Sunday 30 June 2019

روز ڏندڻ ڏيڻ Brushing teeth regularly

MyDairyAsgharSagar

ڇلوڀي مشڪون Cricoarytenoid muscles 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڇلوڏي مشڪون اھي مشڪون آھن جيڪي ڇلوڏي ۽ ڀرٽوڏي کي ملائن ٿيون. انهي جو ائين حوالو ڏيئي سگهجي ٿو.
پوئين ڀرٽوڀي مشڪ
بغلي ڀرٽوڀي مشڪ
Cricoarytenoid muscles are muscles that connect the cricoid cartilage and arytenoid cartilage. More specifically, it can refer to: Posterior cricoarytenoid muscle. Lateral cricoarytenoid muscle.

Cricoarytenoid muscles
ڇلوڀي مشڪون ۔ ڇلي نما ڀرٽوڏي مشڪون ۔ ڇلي نما ڀرٽڻيون مشڪون

Cricoid cartilage
ڇلوڏ ۔ ڇلوڏو ۔ ڇلي نما ڪچوڏ ۔ ڇلي نما ڪچو ھڏ

Arytenoid cartilage
ڀرٽوڏ ۔ ڪرٽوڏ ۔ ڀرٽوڏو ۔ ڪرٽوڏو ۔ ڀرٽڻو ڪچوڏ ۔ ڪرٽڻو ڪچوڏ ۔ ڀرٽڻو ڪچو ھڏ ۔ ڪرٽڻو ڪچو ھڏ

Posterior cricoarytenoid muscle
پوئين ڇلوڀي مشڪ ۔ پوئين ڇلي نما ڀرٽڻي مشڪ ۔ پوئين ڇلي نما ڪرٽڻي مشڪ

Lateral cricoarytenoid muscle
بغلي ڇلوڀي مشڪ ۔ بغلي ڇلي نما ڀرٽڻي مشڪ ۔ بغلي ڇلي نما ڪرٽڻي مشڪ

Saturday 29 June 2019

ڀُرٽوڏا ۔ ڪُرٽوڏا Arytenoid ۔ Arytenoid cartilages 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڀُرٽوڏا نڙگهٽ جي آخر ۾ ڪچوڏن جو جوڙو آھن جن سان آڏوريون مليل آھن جيڪي آواز جي خاصيت جي مختلف قسمن جي اپت ۾ استعمال ٿين ٿا مثال طور ڪرڪرو آواز
Arytenoid cartilages are either of a pair of cartilages at the back of the larynx to which vocal cards are attached used in the production of different kinds of voice quality (for example, creaky voice).

Cartilage ڪَچوڏ ۔ ڪچو ھڏ

ڪَچوڏا ۔ ڪچا ھڏا  Cartilages

Arytenoid ۔ Arytenoid cartilages
ڀُرٽوڏا ۔ ڪُرٽوڏا ۔ ڀرٽڻا ڪچوڏا ۔ ڪرٽڻا ڪچوڏا ۔ ڀرٽڻا ڪچا ھڏ ۔ ڪرٽڻا ڪچا ھڏ ۔ ڪَچن ھڏن جا ڪُرڪرا ھڏا

Pair  جوڙو

جي پٺ ۾   At the back of

Larynx  نڙگهٽ

آڏوريون ۔ آوازي ڏوريون Vocal cards

Voice quality  آوازي خاصيت

ڪُرڪُرو آواز  Creaky voice

ڏيما - چھري جا ڪيڙا Demodex folliculorum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڇا توھان ڄاڻو ٿا تہ انساني چھري جي پورن ۾ اٺ پيرا ڪيڙا رھن ٿا. ھي ڪيڙا چھري مان نڪرندڙ سڻڀ تي گذارو ڪن ٿا ۽ پنھنجي نسل کي وڌائن ٿا. ھنن ڪيڙن کان نجات حاصل ڪرڻ لاء ڪجھ بہ ڪري نٿو سگهجي.
ھنن ڪيڙن کي ڏيما Demodex folliculorum چئجي ٿو. ھنن جي شڪل ڪوريئڙي سان ملي ٿي. ھي ڪيڙا انساني چمڙي خاص طور تي چھري جي تھ ۾ رھن ٿا. ھنن ڪيڙن جي پيمائش 0.3 ملي ميٽر ٿئي ٿي. ھي ڪيڙا وارن جي اڳيل تھن ۾ رھن ٿا. ھي چھري جي سڻڀن غدودن تي زندھ رھن ٿا جيڪي چمڙي کي خشڪ ٿيڻ کان بچائڻ لاء خارج ڪن ٿا يعني اھڙن ڪيڙن جي وڌيڪ تعداد چھري جي سڻڀن حصن اک ۔ منھن ۽ نڪ لڳ پاتي وڃي ٿي.
اسان سڀن جي چھري تي اھڙا ڪيڙا ٿين ٿا جن کي رڳڙڻ سان ختم ڪري نٿو سگهجي پر اسان جو مدافعتي نظام انهن کي وڌڻ نٿو ڏئي. 
جڏھن ڏيمن جي تعداد وڌي ٿي تہ اھڙي حالت کي Demodicosis چئجي ٿو. ڏيمن جي شڪار ماڻهن جي حالت الڳ ٿئي ٿي ان حالت کي اسان ڏيميٺ  Demodex frost چوندا آھيون. 
وڏي حيرت جي ڳالھ تہ ٻارن جو چھرو ڏيمن کان پاڪ ٿئي ٿو پر ماڻھن جي انهن جي چھري تي ڇھڻ سان ڏيمن جي ڪجھ تعداد موجود ٿي وڃي ٿي. 10 سالن جي ٻارن جي چھري تي ڏيما گهٽ ٿين ٿا پر 10 سالن کان مٿي ٻارن جي چھري تي ڏيما اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا. 
جڏھن توھان سمهو ٿا تہ ڏيما ٻاھر نڪري پنھنجي نسل جي افزائش ڪن ٿا. ھي چمڙي جي تھ ۾ آنا لاھن ٿا.

اپاء :-
منھن کي ڪلينر سان 2 دفعا ڌوئجي.
چھري تي سڻڀ واري ڪابہ شي نہ ھڻجي ڇوجو ائين ڪرڻ سان ڏيمن کي سڻڀ مان کاڌو ملندو ۽ وڌندا.
منھن تي ڪيلي جي اندرين کل جو ڳر وارو حصو ھڻجي چمڙي تان مئل گهرڙا لھي ويندا ۽ ڏيمن جي افزائش رڪجندي. ڪيلي جي کل چمڙي کي بھترين نموني چمڪائي ٿي جو ماڻھو خوبصورت نظر اچڻ لڳي ٿو.
انگوري سرڪي ۾ پاڻي ملائي منھن کي لائجي نتيجو نڪرندوڇوجو ڪيڙا سرڪي کان ڀڄن ٿا.

Friday 28 June 2019

نِڙڇَلو Rima glottidis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نڙڇلو سچين آڏورين ۽ ڀرٽوڏن جي وچ ۾ کول آھي. اھو سادي طور تي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڀرٽوڏن جي وچ آھي ان کي منجھ ڪچوڏي حصو سڏجي ٿو ۽ جيڪو آوازي ويڙھن جي وچ ۾ آھي ان کي منجھ جهلي حصو يا صوتدار نڙوٺي چئبو آھي. اھو بغلي ڇلوڏي مشڪن ۽ ڪرٽوڏي مشڪن سان بند ٿئي ٿو. اھو پوئين ڇلوڏي مشڪن سان بند ٿئي ٿو. اھي سڀئي مشڪون واريدار نڙگهي تنت کان پنھنجي تقويت وٺن ٿيون جيڪا ڦڦڙي تنت جو حصو آھي. ھي تنت غدودي جراحت ۾ جراحت جوڳي ٿي سگهي ٿي جيڪڏھن نڙڇل جو نقصاني ضابطو ڳري آواز ۔ آواز ويھڻ يا ڏکيو ساھ کڄڻ جي نتيجي ۾ متاثر ٿي وڃي 
The rima glottidis is the opening between the true vocal cords and the arytenoid cartilages. It is normally subdivided into two parts, that between the arytenoid cartilages is called the intercartilaginous part, and that between the vocal folds the intermembranous part or glottis vocalis. It is closed by the lateral cricoarytenoid and arytenoid muscles. It is opened by the Posterior cricoarytenoid muscles. All of these muscles receive their innervation from the Recurrent laryngeal nerve which is a branch of the Vagus nerve. This nerve can be vulnerable in thyroid surgery, if damaged control to the rima glottidis may be affected resulting in a hoarse voice, aphonia or difficulty breathing.

Rima glottidis نِڙ۔ڇَلو ۔ نِڙ۔اوڙ

True vocal cords
سچيون آڏورِيون ۔ سچيون آوزي ڏوريون

Arytenoid cartilages
ڀُرٽوڏا ۔ ڪُرٽوڏا ۔ صُوتي ڪَچوڏا

ڪُرٽوڏي ۔ ڀُرٽوڏي ۔ ڪُرڪريون ھڏي Arytenoid

Intercartilaginous part
منجھ ڪَچوڏي حصو ۔ اندريون ڪَچوڏي حصو

Vocal folds آوازي ويڙھا ۔ آوازي تھ

منجھ جهلي حصو  Intermembranous part

Glottis vocalis صُوتدار نڙوٺي ۔ وَرلاپي نڙوٺي

ڇَلوِي ۔ حَلقِي ۔ ڇلي جھڙيون Cricoid

Cricoarytenoid
ڇلوڏي - ڇَلوِي ڪُرٽوڏي ۔ ڇَلوي ڀُرٽوڏي ۔ ڇلي جھڙي ڪُرڪُري ھَڏي

Lateral cricoarytenoid muscles
بغلي ڇلوڏي مشڪون - بغلي ڇلوي ڪُرٽوڏي مشڪون ۔ حلقي ڇلوي ڪُرٽوڏي مشڪون

Arytenoid muscles
ڪُرٽوڏي مشڪون ۔ ڀُرٽوڏي مشڪون

Posterior cricoarytenoid muscles
اڳيون ڇلوڏي مشڪون - اڳيون ڇَلوِي ڪُرٽوڏي مشڪون

Innervation تقويت

Recurrent laryngeal nerve
واريدار نڙگهي تنت ۔ واريدار نڙڳي تنت

ڦڦڙي تنت  Vagus nerve

Vulnerable  جراحت جوڳي

غدودي جراحت  Thyroid surgery

Damaged control to the rima glottidis
نڙڇلي جو نقصاني قابو

Hoarse voice  ڳرو آواز

آواز ويھڻ     Aphonia

Difficulty breathing  ڏکيو ساھ کڄڻ

Thursday 27 June 2019

بصري تنت Optic nerve 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
بصري تنت ھڪ جوڙي تنت آھي جيڪا عڪسي ڄاڻ کي نرحس کان دماغ ڏي منتقل ڪري ٿي. انسانن ۾ بصري تنت اوسر جي ستين ھفتي دوران بصري ڀونڊن تان ورتل آھي ۽ نرحسي ڳنڍي گهرڙي تنترن ۽ سريشي گهرڙن جي مرتب ٿيل آھي. اھا بصري ٿالهي کان بصري ڳنڍ تائين پکڙيل آھي ۽ بصري دائري طور افقي ڳنڍدار گهرڙي ۔ درماغي ناڀن ۽ بالا برقماغ تائين جاري رھي ٿي 
The optic nerve is a paired nerve that transmits visual information from the retina to the brain. In humans, the optic nerve is derived from optic stalks during the seventh week of development and is composed of retinal ganglion cell axons and glial cells; it extends from the optic disc to the optic chiasma and continues as the optic tract to the lateral geniculate nucleus, pretectal nuclei, and superior colliculus.

Optic nerve ۔ Cranial nerve II ۔ CN II
بصري تنت ۔ عيني تنت ۔ نظري تنت ۔ مغزي تنت ۔ ڪاپاري تنت

Optic nerve
بصري تنت ۔ نظري تنت ۔ عيني تنت

Paired nerve  جوڙي تنت ۔ جوڙدار تنت

عڪسي ڄاڻ Visual information

Retina نرحس ۔ نرروپ ۔ نرملي

دماغ   Brain

Optic stalks
بصري ڀونڊن ۔ نظري ڀونڊن ۔ بصري ڏانڊين

Retinal ganglion cell axons
نرحسي ڳنڍي گهرڙي تنترا

Glial cells سريشي گهرڙا

بصري ٿالهي ۔ بصري قوس ۔ نظري ٿالهي Optic disc

Optic chiasma بصري ڳنڍ ۔ بصري جوڙ ۔ نظري ڳنڍ

بصري دائرو ۔ بصري رستو ۔ نظري دائرو Optic tract

Lateral geniculate nucleus
افقي ڳنڍدار ناڀو ۔ پاسائون جوڙدار ناڀو

Pretectal nuclei
درماغي ناڀا ۔ درماغي مرڪزا ۔ دماغ جي اڳئين حصي جا ناڀا

Superior colliculus
بالا برقماغ ۔ بالا برقاڇو

Wednesday 26 June 2019

ماڪڙ Locust 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ماڪڙ کي Locust چيو وڃي ٿو. ھن جو سائنسي نالو Schistocerca gregaria آھي ۽ ھن جو تعلق Acrididae خاندان سان آھي.
 ماڪڙ صحرا ۾ رھي ٿي. جڏھن بہ صحرا جو گرمي پد وڌي ٿو تہ ماڪڙ ھڪ ميڙاڪي سان اڏري ٿي. ھي ھڪ سٿ ۾ حملو ڪري ٿي جنھن جي ڪري ھن کي ماڪڙ جو نالو ڏنو ويو.
ماڪڙ ۾ اڏرڻ جي وڏي طاقت ٿئي ٿي جو ھي ڪيئي ميل اڏري سگهي ٿي ۽ رستي ۾ ايندڙ ھر فصل ۽ ٻوٽي کي چٽي ناس ڪري ٿي.
ھي ايتري تعداد ۾ حملو ڪري ٿي جو ھن جي وڏي ميڙاڪي جي ڪري سج جي روشني زمين تان غائب ٿي وڃي ٿي ڄڻ مٿان ڪڪر اچي ويا ھجن.
 اڄ بہ عرب ۾ باقائدي طور تي ماڪڙ کي بازار ۾ کپايو وڃي ٿو ۽ کاڌو وڃي ٿو.
جيتن جي ھي قسم 250 ملين سال اڳ پراڻي آھي. 
ماڪڙ ٻن قسمن جي آھي.
(1) بحري
(2) بري
حليي جي حساب سان ماڪڙ مختلف قسمن جي ٿئي ٿي. ڪي وڏيون ۔ ڪي ننڍيون ۽ ڪي ڳاڙھي رنگ جون ٿين ٿيون. ڪجھ زرد رنگ ۽ سفيد رنگ جون ٿين ٿيون. ماڪڙ کي 6 ٽنگون ٿين ٿيون 2 سيني ۾ ۔ 2 وچ ۾ ۽ 2 پويان. عرب ماڪڙ کان تمام متاثر رھيا آھن جو انهن تي ماڪڙ جو لقب رکيو ويندو ھو. مسلم بن عبدالملڪ بن مروان جو لقب جرادت الصفرا يعني پيلي ماڪڙ ھيو.
ماڪڙ جا مختلف نالا ٿين ٿا. ھن جي پيدا ٿيڻ شرط ھن کي ذبي چيو وڃي ٿو. جڏھن پير ۽ پر نڪرن ٿا ھن کي غوغو چيو وڃي ٿو ۽ مادي ماڪڙ جڏھن ڪاري رنگ جي ٿي وڃي ٿي تہ ان کي جرادي سڏيو وڃي ٿو. 
ماڪڙ جي آنا لاھڻ جو عجيب طريقو آھي جڏھن ھي آنا لاھڻ جو ارادو ڪري ٿي تہ بنجر سخت زمين جو انتخاب ڪري ٿي جيئن ڪنھن انسان جو اتان گذر ٿي نہ سگهي. آنا لاھڻ وقت پنھنجي پڇ سان 4 انچ سوراخ ڪري ان ۾ آنا لاھي ٿي اتيئي گرمي جي ڪري ٻچا ڦٽي اچن ٿا.
جيتن جي دنيا ۾ ماڪڙ وڏي منفرد حيثيت رکي ٿي. ھي انتھائي منظم ٿئي ٿي. ھي ڪنھن تربيت يافتہ فوج وانگر حملو ڪري اڳيان پويان تباھي جا داستان ڇڏي ٿي. ھي ڪٺي ٿي ھڪ وقت فصلن جو رخ رکي ٿي. ماڪڙ جڏھن حملو ڪري ٿي، اھا ھڪ فصل جي ھڪ سري کان داخل ٿي فصل کي چٽ ڪري ٻئي سري کان نڪري ٿي ۽ اڳئين فصل ڏي رخ رکي ٿي. ماڪڙ لشڪر جي صورت ۾ اڏري ٿي ۽ پنھنجي سردار جي حڪم جي تابع ھوندي آھي. ماڪڙ جو سردار جاڏي پرواز ڪري لشڪر بہ اوڏانھن اڏري ٿو. ماڪڙ اڏري گڏ ٿي ۽ لھي گڏ ٿي. ھن جي گگ زھر قاتل ٿئي ٿي جنھن فصل يا ٻوٽي کي چٽي ٿي اھي ناس ٿي وڃن ٿا.
ماڪڙ جا دنيا ۾ 20 قسم پاتا وڃن ٿا.
ماڪڙ ۾ قدرت اهڙي صلاحيت ڏني آھي جو هڪ ئي وقت گڏجي اڏام ڪرڻ ۽ زمين تي لھي گڏجي هلڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ماڪڙ پنھنجي اڏام ڪافي اوچائيءَ تي ڪندي آھي ۽ جڏھن ڪروڙن جي تعداد ۾ آسمان تي اڏامندي آھي تہ ڪنهن جهڙ جي ڪڪر نما نظر ايندي آھي. ماڪڙ جي اڏامڻ وقت رفتار 33 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ۽ زمين تي هلڻ وقت 333 ميٽر في ڪلاڪ آھي، ماڪڙ جنھن سرسبز علائقي تي لھي حملو ڪندي آھي اتي ڪنهن سائي وڻ يا ساون ٻوٽن جا پن ۽ ڪچيون ڏانڊيون کائي ناس ڪري ڇڏيندي آھي. ماڪڙ ساوڪ کي کائڻ پسند ڪندي آھي ۽ کائڻ جو عمل مرڻ تائين بند ناهي ڪندي، ماڪڙ کي خوارڪ نہ ملي پنھنجي ئي برادريءَ جا مئل مَڪَڙَ کائڻ کان بہ ناهي ڪترائيندي. ماڪڙ جو ڪم لڳاتار کائڻ ۽ وٺيون لاهڻ ھوندو آھي ۽ جنھن علائقي تي حملو ڪندي آھي اهو علائقو ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيندي آھي. هڪڙو مَڪَڙُ روزانو پنھنجي وزن کان بہ وڌيڪ خوراڪ کائي سگهي ٿو. ماڪڙن جي ڪٽڪ ۾ ڪروڙين مَڪَڙَ شامل هوندا آھن جن جو مجموعي وزن ڪيترائي ٽن هوندو آھي ان لحاظ ماڪڙ جو هڪ ننڍو ڪٽڪ جنھن جو وزن هڪ ٽن هجي تہ روزانو گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ٽن خوراڪ هضم ڪري سگهي ٿو.

ماڪڙ ۽ ماحول :-
عرب ۽ آفريڪي ملڪن ۾ ماڪڙ اڪثر پيدا ٿيندي رهندي آھي ڇو تہ ماڪڙ کي پنھنجو نسل وڌائڻ لاءِ وارياسي زمين گهربل هوندي آھي. وارياسي ۽ ريگستاني زمين تي لڳاتار ٻہ چار مھينا وقفي وقفي سان برسات پوي ۽ لڳاتار چار مھينا زمين مسلسل آلي رهي تہ ماحول ماڪڙ جي نسل وڌائڻ لاءِ سازگار ٿي ويندو آھي ڇوجو مادي وارياسي آلي زمين ۾ سوراخ ڪري ان ۾ آنا لاهيندي آھي ۽ سوراخ بند ڪري ڇڏيندي آھي جنھن بعد ڇھن کان اٺن ڏينهن ۾ ٻچا پيدا ٿي ويندا آھن. عرب ۽ آفريڪي ملڪن ۾ ماڪڙ پيدا ٿيڻ تي ماڻھو ماڪڙ پڪري هوادار ٻورن ۾ وجهي مارڪيٽ ۾ وڃي وڪڻندا آھن جنهن کي خريدار شوق سان فرائي ڪري پچائي کائيندا آھن.

زندگي جو چڪر :-
ھن جي زندگي جي چڪر کي اڌوري ڪاياپلٽ Incomplete metamorphosis چون ٿا جنھن ۾ آنو Egg ۔ ٻچٽ Nymph ۽ بالغ Adult اچي وڃن ٿا. ھڪ ماڪڙ 8 کان 10 ھفتا زندھ رھي سگهي ٿي. ھر مھيني ماڪڙ 5 کان 7 ڏينھن جي وقفي سان 1 کان 5 پوڏ ڏيئي سگهي ٿي. ھر پوڏ ۾ 30 کان 50 تائين آنا ٿي سگهن ٿا.
ماڪڙ جا  5 ڪريز درجا Moulting stages ٿين ٿا. پنجين اسٽيج کي پر نڪرڻ Fledging چئبو آھي. پر نڪرڻ Fledging کان پوء ماڪڙ اڏري نٿي سگهي. ان دوران ھو ٻن ھفتن تائين خوب کائي ٿي ۽ پنھنجي جسم کي مضبوط ڪري ٿي. ھن دوران ھن جا پر نڪرن ٿا ۽ جنسي بالغ Sexually mature ٿي وڃي ٿي. 
جيڪڏھن موسم ۽ ھوا موافق ھجي تہ ماڪڙ 3 ھزار ڪلوميٽرن تائين لاڳيتو سفر ڪري سگهي ٿي.
ڏسجي تہ ماڪڙ ڏينھن جو سفر ڪري ٿي ۽ رات جو آرام ڪري ٿي. ماڪڙ سمنڊ ۾ سڌو سنئون 10 ڏينھن تائين سفر ڪري سگهي ٿي. دراصل ھي پاڻي ۾ تري ٿي. جڏھن پھريون جهڳٽو پاڻي ۾ لھي ٿو اھو مري وڃي ٿو ان کان پوء مئل جسم سمنڊ ۾ ترڻ لڳن ٿا ۽ ماڪڙ انهن مئل ماڪڙن تي ويھي ترڻ جو سھارو وٺي ٿي. ھڪ جهڳٽي ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڪڙ ٿي سگهي ٿي. ماڪڙ 2 ڪلوميٽر مٿي تائين اڏري سگهي ٿي. ماڪڙن جو جهڳٽو ھڪ مربع ڪلوميٽر ٿي سگهي ٿو. ماڪڙ ھڪ ڏينھن ۾ پنھنجي وزن جيترو کاڌو کائي سگهي ٿي.

ماڪڙ جي سنڌ ۾ آمد :-
ماڪڙ ھن وقت بلوچستان کان سنڌ ۾ دخل ٿي چڪي آھي. بلوچستان ۾ تباھي مچائڻ بعد سنڌ جي فصلن ڏي رخ رکي چڪي آھي.
پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ ھوائون معمول کان وڌيڪ ھليون جنھن جي ڪري مينھن پيا ائين جنوب مغرب ۾  سعودي عرب ۔ ايران ۽ خليجي رياستن مان پھريون ڀيرو ماڪڙ کي پاڪستان ۾ راھداري ملي. 
2003 کان 2005 تائين ماڪڙ وچ آفريڪا ۾ تباھي مچائي ۽ 100 سيڪڙو فصلن کي تباھ ڪيو. آخر پوء سخت سردي ۽ خشڪ موسم ۾ 13 ملين ھيڪٽر تي زميني ۽ فضائي اسپري ڪري ان کي ختم ڪيو ويو جنھن تي لڳ ڀڳ 500 ملين ڊالر خرچ آيا. دنيا ۾ ماڪڙ جا گهڻا حملا قازڪستان ۾ ٿين ٿا. حڪومت ان جي روڪٿام لاء ساليانو ھڪ ڪروڙ 18 لک ڊالر خرچ ڪري ٿي. 
ماڪڙ جو جهڳٽو جيترو وڏو ھوندو اوترو ان تي قابو پائڻ ڏکيو آھي. ھن کي ختم ڪرڻ جو طريقو آھي تہ ھڪ ئي وقت جهڳٽي تي اسپري ڪري ختم ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ ختم نہ ٿيندي.

ماڪڙ کي ختم ڪرڻ جا اپاء :-
ماڪڙ کي سخت ۽ خشڪ سردي ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو.
ماڪڙ بالغ ھجي ۽ مٿان گهڻي بارش پوي تہ ماڪڙ ختم ٿي سگهي ٿي. 
پکي ۽ ريڙھدار جانور ماڪڙ کائن ٿا ائين بہ ماڪڙ تي قابو پائي سگهجي ٿو.
بائيو پيسٽيسائيڊ ڪنٽرول ھي دوا آفريقا ۾ ٺاھي وئي جيڪا ماڪڙ تي قابو پائڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿي.
ماڪڙ جي جهڳٽي تي قابو پائڻ لاء اسپري ضروري آھي پر ان سان گڏ ھيٺين شين جي معلومات رکڻ ضروري آھي.
لوڪيشن
لائي اسٽيج
جهڳٽي جي ايراضي
ماڪڙ جي حملي جي شدت

ماڪڙ عربن جو پسنديدھ کاڌو :-
سعودي عرب جي اھم علائقي الافلاج ڪمشنري ۾ ماڪڙ زرعي زمينن تي حملو ڪيو ۔ فصلن کي نقصان پھتو پر شھرين جي چاندي ٿي وئي ۽ ماڪڙ کپائيندڙن گنج ڪمايو. عربن ماڪڙ جي حملي کان پريشان ٿيڻ بجاء انهي کي پڪڙڻ شروع ڪيو ۽ گهرن ۾ ماڪڙن مان نوان نوان طعام ٺاھڻ لڳا.
ماڪڙ جي حملي کان پوء سعودي عرب جي مختلف بازارن ۾ زندھ ماڪڙ جون ٿيلهيون وڪرو ٿيڻ لڳيون ۽ ڪجھ عربن ھي واپار آنلائين شروع ڪيو.
سعودي عرب ۾ ماڪڙ پسنديدھ غذا ھجڻ ڪري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ قيمتن جي لاھ چاڙھ جي ڪري ماڪڙ جي قيمت بہ ھيٺ مٿي ٿيندي رھي ٿي.
ياد رھي تہ ماڪڙ جو شڪار ڪرڻ لاء رات جو وقت مناسب رھي ٿو ڇوجو رات جو ھن جي پرن ۾ اڏرڻ جي طاقت نٿي رھي تہ جيئن  شڪارين کان بچي سگهي.
ماڪڙ کي ڏسي خوف ۽ ڪڍ جو اظھار ڪيو ويندو آھي پر ماڪڙ عربن جي پسنديدھ طعام آھي. 
سعودي عرب جي مقامي مارڪيٽ ۾ ماڪڙ جي ٿيلهي 50 ريالن ۾ وڪرو ٿئي ٿي پر حال ۾ ماڪڙ جي ڪمي ھجڻ ڪري ھڪ ٿيلهي جي قيمت 2 سو ريال 7 ھزار روپين تائين پھچي وئي.

ماڪڙ جو شڪار ڪيئن ڪجي ٿو؟
ماڪڙ وڪرو ڪندڙ واپارين جو چوڻ آھي تہ بازار ۾ زندھ ماڪڙ وڪرو ڪئي وڃي ٿي. ماڪڙ جنھن علائقي ۾ حملو ڪري ٿي واپاري اتي اڌ رات جو پڪڙن ٿا ڇوجو رات جو ان وقت ماڪڙ وڻن جي پنن کي چنبڙي آرام ڪندي آھي ۽ اڏرڻ جي ھن ۾ طاقت ناھي رھندي. ڏينھن جو ماڪڙ کي پڪڙڻ ڏکيو ھوندو آھي. عرب ملڪن ۾ خاص طور تي سياري ۾ ماڪڙ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪندي آھي.

عرب ملڪن ۾ ماڪڙ کاڌي طور :-
عرب ماڪڙ کي خشڪي جو گڳو چوندا آھن. انهن مطابق جيري کڳي ۾ طاقت ٿئي ٿي اوتري طاقت ماڪڙ جي کاڌي مان ملي ٿي. 
سعودي عرب ۾ زندھ ماڪڙ خريد ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن جي پچائڻ جا 2 طريقا آھن. 
پھريون طريقو:-
ماڪڙ کي پاڻي ۾ اٻارڻ کان پوء ان کي تيل ۾ تريو وڃي ٿو ۽ پنھنجي پسند پسند جا مصالحا وڌا وڃن ٿا.
ٻيو طريقو :-
ماڪڙ کي چانورن ۾ پڪايو وڃي ٿو. آفريڪا ۾ ماڪڙ کي خشڪ ڪري پڪايو وڃي ٿو ۽ ڪجھ ملڪن ۾ ماڪڙ کي سموسن ۾ وجهي پڪائي کاڌو وڃي ٿو.

نِڙوٺِي Glottis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِڙوٺي آوازي ويڙھن (شگافي حلقن) جي وچ ۾ کول آھي. اھا نڙگهٽ جو حصو آھي جيڪا آڏورين ۽ انهن جي وچ ۾ کول تي مشتمل ٿئي ٿي. اھا توسيع يا تنگِي ذريعي آواز جي نموني کي متاثر ڪري ٿي. 
ڳيھڻ جي عمل دوران نِڙمَٿ نڙوٺي کي اوڍڻ لاء وڪڙ کائي ٿو ۽ کاڌي کي ھوا جي رستي روڪ کان روڪي ٿو. نڙوٺي کان گهٽ درجي وارو حصو نڙگهٽ جي نڙوٺ ايراضي آھي جيڪا آوازي وڪڙن تي مشتمل ٿئي ٿي. نڙگهٽ ۾ وڏي ۾ وڏو ڪچوڏ  غُدودي ڪچوڏ نڙوٺي جي ٽيڪ ڀر ڪري ٿو.
The glottis is the opening between the vocal folds (The rima glottidis).
It is the part of the larynx consisting of the vocal cords and the opening between them. It affects voice modulation through expansion or contraction.
During the process of swallowing, the epiglottis folds over to cover the glottis and prevents food from blocking the airway.Inferior to the epiglottis is the glottis region of the larynx, which contains the vocal folds. The largest cartilage in the larynx, the thyroidcartilage, supports the glottis.

Glottis  نِڙوٺي

کول   Opening

Vocal folds آوازي ويڙھا

شگافي حلقا The rima glottidis

Larynx  نڙگهٽ

آڏوريون ۔ آوازي ڏوريون Vocal cords

Voice modulation  آوازي نمونو

توسيع ۔ وڌاء Expansion

Contraction  تنگي

وڪڙ کائڻ ۔ ويڙھا کائڻ To fold over

To prevent روڪڻ

 وڏي ۾ وڏو  Largest

Cartilage ڪچوڏ ۔ ڪچو ھڏ

غدودي ڪچوڏ Thyroid cartilage

Tuesday 25 June 2019

اسابيل Isabel 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اسابيل روسي عورت زاھد علي خان سان شادي ڪئي آھي. ھن چيو ھي پھرين نظر وارو پيار آھي. ھن جي مضبوط ۽ موھيندڙ ڪردار جي ڪري مون ھن سان پيار ڪيو. ھي نرمدل ۔ سمجهو ۽ مون سان پيار ڪري ٿو. مان ھن جي 740 ملين (70 ڪروڙ) ڊالرن جي ڪابہ پرواھ ناھي جيڪي ھن ورثي ۾ آھن.
Isabel is a Russian-girl married to Zahid Ali Khan. She said it was love at first sight. I loved him for his strong and attractive character. He is tender, understanding and loves me. I don’t care about his $740 million he inherited.

تَنجوڙ Synapse 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
تنتيا ڳنڍن تي ھڪ ٻئي سان رابطي ۾ رھن ٿا  جن کي تنجوڙ سڏبو آھي. تنجوڙ وٽ ھڪ تنتيو ھڪ مرڪزي تنتيي (ٻئي گهرڙي) ڏي پيغام موڪلي ٿو. گهڻا تنتيا ڪيميائي ھوندا آھن. اھي تنجوڙا ڪيميائي پيغام استعمال ڪري ھڪ ٻئي سان رابطي ۾ رھن ٿا. ٻيا تنجوڙا برقي ھوندا آھن. انهن تنجوڙن ۾ اوڻا گهرڙن جي وچ ۾ سڌي وھڪ ڪن ٿا.
جڏھن تنتي ڇڪ تنتيي جي آخر ۾ تنجوڙ وٽ پھچي ٿي اھا سڌي ٻئي تائين پھچي نٿي سگهي. انهي بدران اھا ڪيميائي اعصابي نفوذو ڪڍڻ لاء تنتيي کي ڌڪي ٿي. اعصابي نفوذو ٻن تنتين جي وچ وٿي ۾ وھي ٿو. ٻئي پاسي پھچڻ تي اھو مرڪزي تنتيي جي تھ تي درزي جي جڙيل اثرپذيري ۾ پورو اچي وڃي ٿو. ھي دنب ڪاٽ مرحلو ڪيميائي اشاري کي برقي تنتي ڇڪ ۾ واپس تبديل ڪري ٿو. 
Neurons communicate with one another at junctions called synapses. At a synapse, one neuron sends a message to a target neuron—another cell. Most synapses are chemical; these synapses communicate using chemical messengers. Other synapses are electrical; in these synapses, ions flow directly between cells.
When a nerve impulse reaches the synapse at the end of a neuron, it cannot pass directly to the next one. Instead, it triggers the neuron to release a chemical neurotransmitter. The neurotransmitter drifts across the gap between the two neurons. On reaching the other side, it fits into a tailor-made receptor on the surface of the target neuron, like a key in a lock. This docking process converts the chemical signal back into an electrical nerve impulse.

Synapse
تَنجوڙ - ڳَنڍوڙ- تَنت ڳنڍ - تَنت جوڙ - تَنت گرھ - ڳنڍ جتان ھڪ تنتيو ٻئي تنتيي ڏي پيغام پھچائي ٿو.

Neurons  تنتيا ۔ تنتا

رابطي ۾ رھڻ To communicate

Junctions  ڳنڍ ۔ جوڙ

Synapses
تنجوڙا ۔ ڳنڍوڙا ۔ تنت جوڙا ۔ تنت ڳنڍا

Chemical  ڪيميائي

Chemical messengers
ڪيميائي پيغام

Electrical  برقي

تنتي ڇڪ ۔ تنتي ڌڪ Nerve impulse

To trigger ڌڪڻ ۔ ڌوڪڻ

Chemical neurotransmitter
اعصابي نفوذا

Neurotransmitter  نفوذا

وھڻ To drift

Gap  خال ۔ وٿي

Tailor-made receptor
درزي جو ٺھيل اثر پذيرو

Docking process  دنب ڪاٽ مرحلو

Electrical nerve impulse
برقي تنتي ڇڪ ۔ برقي تنتي ڌڪ

Monday 24 June 2019

ايڊورڊ مورڊريڪ Edward Mordrake 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ھن شخص 23 سالن جي عمر ۾ خودڪشي ڪئي. ھي عجيب الخلقت شخص ۔ ٻن منھن وارو ماڻهو ھيو، ھڪ منھن اڳيان ۔ ٻيو منھن مٿي جي پٺئين پاسي.
مٿي جو پويون منھن نہ ڳالهائيندو ھيو پر سرگوشيون ۽ اکين جا اشارا ضرور ڪندو ھيو.
چيو وڃي ٿو ايڊورڊ برطانيا جي ھڪ نواب خاندان ۾ پيدا ٿيو. سامهون ڏسڻ ۾ خوش شڪل نظر ايندو ھيو پر مٿي جو پويون چھرو بدشڪل ھيو.
ھن جي مٿي جي پويان چھرو ھيو پر پويون چھرو نہ کائيندو ھيو ۽ نڪي پيئندو ھيو. پويون چھرو صرف روئندو ۽ کلندو ھيو. ايڊورڊ ڪافي دفعا ڊاڪٽرن کي گذارش ڪئي تہ آپريشن ڪري مٿي جي پوئين چھري کي ھٽايو وڃي. ھي رات جو سمهڻ نٿو ڏئي ۔ ھي رات جو خوفناڪ سرگوشيون ڪري ٿو پر ڊاڪٽرن آپريشن جو جوکو نہ کنيو ڇوجو آپريشن ۾ ھن جي جان وڃي سگهي ٿي. جيئن جيئن ھي جوان ٿيندو ويو ھن جو پويون چھرو بدشڪلو ۽ بي ڊولو ٿيندو ويو. پويون چھرو ھروقت شيطاني سرگوشيون ڪندو ھو ۽ اکين مان خوفزدھ ڪرڻ واري شيطاني دھشت ڏيکاريندو ھيو جو اڳيون ماڻھو ڊڄي ويندو ھيو.
ايڊورڊ پوئين چھري جي ڪري ھميشہ پاڻ کان خفا ھوندو ھيو. ھن جي چوڻ مطابق ھن جو پويون چھرو ھروقت ڀڻ ڀڻ ڪندو رھندو ھيو ۽ ھن کي چين سان سمهڻ نہ ڏيندو ھيو. ھي پويون چھرو ھر ايندڙ ماڻھو کي ڏسي گهوريندو ھيو ۽ ڏسي عجيب غريب انداز ۾ بڙ بڙ ڪري بڙبڙائيندو ھيو.
جڏھن ايڊورڊ پنھنجي حالت تي روئندو ھيو تہ پويون ھي شيطاني چھرو مرڪي اٿندو ھيو. ايڊورڊ ھن پنھنجي تڪليف کان بيزار ٿي پيو، نيٺ 23 سالن جي عمر ۾ ھن زھر کاڌو ۽ ھڪ خط ڇڏيو. خط ۾ لکيل ھيو
”ھن کي دفن ڪرڻ کان پھرين ھن جي پوئين چھري کي ڪٽي الڳ ڪيو وڃي تہ جيئن ھي قبر ۾ پوئين چھري جي شر کان بچي سگهي.“

ڪوڏالي Cochlea 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪوڏالي ( سمعي اندريون ڪن) آواز کي تنوتي پيغام ۾ منتقل ڪري ٿي. ڪوڏالي  ھڪ جوڙجڪ جيڪا اسان جي اندريين ڪن ۾ ڪوڏ جي کوپي سان مشابھت رکي ٿي اھا تنتي زورن ۾ لھري داٻ جي منتقلي لاء ذميوار آھي. آوازي لھر ڪنالي کان دھل جهلي يا دھلڙي ڏي سفر ڪري ٿي جتي لرزشن کي توسيع ملي ٿي. 
The cochlea (auditory inner ear) transforms the sound in neural message. The cochlea, a structure resembling a snail shell in our inner ear, is responsible for the transfer of pressure waves into nerve impulses. A sound wave travels through the ear canal to the tympanic membrane or eardrum, where vibrations are amplified.

Cochlea  ڪوڏالي ۔ ڪوڏ نالي

Auditory inner ear
سمعي اندريون ڪن ۔ ٻوڌي اندريون ڪن

Neural message  تنوتي پيغام

مشابھت رکي ٿو Resembling

Snail shell  ڪوڏ کوپو

اندريون ڪن Inner ear

Transfer of pressure waves
داٻي لھرن جي منتقلي

Nerve impulses تنتي ڇڪ ۔ تنتي زور

آوازي لھر   Sound wave

Ear canal  ڪنالي ۔ ڪن جي نالي

دھل جهلي ۔ دجهلي   Tympanic membrane

دھلڙي   Eardrum
Vibrations  لرزشون

To be amplified
توسيع ملڻ ۔ وسعت ملڻ ۔ واڌ ملڻ

Sunday 23 June 2019

کير Milk 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
کير ڪيلشم ۔ وٽامنن ۽ فولاد تي ٻل کير ھڪ مڪمل غذا آھي. کير انساني صحت لاء اھميت رکي ٿو پر گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ اھم غذا آھي. کير ٻار جي پھرين غذا آھي پر نوجوانن ۽ پڪن پوڙھن کي توانائي بخشي ٿو. کير ھڪ صنعت آھي جنھن مان ڏھي ۽ مکڻ ٺھي ٿو.
غذائي ماھر کير کي مڪمل غذا قرار ڏين ٿا. کير ۾ ڪيلشم ۔ پروٽين ۔ وٽامن اي ۔ وٽامن ڪي ۔ وٽامن بي17 ۔ امينو تيزاب ۔ تاندور Fiber ۔ لوڻ Sodium ۽ ٻياغذائي جزا موجود ٿين ٿا. ڏسجي تہ کير کي ناشتي کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. کير مان ملائي ڪڏھن بہ نہ ڪڍڻ کپي ڇوجو ملائي ۽ سڻڀ نڪتل کير کي اسڪمڊ کير چئبو آھي. آمريڪا ۾ ٿيل تازي تحقيق مطابق جيڪي ماڻهو سڻڀ وارو کير استعمال ڪن ٿا انهن ۾ 46 سيڪڙو شڳر جو خطرو گهٽ رھي ٿو ۽ سڻڀ وارو کير استعمال ڪرڻ سان ٿولھ جا آثار گهٽ رھن ٿا.
ماھرن جو چوڻ آھي تہ رات جو ھڪ گلاس کير پيئڻ جا ڪيئي فائدا آھن.

ننڊ پرسڪون بنائيندڙ :-
ھن جديد دور ۾ گهڻي قدر سڀن کي پرسڪون ننڊ نہ اچڻ جي شڪايت رھي ٿي. ننڊ جي کوٽ جي ڪري صحت متاثر ٿئي ٿي ۽ ٿڪ جي احساس رھڻ جي ڪري ڏينھن ڀر سستي رھي ٿي. ٽيپٽو Tryptophan نالي امينو ايسڊ رات جو ننڊ کي پرسڪون بنائڻ جو ڪم ڪن ٿا جيڪي کير ۾ وافر مقدار ۾ موجود ٿين ٿا. رات جو کير پيئڻ سان ننڊ بھترين اچي ٿي ۔ صبح جو مزاج خوشگوار رھي ٿو ۽ صحت ۾ بھتري اچي ٿي. کير جسم ۾ ميلان Melatonin جو مقدار وڌائي ٿو جنھن جي ڪري رات جو پرسڪون ۽ گھري ننڊ اچي ٿي ۽ صبح جو ماڻهو ھشاش بشاش رھي ٿو.

ھاضمو بھتر بنائيندڙ :-
تيز کاڌا ۔ مرحلاتي کاڌا ۽ سڻڀين غذائن جي ڪري ھر شخص کي معدي جي شڪايت رھي ٿي جنھن ۾ قبضي يا معدي جي تيزابيت شامل آھي. کير پيئڻ ھاضمي جي نظام کي تيز ڪري ٿو پر معدي جي مسئلن کي حل ڪري ٿو. کير ۾ موجود وٽامن ڊي2 معدي ۾ گئس بنجڻ نٿي ڏئي ۽ ھن ۾ موجود تاندورا قبضي کان بچائن ٿا.

ھڏيون مضبوط ڪندڙ :-
کير مان ڪئلشم ملي ٿي ۽ ڪئلشم ھڏن کي مضبوط ڪري ٿي. کير پيئئڻ سان ھڏين جي نشونما ٿئي ٿي ۔ عورتن جي ڪچ ھڏ عارضي کان نجات ملي ٿي ۽  سنڌن جا جوڙ مضبوط رھن ٿا.

قوت مدافعت وڌائيندڙ :-
روزانو رات جو کير پيئڻ قوت مدافعت ۾ اضافو ڪري ٿو ۔ ٿڪ کي ختم ڪري ٿو ۽ جسم کي حرڪت ۾ رکي ٿو جنھن سان پيداواري صلاحيت وڌي وڃي ٿي.

وار جرڪائيندڙ :-
کير ۾ پروٽين وڏي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿو جيڪو چمڙي کي خوبصورت ٿو ۽ وارن کي چمڪدار بنائي ٿو.

شڳر ۾ مفيد :-
شڳر ۾ مٺين شين ۽ کنڊ کان پرھيز ڪئي وڃي ٿي پر شڳر جا مريض کير کي بنا کنڊ جي پي سگهن ٿا. کير شڳر جي ڪري پيدا ٿيل ڪمزوري کي دور ڪري ٿو.

ھڏيون مضبوط ڪندڙ :-
کير ۾ موجود ڪئلشم انساني ھڏين لاء ان وقت مفيد آھي جڏھن کير ۾ شامل وٽامن ڊي ڪئلشم کي حصو بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو جنھن سان سنڌن ۔ پاسراٽين ۽ ھڏين جي درد ۾ افاقو ٿئي ٿو.

ڏورا مضبوط ڪندڙ :-
کير ۾ شامل پروٽين جتي جسم جي ٻين عضون جي غذائي ضرورت پوري ڪري ٿو اتي جسم جي ڏورن کي مضبوط ۽ مربوط ڪرڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو.

اعصابن کي طاقت ڏيندڙ :-
انساني جسم جي ڪارڪردگي ۽ فعل جو دارومدار سٺي ذھني صحت تي منحصر آھي. ذھن صحتمند آھي تہ جسم جا ٻيا عضوا بہ پنھنجي ڪارڪردگي بھترين نموني ادا ڪن ٿا. کير ۾ سڀ کان خاص ڳالھ ان ۾ موجود قدرتي جزا آھن جيڪي ذھني ڪاروھنوار ۽ نيورو ٽرانسميٽر کي قابو رکن ٿا جنھن جي ڪري دماغ حاضر رھي ٿو ۽ ذھانت وڌي ٿي.

چھرو دلڪش بنائيندڙ :-
کير پنھنجي افاديت جي ڪري چھري کي نکارڻ ۾ انفرديت رکي ٿو. قديم زماني ۾ چھري جي دلڪشي لاء کير استعمال ڪيو ويندو ھيو. تحقيق مان ثابت ٿيو آھي تہ کير ۾ موجود امينو تيزاب چھري جي چمڙي کي نرم ۽ شاداب رکي ٿو.

چمڙي نکاريندڙ :-
کير ۾ موجود ليڪٽڪ ايسڊ چمڙي کي صاف شفاف رکن ٿا ليڪ ايسڊ کير جي ملائي ۾ وافر مقدار ۾ پاتو وڃي ٿو. ان ڪري کير جي ملائي سان چھري تي مساڄ ڪرڻ سان خشڪي ۔ داڻا ۽ ڌٻا ختم ٿي وڃن ٿا.

ڏند جرڪائيندڙ :-
دودھ دانتوں کی مضبوطی اور سفید بنانے کا موجب
کير ڪئلشم ھجڻ ڪري ڏندن کي مضبوط ڪري ٿو ۽ کير جي سفيداڻ ڏندن کي جڳ مڳ جرڪائي ٿي.

بلور Lense 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
بلور منتقلي بصري (نظري) آلو آھي جيڪو روشني جي موٽ ذريعي روشني جي شعاع کي مرڪوز ڪري ٿو يا پکيڙي ٿو. ھڪ سادو بلور صاف شفاف مواد جي ٽڪڙي تي مشتمل ٿئي ٿو جڏھن تہ مرڪب بلور اڪثر ڪري عام محور جي ڀرسان مختلف سادن بلورن (عنصرن) تي مشتمل ھوندو آھي. 
A lens is a transmissive optical device that focuses or disperses a light beam by means of refraction. A simple lens consists of a single piece of transparent material, while a compound lens consists of several simple lenses (elements), usually arranged along a common axis.

Lens  بلور

منتقلي ۔ منتقل ٿيندڙ Transmissive

Optical  بصري

آلو    Device

Light beam روشني جو شعاع

جي ذريعي By means of

Refraction  روشني جي موٽ

شفاف مواد   Transparent material

Compound lens  مرڪب بلور

سادا بلور     Simple lenses

Usually  اڪثر ڪري

عام محور    Common axis

Saturday 22 June 2019

مَٿاڇو ۔ مَٿاڇ Episclera ۔ Episcleritis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مَٿاڇو اَکاڇي جو گهڻو ٻاھريون تھ آھي. اھو ڍري تاندوري لِچَڪي اوڄي مان ترتيب ڏنل آھي ۽ حب جهلي سان مليل ٿئي ٿو. کانچيدار مينڍو بصري گگاڇي ۽ اکاڇي جي وچ ۾ پاتو وڃي ٿو جيڪو ٻن رڳن جي تھن تي مشتمل ٿئي ٿو
(1) مٿيون مٿاڇي رڳون
(2) گھريون مٿاڇي رڳون
The episclera is the outermost layer of the sclera (the white of the eye).[1] It is composed of loose, fibrous, elastic tissue and attaches to Tenon's capsule. A vascular plexus is found between the bulbar conjunctiva and the sclera consisting of two layers of vessels: The superficial episcleral vessels
The deep episcleral vessels.

Episclera
مَٿاڇو ۔ مَٿاڇ ۔ مَٿ اَڇ ۔ مَٿ اَکاڇو ۔ اک جي اڇي حصي (اَکاڇي) جو مٿيون حصو

Outermost  گهڻو ٻاھريون

Sclera (The white of the eye)
اَکاڇو ۔ اَکاڇ ۔ اَک اَڇ ۔ اک جو اڇو پردو

Loose  ڍرو

اوڄِي   Fibrous

Elastic tissue  لِچَڪي تاندورو

Tenon's capsule
حَب جهلي ۔ ڪَٽور جهلي ۔ ڏوڏ جهلي

Vascular plexus
خانچيدار مينڍو ۔ خانچيدار سَڳي

Bulbar conjunctiva
بَصري گِگاڇو ۔ بصر نما گِگاڇو

Vessels  رڳون ۔ نسون ۔ وارنليون

Superficial episcleral vessels
مٿيون مٿاڇي رڳون

deep episcleral vessels
گھريون مٿاڇي رڳون

Friday 21 June 2019

سانڌو Synovia - Synovial fluid 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
سانڌو، جنھن کي سانڌيَٺ پڻ سڏيو وڃي ٿو، اڻ نيوٽني پاڻيٺ ھڪ پاڻيٺ آھي جيڪو سانڌي سنڌن جي خال ۾ پاتو وڃي ٿو. اڇي بيدي جھڙي گهاٽاڻ سان سانڌي جو اھم ڪردار چرپر دوران سانڌي سنڌن جي جوڙدار ڪچوڏ ۾ رڳڙ کي گهٽائڻ آھي. سانڌو قدرتي سوزش روڪ جزن تي مشتمل آھي جيڪو ڪچوڏ جي تياري کي تحرڪ ڏيئي سنڌي اوڄن جي مرمت ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سانڌو سنڌ کي سڻڀ ڏيڻ ۽ گاديلو بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۔ نئين سانڌي پاڻيٺ جوڙي ٿو ۽ گوڏي جي سنڌي سوڄ جي درد کي آرام ڏئي ٿو.
Synovia, also called synovial fluid, is a viscous, non-Newtonian fluid found in the cavities of synovial joints. With its egg white–like consistency, the principal role of synovia is to reduce friction between the articular cartilage of synovial joints during movement.
SYNOVIA contains natural anti-inflammatory ingredients that help repair joint tissues by stimulating the manufacture of cartilage. SYNOVIA help lubricate and cushion the joint, building new synovial fluid and providing osteoarthritis knee pain relief.

Synovia - Synovial fluid
سانڌو - سانڌيَٺ - سانڌي پاڻيٺ - سانڌي واري پاڻِيَٺ - سنڌن جو سڻڀ وارو مادو

Synovia  سانڌو

Synovial fluid
سانڌيَٺ ۔ سانڌِي پاڻيٺ ۔ سانڌي وارِي پاڻيٺ

Cavities  خالن ۔ کڏن ۔ چرن

Synovial joints
سانڌِي جوڙ ۔ سانڌي وارا جوڙ ۔ سانڌي سنڌ - سانڌي وارا  سنڌ

With its egg white–like consistency
اڇي بيدي جھڙو گهاٽو

Friction  گاٺ ۔ رڳڙ

Articular cartilage
جوڙدار ڪچوڏ ۔ جوڙدار ڪچو ھڏ

During  دوران
چرپر ۔ تحرڪ Movement

Anti-inflammatory  سوزش روڪ

جُز ۔ جُزا Ingredients

Joint tissues سنڌي اوڄا ۔ جوڙدار اوڄا

تياري  Manufacture

Cartilage
ڪَچوڏ ۔ ڪچو ھڏ ۔ ڀُرٽوڏ

To lubricate  سڻڀ ڏيڻ

گاديلو بنائڻ To cushion

Joint  سنڌ ۔ جوڙ

Osteoarthritis knee pain
گوڏي جي سنڌي سوڄ جو سور

Thursday 20 June 2019

گِگاڇو Conjunctiva 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
گِگاڇو صاف گگي پردو آھي جيڪو اک جي اڳئين تھ جي حصي ۽ ڇپرن جي اندريين تھ کي اوڍي ٿو. ھن جا 2 کُپا (ڇلا) آھن.

بَصري گگاڇو        Bulbar conjunctiva
گِگاڇي جو ھي حصو اکاڇي اک جي اڇاڻ کي اوڍي ٿو. بَصري گگاڇو پوتلي ۽ اکاڇي جي وچ ۾ حد بند ٿئي ٿو. اھو پوتلي کي نٿو اوڍي. ھن کي عيني گگاڇو بہ سڏجي ٿو.

ڇَپري گگاڇو     Palpebral conjunctive
ھي حصو ٻنهي مٿين ۽ ھيٺين ڇپرن جي تھ کي اوڍي ٿو. ڇپري گگاڇي جو ٻيو اصطلاح ڄاري گگاڇو ٿئي ٿو.

The conjunctiva is the clear, mucous membrane that covers part of the front surface of the eye and the inner surface of the eyelids. It has two segments:
Bulbar conjunctiva. This portion of the conjunctiva covers the anterior part of the sclera (the "white" of the eye). The bulbar conjunctiva stops at the junction between the sclera and cornea; it does not cover the cornea. The bulbar conjunctiva is also called the ocular conjunctiva.
Palpebral conjunctiva. This portion covers the inner surface of both the upper and lower eyelids. Another term for the palpebral conjunctiva is tarsal conjunctiva.

Conjunctiva
گِگاڇو ۔ اَڇاڄو ۔ گِگ وارو اک جو اڇو پردو - اک جي اڇي تھ وارو اوڄو

گِگ پردو ۔ گِگ جهلي Mucous membrane

Eyelids  ڇپر

کپا ۔ ڇلا Segments

Bulbar conjunctiva
بَصري گگاڇو ۔ عينِي گگاڇو

Anterior اڳيون

اکاڇو ۔ اک جي اڇاڻ
Sclera - The white of the eye

ocular conjunctiva  عينِي گِگاڇو


پوت - پوتلي   Cornea

Palpebral conjunctiva
ڇَپري گِگاڇو

Inner surface اندريون تھ

مٿيون   Upper

Lower  ھيٺيون

ڄارِي گِگاڇو Tarsal conjunctiva

ڳڍڙي Muscle cramp 💎زبيدہ جوڻيجو ۔ اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڳڍڙي جسم جي ڪنھن بہ حصي جي مشڪ Muscle ۾ پوي ٿي ۽ تمام تڪليف ڏيندڙ ھوندي آھي . ھي گھڻو ڪري ٽنگن جي مشڪن Calf muscles ، ھٿن، پيرن جي آڱرين، پيٽ ، پٺيءَ ۽ ڪنڌ جي مشڪن ۾ پئجي سگھي ٿي.
اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ ڳچي ۾ موجود پيراٿا غدود Parathyroid glands ڪئلشم جي گهرڙبدليت تي ضابطو رکن ٿا. پيراٿا غدود ڇا آھن اچو تہ سمجهون.
The parathyroid glands are four tiny glands, located in the neck, that control the body's calcium levels. Each gland is about the size of a grain of rice (weighs approximately 30 milligrams and is 3-4 millimeters in diameter). The parathyroids produce a hormone called parathyroid hormone (PTH).
پيراٿا غدود ڳچي ۾ واقع چار ننڍڙا غدود ٿين ٿا جيڪي جسم جي ڪئلشم جي سطح کي ضابطي ۾ رکن ٿا. ھر ھڪ غدود لڳ ڀڳ چانور جي داڻي جيترو ٿئي ٿو ( وزن ۾ 30 ملي گرام ٿئي ٿو ۽ 3 کان 4 ملي ميٽر قطر ۾ ٿئي ٿو ). پيراٿا ھڪ ھارمون پيدا ڪن ٿا جنھن کي پيراٿو ھارمون سڏجي ٿو.
جڏھن ھي غدود وڌي وڃن ٿا تہ ھڏين مان ڪئلشم وڌيڪ مقدار ۾ خارج ٿي رت ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. رت ۾ وڌيڪ ڪئلشم اچڻ ڪري عضون ۾ ٿڌاڻ غالب ٿي وڃي ٿي ۽ نتيجي طور آڪڙ ۽ ڇڪ پيدا ٿئي ٿي جيڪا ڳڍڙي جو سبب بنجي ٿي.
پر غور لائق ڳالھ آھي تہ ھن غدود مان ڪئلشم خارج ڪرڻ لاء ھارمون خارج ڇو ٿا ٿين ۽ انهن کي خارج ڪير ڪرائي ٿو؟
ياد رھي تہ پيراٿن غدودن مان ھارمون جو خارج ٿيڻ جسم جي تابع آھي ۽ جڏھن رت ۾ ڪئلشم جي مقدار گهٽ ٿي وڃي ٿي تہ جلد جسم پيراٿن غدودن کي تحريڪ ڏيئي ھڏين مان ڪئلشم کي خارج ڪرائي ٿو.
ڪئلشم جي وڏي مقدار جيڪا جسم مان جذب ٿيڻ بجاء ڦوڳ مان خارج ٿئي ٿي روزانو 4 سو کان 8 سو ملي گرام خارج ٿئي ٿي پيشاب جي ذريعي بہ ڪئلشم خارج ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ روزانو 2 کان 4 سو گرام ڪئلشم پيشاب ذريعي خارج ٿئي ٿي. اسان کي اھا ڳالھ نوٽ ڪرڻ کپي تہ پگهر ذريعي بہ ڪئلشم خارج ٿئي ٿي.
ڳڍڙيون پوڻ ھڪ معمولي علامت آھي پر اڳتي ھلي خطرناڪ مرض جنم وٺن ٿا. ڪئلشم جي کوٽ عضون تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ دل جي عضون کي متاثر ڪري ٿي. ڪئلشم جي کوٽ دل جي فعل کي متاثر ڪري دل جي دوري جو سبب بنجي ٿي.

ڳڍڙي جون نشانيون :-
بي چيني
ننڊ نہ اچڻ
ساھ منجهڻ
اعصابي دٻاء
ويسر
وقتي طور تي ٿڌ محسوس ٿيڻ
ھر وقت غنودگي رھڻ
عورتن ۾ ليڪوريا
مردن ۾ جريان
وڌيڪ ڪمزوري محسوس ٿيڻ
سيني ۾ جلن
دماغي دورا

ڳڍڙي جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيماريون :-
ھڏين جو ڪمزور ٿيڻ
رت جو دٻاء
ڇاتي ۽ انڊي جو ڪينسر ٿيڻ
عضون جي ڪمزوري
سوڪھڙو    Rickets

ڳڍڙي جا سبب :-
ٽنگن جي رڳن ۾ رت جو دورو صحيح ڪم نہ ڪري ( خاص ڪري شگر ۽ بلڊ پريشر جي مريضن ۾ )  .
تمام گھڻي محنت واري ورزش ڪرڻ سان به ٽنگن جون مشڪون ڇڪجڻ لگنديون آھن .
ٽنگن کي ڊگھيري سيٽ تاڻ Streching جي عادت نہ ھجڻ جي ڪري بہ مشڪون Muscles سولائي سان ڳڍڙي ۾ وٺجي وينديون آھن. 
گرم موسم ۾ گھڻو ڪم ڪرڻ.
مشڪن جو ٿڪجي پوڻ Muscle fatigue.
جسم ۾ خشڪي (پاڻي جي کوٽ) Dehydration. 
مئگنيشئم يا پوٽاشيم جي کوٽ.
 ڪنڌ يا پٺيءَ جي ڪرنگھي جي ھڏي يا نسن Nerves تي ڪو دٻاء.

بڪين جون بيماريون.
چانھن ۽ ڪيفين واريون شيون گهڻو استعمال ڪرڻ.
خانداني منصوبابندي جون ٽڪيون استعمال ڪرڻ.
پيشاب آور شين جو استعمال ڪرڻ.
کنڊ گهڻي استعمال ڪرڻ.
وٽامنن جو وڌيڪ واھپو.

اپاء :-
ڳڍڙين کان بچڻ جو جو طريقو اھو آھي تہ اھڙو کاڌو کائجي جنھن ۾ وٽامن ۽ مئگنيشم گھڻو ھجن.
گھڻو پاڻي پيئجي.
لوڻ گهٽ استعمال ڪجي.
روزانو ورزش کان اڳي يا عام طور تي بہ سيٽ تاڻ Streching ڪندو رھجي ان سان مشڪن ۾ ڳنڍڙيون گھٽجي وينديون.
ڳڍڙي واري کي سرد خشڪ ۽ خشڪ سرد شين جو استعمال ڪرڻ کپي.
وٽامن سي واريون شيون استعمال ڪرڻ گهرجن.
پوٽيشم يا مئگنيشم واريون شيون استعمال ڪرڻ کپن. ياد رھي مئگنيشم يا پوٽاشم وارن  ميون خاص طور ڪيلن ۾ ،  خشڪ ميون  ۽ ساين ڀاڄين گوبي مٽر وغيره ۾ گھڻو ٿئي ٿو.

Wednesday 19 June 2019

حَب جهلي Tenon capsule - Fascia bulbi - Bulbar sheath 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
حَب جهلي جنھن کي بَصر جهلي يا نر اوڍ سڏجي ٿو اھا اضافي کانچيدار چرخي آھي. حب جهلي ھڪ سنهي جهلي آھي جيڪا اک بال کي بصري تنت کان تناري تائين اوڍي ٿي ۔ انهي کي محوري چرٻي کان ڌار ڪري ٿي ۽ انهي کي چوڙيدار بنائي ٿي جنھن ۾ ڦري ٿي.
The Tenon capsule, also known as fascia bulbi or bulbar sheath, functions as an extraocular muscle pulley.
 The Tenon capsule is a thin membrane which envelops the eyeball from the optic nerve to the limbus, separating it from the orbital fat and forming a socket in which it moves.

Tenon capsule
حَب جهلي ۔ ڏوڏ جهلي ۔ ڪَٽور جهلي

Fascia bulbi   بَصر جهلي

نِر اوڍ ۔ نِر اوڍو ۔ نِر اوڇ ۔ نِر اوڇو Bulbar sheath

Tenon capsule
Fascia bulbi
Bulbar sheath
حَب جهلي
ڏوڏ جهلي
ڪَٽور جهلي
نِر اوڍ
نِر اوڍو
نِر اوڇ
نِر اوڇو
بَصر جهلي

Extraocular muscle pulley
اضافي کانچيدار مشڪي چرخي

Membrane  جهلي ۔ پردو

اوڍڻ ۔ ملفوف ڪرڻ To envelop

Eyeball  اک بال

بصري تنت ۔ عيني تنت Optic nerve

Limbus  تنارو ۔ تاڪڙو

محوري چرٻي  Orbital fat

Socket چرخي ۔ چوڙي

ڇوھو ھلڻ To walk fast 💎 اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪي ڪي ماڻهو ڇوھا ھلندا آھن. خبر ئي نہ پوندي آھي رستي تي ڪيترن ماڻهن وٽان گذري اڳتي نڪري وڃن ٿا. انهن ۾ چستي ڦڙتي محرڪ سرگرمي طور موجود رھي ٿي. ڇوھو ھلڻ اعصابي تحرڪ پڻو ڏيکاري ٿو. ڇوھي ھلڻ وارا پوڙھائپ ۾ بہ جسماني طرح فٽ فاٽ رھن ٿا. تيز ھلڻ سان 15 سال تائين عمر وڌي ٿي. ڪجھ ماڻهن جي عادت ھوندي آھي جو اھي تيز وکن سان ھلن ٿا. سفر ھجي يا چاھي ڪاڏي وڃڻ ھجي پر اھي تيز نموني ھلن ٿا. برطانيا جي ليسٽر يونيورسٽي مطابق جيڪي ماڻهو تيز ھلڻ جا عادي ٿين ٿا انهن جي عمر وڌيڪ ٿئي ٿي. اھڙو تجربو 44 لک 19 ھزار 9 سو اوڻيھ ماڻهن تي ڪيو ويو. تحقيق مان پتو پيو تہ تيز وک ھلڻ وارا ماڻھو ٻين کان 15 سال وڌيڪ عمر ماڻن ٿا.
سائنسدانن مطابق اسان جي تحقيق ۾ شامل تقريبن 52 سال عمر وارا ھيا. انهن تيز وک ھلندڙ عورتن جي عمر 86.7 کان 87.8 جي درميان ھئي. ان جي ابتڙ سست رفتار سان ھلندڙ مردن جي سراسري عمر 85.2 کان 86.8 ھئي ۽ سست رفتار سان ھلندڙ مردن جي سراسري عمر 64.8 ۽ عورتن جي 72.4 ھئي. تحقيقاتي ٽيم جي رپورٽ مطابق تيز وک ھلڻ سان دل جي صحت بھترين رھي ٿي ۽ دل جون بيماريون گهٽ رھن ٿيون ۔ ٿلهي ٿيڻ جا امڪان گهٽ رھن ٿا ۔ انهن سببن جي نتيجي جي ڪري تيز وک رفتار ھلندڙ ماڻھن جي عمر وڌيڪ ٿئي ٿي.

Tuesday 18 June 2019

نَراخا ۔ تَنتاخا Dendrites ۔ Dendrons 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نراخا ( يوناني لفظ ڊينڊرون = وڻ تان ورتل) پڻ تنتاخا آھن جيڪي تنتي گهرڙي جون شاخ طور جيومايو وڌاء آھن جيڪي تنتيي جي ٻين گهرڙن کان تني جسم ڏي ۔ يا جسي ڏي حاصل ڪيل برقي ڪيميائي محرڪ کي وڌاء ڏين ٿا جتان نرشاخا رٿا ۾ اچن ٿا.
نراخا تنتيي (تنتي گهرڙي) جا خاڪا آھن جيڪي ٻين تنتين کان اشارا (ڄاڻ) وٺن ٿا. ھڪ تنتيي کان ٻئي تنتيي ڏي ڄاڻ جي منتقلي ڪيميائي اشارن ۽ برقي زورن مان ملي ٿي 
Dendrites (taken from Greek word δένδρον déndron, "tree"), are also dendrons, which are branched protoplasmic extensions of a nerve cell that propagate the electrochemical stimulation received from other neural cells to the cell body, or soma, of the neuron from which the dendrites project.
Dendrites are projections of a neuron (nerve cell) that receive signals (information) from other neurons. The transfer of information from one neuron to another is achieved through chemical signals and electric impulses.

Dendrites
نَراخا ۔ نَرشاخا۔ نَري جون شاخون

Dendrons
  تَنتاخا ۔ تَنتشاخا ۔ تَنتي گهرڙي جون شاخون

Branched protoplasmic extensions
شاخ طور جيو مايو وڌاء


Nerve cell  تنتي گهرڙو

وڌائڻ  To propagate

Electrochemical stimulation
برقي ڪيميائي زور

Neural cells تنوت گهرڙا

جسمي گهرڙو ۔ تني گهرڙو Cell body

Soma  جسو ۔ جسم

تنتيو ۔ تنتو ۔ اعصابو  Neuron

Chemical signals
ڪيميائي اشارا ۔ ڪيميائي ڪنايا

Monday 17 June 2019

جسو ۔ تناگهو ۔ تناتو Soma ۔ Perikaryon ۔ Neurocyton 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جسو ۔ تناگهو ۔ تناتو يا تني گهرڙو ٻين دماغ نمون گهرڙي يا تنتيي جو غلافي غير مرحلاتي حصو آھي جنھن ۾ ناڀ گهرڙو اچي وڃي ٿو. سوما يوناني لفظ آھي جنھن جي معنا جسو (جسم) آھي. جيتوڻيڪ اھو اڪثر تنتيي جو حوالو ڏئي ٿو پر اھو ٻين گهرڙي جي نمونن جو ذڪر پڻ ڪري ٿو جيڪي ستار گهرڙو ۔ شاخي گهرڙو ۽ رال گهرڙن تي مشتمل ٿين ٿا. تنتيي جا مختلف خاص نمونا ٿين ٿا ۽ ائين انهن جي ماپ ڪرنگهيدارن جي ننڍن ۾ ننڍن ۽ وڏن ۾ وڏن تنتين جي لڳ ڀڳ 5 مائڪرو ميٽر کان 10 ميٽر مٿي ھجڻ جي ننڍي ماپ کان مختلف ٿئي ٿي
The soma , perikaryon, neurocyton, or cell body is the bulbous, non-process portion of a neuron or other brain cell type, containing the cell nucleus. The word 'soma is a greek word meaning 'body'. Although it is often used to refer to neurons, it can also refer to other cell types as well, including
astrocytes, oligodendrocytes, and microglia. There are many different specialized types of neurons, and their sizes vary from as small as about 5 micrometres to over 10 millimetre for some of the smallest and largest neurons of invertebrates, respectively.

Soma  جسو

تناگهو  Perikaryon

Neurocyton  تناتو

تني گهرڙو ۔ جسمي گهرڙوCell body

Bulbous  غلاف ۔ پوش

Non-process portion
غير مرحلاتي حصو


Neuron  تنتيو ۔ تنتو

Other brain cell type
ٻئي دماغي گهرڙي جو نمونو

Other cell types ٻئي گهرڙي جا نمونا

ستار گهرڙو ۔ تاري جھڙو گهرڙو Astrocytes

Oligodendrocytes  شاخي گهرڙو

رال گهرڙو ۔ کونراڄو   Microglia

Invertebrates  ڪرنگهيدارن

Sunday 16 June 2019

مينڍو ۔ سڳي ۔ ڳت Plexus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مينڍو (لاطيني ۾ ڳت) رڳن يا نسن جو ھڪ شاخي ڄار آھي. رڳون رت جون رڳون ٿي سگهن ٿيون (رڳون نسون). تنتون نموني طور وچين تنتي سرشتي ٻاھران تنتر ٿين ٿيون. بنيادي چار تنتي مينڍا آھن.
(1)Cervical plexus
گردني مينڍو ۔ ڪنڌائون مينڍو ۔ ڪنڌي مينڍو ۔ ڳچي وارو مينڍو ۔ گردني سڳي ۔ ڪنڌائون سڳي ۔ ڪنڌي سڳي ۔ ڳچي وارو سڳي

(2)Brachial plexus
بازودار مينڍو ۔ شاخي مينڍو ۔ ٻانھي مينڍو ۔ ڄنگهي مينڍو ۔ بازودار سڳي ۔ شاخي سڳي ۔ ٻانھي سڳي ۔ ڄنگهي سڳي


(3)Lumbar plexus
چيلهي مينڍو ۔ ڪمري مينڍو ۔ چيلهي سڳي ۔ ڪمري سڳي


(4) Sacral plexus
ھڏائون مينڍو  ۔ ھڏائين سڳي.

A plexus (from the Latin for "braid") is a branching network of the vessels or nerves. The vessels may be blood vessels (veins, capillaries) or lymphatic vessels. The nerves are typically axons outside the central nervous system.
There are four primary nerve plexuses
(1) Cervical plexus
(2) Brachial plexus
(3)Lumbar plexus
(4)Sacral plexus

Plexus = Braid
مينڍو ۔ سڳي ۔ ڳت ۔ وارن جي چوٽي ۔ رڳن جي چوٽي ۔ نسن جي چوٽي

Branching network  شاخي ڄار

رڳ ۔ نس  Vessels

Nerves  تنت ۔ نس ۔ عصب

نسون  Veins

Capillaries وارنليون

Lymphatic vessels
لعابي رڳون ۔ لمفي رڳون ۔ گگي رڳون

Typically  نموني طور

تنترا ۔ تنتر ۔ تنتاندرا Axons

Central nervous system
وچون تنتي سرشتو ۔ وچون عصبي سرشتو

Primary nerve plexuses
بنيادي تنتي مينڍو ۔ بنيادي تنتي ڳت ۔ بنيادي تنتي سڳي

تنترو ۔ تنتر Axone 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اھو ڊگهو تنتي تاندورو آھي جيڪو تنتي جي جسم گهرڙي کي پري ڪري ٿو.
It is long nerve fibre that conducts away from the cell body of the neuron.

Axone
تَنتِرو - تَنتَر - تَنتاندرو - عصبي تاندورو - عصبي محور

Long nerve fibre
ڊگهو عصبي تاندورو ۔ ڊگهو تنتي تاندورو

To conduct away
پري ڪرڻ ۔ دور ڪرڻ ۔ ھٽائڻ

Neuron تنتو ۔ عصبو