Tuesday 30 April 2019

گدامڙي جي چٽڻي🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
⏪ترتيب:-
◀گدامڙي                 اڌپاء
◀پاڻي                     پاء
◀لوڻ                      ضرورت آھر
◀کنڊ                       4 چمچا ننڍا
◀جيرو ڀڳل پائوڊر    اڌ چمچو
◀سائو مرچ              1 عدد
◀ڳاڙھا مرچ              ضرورت آھر
◀ ڏونگهي ٻورو         4 ننڍا چمچا
◀مڪئي اٽو             چمچو ننڍو

⏪ترڪيب:-
◀سائو مرچ گهوٽجي.
◀گدامڙي کي پاڻي ۾ پسائي ملي ڇاڻي ۾ ڇاڻجي ۽ پاڻي محفوظ رکجي.
◀پوء پاڻيء ۾ لوڻ ۔ مرچ ۔ ڏونگهي ٻورو ۔ مڪئي اٽو ۔ جيرو پائوڊر ۽ کنڊ وجهي ملائجي.
◀ٻہ ٽي اوٻارا ڏجن گهاٽي ٿئي تہ لاھجي.
◀ڪباب يا ڪنھن ٻي شي سان گڏ کائڻ لاء لذيذ چٽڻي تيار آھي.
◀نوٽ:- ھي چٽڻي 6 کان 8 ماڻھن لاء ڪافي آھي.

Monday 29 April 2019

پتر پوجا🌷ڪرشن ڪمار🌷

MyDairyAsgharSagar
ھڪ ﺩﻓﻌﻲ ﮔﺮﻭ ﺭﺍﻣﺎﻧﻨﺪ ڪﺒﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ
”ﺍﭲ ﺷﺮﺍﮄ ﺟﻮ ڏينھن ﺁﮬﻲ ۽ ﭘﺘﺮﻥ ﻻﺀ ﮐﻴﺮﮢﻲ ﭠﺎﻫﮣﻲ ﺁﮬﻲ , ﻭﭶ! ﮐﻴﺮ ﮐﮣﻲ ﺍﭺ“
ڀڳت ڪبير ﺍﻧﻬﻲ ﻭﻗﺖ 9 ﺳﺎﻟﻦ ﺟﺎ ھيو. ڀڳت ڪبير ﮔﺮﻭ ﺟﻲ ﺣڪﻢ ﺗﻲ ﺻﺎﻑ ﺑﺮﺗﻦ ﮐﮣﻲ ﺭﻭﺍنو ٿيو. ﻫﻠﻨﺪﻱ ﻫﻠﻨﺪﻱ اڳتي ڏﭠﻮ تہ ﻫڪ ﻣﺌﻞ ڍڳي ﭘﺌﻲ ﺁﮬﻲ. ڪﺒﻴﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎﻥ ﺳﺎﺋﻮ ﮔﺎﻩ ڪﮃﻱ ﻣﺌﻞ ڳئون ﺟﻲ اڳيان ﺍﮀﻼﺋﻲ ﭘﺎﮠ ﮂﮘﻲ ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ ﻭﻳﻬﻲ رھيو.
ﭤﻮﺭﻭ ﻭﻗﺖ ﮔﺬﺭﻳﻮ ﭘﺮ ڪﺒﻴﺮ ﮐﻴﺮ ﻭﭠﻲ ﻭﺍﭘﺲ نہ ﺁﻳﻮ. ﮔﺮﻭ ﺭﺍﻣﺎﻧﻨﺪ ڪجھ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﺘﻈﺎﺭ ڪﻴﻮ ﻧﻴﭟ ﮔﺮﻭ ﮐﻲ ڪﺒﻴﺮ ﺟﻲ ڳولا ڪﺮﮠ ﻻﺀ ﻭﭸﮣﻮ ﭘﻴﻮ.
ﺍڳتي ﻫﻠﻲ ڏﺳﻲ تہ ڪﺒﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻫڪ ﻣﺌﻞ ڍڳي ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ ﻭﻳﭡﻮ ﺁﮬﻲ. ﮔﺮﻭ پڇيو
”ﺍڙﻱ ڪﺒﻴﺮ ﮐﻴﺮ ڪﭥﻲ ﺁﮬﻲ.“
ڪﺒﻴﺮ ﻭﺭﺍﮢﻴﻮ
”ﺍﻱ ﮔﺮﻭ ﺩﻳﻮ! ﻫﻲ ڍڳي پھرﻳﻦ ﮔﺎھ ﮐﺎﺋﻲ ۽ ﭘﻴٽ ﭜﺮﻱ تہ ﭘﻮﺀ ﮐﻴﺮ ڏﻳﻨﺪﻱ.“
ﺍﻧﻬﻲ ﺗﻲ ﮔﺮﻭ ﺩﻳﻮ ﭼﻴﻮ
”ﺍڙﻱ ﻫﻲ ڍڳي تہ ﻣﺌﻞ ﺁﮬﻲ ڪﻴﺌﻦ ﮔﺎﮪ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪﻱ؟“
ڪﺒﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﭼﻴﻮ
ﻫﻲ ﮂڳي ﺍﭲ ﻣﺌﻲ ﺁﮬﻲ ﺟڏﮬﻦ تہ ﺍﭲ ﻣﺌﻞ ﮂڳي ﮔﺎﮪ ﻧﭥﻲ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ تہ ﭘﻮﺀ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺟﺎ 100 ﺳﺎﻝ اڳ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﻭﻳﻞ ﭘﺘﺮ ‏(ﻋﺰﻳﺰ) ڪﻴﺌﻦ ﺷﺮﺍﮄ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪﺍ.
ﺍﻥ ڏﻳﻨھﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﮔﺮﻭ ﺭﺍﻣﺎﻧﻨﺪ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻭﻳﻮ تہ ﭘﺘﺮ ﭘﻮﺟﺎ ﻭﺋﺮﭢ ﺁﮬﻲ.ﭘﺘﺮ ﭘﻮﺟﺎ ڪﺮﮠ ﺷﺎﺳﺘﺮﻥ ﺟﻲ ﺧﻼﻑ ﭘﻮﺟﺎ ﺁﮬﻲ.

Sunday 28 April 2019

ڏھي ٺاھڻ🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
⏪ترتيب:
◀کير                 ڪلو
◀ڏھي سيباڻ      حسب ضرورت

⏪ترڪيب:
◀کير کي گرم ڪري پاٽڙي ۾ وجهي ڏھي جو سيباڻ ملائجي.
◀جيڪڏھن اونهارو ھجي ان کي وائوکي جڳھ ۾ رکجي.
◀جيڪڏھن سيارو آھي تہ پاٽڙي کي بند جڳھ ۾ رکجي.
◀جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا تہ ڏھي گهاٽي بيھي ان ۾ ننڍو چمچو مڪئي اٽو سيباڻ وقت ملائي رکجي.
◀ڏھي ٻن ڪلاڪن ۾ تيار ٿي ويندي.
◀بھتر آھي تہ رات جو ٺاھجي ۽ صبح جو استعمال ڪجي.

Saturday 27 April 2019

ڪهاڻي: پنجاھ روپيا🌷غلام شبير سھتو🌷

MyDairyAsgharSagar
پي: بابا پنجاهي کن تہ ڏي.
پٽ: ڇو بابا پئسا وڻ تي ٿا ڦٽن ڇا?
پيءُ اهي لفظ ٻڌي ٽٻي ۾ پئجي ويو ۽ سوچڻ لڳو مان تہ هن سڪيلڌي جا سئي جي پاکڙي منجهان اٺ  لنگهائڻ وارا انگل کنيا ۽ هي ..... مون کي عمر جي آخري حد ۾ ڇڙٻون ٿو ڏي. سندس ڏڪڻي وڌڻ لڳي ۽ کٽ تي کيرو ٿي پيو.
 ٻن ڏينھن کان پوء سڪيلڌي پنجاھ کن ٽوڪن کان پوء پيء کي  ويھ روپيا ڏنا. پنھنجي پٽ کي پنجاھ جو ڪڙڪ نوٽ ڏيندي زال کي چيو
”تو لاء جوڙو وٺي آيو آهيان.“

Friday 26 April 2019

پوڙھي ۽ دادو🌷ليکڪ: نامعلوم🌷

MyDairyAsgharSagar
ھڪڙي پوڙهي عورت رات جو بس ۾ لاڙڪاڻي کان سفر ڪري رهي هئي. ان جي پاسي وارو سيٽ تي هڪ نوجوان بہ ويٺل هيو.
پوڙهي عورت: پُٽ جڏهن دادو اچي تہ مون کي ٻڌائجان. سفر دوران پوڙهي عورت جي اک لڳي وئي ۽ اچانڪ جاڳي پئي.
پُٽ: دادو اچي ويو ڇا؟؟
نوجوان چيو
”امان جيئن ئي دادو ايندو، مان پاڻهي توهان کي ٻڌائيندس.“
 اهو ٻڌي پوڙهي عورت مطمئن ٿي سمهي پئي.
ڪجھ گھڙين بعد رڪشا وارن جون " درگاھ درگاھ" واريون رڙيون ٻڌي نوجوان جي اک کلي وئي. هن ڏٺو تہ اسان دادو ڪراس ڪري سيوهڻ پھچي ويا آهيون. نوجوان پريشان ٿي ويو. پوڙهي عورت بہ آرام ۾ هئي.
نوجوان ڊرائيور وٽ ويو ۽ هن کي سڄي ماجرا ٻڌائي. اهو ٻڌي ڊرائيور بہ پريشان ٿي ويو ۽ بس کي پاسي تي ڪري بيھاريو. گهڻي سوچ ويچار بعد فيصلو ڪيو ويو تہ بس کي واپس موڙجي. بس ۾ ڪافي مسافرن واپس ورڻ تي اعتراض ڪيو پر حالتن کي ڏسي سڀ خاموش ٿي ويھي رهيا. خيرن سان بس دادو پھتي تہ ان نوجوان پوڙهي عورت کي جاڳايو.
" امان دادو اچي ويو آھي."
پوڙهي عورت جاڳي ۽ پنھنجي ٿيلهي مان ٽڪيون ڪڍيون ان مان هڪڙي ٽڪي ڪڍي کائي وري ٽيڪ ڏئي سمهي پئي. نوجوان ۽ مسافر حيران ٿي ڏسي رهيا هئا. نوجوان پوڙهي عورت کان پڇيو
" امان توهان کي لھڻو ناهي! ؟؟“
پوڙهي عورت وراڻيو
" نہ ابا! مان تہ حيدرآباد ۾ لھندس. ڊاڪٽر چيو هيو هڪڙي ٽڪي دادو پھچي کائجان.

پٽاٽن جو ڪيڪ🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
⏪ترتيب:-
◀پٽاٽا اٻاريل        اڌ ڪلو
◀گھ                    ضرورت آھر
◀لوڻ                   ٿورڙو
◀ميدو                 6 کائڻ جا چمچا
◀مکڻ يا پنير        اڌ ڪوپ
◀ڪارا مرچ پيٺل   اڌ چپٽي
◀بيدو                  ڦيٽيل
◀کنڊ                 اڌ پاء
◀بيڪنگ سوڊا   چپٽي
⏪ترڪيب:-
◀پٽاٽن ۾ ميدو ۔ کنڊ ۔ بيڪنگ سوڊا ۔ لوڻ ۔ ڪارا مرچ ۔ مکڻ يا پنير ۽ بيدو ملائي ٽوس جي شڪل جا ٽڪرا ٺاھي گھ ۾ تريو.
◀ھيٺان مٿان ترجي وڃن تہ پليٽ ۾ لاھي رکو.
◀مٿان مکڻ لڳايو.

Thursday 25 April 2019

شراب جو ٺھڻ🌷زيب سنڌي🌷

MyDairyAsgharSagar

قديم ايران جو ھڪ شھنشاھ انگور کائڻ جو شوقين ھو. ھڪ دفعي انگور رکي ڪيڏانھن ھليو ويو. ڪجھ ھفتن کان پوء واپس آيو تہ ڏٺائين تہ اھي انگور خراب ٿي ويا آھن. شھنشاھ کي لڳو تہ اھي زھر بنجي ويا آھن تنھن ڪري انهن انگورن کي ٿانون سميت دفن ڪري ڇڏيائين. زندگي کان بيزار ٿي ھڪ ٻانهي خودڪشي ڪرڻ جي ارادي سان اھو ٿانء کوٽي ڪڍيو ۽ ان ۾ موجود عرق زھر سمجهي پي ڇڏيائين. ٻانهي مئي تہ ڪونہ پر کيس نشو ٿي ويو ۽ نشي ۾ ڳائڻ نچڻ شروع ڪيائين. جڏھن سندس نشو ختم ٿيو تہ کانئس سندس اھڙي حالت بابت پڇا ڪئي وئي. ٻانهي جڏھن انگور جي عرق جو ذڪر ڪيو تہ شھنشاھ بہ انگور جو عرق وارائڻ شروع ڪيو ۽ کيس ئي شراب جو ايجاد ڪندڙ سڏيو وڃي ٿو.

Wednesday 24 April 2019

ماء وڇون ۽ ٻچا⏪اصغر ساگر⏩

MyDairyAsgharSagar

وڇون ٻچا پيدا ڪرڻ کان پوء انهن کي پنھنجي چيلھ تي ويھاري ٿو ۽ ٻچا پنھنجي ماء جو گوشت کائن ٿا. ايستائين کائيندا رھن ٿا جيستائين انهن جي ماء مري وڃي ٿي. جڏھن ھي ھلڻ جي قابل ٿين ٿا تيستائين انهن جي ماء مري وڃي ٿي مطلب پنھنجي ٻچن کي پاليندي جان ڏئي ٿي. اھڙي طرح اڄ جو اولاد ائين آھي جڏھن پلجي وڏو ٿئي ٿي پنھنجي والدين کي ڇڏڻ جا سانباھا ڪري ٿو ۽ انهن جي قربانين کي نظر انداز ڪري ٿو.

سنڌي سادي برياني🌷حاجي خان دريشاڻي🌷

MyDairyAsgharSagar
⏪ترتيب:
◀چانور سيلا        ڪلو
◀پاڻي                 ڏيڍ ڪلو
◀تيل                  ڏيڍ چمچو وڏو
◀بصر                 ڏيڍ پاء
◀ٽماٽا                 پاء
◀گوشت              اڌڪلو
◀جيرو پيٺل        چمچو
◀ڌاڻا پيٺل           چمچو
◀ساوا مرچ               4 عدد
◀ٿوم                  ھڪ عدد
◀لونگ                1 عدد
◀گدامڙي             6 ڳڙيون
◀ڌاڻا ساوا ڪاتر   چمچو
◀لوڻ حسب ضرورت

⏪ترڪيب:
◀گدامڙي کي آني پاڻي ۾ وجهي ملي ان کي ڇاڻي ۾ ڇاڻي رس کي ٿانو ۾ رکجي.
◀پھرين چانورن کي اڌ ڪلاڪ پاڻي ۾ پسائجي.
◀اتان چانور ڪڍي ھاڻي چانورن ڪلو کي ڏيڍ ڪلو پاڻي ۾ وجهي ڪاڙھي.
◀چانور اڌ ڪچا پڪا ٿين تہ پاڻي مان ڪڍي رکجن.
◀ھاڻي خالي ديڳڙي ۾ ڏيڍ چمچو وڏو تيل جو وجهي تيل کي گرم ڪجي.
◀ھاڻي بصر ڏيڍ پاء ڪاتر کي تيل ۾ ھلڪو داغ ڏجي.
◀بصر ھلڪا ڳاڙھسرا ٿين تہ تيل مان ڇاڻي ڌار رکجن.
◀ھاڻي ان گرم گھ ۾ اڌ ڪلو گوشت ڀڃجي.
◀گوشت اڌ ڳاڙھسرو ٿئي تہ ان ۾ آڱر جو چوٿون حصو ادرڪ کي ڪاتر ڪري وجهجي.
◀ٿورڙي دير کان پوء ٽماٽا ڪٽيل پاء وجهجن.
◀ھاڻي ڀڃيل بصر وجهجن.
◀ٿورڙو ھلائي اتي جيرو ۽ ڌاڻا پيٺل ۽ لوڻ وجهجن.
◀اتي ھڪ عدد لونگ ۽ ھڪ عدد ٿوم ڪاتر وجهجي.
◀گدامڙي جي رس کي اتي وجهجي.
◀ڀاڄي ڏھن منٽن ۾ تيار ٿي ويندي.
◀ڀاڄي جو گھ مٿان تري تہ گلاس پاڻي وجهي ھلائي ساوا مرچ وجهي مٿان چانور وجهن.
◀گهمائيندو رھجي ۽ دم ڏجي. 10 منٽن تائين برياني تيار ٿي ويندي.
◀چڪاس ڪري ڏسجي جي ڪچاڻ آھي تہ اڃان ڪجھ منٽ دم ڏجي.
◀چانورن لھڻ مھل ڌاڻن جي ڪاتر چانورن مٿان ٻرڪجي.
◀ سادي سنڌي برياني تيار آھي.

Tuesday 23 April 2019

سادا چانور🌷حاجي خان دريشاڻي🌷

MyDairyAsgharSagar


⏪ ترتيب:
◀چانور       ھڪ ڪلو
◀پاڻي         ڏيڍ ڪلو
◀تيل          اڌ چمچو
◀ لوڻ         حسب ضرورت
⏪ترڪيب:
◀ھڪ ديڳڙي ۾ پاڻي ڀري چلھ تي رکجي.
◀پاڻي اٻري تہ ان ۾ چانور وجهجن.
◀ٿوري دير کان پوء چمچو ھلائيندو رھجي.
◀چانور چمچي سان ٿورا ڪڍي ڏسجن.
◀جيڪڏھن اڌ ڪچا پڪا لڳن تہ لاھجن.
◀ھاڻي چانورن مان پاڻي ڪڍي چانور رکجن.
◀ھاڻي ديڳڙي ۾ اڌ چمچو تيل وجهجي.
◀ھڪ ننڍو ڦوٽو وجهي ڀڃجي.
◀مٿان ننڍو ڪوپ پاڻي ۽ لوڻ وجهي چانور وجهجن.
◀چانورن کي چمچي سان ھلائي دم تي رکجي.
◀5 منٽن کان پوء چانور ڏسجن. چانور تيار ٿي ويا ھوندا.
◀چانور پچي ويا ھجن تہ لاھجن نہ تہ ٿورو دم اڃان ڏجي.
◀چانور تيار آھن.

Sunday 21 April 2019

پٽاٽن جو ٻوڙ🌷نديم ڪوثر🌷

MyDairyAsgharSagar

⏪ترتيب:

◀پٽاٽا           اڌ ڪلو
◀ٽماٽا           پاء
◀ساوا مرچ   4 عدد
◀بصر           2 عدد
◀تيل            ضرورت آھر

⏪ترڪيب:

◀پٽاٽن کي گولائي ۾ ٿلهي ڪاتر ڪجي.
◀ديڳڙي باھ تي رکي پٽاٽن جي ڪاتر ۽ پاڻي وجهو. پاڻي ايترو ھجي جنھن ۾ ڪاتر ٻڏي سگهي.
◀باھ ڏيئي ڍڪ ڏيئي ڇڏجي.
◀جڏھن ٻاڦ نڪرڻ لڳي تہ ڍڪ لاھي جاچ وٺجي تہ پٽاٽا ڳريا آھن يا نہ.
◀جي پٽاٽا ڪجھ ڳريا آھن تہ بصر جي ڪاتر ۔ ٽماٽي جي ڪاتر ۔ لوڻ ۔ مرچ ٻوڙ ۾ وجهجي.
◀جيڪڏھن پٽاٽن ۾ پاڻي ۾ ٿورو پاڻي آھي تہ ٺيڪ نہ تہ ٿورڙو پاڻي وجهجي.
◀ڏھن منٽن کان پوء وري ڍڪ کولجي.
◀آخر ۾ ٿورو تيل وجهي گهمائجي.
◀ٿوري دير لاء ڍڪ ڏيئي پوء ٻوڙ لاھي وٺجي.
◀مزيدار پٽاٽن جو ٻوڙ تيار آھي.

Saturday 20 April 2019

گل گوبي جا ڪباب🌷اصغر ساگر🌷

MyDairyAsgharSagar
⏪ترتيب:
◀گل گوبي                    پاء
◀ميدو                         پاء
◀مڪئي اٽو                 اڌ پاء
◀بيدي جي اڇاڻ           هڪ عدد (زردي بنا)
◀ڀڳل جيرو پيٺل          اڌ چمچو
◀ڌاڻا پيٺل                    چمچو
◀ساوا مرچ سنهي ڪاتر  2 عدد
◀گدامڙي                      آنو
 لوڻ                               ضرورت موجب
◀ڪارا مرچ                  چمچي جو چوٿون حصو
◀تيل (ترڻ لاءِ)              ضرورت موجب.

⏪ترڪيب:

◀پھرين گدامڙي پاڻي اڌ پاء ۾ ملجي ۽ مھٽجي.
◀ھاڻي گدامڙي جي پاڻي کي ڇاڻي ذريعي ڇاڻي ٿانو ۾ رکجي.
◀ھاڻي ان گدامڙي جي پاڻي کي گرم ڪري آنو بچائجي.
◀ھاڻي  گل گوبي جي سنهي ڪاتر ڪجي.
◀گل گوبي جي سنهي ڪاتر ۔ ميدو ۔ مڪئي اٽو ۔ جيرو پيٺل ۔ ڌاڻا پيٺل ۔ ساوا مرچ سنهي ڪاتر ۔ بيدي جي اڇاڻ ۔ ڪارا مرچ پيٺل ۽ لوڻ ملائجي رلائجي.
◀مٿان گدامڙي جو پاڻي ٿورو ٿورو ملائي ڳوھي ھڪ ڪجي.
◀ھاڻي بيدي جي اڇاڻ ملائجي.
◀ھاڻي شامي ڪباب ٺاھيو.
◀ڪڙهائي ۾ ڪوڪنگ آئل وجهي هلڪي باھ تي 2 منٽ گرم ڪريو.
◀ھاڻي ٻہ ٻہ يا ٽي ٽي ڪباب ھيٺان مٿان پچائيندا وڃو.
◀مزيدار گل گوبي جا شامي ڪباب ٿيار آھن.

Friday 19 April 2019

چمڙي جي خشڪي|اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar


 چمڙي اسان جي جسم جو اھم حصو آھي جيڪا نازڪ ھئڻ ڪري ھر وقت موسمي اثرن ۾ رھي ٿي. چمڙي اسان کي ٻاھرين جراثيمن جي حملي کان محفوظ رکي ٿي. چمڙي جو خشڪ ٿيڻ ھڪ عام ڳالھ آھي. ان جو اثر سڄي جسم تي پوي ٿو پر پير ۔ منھن ۽ ھٿ کليل ھئڻ ڪري وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. خشڪي جي ڪري جسم تي جلد گهنج اچن ٿا.
وڌيڪ دير تائين اس ۾ رھڻ خطرناڪ آھي. ھر بار منھن کي ڌوئڻ اس کان بچائڻ آھي. اھڙي طرح سردي ۾ اس ۾ ڀوري رنگت ڪارسري ٿي وڃي ٿي. چھري جي خوبصورتي لاء ھي ڳالھ ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ اس ۾ وڌيڪ نہ رھجي ۽ نڪي ويھجي. اس ۾ گهڻو ويھڻ سان گهنج اچڻ ڪري ماڻهو وقت کان پھرين پوڙھو نظر اچي ٿو. ماھرن جي چوڻ مطابق اس ۾ گهڻو ويھڻ ڪري ڪينسر ٿي سگهي ٿو. ھي سچ آھي تہ سج جي متوازن مقدار حسن ۽ صحت لاء ضروري آھي پر احتياط ضروري آھي تہ اس ۾ ٿورڙو ويھجي وڌيڪ ويھڻ سان چمڙي خشڪ ٿيندي ۽ ڪاراٽجي ويندي ۽ گهنج پوڻ شروع ٿين ٿا نتيجي طور چمڙي ۾ ڇڪ جو عمل ختم ٿي وڃي ٿو ان ڪري تتي ٿڌي ۾ اس تي وڌيڪ گذارڻ نقصانڪار آھي.

چمڙي جي خشڪي کان بچڻ جا طريقا :-

ڪنوار ٻوٽي جي ڳر :-
اس ۾ نڪرڻ کان پھرين ڪنوار ٻوٽي جي ڳر چھري کي لائي وڃي تہ چھرو سج جي سڌن سنون شعائن کان بچي سگهي.

انگور جو رس :-
چمڙي جي حفاظت لاء انگور جو رس بيحد مفيد آھي. انگور جي رس کي بيدي جي اڇاڻ ۾ ملائي ليپ طور منھن تي لائجي. ھي ليپ چمڙي جي خشڪي کان بچائيندو.

زيتون ۽ بادام جو تيل :-
زيتون ۽ روغن زيتون جي مالش سان جسم کي طاقت ملي ٿي ۽ توھان تازا توانا رھندا ۽ جسم ۾ تراھٽ رھندي. مھيني ۾ گهٽ ۾ 2 دفعا روغن بادام ۽ روغن زيتون ملائي چھري ۔ ھٿ ۽ پيرن تي مساڄ ڪجي. ھن استعمال سان چھري تان مئل گهرڙا لھي ويندا ۽ نرمي ۽ تازگي اچي ويندي.

ليپ :-
خشڪ چھري لاء ڪڻڪ جو اٽو ۔ بيدي جي زردي ۔ ماکي ۔ بادام ۽ کير جو ليپ وڏي اھميت رکي ٿو. بيدي جي زردي ۾ کير ۽ ماکي اڌ چمچو ملائي چھري تي لائجي. 15 منٽن کان پوء منھن کي ڌوئجي.

ويزلين ۽ جو جو اٽو :-
ويزلين ۽ جو جو اٽو ملائي رکجي ۽ ان کي ابٽن وانگر منھن تي ھڻجي. چمڙي نرم ملائم ۽ صاف ٿي ويندي.

سامونڊي لوڻ :-
ٿڌين ۽ خشڪ ھوائن جي ڪري چمڙي مرجهائجي بي رونق ۽ خشڪ ٿي وڃي ٿي اھڙي حالت ۾ سامونڊي لوڻ جو مساڄ فائديمند آھي. پھرين سامونڊي لوڻ ۾ پاڻي ملائي چھري ۽ ڳلي تي لائجي ۽ اکين جي طرفن ڏي نہ لائجي. ٻن منٽن کان پوء چھرو ڌوئجي. ھي عمل ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ضرور ڪجي. چھري ۾ تازگي محسوس ٿيندي.

کير جو استعمال :-
اڪيلو کير چھري تي استعمال ڪرڻ ڪيئي فائدا ڏئي ٿو. چھري کي تازو توانو ڪري ٿو ۔ گهنجن کان آجو ڪري ٿو ۽ نظر جي جوت وڌائي ٿو.

ڪولڊ ڪريم جو استعمال :-
ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي تہ ڪريم چھري کي شاداب ڪري ٿي پر اھو خيال غلط آھي. ڪريم جي وڌيڪ استعمال سان چمڙي تي مردا گهرڙا وڌن ٿا ۽ چھري کي بي رونق بنائين ٿا. ڪريم جو ھميشہ ھلڪو تھ لڳائجي.

ملائي ۽ ھيڊ :-
چھري جي خوبصورتي ۽ رعنائي لاء ملائي ۾ ھيڊ خوب ملائجي. ھن آميزي کي ويھ منٽن تائين چھري کي ھڻجي. ھي عمل ھر ٽئين ڏينھن ڪجي. حيرت انگيز ۽ خوشگوار اثر مرتب ٿيندا.

گلاب جا گل ۽ کير :-
گلاب جي گلن کي کير ۾ پسائي رکجي. ڪلاڪ ترسي گلاب ڪڍي کي منھن کي لائجي. ھي ليپ چھري کي نرم ڪري ٿو. چمڙي تي ھڻڻ سان رت جي گردش ۾ رواني اچي ٿي ۽ چمڙي تر رھي ٿي.

پٽاٽن جا ڪباب|اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
⏪ترتيب :-

◀پٽاٽا اٻريل                   اڌ ڪلو
◀چانور جو اٽو               3 کائڻ جا ننڍا چمچا
◀رائي پيسيل                 2 کائڻ جا ننڍا چمچا
◀ساوا مرچ سنهي ڪاتر    2 عدد
◀ڀڃيل پيٺل جيرو          ننڍو چمچو
◀گدامڙي                        آنو
◀لوڻ                             حسب ضرورت
◀ڌاڻو سائو سنهي ڪاتر    اڌ ڳٺڙي
◀تيل                             2 کائڻ جا وڏا چمچا

⏪ترڪيب :-
◀پھرين گدامڙي کي اڌ پاء پاڻي ۾ ملي ڇاڻي ۾ ڇاڻجي ۽ پاڻي کي ٿانو ۾ رکجي.
◀ھاڻي گدامڙي واري پاڻي کي ڪاڙھي آنو پاڻي بچائجي.
◀ھاڻي اٻريل پٽاٽن کي ڇلي ميش ڪجي.
◀ھاڻي ان ۾ چانورن جو اٽو ۔ رائي ۔ ساوا مرچ سنهي ڪاتر۔ جيرو پيٺل۔ لوڻ ۔ سائو ڌاڻو ڪاتر ۽ گدامڙي وارو پاڻي چڱي طرح ملائي ڳوھي ھڪ ڪجي.
◀پوء ٿوري دير کان پوء سڻڀ جو مک ڏيئي ننڍا ننڍا شامي ڪباب ٺاھجن.
◀توي کي گرم ڪري ٿورو تيل وجهي ٻہ ٻہ يا ٽي ٽي شامي ڪباب ٻنهي پاسي پچائجن. 
◀مزيدار شامي ڪباب تيار آھن.

Wednesday 17 April 2019

بيدي جو اڦراٽو |اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
بيدي جو اڦراٽو |اصغر ساگر|
⏪بيدي وارو اڦراٽو
🌷”اصغر ساگر“

⏪ترتيب:

◀ڳوھيل اٽو                ڏيڍ اڦراٽي جيترو
◀بيدو                         ھڪ عدد
◀بصر                         چوٿون حصو
◀سائو مرچ مرچ           ھڪ عدد
◀ساوا ڌاڻا                   ٻہ کائڻ جا ننڍا چمچا
◀جيرو پيٺل                چمچي جو چوٿون حصو
◀ڳاڙھا مرچ پيٺل         چمچي جو چوٿون حصو
◀لوڻ                          ذائقي موجب

⏪ترڪيب :-

◀پھرين بصر ۽ ساون ڌاڻن جي سنهي ڪاتر ڪجي.
◀ھڪ پيالي ۾ بيدو ۔ بصر جي ڪاتر ۔ ساوا ڌاڻن جي ڪاتر  ۔ جيرو پيٺل ۔ ڳاڙھا مرچ پيٺل ۔ لوڻ ۽ چمچو ننڍو تيل جو چڱي نموني ملائي وٺو.
◀ڳوھيل اٽي مان ماني ٺاھي مٿان ان کي تيل جو مک ڏيئي تئي تي وجهجي.
◀ھاڻي جلدي ماني مٿان سمورو ملايل مسالو وجهجي.
◀مسالي کي پوري اڦراٽي تي کنڊيڙجي. جڏھن ھيٺيون پاسو پچي تہ پاسو پلٽائي مٿيون پاسو ھيٺ ڪري پچائجي.
◀بيدن وارو اڦراٽو تيار آھي.

ساغر صديقي|اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
ساغر صديقي|اصغر ساگر|

ساغر صديقي جي والد ساغر جي پسند کي ٺڪرائيندي چيو تہ اسان تندور واري جي ڌي کي ڪنوار بنائي نٿا سگهون. غصي ۾ اچي ان ڇوڪري جي گهر وارن ڇوڪري جي شادي پنجاب جي ضلعي حافظ آباد جي نوجوان سان ڪرائي جيڪا ڪامياب نہ ٿي. تمام آرام ۽ آسائشون ڇڏي ساغر صديقي داتا درٻار لاھور ۾ رھڻ لڳو.
جڏھن ان جي محبوبا کي خبر پئي تہ ساگر گهر ڇڏي داتا درٻار ۾ رھي ٿو پيو. اھا داتا درٻار آئي. ڪافي تلاش کان پوء ساغر ھن کي ماڻھن جي ميڙ ۾ مليو جتي ھي تاس کيڏي رھيو ھو.
ھن جي محبوبا ھن کي گڏ ھلڻ لاء زور ڀريو ۽ اھو ٻڌائيندي چيو 
”منھنجي مڙس مون کي ھن مھل تائين ھٿ نہ لڳايو آھي. ھن اسان جي محبت جي داستان ٻڌي مون کي طلاق ڏني آھي. ھاڻي تون مون کي پنھنجو ڪر.“
ساغر چيو

”بندہ پرور کوئی خیرات نہیں
ھم وفاؤں کا صلہ مانگتے ھیں“

غربت ۔ ذھني مونجھ ۽ ھٽڪن اٽڪن جي ڪري ساغر جا آخري سال نشي ۾ گذريا ۽ پني وقت گذاريو پر ھن پنھنجي شاعري کي نہ ڇڏيو.

”میری غربت نے میرے فن کا اڑا رکھا ہے مزاق۔۔
تیری دولت نے تیرے عیب چھپا رکھے ہیں.“

چون ٿا جڏھن صدر ايوب خان پاڪستان جو صدر ھيو تہ انهن ڏينھن ۾ صدر ايوب خان کي ڀارت جي ھڪ مشاعري ۾ مھمان خاص ڪري گهرايو ويو. جڏھن مشاعرو شروع ٿيو تہ ھڪ شاعر درد ڀريو غزل پڙھيو. جنرل ايوب خان کي غزل ڏاڍو وڻيو ۽ واھ واھ کان رھجي نہ سگهيو. جنرل ايوب خان ان غزل جي شاعر جو نالو پڇيو. 
 شاعر چيو
”جناب عالي ان کان وڌيڪ ڪھڙي خوشخبري ٿي سگهي ٿي تہ اھو بھترين شاعر ساغر صديق ي پاڪستان جو آھي.“

جنرل ايوب خان ساغر کي تعظيم سان وٺي اچڻ ۽ ملڻ لاء پنھنجي خاص ماڻھن جو وفد موڪليو. وفد داتا درٻار پھچي ماڻهن کان ساغر صديقي جي رھائش جو پڇيو.
ماڻهن کان کل نڪري وئي.
ڪھڙي رھائش!
ڪھڙو شاعر!
”سامهون ڏسو! چرسين ۽ ڀنگين جي ميڙ ۾ نشي جي حالت ۾ پيو آھي.“
جنرل ايوب جو موڪليل وفد ساغر صديقي وٽ پھتو. انهن ساغر صديقي کي جنرل ايوب جو پيغام ڏنو ۽ ھلي ملڻ لاء چيو.
”ساغر جي ڪنھن سان بہ نٿي لڳي ان ڪري ساغر ڪنھن سان بہ نٿو ملي.“ ساگر نشي ۾ بڙبڙائيندي چيو.
ھن ڀرسان ويٺل نشئي اھا ڳالھ ٻڌي ٽھڪ ڏيڻ لڳا. وفد گهڻو اسرار ڪيو پر ھي نہ ھليو. وفد سموري حال احوال کان جنرل ايوب خان کي واقف ڪيو.
جنرل ايوب خان پاڻ ساغر صديقي سان ملڻ لاھور آيو. ساگر صديقي جي جري ۽ بدتر حالت ڏسي صدر جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ھن غمن ۾ چور ۽ نشي ۾ الوٽ ساغر صديقي ڏانھن ھٿ ملائڻ لاء ھٿ وڌايو. ساگر صديقي صدر ايوب خان جي ھٿ کي پوئتي ڪندي چيو
”جس عہد میں لٹ جائے غریبوں کی کمائی،،،
اس عہد کے سلطاں سے کوئی بھول ہوئی ہے“

ساغر صديقي جي زندگي ڏاڍي ڪٺن گذري. نشي جي حالت ۾ ڪڏھن ڪڏھن ھن کي ڍيرن تي ننڊ اچي ويندي ھئي. ھنجي زندگي ايتري تلخ ٿي وئي جو پل پل پيڙا بنجي ھنجي مٿان لامارو ڏيندو ھيو. ھي ايتري غريبي حالت ۾ ھوندو ھيو جو ھن پنھنجي شاعري سگريٽ جي پنن تي لکي. ڪپڙا ڦاٽل، جسم ميرو، مٿان مکيون ڀڻڪي رھيو ھيون تہ ھن ھن جي دم پرواز ڪيو ۽ بيگانن جي حالت ۾ ھن جو لاش فٽ پاٿ تي پيو رھيو.
”زندگی جبر مسلسل کی طرح کاٹی ہے
جانےکس جرم کی پائی ہے سزا یاد نہیں
آؤ اک سجدہ کریں عالمِ مدہوشی میں
لوگ کہتے ہیں کہ ساغر کو خدا یاد نہیں۔“

Friday 12 April 2019

شادي کان پوء اولاد جي خواھش |اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
شادي کان پوء اولاد جي خواھش |اصغر ساگر|

شادي جي ڪجھ عرصي کان پوء شادي شدھ جوڙن جي دل ۾ اولاد جي خواھش ڪر کڻي ٿي. شادي نئين زندگي ۽ تبديلين جو نالو آھي. باھمي زندگي ۾ جوڙي کي آسائشن کان علاوه اولاد جي وڏي طلب رھي ٿي پر کاڌي پيتي ۽ صحت جي صحيح معلومات جي ڄاڻ نہ ھئڻ ڪري مشڪلون سامهون اچن ٿيون. اسان جي سماج جو وڏي ۾ وڏو الميو اھو آھي تہ ماڻھن کي صحت جي ڄاڻ ناھي نتيجي طور خوشي ڀريون زندگيون مايوسين جي ور چڙھي وڃن ٿيون. صحت ۽ معلومات جي کوٽ جي ڪري گهڻيون عورتن کي ٻار نٿو ٿئي ۽ سڄي عمر اولاد لاء سڪنديون رھن ٿيون ۽ گڏ گڏ بيماري ۾ چڪنديون رھن ٿيون. اڳ گهرن ۾ سگهڙ عورتون پنھنجي ننھن کي مفيد مشورن سان آراستہ پيراستہ ڪنديون ھيون پر ھاڻي ڪال لڳو پيو آھي. اھي عورتون جيڪي اولاد جي طلب رکن ٿيون ۽ پاڻ کي صحتمند ڏسڻ چاھن ٿيون، انهن کي پنھنجي خوراڪ ۔ زندگي جي نموني ۾ احتياط ۽ توازن آڻڻ جي ضرورت آھي. ھيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان ڪافي اولاد جي عمل ۾ ڪافي مدد ملي سگهي ٿي.

چانھن يا ڪيفين جو وڌيڪ استعمال :-
توھان کي چانھن جي پيالي ڇڏڻ جي ضرورت ناھي پر جيڪڏھن توھان 2 سو ملي گرام کان وڌيڪ ڪيفين استعمال ڪري رھيا آھيو تہ احتياط جي ضرورت آھي. 2 سو گرامن جو مطلب آھي تہ ھڪ ڏينھن ۾ ھڪ کان 2 اونس ڪوپ. جسم ۾ ڪيفين جي گهڻائي ٻار ٿيڻ جي عمل ۾ ڏکيائي پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ عورت جي زندگي تي منفي اثر پون ٿا. ڪيفين جي وڌيڪ استعمال سان جسم ۾ فولاد جذب ڪرڻ واري صلاحيت گهٽ ٿي وڃي ٿي ۔ پاڻي جي گهثتائي ٿي وڃي ٿي ۽ ٻار ڪرڻ يا ٻار نہ پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌي وڃن ٿا.

ٿولھ جو وڌڻ يا وزن جو ڪرڻ :-
وزن وڌڻ ۽ وزن گهٽ ٿيڻ سان اولاد نہ ٿيڻ جا امڪان وڌن ٿا ان ڪري بي ايم آئي باڊي ماس انڊيڪس ضرور ڪرائجي. بي ايم آئي سان توھان کي معلوم ٿيندو تہ توھان جي قد جي حساب سان توھان جو وزن ڪيترو وڌيڪ يا گهٽ آھي. جيڪڏھن توھان جو بي ايم آئي 30 کان وڌيڪ آھي يا 18.5 کان گهٽ آھي تہ عورت کي ڪپڙا گهٽ يا وڌيڪ اچي سگهن ٿا. ٿولھ جي ڪري شڳر ۔ اولاد نہ ٿيڻ ۽ بي پي ٿيڻ جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا.

سبزين جو استعمال :-
سبزين جو استعمال اولاد جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ جڏھن تہ بيدن ۔ گوشت ۽ چڻن جو گهڻو استعمال اولاد جھڙي نعمت کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. اھي سبزيون جن ۾ فولڪ ايسڊ گهڻو ٿئي ٿو جيئن پالڪ جي استعمال جي سان اولاد جا ڪثير امڪان رھن ٿا ۽ ساوين سبزين ۾ وٽامن بي گهڻي ٿئي ٿي جنھن ڪري عورت جي صحت بھتر رھي ٿي.

حرڪت ۾ برڪت :-
ھر وقت گهر ۾ ويھي رھڻ عورت لاء نقصانڪار آھي. ھڪ تحقيق مطابق عورت کي پوري پني نموني گهر ۾ ھلندو رھڻ ۽ ڪم ڪندو رھڻ واري عمل کي اپنائڻ کپي پر جيڪڏھن حيض گهٽ يا وڌ يا ڪا ٻي تڪليف ھجي ان جو مطلب ورزش گهٽ ڪجي ۔ گهٽ ھلجي ۽ گهٽ ڪم ڪجي.

مڇي کائڻ ۾ احتياط :-
جيڪي عورتون اولاد جي طلب رکن ٿيون، انهن کي مڇي جي استعمال جي روڪ ڪرڻ کپي ڇوجو مڇي ۾ پاري جي سطح وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ مڇي وارو پارو عورت ۾ توليدي صلاحيت ۾ نقص وجهي ٿو. ان کان سوا مڇي جي کائڻ جي ڪري پارو سال کان وڌيڪ عرصي تائين جسم ۾ رھي ٿو يا اھو پارو ٻار جي پيدا ٿيڻ جي عمل ۾ رڪاوٽون وجهي ٿو. ڀلا جيڪڏھن مڇي کائڻ جو شوق آھي تہ جهينگو يا سرمئي مڇي کائي سگهجي ٿي.

پرسڪون رھڻ جي ڪوشش ڪرڻ :-
عورتن کي ڳڻتي ۔ ذھني مونجھ يا اختلافن کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ ساڳي ڳالھ مڙس کي بہ اپنائڻ کپي ڇو جو ٿوري اڻبڻت يا پريشاني جي ڪري عورت جي توليدي نظام تي ناڪارا اثر پون ٿا. ڳڻتي يا ذھني مونجھ ھجڻ جو مطلب عورت پاڻ کي بي اولاد ٿيڻ طرف وڌائي رھي آھي ۽ صحت کي بگيڙڻ طرف ڌڪي رھي آھي. اھڙي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

پٽاٽا کائڻ :-
جڏھن توھان ٻھراڙي ۾ ڪنھن جي گهر جو در کڙڪائيندا تہ در کلڻ شرط ٻارن جي لانڍ نڪرندي ۽ ھر گهر ٻارن جي نعمت جو ھن نموني اظھار ڪندو. سبب صرف ھي آھي جو ٻھراڙي جو ماڻھو غريب ھئڻ ڪري پٽاٽن مان ٺھندڙ شيون گهڻيون کائي ٿو ۽ گوشت گهٽ کائي ٿو نتيجي طور ماڻهن کي جلدي اولاد ٿيو وڃي ڇوجو پٽاٽي ۾ موجود پوٽيشم عورت ۾ اولاد جي امڪانن کي وڌائي ٿو.

گهڻو پروٽين کائڻ کان پرھيز ڪرڻ :-
جيڪي گهر روز گوشت يا بيدي جو واھپو ڪن ٿا، اتي اولاد نہ پيدا ٿيڻ جا امڪان رھن ٿا ڇوجو گهڻي گوشت کائڻ سان رڳن مان لچڪ ختم ٿي وڃي ٿي ۽ رڳون سخت ٿي وڃن ٿيون ۽ عورتون اولاد لاء سڪن ٿيون.

ڪيلو کائڻ :-
جنھن گهر اولاد نہ ٿئي انهي جوڙي کي کپي تہ روز ٻہ ڪيلا صبح شام کائي ۽ گوشت ۔ مڇي ۔ چڻي ۽ بيدي کان پرھيز ڪري ۽ پٽاٽن جي ڀاڄي روز کائي تہ اھو گهر اولاد جھڙي نعمت سان مالا مال ٿي سگهي ٿو ڇوجو پٽاٽو ۽ ڪيلو ٻئي پوٽيشم رکن ٿا.

احتياط :-
وڏ پروٽين شين جيئن گوشت ۔ مڇي ۔ چڻي ۽ بيدن کان پرھيز ڪرڻ کپي.
پوٽيشم واريون شيون جيئن پٽاٽو ۽ ڪيلو وغيرھ کائڻ کپي.
ٿولھ کي وڌڻ نہ ڏجي.
گهر ۾ ھلڻ ڦرڻ ۽ ڪم ڪرڻ جاري رکجي جيئن حرارا ڳرندا رھن ۽ ٿولھ نہ ٿئي.
چرٻيل گھن کان پاسو ڪجي.
جيڪڏھن مرد کي جريان يا عورت کي ليڪوريا يا ٻنهي کي سوزاڪ ھجي جلدي علاج ڪرائجي نہ تہ اولاد جي محرومي کي ڏسڻو پوندو.
رات جو گهڻي جاڳڻ کان پاسو ڪجي.
گرم مسالن کان پرھيز ڪجي ڇوجو گرم مسالن ۾ ڪيميائي مادا پون ٿا نتيجي جسم جو نظام بگڙي وڃي ٿو.
صبح جو نيراني پاڻي نہ پيئجي ڇوجو انهي عمل سان مرد کي جريان ٿي وڃي ٿو.
نر ٻار پيدا ڪرڻ وارا جزا مرد ۾ آھن جيڪڏھن نر ٻار نٿو ٿئي ان جو ذميوار مرد آھي نڪي عورت آھي.

ڪشمش Raisins |اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
ڪشمش  Raisins |اصغر ساگر|
انگور کي خشڪ ڪري ڪشمش بنائي وڃي ٿي. ھن جي رنگت سونھري ۔ سائي يا سياھ ٿئي ٿي. ھي ميوو مزيدار ٿئي ٿو.انگورن جي خشڪ ميوي کي ڪشمش سڏيو وڃي ٿو. ماھر روزانو 10 داڻا ڪشمش کائڻ جو مشورو ڏين ٿا. ھي ميوو پوڙھائپ کي روڪي ٿو ۔ رت جي گردش ۾ بھتري آڻي ٿو ۽ ڏندن ۽ بڊن کي طاقت بخشي ٿو. نشاستو ھئڻ ڪري ڪشمش جسم کي توانائي ڏئي ٿي ۽ بي خوابي دور ڪري ٿي. ھن جي استعمال جا ڪيترائي فائدا آھن. ڪشمش اسان جي گهر ۾ ھر مٺي طعام ۾ پوي ٿي ڪسٽرڊ ھجي يا کيرڻي ۔ ملائي ھجي يا آئسڪريم سڀن جي زينت وڌائي ٿي.
ڪشمش ڏندن کي مضبوط ڪري ٿي ۽ انهن کي جيوڙن لڳڻ کان بچائي ٿي. ڪشمش جي استعمال سان اس جو اثر گهٽ ٿئي ٿو. ڪشمش ۾ فولاد موجود ٿئي ٿو جيڪو وارن کي سفيد ٿيڻ کان روڪي ٿو ۽ جسم ۾ معدنيات کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڪشمش جي کائڻ سان سونھن گهڻو وقت ھلي ٿي ۽ وار چمڪدار رھن ٿا.

ڪشمش جا فائدا :-

قبض کان نجات :-
تاندور سان ڀرپور ھئڻ ڪري ڪشمش ۾ ٽاٽڙ تيزاب شامل ٿئي ٿو جيڪو جلاب جھڙو اثر ڏيکاري ٿو. ھڪ تحقيق مطابق اڌ اونس ڪشمش جو روزانو استعمال ھاضمي جي نظام کي ٻيڻو بھتر ڪري ٿو.

رت جي کوٽ دور ڪندڙ :-
ڪشمش آئرن سان ڀرپور ميوو آھي جيڪو رت جي کوٽ دور ڪرڻ اھم ترين جز آھي. ڪشمش کي آساني سان ڏھي ۔ ڏاري ۽ يا ڪنھن ٻي شي ۾ وجهي سگهجي ٿو تہ بہ شڳر جي مريضن کي ھن ميوي کان پرھيز ڪرڻ کپي.

بخار کان تحفظ ڏيندڙ :-
ڪشمش وائرس روڪ ھئڻ سان گڏ تڪسيد روڪ آھي. وائرن Viruses ۽ جيوڙن Bacterias جي وچيڙ جي ڪري بخار جي عارضي جو علاج بہ فراھم ڪري ٿو.

معدي جي تيزابيت ختم ڪندڙ :-
پوٽيشم ۽ مئگنيشم ھئڻ ڪري ڪشمش معدي جي تيزابيت ۾ گهٽتائي آڻي ٿي. معدي جي تيزابيت وڌڻ سان جلدي مرض ۔ سنڌن جا مرض ۔ وارن جو ڪرڻ ۔ دل جا مرض ۽ ڪينسر تائين خطرو وڌي وڃي ٿو.


اکين جي صحت بھتر ڪندڙ :-
ڪشمش ۾ موجود جزا اکين کي نقصانڪار آزاد آڪسن جي پھچندڙ نقصانن کان تحفظ ڏين ٿا جڏھن تہ عمر جي وڌڻ سان ڏورن جي ڪمزوري ۔ موتيي ۽ گهٽ نظر کان بچائن ٿا. ھن ميوي ۾ موجود بيٽا گجرو ۽ گجرو نظر کي بھتر بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

توانائي وڌائيندڙ :-
نشاستي ۽ قدرتي کنڊ موجود ھئڻ ڪري ھي ميوو جسماني توانائي جي لاء بھترين ذريعو آھي. ڪشمش جو استعمال وٽامنن ۔ پروٽين ۽ ٻين جزن کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. انهي سبب ڪري ايٿليٽس ۽ باڊي بلڊر ڪشمش جو استعمال عام ڪن ٿا.

ننڊ ڏيندڙ :-
ڪشمش ۾ موجود فولاد بي خوابي ۽ بي آرامي کي ختم ڪري بھترين ننڊ جي معيار کي وڌائي ٿو.

رت جو داٻ ٺيڪ رکندڙ :-
ڪشمش ۾ موجود پوٽيشم ۔ بي وٽامن ۽ تڪسيد روڪ بي کي وڌڻ کان روڪن ٿا خاص ڪري پوٽيشم رت جي شريانين ۾ ڇڪ کي گهٽ ڪري ٿو. اھڙي طرح قدرتي تاندور شريانين جي آڪڙ کي ختم ڪري بي پي جي سطح کي پورو پنو ڪن ٿا.

ھڏيون مضبوط ڪندڙ :-
ڪشمش ۾ موجود ڪيلشم ھڏين جي صحت لاء فائديمند آھي جيڪو ھڏين کي مضبوطي ڏئي ٿو ۽ بڪين ۾ پٿري جي امڪان کي ختم ڪري ٿو. ھي ميوو پوٽيشم سان ڀرپور ھئڻ ڪري بڪين ۾ پٿري جي خطري کي گهٽائي ٿو.

پوڙھائپ روڪيندڙ :-
ڪشمش رت جي نظام کي بھتر بنائي ٿي جنھن ڪري وڌيل عمر جا ظاھر اثر رڪجي وڃن ٿا ۽ پوڙھائپ جي روڪ ٿئي ٿي

Thursday 11 April 2019

جون جو پاڻي ھڏيون مضبوط ڪندڙ |اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
جون جو پاڻي ھڏيون مضبوط ڪندڙ |اصغر ساگر|
ھڏين کي مضبوط رکڻ لاء بيشڪ کير ۽ ڏھي تمام مفيد غذائون آھن پر جون جو پاڻي بہ ھڏين مضبوط ڪرڻ لاء فائديمند ثابٿ ٿيو آھي. سائنسي تحقيق مان معلوم ٿيو آھي تہ جيڪي ماڻهو پابندي سان جو پاڻي پيئن ٿا انهن جي ھڏين جي پڪي پن ۾ 48 سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو. روز جون جي پاڻي پيئڻ سان بڪيون صاف رھن ٿيون ۔ پٿري ٽٽي نڪري وڃي ٿي ۽ ٻيھر پٿري جي ٽٽڻ جا امڪان نٿا رھن.
جون جي پاڻي ٺاھڻ جو طريقو :-
جو    تولو
پاڻي  گلاس
پھرين رات جو جون کي ڌوئجي. پوء گلاس پاڻي ۾ ڪاڙھجي. جيئن ٽھڪو اچي تہ لاھجي. مٿان ڍڪ ڏيئي رکجي. صبح جو ڇاڻي روز ائين پاڻي پيئجي. جيڪڏھن ٿولھ گهٽ ڪرڻ چاھجي ۽ وڌيڪ فائدا چاھجن تہ صبح جو ان ڇاڻيل پاڻي ۾ ليمو نپوڙي پيئجي.

فائدا :- دل جي گرمي گهٽ ٿيندي ۔ سائي دور ٿيندي ۔ رت جو داٻ پورو پنو رھندو ۽ ھڏن ۾ پڪائپ پيدا ٿيندي.

Wednesday 10 April 2019

ميڪپ Makeup |اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
ميڪپ   Makeup |اصغر ساگر|
ڪاسميٽڪ ۾ ڪافي جز ٿين ٿا ڪي سٺا، ڪي خراب ۽ ڪي وري خطرناڪ حد تائين نقصانڪار ٿين ٿا. روزانو ميڪپ ڪرڻ سان چھرو متاثر ٿئي ٿو ڇوجو ان جو ڪجھ حصو چمڙي ۾ جذب ٿي ساھ ذريعي ڦڦڙن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ موجود ڪيميائي مادا ايلرڄي جو سبب ٿين ٿا.
ميڪپ جي ڪري جيڪي چمڙي تي خراب اثر پون ٿا انهن تي روشني وجهجي ٿي.


 مٿي جو سور:
ڪجھ اينٽي مائڪروبيل ڪيميائي مادا ڪاسميٽڪ ۾ شامل ٿين ٿا جيڪي مٿي ۾ سور ۽ سوزش پيدا ڪرڻ سان گڏ اکين کي نقصان پھچائين ٿا. جيڪڏھن مٿي جي سور جي شڪايت مستقل ٿي وڃي ۽ سبب سمجھ ۾ نہ اچي تہ 2 يا 3 ڏينھن ميڪپ ڇڏي ڏجي ٿي، سگهي ٿو تہ مسئلو حل ٿي وڃي. 

وارن جا مسئلا:
ٻين فيشنن سان گڏ وارن جي نموني جو فيشن بدلبو رھي ٿو جنھن جي لاء مختلف جيل ۔ سيرم ۔ ڪنڊيشنر ۔ اسپري ۽ شيمپو استعمال ٿين ٿا جيڪي وقتي طور تي وارن کي خوبصورت بنائن ٿا پر وقت سان گڏ انهن کي نقصان پھچائن ٿا. انهن شين جو وڌيڪ استعمال وارن کي سنهو ۔ بي ساھو ۽ خشڪ بنائي ٿو ۽ ٻيون بيماريون ڏئي ٿو جنھن جي ڪري وار ڪرن ٿا. اھڙي طرح وار ڪلر وارن جا رنگ تبديل ڪري کين بد رنگ ڪري ٿو.

داڻا :
سڀ کان عام مسئلو ھي آھي جنھن کي عورتون منھن ڏين ٿيون خاص ڪري ميڪپ ڪرڻ جي ڪري عورتن جي چمڙي جا مسام بند ٿي وڃن ٿا خاص ڪري پرليڪوئڊ ۽ ڪريمن جي استعمال سان چمڙي جا مسام بند ڪارن داغن جي شڪل وٺن ٿا. جيڪڏھن انهن کي صاف نہ ڪيو وڃي داڻ يا موھيڙن جي شڪل وٺن ٿا. ان ڪري ضروري آھي تہ رات جو سمھڻ کان پھرين پاڻي يا سٺي ڪلينر سان چمڙي کي صاف ڪجي جيڪڏھن چھري تي داڻ رھجي وڃي تہ لازمن ڪريم استعمال ڪجي جيڪا ٻن ٽن ھفتن ۾ چھري کي صاف ڪري ڇڏيندي.

ايلرڄي :
ڪاسميٽڪ کي جيوڙن کي بچائڻ لاء ان ۾ خاص ڪيميائي مادو پيرابين ملايو وڃي ٿو جنھن جي ڪري چمڙي ايلرڄي جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ چھري تي سوزش جو اثر رھڻ ڪري داغ ۽ داڻ اچي وڃن ٿا. ان کان سوا چھري تي ڪرائيندڙ داڻا نڪري اچن ٿا.

اکين جي ڇوت Infection :
اکين ۽ ان جي آسپاس وارو حصو صفا نازڪ ٿئي ٿو ان ڪري اکين تي استعمال ٿيندڙ اپتون ڇوت جو سبب بنجي سگهن ٿيون. اکين تي لڳندڙ ميڪپ اکين ۾ داخل ٿي سوزش پيدا ڪري ٿو. مسڪارا ۽ آئي لائينن جو استعمال پنبڻين کي نقصان پھچائي ٿو ۽ انهن جي نشونما کي نقصان پھچائي ٿو صرف اھو نہ پر پنبڻيون جيوڙن جي جڳھ بنجي وڃن ٿيون ۽ اکيون ڇوت جي ور چڙھن ٿيون.

گهنج اچڻ :
ميڪپ جي استعمال سان چمڙي کي نقصان پھچڻ لڳي ٿو جنھن جي ڪري چھري ۽ چمڙي تي گهنج پوڻ لڳن ٿا ۽ وقت کان پھرين چھري تي پوڙھائپ جهلڪڻ لڳي ٿي.


سونھن وڃڻ :
چھري تي استعمال ٿيندڙ گهڻيون اپتون جيئن سن اسڪرين ۔ ٽونر ۔ موائسچر ۽ اھڙيون ڪريمون جن ۾ بليچ شامل ھجي اھي چمڙي کي نقصان پھچائين ٿيون خاص طور تي غير معياري اپتون چمڙي کي بد رنگ بنائن ٿيون ۽ چمڙي تي داغ اچي وڃن ٿا. جلد چمڙي بدرنگ ٿي وڃي ٿي ۽ چمڙي جي پڳ Skin pigmentation جھڙا مسئلا ڪر کڻن ٿا. جيڪڏھن اھڙا مسئلا رونما ٿين ٿا تہ لازمي ڪريم جو استعمال ڪجي جيئن ڪجھ ھفتن جي استعمال سان چمڙي صاف ٿي وڃي.

اپاء :-
چھري تي ميڪپ بجاء قدرتي نموني ٺھيل شيون استعمال ڪجن.
رات جو سمهڻ وقت ميڪپ کي ڪلينر يا پاڻي سان ڌوئي صاف ڪجي.
روزانو ميڪپ نہ ڪجي.
شادي يا ڪنھن وھانء تي عارضي طور ميڪپ استعمال ڪجي.
غيرمعياري ميڪپ استعمال نہ ڪجي.

Tuesday 9 April 2019

وڌيڪ بک لڳڻ Feeling hungry frequently *اصغر ساگر*

MyDairyAsgharSagar

سوشل ميڊيا جي ھن دور ۾ وڌيڪ نوجوان نسل رات جو دير تائين سمارٽ فون استعمال ڪن ٿا جنھن جي ڪري ننڊ اڻپوري رھي ٿي جنھن جي ڪري ڪافي عارضا لڳي وڃن ٿا ۽ انهن عارضن ۾ ھڪ عارضو وڌيڪ بک لڳڻ آھي. بک گهڻي تڏھن لڳي ٿي جڏھن غذا ۾ پروٽين ۔ تاندور ۽ چرٻي جي کوٽ رھي ٿي. پروٽين ۔ تاندور ۽ چرٻي کي اھي خاصيتون آھن جيڪي جوڳير ڪن ٿيون ۽ بک کي گهٽائين ٿيون. وڌيڪ بک ننڊ جي اڻپوارئپ ۽ ذھني مونجھ جي نشاني آھي گڏوگڏ دوائون کائڻ ۽ بيماريون پڻ گهڻي بک جو سبب بنجن ٿيون.
کاڌي کان پوء گهڻي بک محسوس ڪرڻ ھڪ ھارمون ليپٺي Leptin جي مدافعت آھي. ليپٺو ھارمون Leptin جنھن کي جسم جي چرٻي پيدا ڪري ٿي اھو کاڌي کي ضابطي ۾ رکي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو تہ پيٽ ڀرجي ويو آھي. ھاڻي کاڌو وڌيڪ کائڻ نہ کپي. پر جڏھن جسم ليپٺي Leptin کي لڪائي ڇڏي ٿو تہ بک جي صحيح صورتحال جي خبر نٿي پوي ۽ گهڻي بک لڳي ٿي. جڏھن گهڻو کاڌو کائجي ٿو تڏھن ليپٺو دماغ کي ٻڌائي ٿو تہ ھاڻ ڍئو آھي.

گهڻي بک جا سبب :-

پاڻي يا لوڻ جي کوٽ :-
گهڻن ماڻھن ۾ لوڻياٺ جي کوٽ پاتي وڃي ٿي جنھن جي ڪري انهن کي غذا جي ضرورت پوي ٿي. غذائي ماھرن مطابق جن ۾ لوڻياٺ جي کوٽ ھوندي آھي، اھي جيڪڏھن  وڌيڪ مقدار ۾ پاڻي پيئن تہ گهڻي بک لڳڻ جي شڪايت ختم ٿي سگهي ٿي.

ميون ۽ خشڪ ميون کان دوري :-
گهڻا ماڻھو ميوا کائڻ ٿا پر اھي ناسپتي ۽ صوف کان سوا ٻين خشڪ ميون کان پري رھن ٿا جنھن جي ڪري انهن جي غذائي ضرورتون اڻپوريون رھن ٿيون ۽ انهن کي ھر وقت بک لڳي ٿي.

تاندور Fiber جي کوٽ :-
ميون ۽ خشڪ ميون وانگر ڏارو ۔ ماني ۽ اھڙي طرح اناج مان ٺھيل شيون گهٽ استعمال جي ڪري ھر وقت بک جي شدت ڪر کڻي ٿي.

ھر وقت نمڪين شيون کائڻ :-
ڪافي ماڻھو ھر وقت چپس ۔ پاپڙ ۽ سلانٽي سميت ٻيون نمڪين شيون کائيندا رھن ٿا جيڪي بک وڌائڻ جا وڏا سبب ٿي سگهن ٿا.

جلدبازيء ۾ کائڻ :-
ڪي ماڻھو وقت جي کوٽ يا ڪم ۾ مصروفيت جي ڪري کاڌي کائڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا جنھن ڪري انهن جون غذائي ضرورتون پوريون نہ ٿيون ٿين ۽ اھي بک جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ بک گهڻي لڳي ٿي.

اي سي ۾ وڌيڪ ويھڻ :-
اي سي يقينن گرمين کان بچڻ جو سڀ کان بھترين طريقو آھي پر اتي وڌيڪ ويھڻ ڪري بک گهڻي لڳي ٿي.

Saturday 6 April 2019

فوٽان جو سفر Journey of photon روشني Light سج جي روشني Sun light | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
فوٽان جو سفر   Journey of photon
روشني                Light
سج جي روشني   Sun light
”اصغر ساگر“

سج جي روشني اسان جي حيات جو سرچشمو آھي جنھن کي اسان وٽ پھچڻ ۾ لکين سال لڳا. سج اسان جي کيرائين واٽ Milky way galaxy جي عام ڪنڊ ۾ واقع آھي. ھن سج جي گولي جي ڪري اسان کي گرمي ۔ توانائي ۽ روشني ملي ٿي. سج ۾ ھڪ وقت جوھري ميل جاري رھي ٿو جنھن جي ذريعي روشني لڳ ڀڳ ھڪ لک ڇھاسي ھزار ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان اسان جي ڌرتي تي پھچي ٿي. اسان جي ڌرتي کان سج نو ڪروڙ ٽيھ لک ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. ھي روشني اٺ يا سوا اٺ منٽ جي مختصر مدت سان زمين کي ڇھي ٿي. اسان کي ياد رکڻ کپي تہ روشني کي سج مان نڪرڻ لاء ھڪ لک سال جو عرصو لڳو ۽ اسان جي زمين کي بنفشي شعاعن سان روشن ڪيو.
سج ھيڊوجن جي مختلف پرتن تي مشتمل ٿئي ٿو. روشني جي ذري جو سفر سج جي پيٽ اندران شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ لکاھا ميل ھيڊوجن ٿئي ٿي جيڪا جوھري رچاء Nuclear fusion پيدا ڪندي رھي ٿي. جوھري رچاء Nuclear fusion ئي سج کي توانائي مھيا ڪري ٿو. سج رچاء ۾ ھيڊوجن کي ھيليم ۾ تبديل ڪري ٿو ھن عمل دوران ھيڊوجن جا 2 ايٽم ملي ھيليم جو ھڪ ايٽم بنائن ٿا. رچاء جو ھي عمل ڏسڻ ۾ سادو لڳي ٿو پر ڪٺن ھوندو آھي. ضم ٿيڻ واري پروٽان تي ھڪ جھڙو واڌو بار ھوندو آھي جنھن جي ڪري اھي ھڪ ٻئي کي ڌڪيلن ٿا. پروٽان پاڻ ۾ ميل پسند نہ ڪندا آھن ان ڪري انهن کي پاڻ ۾ ميلاپ لاء زبردست توانائي يا رفتار Velocity جي ضرورت پوي ٿي تہ جيئن اھي پاڻ ۾ ملي سگهن ۽ ائين ٿي وڃي ٿو. رچاء ۾ ھيڊوجن جا جوھر ملي ھيليم جو ھڪ جوھر بنائن ٿا ۽ ھن عمل دوران توانائي بہ پيدا ڪن ٿا جيڪا گرمي ۽ روشني جي روپ ۾ اسان کي ملي ٿي.
پروٽانن کي پاڻ کي ويجهي ڪرڻ لاء زبردست گرمي ۽ دٻاء جي ضرورت پوي ٿي ھي ڪم ڪشش ثقل جي مخفي توانائي ئي ڪري سگهي ٿي. نظام شمسي ۾ موجود تمام مادي جي مايو نوانوي ڏھائي اٺ سيڪڙو سج ۾ موجود آھي جيڪو واقعي تمام گهڻو مايو آھي. ھي تمام مايو سج کي ثقلي طاقت سان ڇڪي ٿو. ثقلي قوت گئسن کي زبردست طاقت سان دٻائي ٿي ۽ ڇڪي ٿي جنھن سان ايٽم ھڪ ٻئي جي قريب اچي وڃن ٿا ۽ رچاء جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. سج جي قلب ۾ موجود انتھائي ڪسيل جوھري رچاء ۾ ھيڊوجن جا ڏھ ڪروڙ ھزار کرب ھزار کرب ايٽم ھڪ ٻئي سان ٽڪرجن ٿا اھو ايترو ٽڪراء سخت ٿئي ٿو جو ايٽم پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي توانائي خارج ڪن ٿا. جڏھن پروٽان پاڻ ۾ جڙجڻ لاء اچن ٿا تہ انهن جي مايي ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي ۽ مايي جي ھي گهٽتائي توانائي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ھر ڏينھن سج ھڪ سيڪنڊ ۾ سٺ ڪروڙ ھيڊوجن ٽن ڦوڪي ڇڏي ٿو. ھر ٽڪراء توانائي جي بوڇاڙ پيدا ڪري ٿو جو توانائي جو ھڪ تمام  ننڍو بنڊل ٿئي ٿو اھڙي طرح فوٽان زمين تي روشني پھچائي ٿو جنھن مان ڌرتي تي موجود حيات فائدو کڻي ٿي پر سج جي قلب ۾ ٺھندڙ فوٽان جا ذرا ائين نٿا ٿين جيئن نظر اچن ٿا. ان وقت انهن ۾ ڀريل توانائي تمام گهڻي موتمار ھوندي آھي. اسان جي تاري جي اھا روشني تمام گهڻو قديم ٿئي ٿي جنھن سج جي پيٽ مان نڪرڻ لاء 10 لک سال ورتا پر اسان جي زمين تي پھچڻ ۾ سوا اٺ منٽ وٺي رھي آھي. خلا جي مختصر سفر ۾ فوٽان روشني جي صورت ۾ تحليل ٿي بنفشي رنگ پٽي ۾ اسان جي ڌرتي تائين پھچي روشني ڏين ٿا ۽ ڌرتي مان گذري ختم ٿي وڃن ٿا. اھو سلسلو ھر سيڪنڊ ۾ ھلي ٿو.
روشني سج مان ٺھي ٿي جيڪا اتان نڪري اسان جي دنيا کي منور ڪري ٿي. روشني پھچڻ وارو عمل نھايت پيچيدھ آھي. روشني جي ھن سفر ۾ سج جي تپندڙ قلب مان روشني شروع ٿئي ٿي جيڪا زبردست ثقلي طاقت سان دٻيل ھيڊوجن سان پاڻ ۾ جڙيل ھوندي آھي ۽ فوٽان جي صورت ۾ تمام ننڍي روشني جي رنگ پٽي مان گذري ٿي. فوٽان جا ذرا ايٽم کان بہ ننڍا ٿين ٿا جن جي مقدار ٻڙي جيتري آھي. فوٽان جي رفتار ڪائنات ۾ ھر شي کان تمام تيز ٿئي ٿي ۽ ھي مستقل حرڪت ڪندا رھن ٿا. اسان انسان بہ اڻ ڏٺل روشني جسم مان پيدا ڪريون ٿا. سوال اھو پيدا ٿئي ٿو تہ جيڪڏھن فوٽان سج جي قلب مان نٿو نڪري تہ اسان وٽ روشني ڪٿان اچي ٿي؟
جواب سادو آھي تہ مادو روشني پيدا ڪري ٿو ۽ ان پيدا ٿيل روشني جو مدار جسم جي گرمي پد تي ٿئي ٿو. ڪائنات ۾ موجود سڀن انسانن سميت مادي جو ھر ذرو جنھن جو گرمي پد مطلق ٻڙي کان مٿي ٿئي ٿو اھو روشني پيدا ڪري ٿو. اسان انسان بہ روشني پيدا ڪندا رھون ٿا ۽ گرمي خارج ڪندا رھون ٿا جيسيتائين زندھ آھيون. زندھ انسان جو گرمي پد مطلق ٻڙي کان مٿي ٿئي ٿو. دراصل اسان اندران ڳاڙھا شعاع جن کي Heat radiation چيو وڃي ٿو اھي خارج ڪريون ٿا. واضح ڳالھ آھي اسان روشني خارج ڪريون ٿا.
روشني مختلف رنگن تي مشتمل ٿئي ٿي اھي رنگ اسان انڊلٺ ۾ ڏسي سگهون ٿا. روشني جو ھر رنگ فوٽان تي مشتمل ٿئي ٿو پر ھر رنگ جي توانائي ٻئي رنگ کان نرالي ۽ مختلف ٿئي ٿي. اسان کي جيڪا روشني ڏسڻ ۾ اچي ٿي اھا روشني رنگ پٽي جو تمام ننڍڙو حصو آھي. اسان جو اکيون صرف روشني جي رنگ پٽي مان مخصوص حصي کي ڏسي سگهن ٿيون پر روشني جو ھي حصو تمام گهٽ توانائي رکي ٿو. اھڙي توانائي جيڪا اکين کي وڻي ٿي، ان روشني کي اسان بصري روشني چئون ٿا. سادن لفظن ۾ اسان روشني جي طيف (رنگ پٽي) مان تمام گهٽ مقدار واري روشني واري توانائي ڏسون ٿا. مخصوص ڪيميرائن جي ذريعي اسان زندھ جسمن جي ڇڏيل ڳاڙھي روشني ڏسي سگهون ٿا جيڪا بصري (نظر واري) روشني کان بہ تمام گهٽ مقدار رکي ٿي. ڪجھ روشنيون تمام طاقتور ٿين ٿيون جن کي اسان ڏسي نٿا سگهون جيئن بنفشي شعاع ۔ ايڪسريز ۽ ڳاما شعاع.
روشني گهڻن رنگن تي مشتمل ٿئي ٿي پر طيف (رنگ پٽي) مان محدود نموني گذرڻ ڪري اسان روشني جي ٻين رنگن ڏسڻ کان قاصر رھون ٿا.
وسيع ۽ گرم سج ھر قسم جي روشني پيدا ڪري ٿو پر سج جي قلب ۾ روشني ڳاما شعائن جي صورت ۾ پيدا ٿئي ٿي. ڳاما شعاع ڪائنات ۾ موجود روشنين جي شعائن ۾ سڀ کان وڌيڪ توانائي رکندڙ شعاع رکي ٿو. سج قلب ۾ جوھري رچاء رکڻ ڪري زبردست قسم جي توانائي خارج ڪري ٿو جيڪا بصري توانائي کان وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿي. ھن روشني کي ڳاما شعاع چيو وڃي ٿو. ڳاما شعاع جي توانائي اسان جي بصري توانائي کان 10 ھزار ڀيرا وڌيڪ ٿئي ٿي. انهن گاما شعائن جي حوالي سان فلم Hulk ۾ Bruce banner کي عظيم بحث انسان طور ڏيکاريو ويو آھي. روشني جي ھن تغير ۾ واقعي ھڪ وجھ لڪل آھي. ڳاما شعاع روشني جا سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ شعاع آھن. ھي ھر جسم نفوذ ٿي وڃن ٿا ۽ مادي سان ٽڪرائي ان جي ايٽمن کي ٽوڙڻ ۾ قدرت رکن ٿا. خوشقسمتي سان سج جي قلب ۾ ٺھندڙ ڳاما شعاع ٺھڻ شرط اسان وٽ نٿا پھچن. جيڪڏھن سج گئس جو گرم گولو نہ ھجي ھا، ھي گاما شعاع ٺھڻ شرط ھن جي قلب مان فرار حاصل ڪن ھا. فوٽان ڳاما شعائن تي مشتمل ٿئي ٿو. نوٽ جھڙي ڳالھ آھي تہ ڳاما شعاع تي مشتمل فوٽان توانائي جي زبردست مقدار رکن ٿا ۽ ھي زمين جي حياتين لاء بلڪل موزونيت نٿا رکن. ڳاما شعاعن جو ھي فوٽان پنھنجي پيدائش سان ئي روشني جي برق رفتار سان سج جي قلب مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ھن جو واسطو زبردست قسم جي رڪاوٽن سان پوي ٿو. اھو سفر جنھن کي ختم ڪرڻ لاء ڪجھ منٽ درڪار ٿين ٿا پر اھو ڪائناتي پيماني تي رڙھڻ لڳي ٿو. فوٽان سج جي مرڪز مان پيدا ٿئي ٿو ۽ انهي کي سج جي قلب مان سج جي سطح تائين اچي اتان خلا ۾ فرار ٿيڻو پوي ٿو۔ ان فوٽان کي سج جي قلب کان سج جي سطح تائين پھچڻ ۾ ڏھ لک سال لڳي وڃن ٿا جڏھن تہ فوٽان جو ھي سفر صرف ٻن سيڪنڊن جو آھي. ڪاتہ اھڙي شي آھي جيڪا فوٽان جي ٻن سيڪنڊن جي سفر کي لک سالن ۾ تبديل ڪري ٿي. اھا شي ايتري طاقتور توانائي آھي جو روشني کي ايترو ڍرو ڪري ٿي پر ان جي ماھيت کي تبديل ڪري ٿي. سج اندر ايترو گهاٽو مادو ٿئي ٿو جو ان جي مختلف تھن مان نڪرڻ لاء فوٽان کي 10 لک سال لڳي وڃن ٿا. اھو گهاٽو مادو جوھري رچاء آھي.
تابڪار حصو سج جي گهيري ۾ ٿئي ٿو. روشني جو ذرو جڙندي ئي سج جي قلب مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ھيڊوجن جي گهاٽي مادي مان گذرڻو پوي ٿو. ڪل ملائي ھن روشني کي 4 لک ميل جو سفر ڪرڻو پوي ٿو. سج جي روشني کي سج جي سطح تي اچڻ دراصل نھايت ڪٺن ڪم آھي ڇوجو ھن رستي ۾ تمام گهاٽيون شيون اڳيان اچن رڪاوٽ وجهن ٿيون. تابڪار حصو Radiation zone سج جي قلب کي چئني حصن کان گهيريو ويٺو آھي. ھي علائقو ھيڊوجن جو ٺھيل ھوندو آھي پر ھي ھيڊوجن گئس ھن ھيڊوجن گئس کان مختلف ھوندي آھي. ھن دٻيل تابڪار علائقي جي مٿان موجود مادي جو وزن تمام گهڻو ٿئي ٿو ڇوجو ان جي گهاٽائي سيھي Lead جي ٺھيل ٿئي ٿي جنھن مان گذرڻ تقريبن ناممڪن ٿئي ٿو. سج جي قلب مان پيدا ٿيندڙ روشني جي ذري کي پتو پئجي ويندو آھي تہ ان جي منزل ڪٿي آھي. ھن روشني جي منزل سج جي ڪناري تي پھچڻ ھوندي آھي جتي سج جي قلب جي حصي ۾ گرمي ٻين جي مقابلي ۾ گهٽ ھوندي آھي ۽ اتان ئي روشني جي ذري کي فرار ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو پر ھن لاء انهي کي انهي 4 لک ميل تي پکڙيل ڌنڌلن گئسن جي تھن مان گذرڻو پوندو. ھي گئسون صرف گهاٽيون نٿيون ٿين پر پر انتھائي گرم بہ ٿين ٿيون. انهن جو گرمي پد ھڪ ڪروڙ 25 لک فيرنھائيٽ کان بہ مٿي ٿئي ٿو. تابڪار حصي ۾ گئس پٿ Plasma جي صورت ۾ موجود ھوندي آھي. پرٿ Plasma مادي جي چوٿين صورت آھي. ھڪ عام ايٽم ۾ ھن جي مرڪز جي چوڌاري اليڪٽران ڦري ٿو. پرٿ Plasma ۾ اليڪٽران مرڪزن کان ڌار ٿي وڃي ٿا. اسان اسڪول ۾ پڙھيو آھي تہ مادي جا ٽي حصا ٿين ٿا. نھرو، پٽڙو ۽گئس. ڌرتي تي تقريبن اسان مادي کي انهن ٽنهي صورتن ۾ پايون ٿا مثال طور ھوا گئس تي مشتمل ٿئي ٿي ۔ سمنڊ پٽڙي تي ۽ اسان جي ڌرتي نھري تي مشتمل آھي پر ڪائنات ۾ وڌيڪ شيون جن ۾ تارا شامل آھن، اھي پرٿ Plasma تي مشتمل ٿين ٿا. ڪائنات ۾ موجود ٻين جڳھن جي مقابلي ۾ ڌرتي ھڪ پرسڪون جڳھ آھي. عام طور تي ڌرتي تي اھي حالتون رونما نہ ٿيون ٿين جو جن سان مادو پلازما جي صورت اختيار ڪري سگهي. ڌرتي تي موجود سڀ کان سٺي جڳھ جتي اسان پٿ Plasma جو جهلڪو ڏسي سگهون ٿا، اھا انڊلٺ آھي.
کنوڻ جي کجڪي جو گرمي پد 53 ھزار فيرنھائيٽ تائين پھچي ٿو. ھن ۾ ايترو گهڻي گرمي پد ٿئي ٿو جو پل ۾ ايٽمن کي الڳ ڪري سگهي ٿو. ھي پرٿ Plasma جي حالت تمام ٿورڙي عرصي تائين رھي ٿي ۽ اليڪٽران وري ايٽمن سان ملي وڃن ٿا. پر اسان جي اجگر سج ۾ پلازما اربھا سالن تائين اھڙي حالت ۾ رھي ٿو ۽ اھو پرٿ Plasma سج جي مڪمل تابڪار علائقي جيڪو 2 لک ميلن تي مشتمل ٿئي ٿو ان ۾ موجود ٿئي ٿو. ان کان علاوا ھي پرٿ Plasma برقي بار ۾ موجود ٿئي ٿو جيڪو روشني جي ذري لاء ھڪ ڪائناتي ڄار جو ڪم ڏئي ٿو. ھي پرٿ Plasma غيرشفاف ٿي وڃي ٿو ڇوجو روشني رلمل ذرن سان وڌيڪ رلمل ڪري ٿي. روشني ميل رکندڙ ايٽم مان آساني سان گذري وڃي ٿي پر جڏھن بار کي اسان ڪاٽو ۽ واڌو بار ۾ ٽوڙيون ٿا. اھي بار فوٽون جي رستي ۾ ھر جڳھ موجود ٿين ٿا ۽ روشني انهن مان نٿي گذري. سج جي قلب ۾ پيدا ٿيندڙ روشني جا ذرا جيڪي ڳاما شعائن جا جڙيل ٿين ٿا، ھاڻي اھي تابڪار علائقي جي پرٿ Plasma سان ٽڪرائن ٿا ۽ سيڪنڊ جي ڪجھ حصي ۾ پرٿ جا ايٽم روشني جي ذرن کي جذب ڪري وري انهن کي اڳلن ٿا. روشني جا ذرا وري وڃي ڪنھن پرٿ جي ذري سان ٽڪرائين ٿا، وري پرٿ انهن کي جذب ڪري اڳلي ٿو. ائين ھر دفعي اھي ڪجھ نہ ڪجھ فاصلو طي ڪري وڃن ٿا. اصل ۾ روشني جا ذرا اھي پرٿ Plasma جي ايٽم سان ٽڪرائين ٿا ۽ پرٿ Plasma جا ايٽم انهن کي جذب ڪري وري ڪنھن ٻئي طرف انهن کي اڳلن ٿا ۽ روشني جو ذرو وري پرٿ جي ايٽم سان ٽڪرائي ٿو، اھو ان کي ڳيھي ٻئي طرف ۾ وري اڳلي ٿو ان ڪري ھن عمل ۾ روشني جا ذرا سج جي ٻاھرين سطح تي پھچڻ لاء اڻ کٽ ڀيرا ٽپو کائن ٿا ۽ آخرڪار سج جي ٻاھرين سطح تي پھچي وڃن ٿا. ھن سڄي عمل کي اسان باسڪيٽ بال وانگر سمجهون ٿا. ائين سمجهجي تہ ھي ايٽمي باسڪيٽ بال جي راند آھي جنھن ۾ تابڪار علائقي کي باسڪيٽ بال جو ڪورٽ سمجهجي جڏھن تہ روشني جي ذرن ۽ پرٿ Plasma جي ايٽمن کي ٻہ ٽيمون سمجهجن جن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو جڏھن تہ روشني جو ذرو ھن راند ۾ بال جو ڪردار ادا ڪندو. باسڪيٽ بال جي بال وانگر روشني جو ذرو ڪنھن رخ ۾ اڇلايو وڃي ٿو جيتوڻيڪ بال تيزي سان اڳتي وڌي نٿو پائي پر پوء بہ ٿوري ٿوري رفتار سان اڳتي وڌندو رھي ٿو. روشني جو ذرو آھستي آھستي دل جي قلب جي گرم حصي جي طرف مان سج جي سطح جي گرم حصي طرف وڌي ٿو، جاڏي ھو وڃڻ چاھي ٿو. جيتوڻيڪ ھي عمل بغير ڪنھن منصوبابندي جي لڳي ٿو پر ھن جو رخ ٻاھر جي طرف ٿئي ٿو. روشني جو ذرو سڌو ٻاھر نڪرڻ جي ڪري ٿو جيڪو ھن جو مختصر رستو ٿئي ٿو پر اھو بار بار تابڪار علائقي جي طرف ڌڪيلي ٿو جيڪو ھن جي رفتار کي رڙھڻ تي مجبور ڪري ٿو. ڌڪ ڌڪان جو ھي عمل فوٽان جي محنت کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو. فوٽان روشني جو ھڪ انتھائي ننڍو بنڊل ٿئي ٿو. جڏھن اھو سج جي قلب ۾ پيدا ٿئي ٿو تہ ان جي شڪل ڳاما شعاع سان شروع ٿي وڃي ٿي. ڳاما شعاع زبردست توانائي سان ڀرپور ذرو ٿئي ٿو. ھي پيدا ٿيندي ئي تمام گهڻين رڪاوٽن جي ڪري فراريت جي راھ پائي نٿو سگهي. جڏھن ھر ڀيري ڪا رڪاوٽ آڏو اچي وڃي ٿي تہ اھا ھن جي توانائي کي گهٽ ڪري ڇڏي ٿي. لکن سال جي عرصي ۾ يا ڏھ لک سال جي عرصي تائين فوٽان سج جي قلب ۾ تابڪار علائقي ۾ ڀٽڪون کائيندو رھي ٿو. ھر ٽڪر ھن جي توانائي کي گهٽ ڪري ٿو جنھن جي ڪري زبردست ڳاما شعاعن مان تبديل ٿي گهٽ توانائي وارن ايڪسرن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
تقريبن ڏھ لک سالن جي قريب مدي سان فوٽان تابڪار علائقي مان نڪري اچن ٿا پر ھنن جو سفر اڃان ختم ناھي ٿيو. ھاڻي ھنن کي پنھنجي سفر ۾ سج جي غضبناڪ اندروني حصن ۾ ڌڪا کائڻا آھن. ھي ئي اھا خطرناڪ جڳھ آھي جتان روشني جا ذرا نڪرن ٿا. فوٽان قدرت جو بنايل توانائي منتقل ڪرڻ وارو قاصد آھي انهي کي سج جي قلب مان سج جي سطح تائين پھچڻ ۾ 10 لک سال لڳن ٿا. ھاڻي تائين فوٽان ويڙھ وڙھي 75 سيڪڙو سج جو قطر پار ڪري چڪو آھي. ڪافي ڌڪن کائڻ ۽ خاصي توانائي وڃائڻ کان پوء فوٽان خطرناڪ شعائن مان ايڪسريزن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ھاڻي روشني جا ذرا سج جي پراسرار تھ تي پھچن ٿا جنھن جو نالو ايصال حرارت جو علائقو Convection zone آھي. ايصال حرارت جو علائقو سج جي سطح کان سج جي تابڪار علائقي جي قلب تائين 125 ھزار ميل جي اونھائي تي مشتمل ٿئي ٿو. اسان دراصل ايصال حرارت جي ھن علائقي کي سڌو سنئون ڏسي نٿا سگهون. ھي علائقو اسان جي دوربينن لاء ڪافي غير شفاف آھي پر اسان ھتي پيدا ٿيندڙ آواز ٻڌي سگهون ٿا. ناسا جي متحرڪ شمسي رسد گاھ Solar dynamics observatory سج ۾ پيداٿيندڙ آواز ٻڌي سگهي ٿي.
ان جي اڳاڻ Frequency ايتري تيز ٿئي ٿي جو انسان ان کي ٻڌي نٿو سگهي پر جيڪڏھن اسان 40 ڏينھن جي رڪارڊنگ کي ڪجھ سيڪنڊن ۾ تبديل ڪري تيزي سان ھلايون تہ اسان ان کي ٻڌڻ جي قابل ٿي وڃون ٿا. ھي آواز افراتفري جو آواز آھي ڇوجو سيڪنڊن ۾ اسان سج جي اندر جهاتي پائي نٿا سگهون. جڏھن بندوق مان گولي ڇٽي ٿي تہ ھوا سان ٽڪرائي اضطرابي موجون پيدا ڪري ٿي. جڏھن اسان بندوق مان نڪرڻ واري گولي جي آواز کي ٻڌون ٿا تہ گولي جون ھي موجون اسان جي ڪنن سان ٽڪرائن ٿيون ۽ اسان ان جي آواز ٻڌي سگهون ٿا. جڏھن اسان موجن کي حرڪت ڪندي ڏسون ٿا، اصل ۾ گئسن کي سج مان نڪرندي ڏسون ٿا. سج مان نڪرندڙ گئسون ائين لڳن ٿيون ڄڻ سطح طرف زور لڳائي رھيون ھجن يا ائين جيئن ڀت جي سطح سان ٽڪرائي آواز پيدا ڪندي نظر اچن ٿيون. ھي آواز سج ۾ گشت ڪندا رھن ٿا. صوتي موجون پٿ سان ٽڪرائي سج جي سطح تي لھرون پيدا ڪن ٿيون ۽ اسان ھي ڏسي سگهون ٿا. ھي لھرون سج جي چوطرف ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ھي سج جي اندر ويندي نظر اچن ٿيون ۽ وري واپس سطح تي ايندي نظر اچن ٿيون. انهن آوازن ذريعي سائنسدان سج جي اندر نظر نہ ايندڙ حصن کي بہ ڏسي سگهن ٿا. اھي سج جي سطح سان ٽڪرائيندڙ انهن صوتي موجن کي پڪڙي سج جي اندروني حصن کي انهن جي گونج سان ٻڌي سگهن ٿا. ھي اندروني حصو جيڪو جيڪو تمام خطرناڪ ۽ شديد قسم جي اٻرندڙ ايصال حرارت جو علائقو آھي ۔ اھو گونج پيدا ڪندي نظر اچي ٿو. اتي گرم ٿيندڙ ھوا مٿي وڃي ٿي ۽ ٿورڙي ٿڌي ٿي ھيٺ واپس اچي ٿي جنھن سان انتشار جي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي. ھتي ايتريقدر ھلڙ ھنگامو پيدا ٿئي ٿو جو سج کي وڄڻ تي مجبور ڪري ٿو. گئسن جا ستون مٿي اٿن ٿا، وري واپس ھيٺ ھليا وڃن ٿا. ان دوران ھيٺين حرارت انهن ستونن کي زبردست نموني گهمائي ڦيرائي ٿي. ھن ڳالھ کي ھيئن سمجهجي تہ جھڙي ريت اٻرندڙ پاڻي ۾ بوڙيا ان ڪري اٿن ٿا جو اھي گرم ٿين ٿا ۽ وري اوچتو ڦاٽي ھيٺ ھليا وڃن ٿا ڇوجو مٿي جي سطح ھيٺ جي سطح جي مقابلي ۾ ٿڌي ٿئي ٿي ۽ بوڙيا ڪجھ ٿڌي ٿيڻ جي ڪري ڦاٽي ھيٺ ھليا وڃن ٿا. سج ۾ بہ پاڻي جي برتن وانگر بوڙيا اٿن ٿا پر اتي پاڻي جي جڳھ تي پرٿ Plasma ٿئي ٿو.
ايصال حرارت جي تھ ۾ فوٽان وڃي پرٿ Plasma جي ايٽمن سان ٽڪرائن ٿا. گرم ايٽم اٻرندڙ وھڪ سان فوٽانن کي پاڻ ڏي ڇڪن ٿا. ھي ايٽم ھڪ Conveyor belt وانگر ڪم ڪن ٿا. انهن جو ھي سفر تابڪار علائقي جي ڀيٽ ۾ ايصال حرارت جي تھ ۾ ڪافي آسان ٿئي ٿو. ائين سمجهجي تہ باسڪيٽ بال راند ۾ بال جنھن سٺي رانديگر جي ھٿ ۾ اچي ٿو اھو تيزي سان بال کي اڳتي وڌي باسڪيٽ ۾ اڇلڻ ڊوڙي ٿو، ائين ايصال حرارت پرٿ Plasma ۾ فوٽانن کي سڌاڻ ملي وڃي ٿي ۽ بغير رڪاوٽ جي مٿي وڃڻ جو رستو ملي وڃي ٿو. سٺن رانديگرن وانگر اھي ايٽم فوٽانن کي پاڻ ۾ جذب ڪري ڪافي دور تائين سڌو رستو طئي ڪرائين ٿا. ايصال حرارت جي پرٿ ۾  انهن کي ايٽم جي سڌي سواري سڌي رستي کان انهن کي مٿي پھچائي ڇڏي ٿي. جھڙي طرح باسڪيٽ بال ۾ ھڪ رانديگر بغير رڪاوٽ جي بال کي پڪڙي سڌو ڊگهي رستي تائين وٺي وڃي ٿو، ھي ايٽم بہ فوٽان سان ائين ڪن ٿا. رستي ۾ ٻين رانديگرن جي غير موجودگي جو فائدو وٺندي جھڙي ريت بال کي ڪورٽ ۾ اڇلائي سگهجي ٿو بلڪل اھڙي ريت ايٽم انهن فوٽانن کي مٿي ڇڏي اچي ٿو. فوٽان جو سفر ھن ايصال حرارت جي علائقي ۾ ھفتي ۾ پورو ٿي وڃي ٿو. ھن پوري عرصي ۾ فوٽانن جي محنت تبديل ٿي وڃي ٿي. ايصال حرارت جي ھيٺئين علائقي ۾  260 ھزار فيرنھائيٽ گرمي پد ٿئي ٿو. جيئن جيئن فوٽان ايصال حرارت جي ھيٺئين حصي کان مٿئين حصي جي طرف اچي ٿو تيئن تيئن اھو ايڪسريزن ۾ تبديل ٿيندي بصري شعاعن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ ايصال حرارت جي علائقي کان فوٽان زبردست توانائي جي ايڪسريزن جي صورت ۾ پنھنجو سفر شروع ڪن ٿا. پنھنجي توانائي کي کائيندي فوٽان ھن علائقي کي ڇڏي ٿو ۽ جڏھن ھن علائقي جي آخري سرحد مان نڪري ٿو تہ ھن جي ماھيت روشني جي ذري جھڙي ٿي وڃي ٿي جنھن جو مشاھدو اسان اسان پنھنجي روزمرھ واري زندگي ۾ ڪيون ٿا. فوٽان پلازما سان ٽڪرائي پنھنجي توانائي گهٽ ڪري ڇڏي ٿو. ايٽم ايصال حرارت جي مٿئين حصي ڏي فوٽان کي ڇڏي اچي ٿو جو ھاڻي ھاڻي بصري روشني جي شڪل ۾ نڪري ٿو. ھن سڄي عمل ۾ ايٽم جو گرمي پد گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ اھو ھيٺ واپس ھليو وڃي ٿو جتان وري اھو فوٽان کي جذب ڪري پنھنجي گرمي پد ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ وري مٿي اچي فوٽان کي آزاد ڪري ٿو ۽ ھي چڪر روان دوان رھي ٿو. ھاڻي فوٽان سج جي سطح جي مٿئين حصي تان ٿي ھيٺ ھليو وڃي ٿو. ايصال حرارت جو متلاتم علائقو ھڪ ٻي زبردست قوت ڇڏي ٿو جيڪا نہ صرف بم وانگر ڦاٽي عظيم طوفان کي طاقت ڏئي ٿي پر سج جي روشني کي سج مان فرار ٿيڻ کان روڪي ٿي. سج جي قلب ۾ پيدا ٿيندڙ فوٽان روشني جو ذرو تابڪار علائقي جون صعوبتون سھندي ايصال حرارت جي علائقي ۾ پرٿ جي ستونن سان ٽڪرائيندو گسڪندو خلا ۾ فرار ٿيڻ جي آخري رڪاوٽ جي پار ڪرڻ جي مرحلي تي پھچي ٿو. پنھنجي لکن سالن جي سفر ۾ فوٽان پنھنجي ماھيت ۾ ھلاڪت خيز شعائن ڳاما شعائن مان تبديل ٿي بصري شعائن جي روپ ۾ اچي ٿو جن جو مشاھدو اسان زمين تي ڪريون ٿا. فوٽان نيٺ سج جي مٿين سطح تي پھچي وڃي ٿو جنھن کي اسان ڏسي سگهون ٿا. جڏھن اسان ڪنڌ مٿي کڻي سج ڏي ڏسون ٿا. جيڪا شي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿي اھا سج جي گولي سان گڏ ھوندي آھي ۽ اسان روشني کي گولي ذريعي ڏسون ٿا. ھي روشني اسان کي چھنڊڙيون ھڻندڙ لڳي ٿي پر جڏھن اسان ھن کي قريب کان ڏسون ٿا تہ اسان ھن جي سطح تي متلاتم سرگرميون ڏسون ٿا. مادي جا اٻرندڙ زبردست بوڙيا جيڪي ڏسڻ ۾ خوبصورت نظر اچن ٿا پر نھايت ھيبتناڪ ٿين ٿا جن مان باھ ڌڳندي نڪرندي نظر اچي ٿي. فرق صرف ايترو آھي جو سج جي سطح تان اٻرندڙ بوڙين مان روشني جا فوٽان نڪرن ٿا ۽ اسان ڏي رخ رکن ٿا. سج جي سطح تان نڪرندڙ ھر بوڙيو زمين جي مقدار برابر ٿئي ٿو. انهن گئسي بوڙين يا گئسي گولن مان نڪري روشني جا شعاع اسان وٽ پھچن ٿا پر سج جي سطح تي فوٽان پھچندي وري رڪاوٽ جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ اھا رڪاوٽ ھنجي توانائي کي اڃان گهٽائي ٿي ۽ ان روشني کي اسان جي اکين ۽ اسان جي موافق ڪري ٿي. سج جي سطح تي رڪاوٽ فوٽانن کي وري قيد ڪري ٿي.
ڪٽ پيڪ قومي رسدگاھ آمريڪي رياست ايريزونا ۾ موجود آھي جتي فلڪياتدان مائو پين سج جي سطح جي مشاھدو ڪري ٿو تہ جيئن خبر پوي تہ روشني جا ذرا اتي ڪيئن قيد ٿي وڃن ٿا. ھي ايمسيميٿ پيئرس ٽيليسڪوپ جو استعمال ڪري سج جي سطح جو تفصيلي معائنو ڪري ٿو جتي سج جي تھ تي گھرا نشان نظر آيا. انهن ۾ ٻہ جڳھون تمام وڏيون ھيون. ھي نشان سج مان نڪرندي ان جي سطح جي ڪناري تائين اچي پئي ويا. ھر وڏي نشان سان گڏ ڪجھ ننڍا نشان پڻ ھيا. ھي نيڪالي جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهي رھيا ھئا جيڪي گرمي ۽ روشني کي سج جي اندران ڪڍي خلا ۾ ڇڏين ٿا. ان ڪري سج جي سطح تي موجود ڪجھ گهٽ گرم علائقا اسان کي داغن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. اھي ڪارا داغ زبردست طاقتور روشني جي ذرن يا فوٽانن کي پنھنجي خطرناڪ ڦندي ۾ ڦاسائن ٿا جتان روشني ۽ موجود توانائي سج جي سطح کان فرار ٿي نٿا پائن. ھي زبردست طاقت ٻي ڪابہ طاقت ناھي پر ھي سج جي مقناطيسي طاقت آھي. سج جا ھي اونداھا نشان تڏھن ٺھن ٿا جڏھن زبردست قوت جي مقناطيسيت سج جي گھرائي کان نڪرندي ضيائي گولي ۾ تبديل ٿيندي زبردست ڌماڪي سان ٻاھر نڪري ٿي. ھي مقناطيسي ميدان ايترا طاقتور ٿين ٿا جو سج جي گرم اندروني مادي جي ايصال حرارت جي حرڪت کي سج جي سطح تي اچڻ کان روڪيو رکي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ سج جي سطح تي نسبتن گهٽ درجي جي حرارت جو علائقو ٺھي ٿو جيڪو اسان کي سج جي اونداھن نشانن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. ھي ڪارا نشان تمام وڏا ٿين ٿا اھي ڪارا نشان ڌرتي جي مقدار کان ڏھ ڀيرا وڏا ٿين ٿا. مقناطيسيت اھي ڪارا نشان بنائي سج جي سطح تي ڌڳندڙ ڪاريون لڪيرون جوڙي ٿي. سج جو استوائي خطو قطبن جي مقابلي ۾ زيادھ تيزي سان پنھنجي محور جي چوڌاري ڦري ٿو. اسان جي ٺوس ڌرتي پري پنھنجي وجود سان سج جي چوڌاري ڦري ٿي  ۽ ان سان گڏ مقناطيسي ميدان بہ ڦرن ٿا پر سج ايترو وڏو آھي جو ھي اصول سج تي لاڳو ٿئي ٿو.
سج ۾ ڪابہ ٺوس شي ناھي. اھو گئس جو وڏو گولو آھي ۽ پنھنجي محور ۾ چڪر لڳائي ٿو پر خط استوا تي پنھنجن قطبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گهمي ٿو. سج خود کان ٽپ کائي ٿو ۽ گڏ مقناطيسي ميدانن کي مروڙ ڏئي ٿو. قطبن جي نسبت سج خط استوا تي تيز چڪر لڳائيندي مقناطيسي ميدانن کي ٽپ ڏياريندو رھي ٿو جتان اھي ھر چڪر ۾ الجهي پون ٿاجنھن جي نتيجي ۾ مقناطيسي ضربون Magnetic mayhem نڪرن ٿيون. جڏھن اھي ميدان سج جي سطح تي ڪر کڻن ٿا جو انهن ۾ زبردست قسم جي توانائي ڀريل ٿئي ٿي. اھي ميدان زبردست توانائي ڀرپور مڙيل رٻڙ وانگر ٽپ کائي الجهي پون ٿا. جڏھن مڙيل رٻڙ کي ٽپ  ڏيارجي ۽ ان کي سڌاڻ ۾ ڇڪجي تہ اتي جڙندڙ دٻاء محسوس ڪري سگهجي ٿو جتي مقناطيسي لڪيرن جو ٽپ کائي روشني جي ذرن کي پاڻ سان کڻي پرٿ جي سطح تي پھچڻ مشڪل آھي.
ھاڻي ھي سوال پيدا ٿئي ٿو تہ پوء روشني جي انهن بنڊلن سان ڇا ٿو ٿئي جو سج جي سطح تي پھچي ٿڌا تہ ٿي ويا پر اتي اچي مقناطيسي ميدان ۾ ڦاسي ويا. سج جي سطح تي موجود اھا جڳھ جتان روشني فراريت حاصل ڪري نٿي سگهي اھا جڳھ اونداھي نظر اچي ٿي ۽ سج جي سطح تي داغن جي صورت ۾ نشان بنائي ٿي پر اڻ الجهيل مقناطيسي لڪيرن ۾ ڪنھن کي تہ دخل ڏيڻو آھي. مقناطيسي ميدان پنھنجي موجودھ حيثيت کان بلڪل مطمئن ناھن ھوندا. انهن کي پنھنجي موجودھ حيثيت بلڪل پسند ناھي ھوندي ۽ اھي ان کي سلجهائڻ چاھن ٿا. تمام وڏا مقناطيسي حلقا سج جي انهن نشانن تي محراب نما نشان بنائن ٿا. مقناطيسي ميدان ٽپ کائيندڙ ۽ انتھائي اڻ متوازن ٿين ٿا ۽ پنھنجي توانائي کي اڳلڻ لاء بي چين ٿين ٿا جنھن جي نتيجي ۾ اھي اھڙي مقناطيسي بم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا جو ڦاٽڻ لاء بلڪل تيار رھن ٿا ۽ توانائي سان ڀرپور ٻہ رھن ٿا.
توانائي سان ڀرپور مقناطيسي ميدان  جڏھن ھڪ ٻئي جي قريب ٿين ٿا تہ ائين لڳي ٿو تہ ھڪ ٻئي کي چئي رھيا ھجن تہ جيڪڏھن اسان پاڻ ۾ ملي وڃون تہ زبردست توانائي پيدا ڪري سگهون ٿا. پوء ائين ئي ٿئي ٿو، اھي پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا تہ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿئي ٿو جنھن کي اسين مقناطيسي طوفان يا شمسي طوفان Solar flare چئون ٿا. ھن ۾ ايتري طاقت ٿئي ٿي جيتري طاقت لکين جوھري بم پاڻ ۾ ملي ڌماڪو ڪن ٿا. شمسي شعلا خلا مان 35 لک في ميل ڪلاڪ جي رفتار سان نڪري زبردست توانائي خارج ڪن ٿا. مقناطيسي ميدان پرٿ کي سج جي سطح تي اڇلي ٿو. ڌماڪي ان اتان جلدي روشني جا ڀنڊار نڪرڻ شروع ٿي وڃن ٿا. لکن سالن جي سفر بعد روشني جا بنڊل آخرڪار خلا مان فراريت حاصل ڪري وٺن ٿا. ھاڻي اھي کربھا روشني جا ڪرڻا يا فوٽان آزاد ٿي وڃن ٿا پر انهن جو سفر اڃان اڃان ختم ناھي ٿيو. گهڻي کان گهڻا فوٽان ڪائنات جي پرانھن علائقن ۾ موجود نئين دنيا جي سفر جو سعيو ڪن ٿا. تقريبن 10 لک سالن سان سج مان نڪرڻ جي ڪوشش صاب ٿئي ٿي. ھاڻي اھي آزاد آھن ۽ آزادي سان سفر ڪن ٿا. سج مان نڪرندي فوٽان ائين ڀڄن ٿا جيئن ڪي قيدي جيل ٽوڙي ڀڄن ٿا. فوٽانن جي رفتار 186 ھزار ميل في سيڪنڊ ٿئي ٿي. فوٽان ھاڻي موافق ٿي ڌرتي ڏي لاڙو ڪن ٿا. جڏھن اسان ڪرڻن کي ڏسون ٿا تہ اسان کي انهن فوٽاني ڪرڻن جو مشڪل سفر ياد ڪرڻ کپي جيڪي سج جي قلب کان اسان تائين پھچڻ ۾ 10 لک سال سوا اٺ سيڪنڊ وٺي آيا. اھي نيوڪلائي ميل ذريعي سج ۾ موجود اونهي قلب مان ٿيندا پرٿ جي ائٽمن سان ميل ڪندا ٽپا کائيندا ۽ اڳتي وڌندا فوٽانن جي صورت وٺندي ايصال حرارت جي علائقي ۾ گئس تي سواري ڪري مقناطيسي ميدانن جي ٽڪرجڻ جي ڪري سج جي سطح تان فراريت حاصل ڪري ڌرتي ڏي رخ رکندا اچن ٿا. فوٽان جا ذرا ڌرتي تي پھچي وڻن ۔ ٻوٽن ۽ انسانن کي لڳي انهن ۾ جيون جا رنگ ڀرين ٿا ۔ انهن کي توانائي سان سرشار ڪن ٿا ۔ روشنائي ترڪيب سان ٻوٽن وڻن کي واڌ ويجھ ڏين ٿا ۽ حياتين جي کاڌي جي چڪر کي سرانجام ڏين ٿا. سج جي روشني اسان لاء ٻارڻ پيدا ڪري ٿي. ھي روشني جا ذرا يعني فوٽان ڌرتي تي موسمن جي رت جڳائين ٿا ۽ اسان جي سمنڊن ۾ اڀار پيدا ڪن ٿا. روز فوٽان ڌرتي سان ايترا ٽڪرائن ٿا جو جو ھڪ ڏينھن ۾ انساني تھذيب لاء 27 سالن جيتري توانائي پيدا ڪن ٿا. سج جي روشني صرف گرمي پيدا نٿي ڪري پر جيونن کي جيوت بخشي ٿي. اسان جي روشني جا ذرا اسان کي ۽ ڌرتي کي پار ڪندي پورا ٿين ٿا. ان کان سوا 80 منٽن جي فاصلي تي اھي زحل تي پھچي وڃن ٿا ۽ 4 ڪلاڪن جي سفر ۾ نيپچون کي پار ڪن ٿا.
ھڪ دفعو روشني جا ذرا سج جي قيد مان آزاد ٿي جتي چاھن اتي خودمختيار نموني سفر ڪن ٿا. اھي اربھا نوري سال جي سفر کي طئي ڪن ٿا. ھي سج جي ٻاھريين مدار کي صرف 18 ڪلاڪن ۾ طئي ڪن ٿا. جتي سج صرف ڏسڻ ۾ نقطو اچي ٿو پر فوٽان اتان بہ اڳتي خلا جي گھراين ۾ پنھنجو سفر جاري رکن ٿا. ڪجھ فوٽان 1200 سالن جي سفر تي ڳاڙھي بوني نظام جنھن جو نالو 62 ڪيپلر آھي اوستائين وڃي پھچن ٿا جتي ڌرتي وانگر ڪو ممڪن گرھ موجود ھجي. اسان جي ڪھڪشان ۾ ڌرتي وانگر ڪيترائي سيارا ٿي سگهن ٿا. جيڪڏھن اتي ڪا زندگي موجود ھجي تہ ڇا اھا اسان جي سج کي ڏسي سگهي ٿي. بلڪل ڏسي سگهي ٿي. جيڪڏھن اھي سج جي قريب ھوندا تہ اھي آساني سان سج کي ڏسي سگهن ٿا ۽ دوربين جي ذريعي ايترو قابل ٿي سگهن ٿا جو اھي پري پري تائين سج کان پري ڏسي سگهن ٿا. ائين بہ ٿي سگهي ٿو جيڪا مخلوق پري پري کان سج جو مشاھدو ڪري رھي ھجي اھا ھتي ھن گرھ تي اسان جي موجودگي بي خبر ھجي. فوٽان برق رفتاري سان فاصلو طئي ڪندي 1500 سال پري گهوڙي جھڙي شھابي تي پھچن ٿا ۽ 7000 سال دور واري دنيا ۾ پھچ کي يقيني بنائن ٿا. ايتري ڊگهي فاصلي کان پوء سج جي روشني جهيڻي ٿيڻ لڳي ٿي. ان کي بہ دوربين ذريعي ڏسي سگهجي ٿو. اسان طاقتور دوربين ذريعي 10 ارب نوري سال جي فاصلي تائين ستارن جي دنيا جو مشاھدو ڪري سگهون ٿا. اسان جي سج جي روشني سڄي ڪائنات ۾ خلائن تائين سفر ڪري ٿي. جڏھن بہ توھان آسمان ۾ ڏسو تہ تارن ڏي ضرور ھٿ ھلايو ٿي سگهي ٿو اھا مخلوق پري پري کان توھان ڏي ھٿ ھلائي رھي ھجي.

کير Milk |اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
کير   Milk |اصغر ساگر|

کير ڪيلشم ۔ وٽامن ۔ فولاد ۔ پروٽين ۽ معدنيات تي مشتمل ٿئي ٿو. کير مان نہ صرف ڏھي ۔ پنير ۔ رٻڙي ۔ مائو ۔ خشڪ کير ٺھي ٿو پر خود ھڪ غذا آھي جيڪا ھر گهر ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي. کير پوڙھن ۔ پڪن ۽ نوجوانن لاء ساڳي اھميت رکي ٿو.
غذا جا ماھر کير کي مڪمل غذا قرار ڏين ٿا. کير ۾ وٽامن اي ۔ وٽامن ڪي ۽ وٽامن بي12 سان گڏ امينو تيزاب ۔ تاندورا ۔ نمڪيات ۽ ٻيا غذائي جزا موجود ٿين ٿا. کير توانائي بخش آھي خاص ڪري ٻار ناشتي ۾ کير پيئڻ کي ترجيح ڏين ٿا. کير ڏينھن ڀر جي قوت مدافعت کي برقرار رکي ٿو.
کير پٽڙو ۽ ڪريمي ٿئي ٿو ڇوجو ان ۾ پروٽين ۔ وٽامن ۔ نشاستي ۽ چرٻي جي گهڻي مقدار ٿئي ٿي. کير جسم کي فٽ رکي ٿو جڏھن تہ ان ۾ ڪيلريون گهٽ ٿين ٿيون. کير ۾ موجود لينولڪ ايسڊ جسم ۾ غير ضروري چرٻي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. کير پيئڻ سان ذھني دٻاء ۽ ٿڪ ۾ ڪمي اچي ٿي جنھن سان رات جو سڪون جي ننڊ اچي ٿي.
اڄ ڪلھ مارڪيٽ ۾ ڪيترن قسمن جا کير موجود آھن. ھڪ کليل کير ٻيو ڊٻن وارو کير جنھن مان ملائي ڪڍي وڃي ٿي. آمريڪا ۾ ٿيندڙ تحقيق مطابق ڊٻن وارو کير کليل کير جو متبادل ناھي. جيڪي ماڻهو ملائي وارو کير استعمال ڪن ٿا انهن ۾ شڳر جا 46 سيڪڙو امڪان گهٽ رھن ٿا ۽ ٿري استعمال ڪرڻ وارا ٿلها گهٽ ٿين ٿا. ڊٻن ۾ بند کير ٻن قسمن جو ٿئي ٿو
(1) پٽڙو
(2) پائوڊر کير
پٽڙي کير کي پيڪ ڪرڻ وقت ان مان ڪريم ۽ مکڻ ڪڍيو وڃي ٿو جڏھن تہ ٻئي پاسي جانورن جي کير کي خشڪ ڪري ان ۾ ضروري وٽامن شامل ڪري مصنوعي ڪيميائي مادن سان تيار ڪيو وڃي ٿو.
 ٻھراڙين ۾ کير کي بغير اٻارڻ جي پيئڻ جو رواج آھي. ھميشہ کير کي ھلڪي نموني ڪاڙھجي گهڻي ڪاڙھڻ سان کير جا لطيف جزا جلي وڃن ٿا. کير پٽڙو ٿئي ٿو ان ڪري جلدي جسم جو حصو ٿي وڃي ٿو. کير ۾ ڪيلشم ٿئي ٿو جيڪو ھڏن جي واڌ ويجھ ۽ مضبوطي ۾ ڪم ڪري ٿو.
يورپ ۽ آمريڪا ۾ ھر ماڻھو کير استعمال ڪري ٿو. ٻارن کي اسڪول ۾ کير ڏنو وڃي ٿو. ڊاڪٽر اسٽيفن سمٿ جي عمر 100 سال ھئي جيڪو کير سان ماني کائيندو ھيو. جرمني جو ھٽلر صبح جو ناشتي ۾ کير ڏھي استعمال ڪندو ھيو.
 قدرتي طور تي کير ۾ شامل کنڊ کي کمٺاڻ Lactose چيو وڃي ٿو ھي کنڊ ڪجھ ماڻھن کي ھضم نٿي ٿئي ان جو سبب اھو کير پيئڻ ناھي پر ان بدھضمي جو اھم سبب خامري Enzyme جي کوٽ ٿئي ٿي جنھن کي کيراٺ Lactase سڏيو وڃي ٿو. ھي گهرڙا انهن خامرن کي بنائن ٿا جيڪي ننڍي آنڊي ۾ موجود ٿين ٿا. کيراٺ Lactase کير کي کنڊ کان ڌار ڪن ٿا تہ جيئن کير جلدي ھضم ٿي رت ۾ شامل ٿي وڃي. جڏھن ھي خامرا گهٽ ٿي وڃن ٿا تہ کير گهاٽائي جي حساب سان ڳرو ٿي وڃي ٿو ۽ ننڍو آنڊو ان کي ھضم ڪري نٿو سگهي. ھي صورتحال اڪثر طور تي خطرناڪ ٿئي ٿئي پر تشويشناڪ ٿئي ٿي ۽ جن ماڻھن ۾ کيراٺ جي کوٽ ٿئي ٿي اھي کير پي نٿا سگهن.
 کير ھضم نہ ٿيڻ تي عام طور تي الٽي ۔ آت ۽ ڳوراڻ ٿي وڃي ٿي ۔ ريح پيدا ٿي وڃي ٿي ۔ دست بہ اچڻ لڳن ٿا اھڙا ماڻهو جن ۾ ليڪٽيز جي کوٽ ٿئي ٿي انهن ۾ ھي علامتون ٻن ڪلاڪن اندر پيدا ٿي وڃن ٿيون اھڙن ٻارن کي کير نہ پيئڻ کپي يا اھڙيون غذائون کائڻ نہ کپن جن ۾ ليڪٽوس ھجي. جيڪڏھن ننڍي آنڊي ۾ Lactose جي مناسب مقدار موجود آھي تہ آئسڪريم ۽ پنير ھضم ٿي سگهن ٿا. جيڪو ماڻھو Lectose کي ھضم ڪري ٿو ان کي مٺيون شيون کائڻ کپن. Lectose کير يا کير مان ٺھندڙ شين ۾ پاتو ويندڙ شيرو ٿئي ٿو. اسان جي جسم کي Lectose ھضم ڪرڻ لاء Lactase خميري جي ضرورت پوي ٿي جيڪڏھن ھي خامرو جسم ۾ نہ ھجي تہ کير پيئڻ سان سوڄ ۔ درد ۔ پيچش ۔ آت ۔ الٽي ٿي سگهي ٿي.
اھي ماڻھو جن کي کير ھضم نٿو ٿئي انهن کي کير ۾ ٿورڙو سھاڳو ڦليل وجهڻ کپي. جن ٻارن ۾ پروٽين جي کوٽ آھي انهن کي کير ۾ ڪچو بيدو ملائي پيارڻ کپي. دائمي نزلي جي مريضن کي ڳئون جي کير ۾ ماکي ملائي پيئڻ کپي.

کير جا فائدا :-

پرسڪون ننڊ ڏيندڙ :-
جديد دور ۾ پيرسن توڙي نوجوان پرسڪون ننڊ لاء سڪن ٿا ۽ کين ٿڪاوٽ جو احساس رھي ٿو. ٽرفٽوفين Tryptophan نالي امينو تيزاب رات ۾ پرسڪون ننڊ ڏيڻ جو ڪم ڪري ٿو جيڪو کير ۾ وافر مقدار ۾ پاتو وڃي ٿو. رات جو ھڪ کير گلاس پيئڻ سان بھترين ننڊ اچي ٿي ۔ صبح جو اٿڻ سان مزاج خوشگوار رھي ٿو ۽ صحت ۾ بھتري اچي ٿي. کير جسم ۾ ميلان Melatonin جي مقدار کي وڌائي ٿو جيڪو ھارمون آھي جنھن جي ذريعي انسان رات جو پرسڪون ننڊ سمهي ٿو ۽ صبح جو پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪري ٿو.

ھاضمو بھتر بنائيندڙ :-
تيز کاڌا ۔ مرحلاتي کاڌا ۽ روغني غذائن جي ڪري ھر شخص کي معدي جي شڪايت رھي ٿي جنھن ۾ قبض ۽ معدي جي تيزابيت اچي وڃي ٿي. روز کير پيئڻ سان اھي عارضا ختم ٿي وڃن ٿا.

شڳر ۾ فائديمند :-
شڳر ۾ مٺين ۽ کنڊ وارين شين کان پرھيز ڪئي وڃي ٿي. ان ڪري شڳر جا مريض بغير مٺاڻ جي کير پيئن. کير شڳر جي ڪري پيدا ٿيندڙ جسماني ڪمزورين کي دور ڪري ٿو.

ھڏ مضبوط ڪندڙ :-
کير ۾ موجود ڪئلشم انساني ھڏين لاء ان وقت لاڀائتو آھي جڏھن کير ۾ موجود وٽامن ڊي ڪئلشم کي ھڏين جو حصو بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي جنھن سان ھڏ مضبوط ٿين ٿا ۽ ھڏن جا درد ھليا وڃن ٿا.

ڏورن کي مضبوط ڪندڙ :-
کير ۾ شامل پروٽين جتي جسم جون ٻيون ضرورتون پوري ڪري ٿو اتي جسم جي ڏورن کي مضبوط ۽ مربوط رکڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو.

اعصابن کي طاقت ڏيندڙ :-
انساني جسم جي ڪارڪردگي ۽ فعلن جو مدار ذھني صحت تي آھي. ذھن صحتمند ھجي تہ جسم جا ٻيا عضوا بہ پنھنجي ڪارڪردگي کي بھتر نموني انجام ڏين ٿا. کير جي سڀ کان اھم ڳالھ ھي آھي تہ کير ذھن ۽ اعصابي نفوذن کي ربط ۾ رکي ٿو جنھن جي ڪري دماغ وڌي ٿو ۽ ذھانت فروغ پائي ٿي. سائنسي تحقيق مطابق کير ۾ موجود امينو تيزاب چھري کي نرم ۽ شاداب رکن ٿا.

چھرو صاف ۽ تازو رکندڙ :-
کير ۾ موجود ليڪٽڪ ايسڊ چمڙي کي صاف رکي ٿو ۽ ڌوڙ جي منفي اثرن کان محفوظ رکي ٿو. ليڪٽڪ ايسڊ کير جي ملائي ۾ گهڻي پاتي وڃي ٿي. ان ڪري ھڪ تجويز آھي کير جي ملائي سان چھري تي مساڄ ڪيو وڃي چھري جي خشڪي ۔ داڻا ۽ داغن جو خاتمو ٿي ويندو.

ڏندن کي جوت ڏيندڙ :-
اسان جي روز مرھ جي زندگي ۾ کير ڪيلشم جو وڏو ذريعو آھي. ڪيلشم ڏندن کي مضبوط رکي ٿو جڏھن تہ کير جي گھري سفيد رنگت ڏندن کي جوت ڏئي ٿي ۽ کير جي استعمال سان ڏند سفيد ۽ چمڪدار ٿي وڃن ٿا.