٿين ٿيون ۽ مڳڙ نشونما پائيندو رھي ٿو.


مٿي جو سور:

مٿي جي سور جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏھن ڪجھ علامتن سان گڏ لاڳيتو مٿي ۾ سور رھي تہ ھي دماغي ڳڙ ٿي سگهي ٿو ۽ جلدي ٽيسٽ ڪرائي تسلي ڪرڻ کپي.


بي ھوشي جا دورا:

جيڪڏھن اوچتو ۽ بنا سبب غشي جا دورا پون يا بي ھوشي جھڙي حالت ٿي وڃي تہ ھي دماغي ڳڙ جي نشاني ٿي سگهي ٿي جلدي ڪنھن تانتي سان رابطو ڪجي.


چکڻ ۽ سنگهڻ جي حس ۾ کوٽ:

اوچتو چکڻ ۔ سنگهڻ ۽ بک لڳڻ جي حس ختم ٿي وڃي تہ ھي دماغي ڳڙ جي نشاني ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن مريض چکڻ ۔ سنگهڻ ۽ ٻڌڻ جي حس ۾ خرابي محسوس ڪري تہ ڊاڪٽر سان رابطو رکجي ۽ ٽيسٽون ڪرائجن.


سماعت ۽ بصارت ۾ کوٽ:

بغير ڪنھن ٺوس سبب جي جيڪڏھن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ دقت محسوس ٿئي يا مڪمل طور تي سماعت ۽ بصارت ھلي وڃي تہ ان جو اھم سبب دماغي ڳڙ ٿي سگهي ٿو.

اھڙي صورت ۾ دماغي ڳڙ دماغ جي ان حصي کي نقصان پھچائي ٿو جيڪو سماعت ۽ بصارت تي ضابطو رکي ٿو ۽ دماغي ڳڙ جي ڪري پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي ٿو.


چھل قدمي يا توازن رکڻ ۾ دقت:

جيڪڏھن مريض ھلندي دقت محسوس ڪري ۽ بيٺي بيٺي توازن رکي نہ سگهي تہ ان جو مطلب آھي دماغ جي ڪنھن حصي ۾ دماغي ڳڙ آھي.


توتلائڻ:

دماغي ڳڙ جا اثر دماغ جي انهن حصن تي پون ٿا جنھن سان ڳالهائڻ جي سگھ کي نقصان پھچي ٿو ۽ ماڻهو توتلو ٿي وڃي ٿو. ماڻهو ڳالهائڻ ۾ لفظن جي ادائگي مشڪل سان ڪري سگهي ٿو ۽ زبان توتلائڻ شروع ٿي وڃي ٿي.


فالج جو اثر:

چھري جو ھڪ حصو بي حس ٿيڻ يا ھڪ پير يا ھٿ جو حرڪت نہ ڪرڻ ھي فالج جو علامتون آھن پر دماغي ڳڙ جو بہ سبب ٿي سگهن ٿيون. 


مونجھ:

جيئن تہ خوشي ۽ جي جذبات تي ضابطو دماغ جي ڪجھ حصن ۾ ٿئي ٿو ان ڪري دماغي ڳڙ مونجھ جي علامت ٿي سگهي ٿو.


رويي ۾ تبديلي

دماغي ڳڙ جي ابتدائي علامتن ۾ ھڪ علامت رويي جي تبديلي آھي. دماغي ڳڙ وارو ڪڏھن نھايت خوش ٿئي ٿو تہ ڪڏھن وري روئڻ شروع ڪري ٿو. دماغي ڳڙ واري جو سوچڻ سمجهڻ جو انداز تبديل ٿي وڃي ٿو، ھي سبب ان ڪري ٿئي ٿو جو دماغي ڳڙ دماغ جي انهن حصن کي تباھ ڪري ٿو جيڪي جذبن ۽ احساسن کي قابو ۾ رکن ٿا.


 دماغي ڳڙ جي تشخیص: 

دماغ جي ڳڙ جي تشخيص لاء ڊاڪٽر اعصابي نظام جو معائنو ڪن ٿا. ھن تشخيص ۾ دماغ جي ڪارجن ۽ ڳڙ تائين ويندڙ ڪڙين جو تجزيو ڪن ٿا. ھن تشخيص ۾ ڊاڪٽر سماعت ۔ چمڙي جي حساسيت ۔ نظر ۔ ياداشت ۽ ذھني چستي جي جاچ پڙتال ٿئي ٿي.



ڊاڪٽر سان رجوع ڪجي:

جيڪڏھن مٿيون علامتون نظر اچن ٿيون تہ جلدي ڊاڪٽر سان رجوع ڪجي خاص طور تي شديد مٿي جي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ضروري آھي. ضروري ناھي تہ شديد مٿي جو سور مڳڙ جي علامت نہ ھجي پر پوء بہ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ضروري آھي. جيڪڏھن ڊاڪٽر علامتون سمجهي سگهي تہ ٺيڪ نہ تہ تانتي سان رابطو رکجي جيڪو ٽيسٽن جو مشورو ڏيئي سگهي ٿو.


متاثر ٿيندڙ ماڻهو:

مڳڙ عمر جي ڪنھن بہ حصي ۾ ٿي سگهي ٿو جن ۾ ٻار بہ اچي سگهن ٿا پر ھي عارضو عام طور تي پوڙھن ۾ ٿئي ٿو. ھزارين مريض اھڙا آھن جن کي دماغي ڳڙ ٿئي ٿو جن مان اڌ کي ڪينسري دماغي ڳڙ ٿئي ٿو جڏھن تہ باقي ماڻهن کي ٻئي نمبر جو دماغي ڳڙ ٿئي ٿو.


سبب ۽ خطرا:

دماغ ۾ ڳڙ جو اصل سبب معلوم ناھي ٿي سگهيو پر گهڻيون اھڙيون ڳالهيون آھن جن جي مڳڙ ٿي سگهي ٿو.


عمر:

عمر وڌڻ سان مڳڙ جو خطرو وڌي ٿو جڏھن تہ مڳڙ ٻارن کي بہ ٿي سگهي ٿو.


پھرين ڪينسر ٿيڻ:

جن ٻارن يا وڏن کي پھرين کان ڪينسر ٿئي ٿو انهن کي اڳتي ھلي دماغي ڳڙ ٿي سگهي ٿو.


تابڪاري:

تابڪاري بہ دماغي ڳڙ جو سبب بنجي سگهي ٿي. اھڙا ماڻهو جن جي مٿي جي ريڊيوٿاپي ۔ سي ٽي اسڪن يا ايڪسري ٿيو ھجي انهن کي دماغي ڳڙ ٿي سگهي ٿو.


ايڊز:

عام ماڻهن جي مقابلي ۾ ايڇ آء وي ايڊز جي مريضن ۾ دماغي ڳڙ جو ٻيڻو خطرو رھي ٿو.


تشخيص:

مڦوڙي جي تشخيص سي ٽي اسڪن ۔ ايم آر آئي سان ڪري سگهجي ٿي. سبب ماحولياتي يا جينياتي ٿي سگهن ٿا. اھڙن مريضن کي آسيب يا جنن جو سايو سمجهي درگاھن تي رکڻ سان خطرا اڃان وڌي سگهن ٿا. اسان جي جسم ۾ بي شمار گهرڙا ھر وقت بي ھم آھنگ تقسيم در تقسيم مان گذرن ٿا مطلب ڦوڙي بنجڻ جو خطرو رھي ٿو پر ٻئي طرف اسان جي جسم ۾ بي شمار گهرڙا اھڙا پاتا وڃن ٿا جيڪي نا آھنگ گهرڙن کائي يا ٻين طريقن سان ختم ڪن ٿا ۽ ڦوڙا بنجڻ نٿا ڏين.

جيڪڏھن ڪنھن سبب جي ڪري گهرڙن جي ھي تقسيم وڌي وڃي يا انهن کي ضابطي ۾ رکڻ وارا مدافعتي نظام جا گهرڙا گهٽ ٿي وڃن تہ ڦوڙو بنجڻ شروع ٿي وڃي ٿو. مڦوڙي جي صورت ۾ ڳنڍ ٺھي ٿي ۽ وڌڻ شروع ٿئي ٿي تہ ھي ڳنڍ آسپاس مان گذرندڙ تنتن تي دٻاء وجهي ٿي جنھن جي ڪري جسم جا مختلف تنتن جي تنتي فراھمي متاثر ٿئي ٿي.


علاج:

مڦوڙي جو علاج گهڻي حد تائين ان جي نوعيت ۔ ماپ ۔ جڳھ ۽ ان جي وڌڻ جي رفتار تي دارومدار رکي ٿو. دماغي ڳڙ جيڪڏھن پکڙجڻ وارو ناھي تہ ان جو علاج صرف سرڄري سان سگهي ٿو. جيڪڏھن ڳڙ پکڙجڻ وارو آھي تہ ان جو علاج ڪيموٿاپي يا سرڄري ۽ ڪيموٿاپي کي ملائي ڪيو وڃي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment