Monday 12 April 2021

بنا ٿڪ لڳاتار ڪم ڪندڙ دل Heart working continuously without tiredness 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


دل ھڪ عجيب عضوو آھي. اھا زندگي ھلائڻ لاء آڪسيجن ۽ غذا ڀريو رت Nutrient-rich blood جسم ڏي ڌوڪي ٿي. ھي مڪي جھڙو بجلي گهر لک ڀيرا ڏينھن جو ڌڙڪو ڪري ٿو، 5 يا 6 چوٿگ Quartz يعني ساڍن پنجن لٽرن کان مٿي رت ڌوڪي ٿو ۽ اٽڪل 2 ھزار گيلن رت کي جسم ڏي ڌوڪي ٿو. ايترو سخت ڪم ۔ ايڏي جفاڪشي پر پوء بہ ٿڪ نٿو ٿئي، دل ساندھ پنھنجي ڪم ۾ روان دوان رھي ٿي.

دل جي کاٻي وينوتي Left ventricle ۽ ساڄي وينوتي Right ventricle مضبوط ڌوڪيندڙ آھن. کاٻي وينوتي Left ventricle مضبوط ۾ مضبوط آھي ڇوجو رت کي ڌوڪي سڄي جسم ڏي موڪلي ٿي. جڏھن دل ٺيڪ ٺاڪ نموني ڪم ڪري ٿي تہ چارئي خانا گڏجي لڳاتار ڪم ڪن ٿا ۽ باھمي ربط سان آڪسيجن واري رت کي جسم ۾ ڦيرائين ٿا.

دل جو ڪم ڦنڊڻ ۽ سسڻ آھي ۽ جسم جي عضون کي رت پھچائڻ آھي. جڏھن دل سسي ٿي تہ اھا نپوڙجي ٿي ۽ مڪ وانگر روپ وٺي ٿي. مڪ ھڪ نمونو آھي جيڪا دل اپنائي ٿي تہ جيئن رت کي ٻاھر ڌوڪي سگهي. دل اھو سڄو ڏينھن رات لڳاتار ڪم ڪندي رھي ٿي، ڪيڏو نہ سخت ڪم ڪري ٿي پر ٿڪجي نٿي.

دل جو اھم ڪم آڪسيجن ڀريو زرخيز رت جسمن ڏي ڌوڪڻ آھي ۽ سادو آڪسيجن وارو رت ڦڦڙ ڏي موڪلڻ آھي. اھا 60 کان 100 دفعا منٽ ۾ ڌڙڪي ٿي ۽ ڏينھن رات ڌڙڪندي رھي ٿي. ھڪ اندازي مطابق 80 سالن جي عمر ۾ بہ 3,363,840,000 ڀيرا ڌڙڪي ٿي پر ٿڪڻ جو نالو ناھي.

دل ايترو ڌڙڪڻ باوجود ڇو نٿي ٿڪجي، ان ڪري جو دل ۾ عضلاتي مشڪون Cardiac muscles ٿين ٿيون جيڪي کيس لڳاتار تحرڪ ڏين ٿيون ۽ کيس بيھارين نہ ٿيون. دل واحد عضوو آھي جيڪا جيڪا عضلاتي مشڪن Cardiac muscles جي ٺھيل آھي، ھي اھي مشڪون آھن جيڪي بغير ناغي جي ڪم ڪنديون رھن ٿيون ۽ دل کي تحرڪ ڏينديون رھن ٿيون. جيڪڏھن اسان پنھنجي مرضي سان دل کي تحرڪ ڏيڻ جو ڪم کڻون تہ اسان جون ڪرنگهي مشڪون Skeletal muscles ٿڪجي سگهن ٿيون.

زندھ گهرڙن وانگر مشڪن جي گهرڙن کي بہ توانائي جي ضرورت پوي ٿي. گهرڙن جي توانائي غدٽسفيٺو Adenosine triphosphate ATP جي صورت ۾ ٿئي ٿي. ھر گهرڙو غدٽسفيٺي ATP مان توانائي بنائڻ لاء گلوڪاڻ Glucose استعمال ڪري ٿو جنھن کي اسان گهرڙي ساھداري Cellular respiration سڏيون ٿا. جيڪڏھن گهرڙو گلوڪاڻ Glucose مان توانائي ٺاھيندي آڪسيجن جو استعمال ڪري تہ اسان ان کي توانائي لاء واسي ساھداري Aerobic respiration چونداسين ۽ ان ساھداري لاء رت جو آڪسيجن کڻي گهرڙن تائين پھچڻ ضروري آھي. جيڪڏھن گهرڙا توانائي لاء آڪسيجن جو استعمال نٿا ڪن تہ ان عمل کي اسان اڻ واسي ساھداري Anaerobic respiration چونداسين. واسي ساھداري Aerobic respiration ۾ گهرڙي کي وڌيڪ غدٽسفيٺا ATPs ملن ٿا. حسابي طور تي 36 ۽ جڏھن تہ غير واسي ساھداري Anerobic respiration ۾ صرف 2 غدٽسفيٺا  2ATPs  ملن ٿا، ان سان گڏوگڏ غير واسي ساھداري Anerobic respiration دوران پڄيرو تيزاب Lactic acid ڪيميائي مادو ٺھي ٿو.

دل جي ڪل مقدار ۾ 30 کان 35 سيڪڙو ماڳوٽا آھن. ايتري وڏي توانائي پيدا ڪرڻ جو مطلب دل صحتمند حالت ۾ عضلاتي مشڪ Cardiac muscle آھي جيڪا ڪڏھن آرام نٿي ڪري. ڪجھ توانائي عضلاتي مشڪن ڏي منتقل ٿئي ٿي ان ساڳئي وقت ايتري وڌيڪ توانائي حراري کاڌي پيتي Calories intake مان ملي ٿي.

 توانائي ٺاھڻ جي ھن عمل لاء گهرڙي وٽ عضوا ٿين ٿا جن کي اسان ماڳوٽا Mitochondria چئون ٿا. جڏھن اسان پنھنجي ڪرنگهي مشڪن کان سخت ڪم وٺون ٿا تہ انهن مشڪن جي توانائي جي ضرورت وڌي وڃي ٿي پر رت ايتري تيزي سان انهن مشڪن جي گهرڙن کي آڪسيجن ڏيئي نٿو پائي، پوء ھي گهرڙا بغير آڪسيجن جي توانائي ٺاھڻ شروع ڪن ٿا يعني اڻ واسي ساھداري Anerobic respiration جو عمل شروع ڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ پڄيرو تيزاب Lactic acid ٺھڻ شروع ڪري ٿو جيڪو مشڪن ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ پڄيرو تيزاب Lactic acid مشڪن جي ٿڪ جو سبب بنجي ٿو، ھي پڄيرو تيزاب Lactic acid رت سان گڏ مشڪن مان جيري ۾ پھچي وڃي ٿو جتي ان کي ٻيھر گلوڪاڻ (مٺ) Glucose ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو.

ھڪ عام غلطي آھي تہ مشڪن ۾ ڏارون پڄيري تيزاب Lactic acid جي ڪري پون ٿيون، دراصل راند ۽ ورزش جي ڪجھ ڏينھن کان پوء تاخيري تاڻي مشڪي سوڄ DOMS جي ڪري مشڪن ۾ سيرون پون ٿيون جن جو سبب سخت ورزش ھوندي آھي.

دل جون مشڪون ڇو نٿيون ٿڪجن ان جو سبب ھي آھي تہ دل جي مشڪن ۾ ماڳوٽا Mitochondria وڌيڪ ٿين ٿا، دل جي مشڪن ۾ ڪرنگهي مشڪن جي ڀيٽ ۾ 35 سيڪڙو وڌيڪ ماڳوٽا ٿين ٿا جنھن جي ڪري وڌيڪ توانائي ٺھي ٿي ۽ وڌيڪ اڻ واسي ساھداري Anaerobic respiration نٿي ٿئي. دل کي رت جي سٺي پھچ ملي ٿي جنھن جي ڪري وڌيڪ آڪسيجن ملي ٿي ۽ وڌيڪ واسي ساھداري Aerobic respiration ٿئي ٿي. دل جي ڪجھ مشڪن ۾ جيئن ڪجھ غير واسي ساھداري Anaerobic respiration ٿئي ٿي ۽ پڄيرو تيزاب  Lactic acid ٺھي ٿو جنھن کي وري پائرو تيزاب pyruvate ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو، ھي ئي ڪيميائي مادو آھي جنھن مان پڄيرو تيزاب Lactic acid ٺھيو. ھن ڪم لاء مشڪن وٽ ھمخامرا Isoenzymes ٿين ٿا.

دل جي مشڪن ۾ عام طور تي تاخيري تاڻي مشڪي سوڄ DOMS (Delayed-onset muscle soreness) جي ڪري سيرون نہ ٿيون پون ڇوجو انهن تي ڪرنگهي مشڪن وانگر وزني ڇڪ نٿي پوي. سخت ورزش جي ڪري ڍانچي مشڪي تاندورن ۾ ننڍا ننڍا ڏار پون ٿا پوء اتي ڇوت جي ڪري درد ٿئي ٿو جيڪو 24 کان 72 ڪلاڪ رھي ٿو.

Tuesday 6 April 2021

ڳوڙھا ۽ سائنس Tears And Science 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


ٻار روئڻ لڳو مگر ماء ڌيان نہ ڌريو. ٻار جذبات ۾ رانڀاٽ شروع ڪيا، ماء ڊوڙندي اچي ھن کي ڳلي لڳايو. ڳلي لڳڻ شرط ٻار جو احتجاج ماٺو ٿي ويو ۽ کيس ننڊ اچي وئي پر ڪجھ دير تائين ڳوڙھا ھليا.

ھي روئڻ ۔ ھي ڳوڙھا ڳاڙڻ فطرت جي نشاندھي ڪن ٿا جيڪي ڪائنات ۾ معصوم روپ سروپ سان موجود آھن. ڪڪرن جو اڀ تي مڙڻ ۔ سارنگ جو ساٺ ڪرڻ ۔ پياسي ڌرتي کي پلر جي پالوٽ ڏيڻ ۽ ڌرتي تي سرسبز شادابي اچڻ ۔ ارزان ان ٿيڻ ۽ سنگهارن لاء سک ٿيڻ ھي سڀ ڪيفيتون فطرت جي زرخيز ھجڻ اشارو ڪن ٿيون.

سارنگ   سار   لَڌِي

آگَميا           اَبَر


سَڄو سُونھن ٿَر

چُميو چُم مَلِير کي.

”اصغر ساگر“


محبوب جو رسڻ ۔ عاشق جو تڙپڻ ۔ حيلا وسيلا ھلائڻ ۔ ايلاز منٿون ڪرڻ ۔ ڪوبہ وس نہ ڇڏڻ ۔ فطرت اھو عشق انسان جي جيء سان جڙي ڇڏيو. محبت ۾ پاڻ کي ڪنھن سان منسوب ٿيڻ ۽ ان کان ڌار ٿيڻ دردن جو اڻ کٽ سلسلو جنھن ۾ ڳوڙھا ڳاڙڻا پون ٿا ۔ راتو ڏينھن روئجي ٿو ۽ ريجهائڻ لاء ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

روئڻ سان جي ريجهن تہ راتو ڏينھن روئان

لاڙي لڙڪ اکين مان    پيرين   ھوند   پوان

ڌرتي سڀ ڌوئان  لڙڪن سان  لطيف چوي.

”شاھ لطيف“


ڳوڙھا جتي عاشق پنھنجي جاني جي جدائي کي ظاھر ڪن ٿا، اتي پڇتاء وارا ڳوڙھا اکين ۾ ڪر کڻن ٿا ۽ روئندي پاڻ تي ملامت کڻڻي پوي ٿي. اتي ساڳي ھنڌ گوتم ٻڌ جو مرندي ڪامل مراقبو نظر اچي ٿو ۽ موت جي ڪابہ فلڪ سندس منھن تي نظر نٿي اچي، مرڻ وقت بہ گوتم ٻڌ ڌيان ۽ گيان ۾ رھيو.

ڌِيان       گِيان       مُراقبو

سوچُون سُونھن سُرڪ


سَدا      کيڏِي     مُرڪ

گوتَم   تُنھنجي   لَبن   تي.

”اصغر ساگر“

ھندوستان ۾ ذات پات واري اونداهي نظام کي للڪاريندڙ ۽ ٻڌمت جو باني - انسانيت جي پرچار ڪندڙ - انساني محبت ۾ يقين رکندڙ ۽ مذھبن جي متڀيد کان مٿانھون سوچيندڙ سڌارٿ عرف گوتم ٻڌ جنھن کي کي کنڀيون  ڏاڍيون وڻنديون هيون. سندس هڪ پيروڪار کنڀيون پچائي سندس خدمت ۾ پيش ڪيون ۔

 اتفاقاً ان ۾ زهريليون کنڀيون بہ شامل ٿي ويون ، جيڪي گوتم ٻڌ کاڌيون ۔ ان کان پوءِ سندس طبيعت ناساز ٿيڻ لڳي.  هاڻي سندس پوئلڳ کي پنھنجي غلطي ۽ لاپرواهي تي پشيماني ۽ شرمندگي ٿيڻ لڳي. پوئلڳ  زارو زار روئڻ لڳو ۽ گوتم ٻڌ کان معافي گهرڻ لڳو.

مھاتما ٻڌ، جيڪو حد درجي جو رحمدل هو ، تنهن ھن ڳالھ کي ليکي ۾ نہ آندو - گوتم ٻڌ ھن سان اھڙي نموني ڳالهايو ڄڻ تہ ڪجھ ٿيو ئي نہ ھجي ۽ اطمينان سان کيس چوڻ لڳو :

"ڪا ڳالھ ناهي منهنجا دوست ! کاڌو واقعي مزيدار هو ۔ "


موت جو ڊِڄ نَہ مُنھن تي

نَظَر   نَڪو   نِراس


مُراقِبو      قائِم      يَڪو

ساڳا سَڀ اِحساس


کُنڀيُن  جو سَواس

پڇ    مرندي   گوتم  کان.

”اصغر ساگر“

اهڙي طرح ان زهر جي اثر سبب  483 ق۔م ۾ هن عظيم اڳواڻ جي وفات جو واقعو پيش آيو.

ڪن ڪن عاشقن دلپشوري طور بہ عشق ڪيو آھي ۽ يادن ۾ حوالي طور ناٽڪ نموني ڳاڙيا آھن. انهن ناٽڪ وارن ڳوڙھن کي بہ اسان جذباتي ڳوڙھا چونداسين.

ھڪ دفعي جوش مليح آبادي پنھنجي گهر ۾ ڪجھ بي تڪلف دوستن سان پنھنجي محبوبائن جو ذڪر ڪري رھيو ھو. ذڪر ڪندي ڪندي ھو ايترو جذباتي ٿي ويو جو ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ايتري ۾ ھن جي گهر واري ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ جوش کي روئندو ڏسي روئڻ جو سبب پڇيو

جوش صاحب ورندي ڏني

”بس ٿورو اڳ امان ياد اچي وئي ھئي.“


ڳوڙھا وھائڻ جتي مرد جي جذبن جي اظھار ظاھر ڪن ٿا، اتي عورت جي معصومپائپ کي نمايان ڪن ٿا پر ڪڏھن ڪن جا ڳوڙھا مانگر مڇ جي ڳوڙھن وانگر لڳندا آھن. عام جائزي مطابق مرد سال ۾ ڏھ ڀيرا ڳوڙھا وھائي ٿو تہ عورتون سال ۾ 50 ڀيرا روئن ٿيون. اکين ۾ ڳوڙھن جا خاص غدود نيراسا غدود  Lacrimal glands ٿين ٿا جتان ڳوڙھا وھي نڪرن ٿا. ڳوڙھن جي مربوط نظام کي نيراسي سرشتو Lacrimal system چئبو آھي جيڪي اک ۾ ڳوڙھا پيدا ڪن ٿا ۽ ان کي ٻاھر خارج ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿا. جيڪي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ سان نڪرن ٿا، اھي انهن ڳوڙھن کان مختلف ٿين ٿا جيڪي عام طور تي مٽي پوڻ ۔ بصر ڪٽڻ جي خارج ٿيل گئس جي اثر جي ڪري خارج ٿين ٿا. اھي خارج ٿيندڙ ڳوڙھا ان گئس جي ڪري ٿين ٿا جيڪا بصر جي گهرڙن ۾ موجود گنڌارو تيزاب Sulfenic acid ۽ خاص خامري لسڻ  Alliinase جي ميلاپ سان گنڌڪ گئس Sulphur gas جڙي ٿي جنھن کي نيرڪار جزي ترڪيب  Lachrymatory-factor synthase  سڏيو وڃي ٿو جنھن سان بصر پاڻ تي حملو ڪندڙ خردوبن Microbes سان جنگلي جانورن ۽ اسان کي رلائڻ لاء استعمال ڪن ٿا. گئس جي حالت ۾ گنڌڪ يا ٻئي ڪنھن جز جي ڪري اکين کي اھا تڪليف اچي ٿي جنھن کي توھان غير جذباتي چئي سگهو ٿا.

نيراسا غدود  Lacrimal gland اکين جي پنبڻين ھيٺان ٿورو مٿان واقع ٿين ٿا ۽ پنبڻين جهپٽڻ سان ڳوڙھا اک جي سطح تي اچن ٿا ۽ پوء نينارين (نير نالين) Lacrimal punctum ذريعي نڪ ۾ لھي اچن ٿا. جيڪڏھن ڳوڙھن جو وھڪرو وڌيڪ آھي تہ نيناريون (نير ناليون) ڳوڙھن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ ڳوڙھا اک تان ڇلڪي ڳلن تي قطرن جي صورت ۾ ٽم ٽم ٽمڪن ٿا.

اکين ۾ پوسل قائم رکڻ لاء ڳوڙھا ڪيترن نموني مفيد ٿين ٿا ۽ ھي لڳاتار جڙندا رھن ٿا. ڳوڙھن جو ڪم اکين کي تر رکڻ ۽ صاف ڪرڻ آھي. اکين جي مٿان ڇپرن Upper eyelids جي پويان نيراسا غدود Lacrimal glands ٿين ٿا جتان ڳوڙھا نڪرن ٿا ۽ ڳوڙھا اک جي نير نالي مان نڪرن ٿا. تحقيق مطابق ھر سال انسان اکين مان 15 کان 30 گيلن ڳوڙھا وھائي سگهي ٿو. ڳوڙھن ۾ ليسامرا Lysozyme ۔ چرٻا Lipids ۔ پروٽين Protein ۔ تابڪارا Electrolyte ۔ مٺ Glucose ۔ سلوڻ Sodium ۽ لوڻياٺ موجود ٿين ٿا جيڪي اکين کي جيوڙن ۽ وائرن Viruses کان تحفظ ڏيڻ سان ٻين فائدن سان ھمڪنار ڪن ٿا. ڳوڙھن کي سائنسدانن ٽن قسمن ۾ ورھايو آھي.


(1) Psychic tears

جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:


(2) Basal tears

اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:


(3) Reflex tears

عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا:


(1) Psychic tears

جذباتي ڳوڙھا ۔ نفسي ڳوڙھا ۔ دماغي ڳوڙھا:-

ھنن ڳوڙھن جو تعلق جذبات سان آھي. جڏھن ماڻهو جا جذبا شدت وٺن ٿا ۔ صدمو اچي ٿو ۔ يا ڪا بري خبر اچي ٿي تہ ھي ڳوڙھا ٺھي وھڻ لڳن ٿا ڇوجو انهن ۾ شدتي ڪيميائي مادا Stress chemicals ھوندا آھن جيئن آڏڇوڏيسر حرڪيرو Adrenocorticotropic Harmone ۽ کيراسو Prolactin وغيرھ. ھنن ڳوڙھن جي خارج ٿيڻ سان شدتپڻو گهٽ ٿئي ٿو. ان کان علاوا ھي ڳوڙھا معدنيٺو Manganese خارج ڪن ٿا. ھي ڳوڙھا الجهيل ماڻهن ۾ وڌيڪ رھن ٿا.

اھي وڏي جذبات جي ڪري رونما ٿين ٿا. ھي ڳوڙھا جذبن جي بي قابو ٿيڻ ۔ ڏک درد ۔ جسماني تڪليف يا غم خوشي جي ڪري نڪري اچن ٿا. جذباتي ڳوڙھن مان قدرتي طور تي ھڪ حرڪيرو لڪانتو Leu-enkephalin خارج ٿئي ٿو جيڪو درد جي شدت گهٽ يا ختم ڪري ٿو جنھن جي ڪري ڏک غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ توھان پاڻ کي ھلڪو محسوس ڪيو ٿا. روئڻ دوران دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي ۔ ساھ جي رفتار گهٽ ٿيڻ سان پگهر اچڻ لڳي ٿو ۔ ھڏڪيون پيدا ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ۔ ڳوڙھن جي نڪ ۾ زڪام پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ ائين ڳلو وٺجي وڃي ٿو. ڪجھ سائنسدانن جو خيال آھي تہ جذباتي ڳوڙھن ۾ ڪجھ اھڙا پروٽين Protein ۽ حرڪيرا Hormone پاتا وڃن ٿا جيڪي ٻين قسمن جي ڳوڙھن ۾ پاتا نٿا وڃن جن ۾ کيراسو حرڪيرو Prolactin ۔ لڪانتو حرڪيرو Leu-enkephalin سان گڏ پوٽيشم ۽ معدنيٺا Manganese شامل آھن. اسان کي اھا ڳالھ بہ سمجهڻ کپي تہ جذبات ۾ روئڻ دماغ جي حڪمت عملي آھي جنھن سان وڌيڪ پھتل تڪليف ۔ غم ۔ خوشي جيڪا دماغ کي نقصان پھچائي ٿي ان کي روئڻ زائل ڪري ٿو ۽ ٻيھر جسم جان ۾ توازن قائم ڪري ٿو.


2) Basal tears

اساسي ڳوڙھا ۔ اصلي ڳوڙھا ۔ بنيادي ڳوڙھا:-

ھي ڳوڙھا اکين کي ھر وقت تر رکن ٿا ۽ خشڪ ٿيڻ نٿا ڏين ۽ جراثيمن کان بچائن ٿا. ھي ڳوڙھا اکين ۾ ھر وقت موجود رھن ٿا جن کي اکين جو پاڻي سڏجي ٿو. جيڪڏھن اکين ۾ آڱر لڳائجي تہ آڱر پسيل محسوس ٿيندي. ھي ڳوڙھا اکين ۾ ھر وقت ٺھندا رھن ٿا ۽ اکين کي تر ڪندا رھن ٿا ۽ صاف ڪندا رھن ٿا. ھي ڳوڙھا جيوڙا روڪ Antibacterial خاصيت رکن ٿا ۽ اکين کي جيوڙن کان محفوظ رکن ٿا.


(3) Reflex tears

عڪسي ڳوڙھا ۔ بصري ڳوڙھا ۔ گئسي ڳوڙھا ۔ اضطراري ڳوڙھا:

ھي ڳوڙھا ان وقت خارج ٿين ٿا جڏھن ٻاھر کان ڪا شي اک داخل ٿئي ٿي يا ڪنھن شي جي ڪري اکين ۾ خارش يا چڀڪ ٿئي ٿي جنھن جي ڪري ڳوڙھا ٺھن ٿا. ھن جي ڪري جسم جو ڪو حصو ڪا ناگوار شي برداشت ڪري ٿو جيئن ڪٿي ڌڪ لڳو ھجي ۔ زبان تي مرچ جي تکاڻ آئي ھجي ۔ ڪا ڪني ڌپ آئي ھجي ۔ تيز ھوا آئي ھجي يا بصر ڪٽيا ھجن تہ ھي ڳوڙھا وھڻ شروع ڪن ٿا. ھنن ڳوڙھن جو ڪم بہ اکين کي صاف ڪرڻ آھي. ڪڏھن ڪڏھن تيز ھوا جي ڪري اکيون خشڪ ٿي وينديون آھن تہ بہ ڳوڙھا ٺھندا آھن. ھي ڳوڙھا پوتلي Cornea جي صفا رکڻ لاء جڙيل آھن. ھي ڳوڙھا اکين کي ڌوڙ ۔ دونھين يا بصر مان نڪرندڙ گئس يا ٻي ماحول جي ناسازگاري تي اچن ٿا.


 ابھم ٻارن جي روئڻ کي جذبات جو اظھار نٿو سمجهيو وڃي پر والدين تائين ڳالھ پھچائڻ ۽ مڃرائڻ جو نمونو آھي جنھن بھاني سان ھن کي ٿيڻ واري تڪليف کان نجات ملي ٿي. ننڍي ٻار جي روئڻ کي جسماني درد ۔ بک لڳڻ ۔ ڊڄي وڃڻ ۽ ڪنھن ڳالھ تي غصو اچڻ يا ڳالھ مڃرائڻ ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو جڏھن تہ وڏي ٿيڻ سان اھي انداز ٻيو نمونو اختيار ڪن ٿا. جذبات ۾ رلائڻ جو ذميدار دماغ جو پنھنجو سرشتو انگڪار سرشتو Limbic system آھي جنھن ۾ جذبن کي اڀارڻ يا قابو ڪرڻ جو ذميدار ھڪ مخصوص حصو مغزوٽو Hypothalamus آھي جيڪو ٻيا اھم ڪم سرانجام ڏئي ٿو. ھي دماغ جي خودڪار اعصابي نظام جنھن تي توھان جو قابو ناھي، ان سان جڙيل ٿئي ٿو. اھو ھڪ ڳوڙھن وھائڻ واي نظام اعصابي نفوذي تنتابي (تنتي لعابو) Acetylcholine جي ذريعي نيراسي سرشتي Lacrimal system کي ضابطي ۾ رکي ٿو. ھن اعصابي نفوذي جي تحريڪ ذريعي ڳوڙھن جي برسات شروع ٿئي ٿي.

سادي نموني اعصابي نظام غم ۽ خوشي ۽ ڏک ۽ درد کان متاثر ٿئي ٿو ۽ پوء ھي ڳوڙھن جي بھاني سان ڳوڙھن جي نظام کي حڪم جاري ڪري ٿو. ڳوڙھن ۾ ھر قسم جا خامرا Enzymes ۔ چرٻا Lipids ۔ تابڪارا Electrolytes ۔ پاڻي Water ۽ نامياتي مرڪب Organic compound ٿين ٿا. ڳوڙھن تي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن ڳوڙھن جي فلم Tear film جي جي درجابندي کي ٽن تھن Layers ۾ ورھايو آھي. اھي ٽئي تھ اسان جي اکين جي صحت برقرار رکڻ ۽ ڇوت Infection ختم ڪرڻ لاء گڏجي ڪم ڪن ٿا. ڳوڙھن جا آبي پرت پروٽين ۔ پاڻي ۽ تابڪارن تي مشتمل ٿين ٿا 


(1) Oil layer = Lipid layer

تيلي تھ ۔ چرٻ تھ ۔ تيلي استر ۔ چرٻ استر:

ٻاھريون پرت جنھن کي  Oily layer سڏيو وڃي ٿو ان ۾ ڪيترن قسمن جا چرٻا پاتا وڃن ٿا. ھن تھ جو ڪم ڳوڙھن کي خشڪ ٿيڻ کان بچائڻ آھي ۽ انهن جي رطوبت برقرار رکڻ آھي.


(2) Water layer = Aqueous layer

آبي تھ ۔ رطوبتي تھ ۔ آبي استر ۔ رطوبتي استر:

ھي اک جو وچون تھ ٿئي ٿو. ھن تھ جو ڪم جيوڙن کي روڪڻ آھي.


(3) Mucin layer = Mucous layer

بلغمي تھ ۔ لعابي تھ ۔ بلغمي استر ۔ لعابي استر:

سڀ کان ھيٺيين تھ بلغمي تھ سڏجي ٿو جنھن جو ڪم ڳوڙھن کي اکين ۾ چپڪائي رکڻ آھي جيئن اھي وھي نہ وڃن.


ڳوڙھا صحت لاء ضروري:-

دريا خان سنڌي روئڻ جي اھميت کي اجاڳر ڪندي لکي ٿو

” روئڻ انساني صحت لاءِ ضروري ۽ فائديمند آهي. انهيءَ لاءِ مرد، عورت، ٻار ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن کي هفتي ۾ هڪ دفعو لازم روئڻ گهرجي. روئڻ سان نفسياتي دٻاءۡ ۽  ٿڪاوٽ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. روئڻ وارو ماڻهو روئڻ کان پوءِ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري ٿو. سمهڻ، آرام وٺڻ ۽ هڪ ڪپ چانھن پيئڻ کان سٺو آهي تہ ھفتي ۾ هڪ دفعو روئي وٺجي. روئڻ سان زندگيءَ کي سٺو بنائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

ماهرن جو چوڻ آهي تہ روئڻ جي ڪوشش جي دوران اکين مان ڳوڙها جو اچڻ بہ لازمي آهي. جاپان ۾ هڪ ماڻهو ھيڊ ڦومي يوشيدافي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪو روائڻ جو ماهر آهي. اهو ماڻهن کي روئڻ جا طريقا سيکارڻ سان گڏوگڏ ان جي فائدي تي بہ ليڪچر ڏئي ٿو ۽ پنھنجي شاگردن کي اکين مان ڳوڙها ڳاڙڻ جا طريقا سيکاري ٿو. ھن جو جو چوڻ آهي تہ گانا ٻڌڻ، دردن ڀريون فلمون ڏسڻ ۽ ڪھاڻيون پڙهڻ سڀ معمول مطابق زندگيءَ جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون پر هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو روئڻ پرسڪون زندگيءَ ۽ پاڻ کي نفسياتي دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ ڪافي آهي.“


روئڻ جا فائدا:-

اسان جي معاشري ۾ روئندڙ کي ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري کي جتي روئڻو پوي ٿو اتي اھي نٿا روئن. ھڪ تحقيق مطابق پاڪستان ۾ عورتون مھيني ۾ 5 يا 7 دفعا روئن ٿيون جڏھن تہ مرد مھيني ۾ ھڪ دفعو روئن ٿا. 5 اھڙيون بيماريون آھن جيڪي روئڻ سان ختم ٿين ٿيون. ان ڪري جيڪڏھن ڪنھن کي اھڙي بيماري آھي اھو روئي ان بيماري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو اھي بيماريون ھي آھن.


(1) ڇڪتاڻ ۽ مونجھ:

ھڪ نئين تحقيق مطابق روئڻ سان مونجھ جو خاتمو ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو فرحت محسوس ڪري ٿو. ماھرن مطابق روئڻ سان ٿوري ديرکان پوءِ ذھني مونجھ موڪلائي وڃي ٿي جنھن سان گھري ننڊ اچي ٿي. طبي سائنس مطابق روئڻ سان پراسمپٿيٽڪ سرشتو بيدار ٿي وڃي ٿو ۽ ھي تنتي سرشتو دماغ کي پرسڪون ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.


(2) رت جو دٻاءُ:

رت جو دٻاءُ خطرناڪ بيماري ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جنھن جي ڪري دل جو دورو - بڪيون ختم ۽ فالج جھڙيون خطرناڪ بيماريون اچي وڃن ٿيون. ماھرن مطابق روئڻ سان رت جو دٻاء پورو پنو ٿي وڃي ٿو ۽ دل جون ڌڙڪنون قابو ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ ٺيڪ ٿي وڃن ٿيون.


(3) فاضل مادا خارج ٿين ٿا:

روئڻ سان اکين جي صفائي ٿئي ٿي ۽ مير نڪري وڃي ٿو. روئڻ سان گڏ بيڪار مادا خارج ٿين ٿا جيڪي ڇڪتاڻ دوران وڌن ٿا ۽ اسان جي جسم جي ڇوڏري حد Cortisol range ٺيڪ ٿي وڃي ٿي. ڇوڏرو Cortisol ھڪ حرڪيرو Harmone آھي جنھن جي وڌڻَسان ذھني مونجھ وڌي ٿي.


(4) مزاج تبديل ٿئي ٿو.

غصي ۽ پريشاني جي دوران مزاج ناگوار ٿي ويندو آھي ۽ روئڻ سان مينگانيز جي تعداد وڌيڪ خارج ٿئي ٿي جنھن ڪري اھا مزاج کي متاثر ڪري ٿي ۽ جڏھن اھا خارج ٿئي ٿي تہ اسان جو مزاج خوشگوار ٿي وڃي ٿو ۽ سڪون جي ننڊ اچي ٿي.


(5) درد جو خاتمو:

جسماني درد جي صورت ۾ روئڻ سان تڪليف گهٽ ٿئي ٿي اھڙي طرح شديد غم جي صورت ۾ روئڻ سان غم جي شدت گهٽ ٿئي ٿي ۽ دماغي ڇڪتاڻ ختم ٿي وڃي ٿي.

ماھرن جو چوڻ آھي تہ روئڻ سان ڳوڙھن سان گڏ جسم مان اھڙا ڪيميائي مادا خارج ٿين ٿا جيڪي جسماني دردن کي گهٽ ڪن ٿا ۽ غم جي احساس کي ميسارين ٿا.

Thursday 1 April 2021

گهرڙي جي موت Cell death 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


گهرڙي جي موت حياتياتي گهرڙي جو واقعو آھي جنھن ۾ پنھنجا ڪم ڪرڻ بند ڪري ٿو. ھي پوڙھن گهرڙن جي قدرتي مرحلي جو نتيجو آھي جيڪي مرن ٿا ۽ انهن جي جڳھ تي نوان گهرڙا اچن ٿا يا ٻيا بہ سبب ٿي سگهن ٿا جيئن بيماري ۔ حادثو ۔ زخم ۔ يا جسم ۾ عضون جي موت جن کان  گهرڙا جدا ٿين ٿا. ڪنھن گهرڙي جي موت ٻن سببن جي ڪري ٿئي ٿي.

(1) خلماريت ۔ خلڇڻ  Apoptosis

(2) خلماتيت ۔ خلمرتيت  Necrosis


(1) خلماريت ۔ خلڇڻ  Apoptosis

ھڪ انسان جي جسم ۾ روزانو ڪيترن گهرڙن جي موت ٿئي ٿي ۽ ڪيئي نوان گهرڙا ٺھن ٿا. گهرڙي جي موت ٻوٽن ۽ جانورن جي اوسر لاء تمام ضروري آھي ۽ گهرڙن جي ھي موت دراصل گهرڙي جي خودڪشي آھي. ھر گهرڙي ۾ ھڪ سٽاء ٿئي ٿو جنھن تحت گهرڙا وقت اچڻ تي خودڪشي ڪن ٿا. جيڪڏھن ڪنھن گهرڙي جي کھ DNA کي نقصان پھچي ٿو تہ گهرڙو پاڻ کي ماري ڇڏي ٿو ڇوجو کھ جي خرابي ڪينسر جو سبب ٿي سگهي ٿي.

خلماريت مرحلي ۾ گهرڙو ھڪ طئي ڪيل رٿا مطابق پنھنجي عمر پوري ڪري ختم ٿي وڃي ٿو. پھرين سسي ٿو پوء ننڍن ٽڪڙن ۾ تقسيم ٿئي ٿو جنھن کان پوء صفائي ڪندڙ گهرڙا ھنن کي کائن ٿا. گهرڙن جي ھن خودڪشي کي جي عمل کي خلماريت Apoptosis سڏجي ٿو. خلماريت ۾ گهرڙو سسي ننڍن حصن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿو، انهن ننڍن حصن کي خلڇڻي جسم Apoptotic bodies سڏيو وڃي ٿو. جسم ۾ موجود وڏخورا Macrophages انهن خلماتي جسمن کي ڳھي گهرڙي جي صفائي سان خاتمو ڪري ڇڏين ٿا.

تنتن ۾ خلماريت ننڍپڻ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي جڏھن تنتي سرشتو اوسر کائي ٿو. بالغ دماغ ۾ خلماريت گهٽ ٿئي ٿي. اسان جي شخصيت جي مستقل وجود جو اھم سبب ھي آھي تہ تنتا بلوغت کان پوء تمام عمر جيئن ٿا پر اڌ عمر ۾ وڃي تنتا مرڻ لڳن ٿا جنھن جي ڪري مخول Dementia

 ۽ ويسر Alzheimer جھڙا مرض ڪر کڻن ٿا جيڪڏھن ڪنھن سبب جي ڪري دماغ کي رت جي پھچ چند منٽن ۾ منقطع ٿي وڃي تہ تنتا تيزي سان مرن ٿا جيئن دماغ جي شريان ۾ رت جي رڪاوٽ ۔ دماغ جي شريان جو ڦٽجڻ ۔ دل جي ڌڙڪن جو بند ٿيڻ ۔ رت ۾ آڪسيجن جي کوٽ ٿيڻ مثال ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ يا ڪاربان مونو آڪسائيڊ ساھ ۾ کڻڻ


خلماتيت ۔ خلمرتيت Necrosis:

خلماتيت مرحلي ۾ گهرڙو ڪنھن بيماري يا حادثي جي ڪري ختم ٿي وڃي ٿو. ھن مرحلي ۾ گهرڙي جي اندريون نمونو گهرڙي ديوار کان الڳ ٿي ڦٽجي پوي ٿو ۽ ائين گهرڙو مري وڃي ٿو.

انسان جي اوسر دوران آڱرين جي وچ ۾ خالي جڳھ نٿي ٿئي. خلماتي عمل آڱرين جي درميان گهرڙن کي ختم ڪري آڱرين کي جدا ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا. اھڙي طرح ڏيڏر جڏھن ٻچٽ Tadpole جي حالت ۾ ٿئي ٿو تہ ان جو پڇ ٿئي ٿو بالغ ٿيڻ سان ان جو پڇ غائب ٿي وڃي ٿو جيڪو خود خلماتي عمل آھي.