Saturday 31 August 2019

گَهستر گهرڙا ۔ مَٿَستر گهرڙا Epithelial cells 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
گهستر گهرڙا گهرڙا آھن جيڪي توھان جي جسمن جي جي تھن کان اچن ٿا جيئن توھان جي چمڙي ۔ رت جون رڳون ۔ ناڙي رستو يا جسم. اھي توھان جي جسم اندر يا ٻاھر درميان رڪاوٽ طور ڪم ڪن ٿا ۽ چمڙي کي وائرن کان بچائن ٿا. توھان جي پيشاب ۾ گهستر گهرڙن جو تعداد وچٿرو آھي.
Epithelial cells are cells that come from surfaces of your body, such as your skin, blood vessels, urinary tract, or organs. They serve as a barrier between the inside and outside of your body, and protect it from viruses. A small number of epithelial cells in your urine is normal.

Epithelial cells
گَهستر گهرڙا ۔ مَٿَستر گهرڙا ۔ مَٿاجَهل گهرڙا ۔ استر وارا گهرڙا ۔ گهرڙن جا تھ رکندڙ گهرڙا ۔ مٿيان تھ رکندڙ گهرڙا

Surfaces  تھ ۔ تھن

جيئن ۔ جھڙوڪ  Such as

Skin چمڙي

رت جون رڳون Blood vessels

Urinary tract  ناڙي رستو

عضوا   Organs

Inside  اندر

ٻاھر   Outside

Viruses  وائرا ۔ وائرس

پيشاب ۔ ناڙو ۔ بول  Urine

Normal  وچٿرو

اڪي عدد Odd number 💎صغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
سڄو عدد جيڪو ٻن برابر سڄن عددن ۾ ٻن سان ونڊي نہ سگهجي.
1,3,5,7 ۽ 9 اڪي عدد آھن
A whole number that is not able to be divided by two into two equal whole numbers.
1, 3, 5, 7 and 9 are odd numbers.

ننڍي عام ڀڃ اپت ( Least Common Multiple (LCM 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ن ع ڀ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ عددن جي ننڍي ۾ ننڍي عام ڀڃ اپت آھي. مثال طور 2 ۽ 5 جي ن ع ڀ 10 آھي. گهٽ عام جزو ٻن يا وڌيڪ عددن جو ننڍو عام جزو آھي. ھرھڪ عدد جو ننڍو جزو 1 آھي.
The LCM is the smallest common multiple of two or more numbers. For example, the LCM of 2 and 5 is 10. The least common factor is the smallest common factor of two or more numbers. The smallest factor of every number is 1.

Least Common Multiple (LCM)
ننڍي عام ڀڃ اپت (ن ع ڀ)

Smallest common multiple
ننڍي ۾ ننڍي عام ڀڃ اپت

Least common factor ننڍو عام جزو

ننڍي ۾ ننڍو عام جزو  Smallest common factor

Smallest factor  ننڍي ۾ ننڍا جزا

عدد   Number

Friday 30 August 2019

عَڪسُول ۔ عڪسولو Photoreceptor 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
عَڪسُول گهرڙو تنتي گَهستر گهرڙي جو خاص نمونو آھي جيڪو نِرحَس ۾ پاتو وڃي ٿو جيڪو بَصري تَنتي مُنتقلي جو اھل آھي. عڪسولن جي وڏي حياتياتي اھميت اھا آھي تہ اھي روشني (بصري مقناطيسي تابڪاري) کي اشارن ۾ منتقل ڪن ٿا جيڪي حياتياتي مرحلن کي اڀار ڏيئي سگهن ٿا.
Photoreceptor cell is a specialized type of neuroepithelial cell found in the retina that is capable of visual phototransduction. The great biological importance of photoreceptors is that they convert light (visible electromagnetic radiation) into signals that can stimulate biological processes.

Photoreceptor عَڪسُول ۔ عَڪسُولو ۔ عَڪس وُصُولو

Photoreceptor cell
عَڪسُول گهرڙو ۔ عَڪسُولو گهرڙو ۔ عَڪس وُصُولو گهرڙو

Neuroepithelial cell
تنتي گهستر گهرڙو ۔ تنتي مٿستر گهرڙو ۔ تنتي مٿاجهلي گهرڙو ۔ تنتي گهرڙي تھ رکندڙ گهرڙو

Photoreceptor- Photoreceptor cell
عَڪسُول - عَڪسُولو - عَڪس وُصُولو - عڪسول گهرڙو - عَڪسُولو گهرڙو - عَڪس وُصُولو گهرڙو

Specialized خاص

نرحس ۔ نرجوتي ۔ نروپي Retina

Visual  بصري ۔ نظري

اڀار ڏيڻ ۔ جوش ڏيڻ To stimulate

Visible electromagnetic radiation
بصري مقناطيسي تابڪاري


phototransduction
عڪسي منتقلي ۔ عڪسي تبادلو

Signals  اشارن ۔ ڪناين

Biological processes    حياتياتي مرحلا

Epithelial cells
گَهستر گهرڙا ۔ مَٿَستر گهرڙا ۔ مَٿاجَهل گهرڙا ۔ گهرڙن جا تھ رکندڙ گهرڙا ۔ مٿيان تھ رکندڙ گهرڙا

اسٽار پلس ٽي وي مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اڪبر بادشاھ اداس ھيو. ھن جي منھن تي اداسي جهلڪي رھي ھئي. گهران نيراني بکيو درٻار ۾ تشريف فرما ٿيو ھو. بادشاھ اداسي کي ٽوڙڻ لاء ڀري درٻار ۾ بيربل کان 3 سوال پڇيا ۽ شرط رکي تہ ٽنهن جو ھڪ جواب ھجي.
”ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڇو ٿي ٿئي؟“
”ماني ڀاڄي وقت سر ڇو نٿي ملي؟“
”کير سڙي ڇو وڃي ٿو؟“
سڄي درٻار ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. وزيرن کي نانگ سنگهي ويو. سڀ پنھنجي جڳھن تي ويچارن ۾ پئجي ويا پر ھي سوال بيربل لاء ھيا ان ڪري انهن کي پريشاني نہ ٿي رھي ھئي.
ڪجھ دير بعد بيربل خاموشي ٽوڙي.
”سائين جو اقبال بلند ھجي. جان جي امان ھجي تہ عرض ڪريان“
بادشاھ رعبدار آواز ۾ ڳالهايو
”جان جي امان ڏني وڃي ٿي.“
بيربل چيو
”بادشاھ سلامت! اسٽار پلس ٽي وي جي ڪري.“
گهر جون عورتون اسٽار پلس ڏسن ٿيون انهن جو خيال ڊرامن ڏانھن ھوندو آھي. وقت تي ڪم نٿيون ڪن ۔ مرد ڳالھ ڪري ٿو، ٻڌن نٿيون ۔ وقت تي ماني ڀاڄي نٿيون پچائن ۽ ڊرامن ڏي ڌيان ھئڻ ڪري کير سڙي وڃي ٿو“
ھي ڳالھ ٻڌي اڪبر بادشاھ بي اختيار روئي ڏنو روئندي بيربل کي ڀاڪر پاتو. بيربل اڳئي تتل ھيو. ھن بہ اوڇنگار ڀري. ڏسندي ڏسندي درٻاري بہ روئڻ لڳا.
اڪبر بادشاھ ڳوڙھا اگهندي ۽ سڏڪندي بيربل کي چيو
”اڄ کان تون منھنجو وزير اعظم آھين.“😆😆😆

Wednesday 28 August 2019

ناڙو ۔ دُناڙو Umbilical cord 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اوري ٿڻائتن ۾، ناڙو (جنھن کي دن ڏور ۔ جنم ٻنڌو يا ناڙ ڏور پڻ سڏيو وڃي ٿو) اسرندڙ ڳڀ يا ٻچ ۽ اوروجهي جي وچ ۾ ڪسي آھي 
In placental mammals, the umbilical cord (also called the navel string, birth cord or funiculus umbilicalis) is a conduit between the developing embryo or fetus and the placenta.

Placental  اوري ۔ ڄري

ناڙو - دُناڙو ۔ ناڙنلي دُن نلي ۔ ناف نلي  Umbilical cord

placental mammals
اوري ٿڻائتن ۔ کير ڌارائيندڙن ۔ پستاني

Navel string  دُن ڏور ۔ ناف ڏور

Umbilical cord ۔ Navel string ۔ Birth cord
Funiculus umbilicalis
ناڙو - دُناڙو ۔ ناڙنلي ۔ دُن نلي ۔ ناف نلي ۔ دُن ڏور ۔ ناف ڏور ۔ جنم ڏور ۔ جنم ٻنڌو ۔ ناڙ ڏور

جنم ڏور ۔ جنم ٻنڌو Birth cord

Funiculus umbilicalis   ناڙ ڏور

Conduit  ڪسي ۔ نالي ۔ موري ۔ تاردان

ڳڀ  Ambryo

Fetus  ٻچ ۔ ڄڻ

Placenta
اوروجهي ۔ ڄروجهي ۔ اور جهلي ۔ ڄر جهلي ۔ اور ۔ ڄر

پير ظاھري پير باطني مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
چٽ جي گرمي اٻ سان پنھنجو اظھار ڪري رھي ھئي پر پنڊال ۾ پکن جي ھلڻ جي ڪري اٻ محسوس نہ ٿي رھي ھئي. پنڊال ۾ پير ظاھري اسٽيج تي ويٺل ھيو. پير جي ٻنهي پاسي ايئر ڪولر جي ٿڌڙي ٿڌڙي ھوا ڏيئي جسم کي خوشباش ڪري رھيو ھو. مولوي پنڊال ۾ ويٺل جماعتين تي نظر ڦيري جيڪي پير جي واعظ جو بي چيني سان انتظار ڪري رھيا ھئا. پير لائوڊ اسپيڪر تي کنگهڪر ڪئي ۽ آواز گونجيو. سڀ جماعتي پير ڏي مدعو ٿيا.
”ھي موبائيل ۔ ھي ڪمپيوٽر سڀ شيطاني اوزار اٿو ۔ انهن کان بچو.“
مولوي تقرير ڪندي مووي واري ڏي منھن ڪيو. مووي واري مولوي جو ڏيک ويجهو ڪري ڀريو. مولوي موبائيل تي ٺٺڪ ڪئي.
”مون ڇا پئي چيو، مون چيو پئي انگريز اسان کي انهن شين ذريعي بگيڙڻ چاھين ٿا. اسان جو نوجوان نسل بگڙي ويو آھي جنھن کي ڏس، ان وٽ موب! جنھن کي ڏس ان وٽ ڪمپيوٽر! ھاء ھاء اسان جو ڇا ٿيندو؟.“
ايتري ۾ بجلي ھلي وئي. پنڊال ۾ گهڻن ماڻهن ھئڻ ڪري گرمي ۽ اٻ وڌڻ لڳي. جسمن ۾ پگهر پيدا ٿيو ۽ ڪپڙا پگهر ۾ شل ٿي ويا. مريدن جلدائيء ۾ وڃڻا ھڻڻ شروع ڪيا پر بي چيني وڃڻ جو نالو نہ ورتو، پير جو ٿلهو ڍڍ پگهر ۾ پسي ويو. جلد ئي پير جماعتين ڏي منھن ڪيو.
”مون ڪيترا ڀيرا توھان کي چيو آھي تہ بجلي سان گڏ جنريٽر جو انتظام بہ ڪندا ڪريو. گهٽ ۾ گهٽ گرمي ۽ اٻ پيدا نہ ٿئي ھا نڪي جماعتين ۾ بي چيني پيدا ٿئي ھا.“
”اف ڪيترو پگهر آھي.“
مولوي نرڙ تان ھٿ سان پگهر اگهندي ۽ پنھنجا پسيل ڪپڙا ڏسي شوڪارا ڀرڻ لڳو.
ايتري ۾ وڏيري گلڻ خان جي ڪال آئي. پير جون اکيون ٻري اٿيون. ھن جلدي موب کي ڪن سان لاتو
”پير صاحب ڇيلي جي سجيء سميت طعام تيار آھن، جنريٽر تي بجلي موجود آھي. اچو اي سي ۾ ويھو، پگهر سڪايو ۽ ٿڌي ھوا جو مزو وٺو - بس جهٽ ڪريو.“
پير ظاھري اٿي اسٽيج تان لھڻ لڳو. سندس خاص مريد پير جي پويان ھلڻ لڳا ۽ اسٽيج تي بيٺل ڪمپيئرنگ ڪندڙ مريد اعلان ڪندي چيو
”پير ظاھري پير باطني تقرير ختم ڪري روانا ٿي چڪا آھن ۽ جماعتين کي وڃڻ جي اجازت آھي ۽ مائيڪ تي نعرا ھڻڻ لڳو
”حق پير ظاھري حق پير باطني“
گڏوگڏ مريدن جي نعرن جي گونجار اٿي
”حق حق حق“

Tuesday 27 August 2019

لَٺيا - لٺ گهرڙا Rods 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
لَٺيا يا لٺ گهرڙا اک جي نرحس ۾ عڪسولا گهرڙا آھن جيڪي بَصرِي عَڪسُولِي نبات گهرڙن جي ٻئي نموني کان گهٽ تکي روشني ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا. لٺيا اڪثر نَرحس جي ٻاھرين ڪِنارن تي دائِرِي بصارت ۾ ڳُوڙھا پاتا وڃن ٿا 
Rods, or Rod cells are photoreceptor cells in the retina of the eye that can function in less intense light than the other type of visual photoreceptor, cone cells.Rods are usually found concentrated at the outer edges of the retina and are used in peripheral vision.

Rods  لَٺيا

لٺ گهرڙا   Rod cells

Photoreceptor cells
عَڪسُولا ۔ عَڪسُول گهرڙا ۔ عڪس وصول ڪندڙ گهرڙا

 Retina  نِرحَس ۔ نِرجوتِي ۔ نِررُوپي

گهٽ تکي روشني Less intense light

Intense  تکي ۔ تيز

Visual photoreceptor
بَصري عَڪسُولا ۔ نَظرِي عَڪسُولا ۔ نظري عڪس وصول ڪندڙ

Cone cells  نِبات گهرڙا ۔ مخرُوط گهرڙا

گهاٽو ۔ ڳُوڙھو Concentrated

Outer  ٻاھريون

ڪِنارو ۔ سطح ۔ ڪناري Edge

Peripheral دائِرِي ۔ گهيريدار ۔ گولدار

بَصارت ۔ منظر ۔ ڏيک ۔ رويت  Vision

خلق خدمت مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
شام ٿي چڪي ھئي. عبدالحق ڀرٽ پارٽي کان پنھنجي شھر ڏي واپس وري رھيو ھو. گاڏي ڪجھ سفر ڪيو تہ تہ اڳيان فصل جو ڪم ڪندڙ ڪجھ عورتون روڊ تي چڙھيون. انهن ۾ ھڪ پوڙھي گسڙجي ڏاڍي ڏکيائي سان وکون کڻي رھي ھئي.
عبدالحق عورتن ڀرسان اچي گاڏي روڪي. ھن  کي پوڙھي جو ڏاڍو احساس ٿي رھيو ھو.
”امڙ ھن عمر ۾ مزوري ۽ اڃان فصلن ۾ ڪم ڪرين ٿي. ڇو؟.“ عبدالحق پوڙھي سان مخاطب ٿيو.
”پٽ غريب آھيان مزوري نہ ڪنديس تہ ٺيھو ڪيئن ٺھندو.“
”پٽ ڪونهي ڪو؟“
”پٽ ھڪڙو آھي اھو بہ مزوري ڪري ٿو پر پورت نٿي ٿئي“
”پٽ پڙھيل آھي؟“
”ھا پٽ! ڏھ درجا پڙھيل آھي.“
”امڙ! سڀاڻي صبح جو منھنجي اوطاق تي پڄي وڃجو ۽ پٽ کي چئجو تہ سرٽيفڪيٽ کنيون اچي.“
ائين چئي عبدالحق ڀرٽ ڊرائيور کي گاڏي ھلائڻ جو چيو.
صبح ٿي. عبدالحق ڀرٽ تڪ جي ماڻهن سان حالي احوالي ٿي رھيو ھو ۽ سندن مسئلا ٻڌي رھيو ھو. ايتري ۾ پوڙھي عورت پنھنجي پٽ سان حاضر ٿي. سندس پٽ عبدالحق آڏو سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا جيڪي ھن ڏٺا. عبدالحق پي اي کي پوليس جو آرڊر ڪڍڻ لاء چيو. نوجوان سان مخاطب ٿيندي چيو
”ھي وٺ آرڊر ۽ رزاق آباد ڪراچي ۾ وڃي ڊيوٽي تي چڙھ.“
”پر ... سائين!“
نوجوان ھٻڪيو.
”گهٻراء نہ .....چئو بابا“
”سائين ڪراچي وڃڻ جيترا ڏوڪڙ ڪونهن.“
عبدالحق ڀرٽ پنھنجي کيسي ۾ ھٿ وڌو ۽ نوجوان ڏي ھٿ وڌائيندي چيو
”ھي وٺ 5 ھزار روپيہ، سڀاڻي روانو ٿيڻ جي ڪجانء.“
نوجوان ۽ پوڙھي جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ۽ ڀنل اکيون دعائن سان گڏ عبدالحق جو شڪريو ادا ڪري رھيو ھيون.

Monday 26 August 2019

نَباتِيا - نِبات گهرڙا Cones 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِباتِيا يا نِبات گهرڙا ڪرنگهيدار اکين جي نِرحَسن ۾ عڪسُولا گهرڙا آھن (مثال طور انساني اک). اھي روشني جي مختلف لھرن کي مختلف نموني موٽ ڏين ٿا ۽ ان ڪري شفاف روشني جي تعلق سان  رنگ منظر ۽ ڪارج جا بھتر نموني ذميوار ٿين ٿا لٺ گهرڙن جي ڀيٽ ۾ جيڪي جهيڻي روشني ۾ بھتر نموني ڪم ڪن ٿا.
Cones, or Cone cells are photoreceptor cells in the retinas of vertebrate eyes (e.g. the human eye). They respond differently to light of different wavelengths, and are thus responsible for color vision and function best in relatively bright light, as opposed to rod cells, which work better in dim light.

نِباتِيو   Cone

Cone cell         نِبات گهرڙو ۔ نِباتِيو

Cones  نِباتِيا

نِبات گهرڙا  Cone cells

Cone ۔ cone cell  نِباتِيو ۔ نِبات گهرڙو

نِباتِيا ۔ نِبات گهرڙا  Cones ۔ Cone cells

Photoreceptor
عَڪسُولا ۔ عَڪس وصولا  ۔ عَڪس وُصول ڪندڙ

Retinas
نِرحَسا ۔ نِرُوپا ۔ نِرجوتا

Vertebrate eyes  ڪرنگهيدار اکيون

موٽ ڏيڻ  To respond

Differently  مختلف نموني

لھرون  Wavelengths

Color vision  رنگ منظر

ڪارج  Function

As opposed to  جي ڀيٽ ۾

لٺ گهرڙا ۔ لٺيا  Rod cells

حجامڪو دڪان مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
2 ريلوي جا ملازم رٽاير ٿيا. پاڻ ۾ روزگار بابت ڪچھري ڪري رھيا ھئا تہ ڪھڙو ڌنڌو کولي.
ھڪ چيو
”ڪرياني جو دڪان يا جنرل اسٽور کولڻ بھتر آھي.“
ٻئي چيو
”انهن ڌنڌن ۾ سيڙپ وڏي آھي ۽ اوڌر ڇوٽ ھلي ٿي، پاڻ غريب آھيون منھن ڏيئي نہ سگهنداسين.“
”نيٺ ڇا کولجي“
”حجامڪو دڪان کولجي. سيڙپ ٿوري، فائدو گهڻو۔روز سٺي روزي ٺھندي پئي. نبو ۽ گلو حجم ٻئي پنھنجا جگري يار آھن، ڪجھ حجامڪو ڪم سکيل آھيون ۽ ڪجھ سيکاري وٺندا ھونئن بہ پنھنجي ٻارن جا وار پاڻ ٺاھيندا آھيون.“
”وٺ ڌنڌي کي، پوء دير ڇاجي!“
ٻنهي متفق ٿي ڪم سکي سيلون کولي. ڏاڙھي لاھڻ ۽ مٿي جا وار ٺاھڻ جو ڪافي ھنن کي تجربو ٿي ويو.
”گراڪ اچي ٿو پيو......ھوشياري وٺ“
حجم ٻئي کي چوڪس ڪيو.
گراڪ اچي ڪرسي تي ويٺو. حجم گراڪ ڏي رجوع ٿيو. گراڪ ڏاڙھي لاھڻ جو چيو. حجم ڏاڙھي لاھڻ شروع ڪئي. ڏاڙھي جا وار سخت ھئا. ھي نئون تجربو ھيو. پاڪي جي صحيح نہ ھلڻ ڪري پاڪي گسڙ ڪئي ۽ پاڪي جي بليڊ جا ڪجھ ھلڪا جهير آيا. جھيرن ۾ رت تري بيھي رھي. گراڪ معاملو سمجهي ويو. حجم پريشانيء مان ٻئي حجم کي ڳالهيون ڪري گراڪ کي وندرائڻ جو اشارو ڪيو.
ٻيو حجم گراڪ کي:
”سائين توھان پاڻ ۾ گهڻا ڀاء آھيو؟“
گراڪ پريشاني جي عالم ۾ ڪرڪندي چيو
”جي ھتان بچيس تہ چار نہ تہ ٽي سمجهو.“

Sunday 25 August 2019

مَلوگھ ۔ مَگهٽ Fundus of the bladder 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مَلوگھ خال واري عضوي جي اندرئين تھ جي سامهون واري سوراخ جو ترو يا حصو آھي جيئن مثاني جو ھيٺيون پٺيون حصو
Fundus is the bottom of or part opposite the aperture of the internal surface of a hollow organ: such as the lower back part of the bladder.

Fundus ۔ Fundus of the bladder
مَلوگھ ۔ مَگهٽ ۔ مثاني جو لوگهو ۔ مثاني جو ٻرگھ

Bottom  ترو

سامهون ۔ مدمقابل Opposite

Aperture  سوراخ ۔ ٽنگ ۔ ٻِرگھ

اندريون تھ  Internal surface

Hollow organ  خال وارو عضوو

جيئن  Such as

Lower back part  ھيٺيون پويون حصو

مثانو    Bladder

Saturday 24 August 2019

ڪُڙھول - ڪُڙوگھ Fundus of the uretus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪُڙھول خال واري عضوي جي اندرئين تھ جي سامهون واري سوراخ جو ترو يا حصو آھي جيئن رحم جو مٿيون آخري وڏي پڇاڙي جيڪا کول کان پري آھي.
Fundus is the bottom of or part opposite the aperture of the internal surface of a hollow organ: such as the large upper end of the uterus that is furthest from the opening.


Fundus ۔ fundus of the uretus
ڪُڙھول ۔ ڪُڙھوگھ ۔ ٻچيداني جو مٿيون آخري خال

Bottom  ترو

سامهون ۔ مدمقابل Opposite

Aperture  سوراخ ۔ ٽنگ ۔ ٻرگھ

اندريون تھ  Internal surface

Hollow organ  خال وارو عضوو

جيئن  Such as

Large upper end  مٿين وڏي پڇاڙي

رحم ۔ ٻچيداني ۔ ڪُڙھ  Uterus

Furthest  پري ۔ دور

کول ۔ اکول  Opening

Friday 23 August 2019

برقڀانڊ Power bank 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
برقڀانڊ بجلي جمع ڪرڻ جو آلو آھي جيڪو موبن کي چاڄڻ To charge واسطي استعمال ٿئي ٿو. ھي ننڍو ھئڻ ڪري موبن کي چاڄڻ واسطي ھن کي سفر ۾ ڪاڏي بہ کڻي سگهجي ٿو. ھن جي موجودگي سان بجلي جي چاڄ Charge جو الڪو نٿو رھي ۽ ڪم ۾ تعطل نٿو پوي.

نِرخال ۔ نِرخانو Fundus ۔ Fundus of the eye 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اک جو نرخال بلور جي سامهون اک جو اندريون تھ آھي ۽ نرحس ۔ بصري ٿالهي ۔ زرداغ ۔ اکامي ۽ پوئين قطب تي مشتمل آھي. نرخال جو جائزو چشم بيني سان وٺي سگهجي ٿو.
The fundus of the eye is the interior surface of the eye opposite the lens and includes the retina, optic disc, macula, fovea, and posterior pole.[1] The fundus can be examined by ophthalmoscopy.

Fundus ۔ Fundus of the eye
نِرخال ۔ نِرخانو ۔ نِرغار ۔ اک جو خال ۔ اک جو خانو ۔ اک جي غار

Retina
نِرحَس - نِرُوپي - نِرجوتِي - حَس جهلي - نِرعڪسي - نرڌار

بَصري ٿالهي ۔ بَصري قوس ۔ نَظري ٿالهي Optic disc

Macula  زَرداغ ۔ زَرداس ۔ سِيئَر ۔ سِيئَرو

Fovea
اَکامو - اَکاڏو - اَکُوٻو - اَکاھي - اک جي کڏ

posterior pole  پويون قطب

اک بينِي ۔ چشم بينِي Ophthalmoscopy

Thursday 22 August 2019

ناڙولِي Ureter 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ناڙولِي ھڪ نلي آھي جيڪا بڪي کان کان مثاني ڏي پيشاب کڻي وڃي ٿي. ٻہ ناڙوليُون آھن جيڪي بڪي سان مليل ٿين ٿيون. ھڪ اڌ ناڙولي پيٽ ۾ واقع آھي ۽ ھيٺيون اڌ چيلهي علائقي ۾ واقع ٿئي ٿو.
The ureter is a tube that carries urine from the kidney to the urinary bladder. There are two ureters, one attached to each kidney. The upper half of the ureter is located in the abdomen and the lower half is located in the pelvic area.

Ureter  ناڙولِي ۔ ناڙنَلي ۔ ناڙي واري نلي ۔  پيشاب جي نلي

Tube  نلي

بڪي ۔ گردو  Kidney

Urinary bladder  مَثانو ۔ پيشاب جي ٿيلهي

Attached  مليل

پيٽ  Abdomen

Pelvic area  چيلهي علائقو ۔ چيلھ جو علائقو

Wednesday 21 August 2019

پيناڙ - مَناڙ Urethra 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
انگيات ۾، پيناڙ ھڪ نلي آھي جيڪا جسم مان پيشاب جي نيڪال لاء مثاني کي پيشابي سوراخ سان ملائي ٿي. مردن ۾ پيناڙ آلت مان سفر ڪري ٿو ۽ مني پڻ کڻي ٿو.
In anatomy, the urethra is a tube that connects the urinary bladder to the urinary meatus for the removal of urine from the body. In males, the urethra travels through the penis and also carries semen.


Anatomy  انگيات ۔ عضون جو علم

Urethra
پيناڙ ۔ مَناڙ ۔ بُوڊ ۔ بُوڊِي ۔ پيشاب واري نلي ۔ مني واري نلي

Tube  نلي

مثانو ۔ پيشاب جي ٿيلهي Urinary bladder

Urinary meatus   پيشابي سوراخ ۔ پيشابي ٽنگ

Urine  پيشاب ۔ بول

مردن Males

To travel through sth
ڪنھن شي مان سفر ڪرڻ ۔ ڪنھن شي مان گذرڻ

آلت ۔ ٽپڙ ۔ مرداڻو عضوو  Penis

Semen  مني ۔ ويرج ۔ ڌات ۔ مادہ توليد

کائڻ کان اٺ ممنوع شيون Eight things prohibited from eating 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اسان روز مختلف قسمن جا ميوا ۔ سبزيون ۽ خشڪ ميوا کائون ٿا جن مان ڪجھ مان فائدا ملن ٿا ۽ ڪجھ صرف ذائقي لاء کاڌا وڃن ٿا پر ڪجھ اھڙيون غذائون بہ آھن جيڪي ڪنھن حد تائين انساني صحت لاء نقصانڪار آھن. اصل ۾ ڪجھ اھڙيون غذائون پنھنجي اندر زھريلو اثر رکن ٿيون  يا وري ڪجھ غذائن کي خاص عمل نہ گذاريو وڃي تہ زھريليون ٿي وڃن ٿيون. اھڙين غذائن جو ذڪر ڪجي ٿو.

لال لوبیا:
لال لوبيا ھڪ صحت بخش غذا آھي پر انهي مان فائدو تڏھن وٺي سگهجي ٿو جڏھن انهي کي اٻاري پاڻي ھاري کاڌو وڃي. لوبيا کي گهٽ ۾ گهٽ 10 منٽن تائين لازمي اٻاريو وڃي تہ جيئن ان ۾ موجود زھريلو اثر نڪري وڃي. لوبيي۾ Phytohaemagglutinin جي ڪري ٺھي ٿو. لوبيي کي بنا اٻارڻ جي کائڻ سان نقصان ٿي سگهي ٿو. ماھرن مطابق ھي زھر انساني جسم جي گهرڙن تي اثرانداز ٿيڻ جي اھليت رکي ٿو.

جعفر:
جعفر جو استعمال کاڌن ۾ مسالن طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن مسالي جي ھڪ چپٽي وجهڻ سان ڪو فرق نٿو پوي پر ھن جو وڌيڪ استعمال گهڻين بيمارين جو سبب بنجي سگهي ٿو جيئن مٿي جو سور ۔ آت ۔ مٿو چڪرائڻ وغيرھ.

چیری٬ خوبانی اور آلوبخارا:
چيري ۔ زردالو ۽ الوبخارو مزيدار ميوا ۽ صحت بخش ٿين ٿا انهن ميون جي ٻج ۾ بہ cyanide جي خاندان سان تعلق رکڻ وارو زھر موجود آھي. انهن ٻجن کي ٽوڙي کائڻ ۔  ڳيھڻ ۽ چٻاڙڻ نہ کپي. 

پٽاٽو:
پٽاٽو اھڙي غذا آھي جيڪا ھر گهر ۾ کاڌي وڃي ٿي پر پٽاٽي ۾ بہ زھر ٿئي ٿو. پٽاٽي جي ٽاريون ۽ پن زھريلا ٿين ٿا. ان کان سواء پٽاٽي اندر بہ زھر جي مقدار ٿئي ٿي. پٽاٽي مٿان سائي رنگ جا نشان ٿين ٿا اھي دراصل solanine زھر جي وڌيڪ مقدار رکن ٿا. ماضي ۾ زھريلن پٽاٽن جي ڪري موت جا واقعا ٿيا. زھريلي پٽاٽي کائڻ سان جلد موت نٿي اچي پر پر ان جي علامتن ۾ ڪمزوري ۽ ڪوما شامل آھن.

خشڪ ميوا:
اسان وٽ ميون کي صنعتي عمل ذريعي خشڪ ڪيو وڃي ٿو ان عمل دوران گهڻو پوٽاشم ۽ گنڌڪ استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري خشڪ ميون کي گهڻو استعمال نہ ڪجي نہ تہ ھاضمي جي نظام ۾ خرابي ٿي سگهي ٿي. ماھرن مطابق گنڌڪ جي گهڻي مقدار معدي کي حساس ۽ ھاضمي کي بگيڙي سگهي ٿي.

بادام:
بادام ٻن قسمن جا ٿين ٿا ھڪ مٺو بادام ٻيو ڪوڙو بادام ڪوڙي بادام ۾  hydrogen cyanide ۾ زھر جي گهڻي مقدار ٿئي ٿي. ڪوڙي بادام جي ستن يا اٺن گرين کائڻ سان ٻار موت جي منھن ۾ پئجي سگهي ٿو ۽ وڏن لاء طبي مسئلا ٿي سگهن ٿا.

کاڄو:
کاڄو نہ ٻج آھي نڪي ميوو پر ھي خود ميوي اندر پاتو وڃي ٿو. مارڪيٽ ۾ موجود کاڄا ڪڏھن بہ ڪچا نٿا ٿين ڇوجو انهن ڪچن کاڄن ۾ زھر موجود ٿئي ٿو ان ڪري پھرين کاڄن کي اٻاريو وڃي ٿو ۽ پوء مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ٿو. کاڄي ۾ پاتي ويندڙ زھر کي urushiol چيو وڃي ٿو ۽ ھي انسان کي ايلرڄي جو شڪار ڪري سگهي ٿو.

ماکي صاف نہ ڪيل:
ھي اھڙي ماکي آھي جيڪا ڄاري مان حاصل ڪرڻ بعد سڌو کاڌي وڃي ٿي ۽ ان کي مخصوص مشيني عمل مان نٿو گذاريو وڃي. ان مشيني عمل ۾ انهن جراثيمن جو خاتمو ٿي وڃي ٿو جيڪي تخميري عمل پيدا ڪن ٿا. ڪچي ماکي grayanotoxin تي مشتمل ٿئي ٿي جنھن جي ڪري چڪر اچڻ ۔ ڪمزوري ۔ وڌيڪ پگهر اچڻ ۔ آت ۽ الٽي اچي سگهي ٿي ۽ ھي عمل 24 ڪلاڪن تائين جاري رھي سگهي ٿو.

Tuesday 20 August 2019

اجرڪ Ajrak 💎دريا خان سنڌي💎

MyDairyAsgharSagar
اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻ ۽ سوکڙي آھي. ھي ھڪ خوبصورت سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام خوبصورت ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال قديم زماني کان ٿيندو اچي. موھن جي دڙي مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ قسم آھي جنھن جو ڍنگ ۽ روپ بہ ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موھن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس بيحد وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو تہ پروھت کيس چيو
 ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ بہ اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو. عربن اجرڪ کي ازرق جي نالي سان سڏيو آھي. ازرق جي معنيٰ آھي نيرو رنگ. اھو بہ چيو ويندو آھي تہ حضرت محمد ص جن پڻ اجرڪ اوڍيندا ھئا.
موهن جي دڙي مان لڌل مجسمي تي اجرڪ جھڙي گلڪاري ٿيل آهي. اجرڪ جي تياري ۽ ڇرائي سنڌ جو خاص ھنر آھي. ان جي تياري ۾ وڏي محنت ۽ مھارت جي ضرورت آھي. ان جو اندازو انھي مان لڳائي سگھجي ٿو تہ اجرڪ چوڏھن مختلف مرحلن مان گذري مڪمل ٿئي ٿي. اجرڪ جي ڇرائي جا وري پنج مختلف مرحلا آھن، ھر مرحلي ۾ مختلف قسم ۽ رنگن جا پور يا ٺپا لڳندا آھن ۽ ھڪ اجرڪ جي مڪمل ٿيڻ تائين اٽڪل پنجويھ سوَ ڀيرا پور يا ٺپا لڳن ٿا. انھيءَ کان سواءِ اجرڪ جي تياري ۾ اٽڪل سورھن مصالحا استعمال ٿين ٿا. روپڪاري ۽ رنگ جي لحاظ کان اجرڪ جا قسم ڏھن کان مٿي آھن، انھن جا نالا بہ الڳ الڳ آھن. اجرڪ گھڻو ڪري لاڙ وارن شھرن ۾ ٺھي ٿي جھڙوڪ نصرپور، ٽنڊو محمد خان، کيبر، سيکاٽ، مٽياري، ھالا، ڀٽ شاھ، ماتلي ۽ اتر واري حصي ۾ سکر ۾ اجرڪ ٺھي ٿو. اڳي ٽکڙ ۽ مانجھند ۾ بہ اجرڪ ٺھندي ھيو پر اھي مرڪز ڪڏھوڪو بند ٿي ويا آھن. رنگن جي لحاظ کان ھڪ اجرڪ جا گھڻو ڪري چار رنگ ٿيندا آھن. اڇو، ڪارو، ڳاڙھو ۽ نيرو. ڪن اجرڪن ۾ نيرو يا ڪارو رنگ نہ ھوندو آھي تہ اھو اجرڪ ٽن رنگن واري ٿيندو آھي. نيرو ۽ ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ھلڪو ھوندو آھي تہ ڪڏھن وري تيز ان ڪري ڳاڙھو رنگ ڪڏھن ناسي ٿي ويندو آھي. اجرڪ جي زمين يا تر جو رنگ ڳاڙھو يا نيرو ھوندو آھي، ليڪا ۽ چٽ ڪارا ھوندا آھن ۽ ڦلڙيون يعني گلڪاري اڇي ھوندي آھي. سمورو اجرڪ ھٿ جي محنت سان تيار ٿيندو آھي.
موجوده دور ۾ اجرڪ مان ٽايون، شرٽون، اسڪرٽ، پڙا، زنانا چولا ۽ سلوارون وغيره ٺاھيون وڃن ٿيون، ان کان سوا درن ۽ درين جا پردا، ڪشن ڪور، وھاڻن جا پوش، ميز پوش بہ اجرڪ مان ٺاھجن ٿا جيڪي تمام گھڻي سونھن ڪن ٿا.  اجرڪ جي مقبوليت جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگھجي ٿو تہ اڄڪلھ ڪارخانن ۾ بہ اجرڪ جي روپ تي ڪپڙن جا تاڪيا تيار ڪيا وڃن ٿا، انھي ۾ ريشمي ۽ سنھو ڪپڙو بہ اچي وڃي ٿو پر جيڪا سونھن اصل اجرڪ ۾ آھي اھا نقلي اجرڪ ۾ ڪٿي!
اجرڪ، ننڍا توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد پھرين ٿا. اجرڪ ھر موسم ۾ پھري سگھجي ٿو. اھو اونھاري ۾ ٿڌي ۽ سياري ۾ گرم محسوس ٿيندو آھي. سنڌي ماڻھو اجرڪ جو پٽڪو وڏي شان سان ٻڌندا آھن. اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي ھڪ علامت آھي. اجرڪ جيئن مختلف مرحلن مان گذري ٿو ايئن ان جو استعمال بہ زندگيءَ جي مختلف مرحلن ۾ ٿئي ٿو. عام زندگيءَ ۾ تہ اجرڪ جو استعمال آھي ئي آھي پر خاص موقعن تي پنھنجي محبت ۽ عقيدت جو سھڻي ۾ سھڻو اظھار، اجرڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪونھي! جڏھن ڪنھن مھمان کي مان ڏيڻو ھوندو آھي تہ ان کي اجرڪ اوڍايو ويندو آھي. سنڌ ۾ گھڻو تڻو گھوٽ پنھنجي شاديءَ تي بہ اجرڪ اوڍيندا آھن. اسان جي زندگيءَ ۾ اجرڪ جي عمل دخل جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگھجي ٿو تہ پنھنجي پياري دوست يا عزيز جي مرڻ کان پوءِ ان جي مڙھ تي بہ اجرڪ وڌو ويندي آھي.

اجرڪ نہ رڳو سنڌ ۾ مقبول آھي پر ان جي مقبوليت سنڌ ۽ جون سرحدون ٽپي ڏيساور ۾ بہ پھچي چڪي آھي. پرڏيھي دوستن کي ڏيڻ لاءِ اجرڪ کان وڌيڪ بھتر ٻي ڪابہ سوکڙي نہ آھي. هڪ قسم جي رڱيل ۽ ڇريل، دَٻڪن ۽ چِٽن واري چادر، جيڪا خاص طور سنڌ ۾ -اوڇڻ- طور پائڻ، ڪُلهن تي ڪرڻ، جسم تي ويڙهڻ، -پٽڪي- يا گوڏ ٻڌڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. اجرڪ سنڌ جي قديم ثقافتي سڃاڻپ آهي. موهن جي دڙي جا آثار ٻڌائين ٿا تہ ان وقت بہ سنڌ ۾ اجرڪ جو ڪم ٿيندو هو. دڙي مان لڌل پروهت جي مورتيءَ تي جيڪو گلن جو دوشالو آهي، انهيءَ تي واضح نموني جيڪا ڇُر آهي، اها ’ڪَڪَر واري اجرڪ جي ’پور‘ واري آهي، جيڪا ڇُر اڄ بہ هلندڙ آهي. هندستان جي ورهاڱي کان پھرين اجرڪ تمام گهڻي تعداد ۾ ٺھندي هيو. ان وقت ملاڪاتيار، سعيدپور، تلهار، ٽنڊو محمد خان، ٻهڊمي، بدين، خانپور، ٽِکڙ ۽ ڏندي ۾ اجرڪ جو ڪم ٿيندو هو. ٺٽي ۾ تہ اڍائي ٽي سئو کن ڪارخانا هوندا هئا. سجاول، ميرپور بٺوري، مٽياريءَ، سھتن، ڀٽ شاھ، ٽنڊي آدم، ٽنڊي فضل ۽ هوسڙيءَ ۾ اهو ڪم تمام گهڻو ٿيندو هو. هن وقت مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان ٻہ اهم مرڪز باقي وڃي رهيا آهن. ان کان سواءِ ڀٽ شاھ ۽ سھتا ۾ بہ ڪم ٿئي ٿو. کيبر، سيکاٽ ۽ سعيدپور ۾ بہ هڪ اڌ ڪارخانو آهي. ماتليءَ ۾ پنج ڪارخانا ڪم ڪن پيا. ان کان سواءِ وَسِي ملوڪ شاھ، ڀينڊي شريف، سن، سکر، هالا ۽ ٺٽي ۾ بہ اجرڪ سازيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي. مٿين علائقن ۾ اجرڪ جي ٻنهين پاسي ڇُر وارو ڪم ٿئي ٿو. هندستان جي علائقن بيڪانير، سوجت، چاڻوت ۽ داليءَ وارن علائقن ۾ بہ هن وقت اجرڪ جو ڪم جاري آهي، پر اتي ڪچي رنگ وارو ڪم ٿئي ٿو، جيئن مٺيءَ، ڏيپلي، ڇاڇري، ننگرپارڪر ۽ ٿر جي ٻين علائقن ۾ ٿئي ٿو. ڪنھن وقت ۾ دادو ضلعي جي مانجهند شھر ۾ بہ هڪ پُڙيا اجرڪ ڇُربا هيا، پر هاڻي اتي اُهو ڪم بنھ ڪونه ٿئي ٿو. اجرڪ جو ڪم درياهن، ندين ۽ واهن جي ڪنارن ۽ ٿوريءَ سخت هوا وارن علائقن ۾ ٿيندو آهي. اجرڪ پنهنجي پورن، ٺپن ۽ رنگن سبب مشهور آهي. لطيف سائين پور ۽ ڇُر جي اهميت کي هن طرح واضح ڪيو آهي:
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور.
اجرڪ جا پور سوين قسمن جا آهن جن ۾ چڪي، ڇانڀ، ڇلو، عشق پيچ، موتين جڙيو، گُڏڙي، چوداڻ، ڪڪر، مهراڻ، قلمدان، ڪاشي، ونگو، بادام، ڏاڙهونءَ گل، جليب، ڊسڪو، فورِاسٽار، نارو، وٽ، هانشو، ٻري، کارڪ، مداخل، ٻوٽو، ريال ۽ غاليچو وغيره شامل آهن. هن وقت سنڌ ۾ اجرڪ جا هيٺيان وَر هلندڙ آهن: ڪڪر، دٻلي (آڳاٽو ۽ اصل نالو چَڪي، بادام، حاشيو، ول (ٽي قسم: وڏي ول، پوپٽي وَل ۽ ننڍي ول)، کارڪ، جليب، غاليچو، چوداڻ، گُڏڙي، مداخل، ٻوٽو، ريال، عشق پيچ، مُھر، ڇلو (جنھن جو اصل نالو ’سرڪاري‘ آهي) ۽ قلمدان. هاڻوڪي دؤر ۾ جيڪي اجرڪ تيار ٿين ٿا انهن جا ٻہ قسم آهن: هڪ اهي اجرڪ جيڪي روايتي انداز ۾ تيار ڪيا وڃن ٿا جن تي ’ڇر‘ جو ڪم ٿيندو آهي ۽ اهي مختلف مرحلن مان گذرندي لڳ ڀڳ مھيني کن ۾ تيار ٿين ٿا ٻيا اھي اجرڪ جيڪي مارڪيٽ ۾ دستياب آهن، اهي مشينن تي ٺھندا آهن ۽ هڪ ڏينهن ۾ پنج سئو کان هزار جي تعداد ۾ تيار ٿين ٿا. اجرڪ هڪ شيءِ جو نالو ڪونهي، پر  رڱاوت جو نالو آھي جيڪا محنت سان ٺھي ٿي ان کي اسين اجرڪ چوندا آهيون انهيءَ ۾ ٻانڌڻا، -بگ-، ملير، جُهميون، چُنيون ۽ لسا بہ آهن، جيڪي اجرڪن جا مختلف نمونا آهن. اجرڪ 16 مختلف مرحلن مان گذري تيار ٿيندو آهي. پھرين ڪپڙو ورتو وڃي ٿو، ان بعد ڪپڙي جا پنج پنج ميٽر جا ٽڪرا ڦاڙي سوڍا کار ۾ ٻوڙو ڏيئي، کنڀ چاڙهيو ويندو آهي. ان بعد ڪپڙي کي لاهي کنڀ کي ڌوتو ويندو آهي. بعد ۾ ان ۾ ساجُھ وجهبو آهي. ساجهه ۾ صابڻ، کارو تيل ۽ هيرڻ جو تيل استعمال ٿيندو آهي. ان کان پوءِ ساجھ ڌوئڻ جو مرحلو ايندو آهي. ان بعد ڪسائيءَ جو مرحلو آهي، جنھن ۾ صابڻ، هيرڻ جي تيل ۽ سڪل ليمن مان هڪ محلول ٺاهيو ويندو آهي. ان بعد اجرڪ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ ايندو آهي. پھرئين مرحلي ۾ اصل جي ڇُرَ ٿيندي آهي. ان بعد ڪٽ جو مرحلو ايندو آهي تنھن کان پوءِ کڙ جو ڪم ٿئي ٿو. اُن بعد پڙو ڪُنِ ۾ ٻوڙبو آهي. ڪُن ۾ ٻوڙڻ بعد اهو اجرڪ وري ڇرجڻ ويندو آهي جنھن کان پوءِ ان کي رڱيو ويندو آهي. رڱڻ کان پوءِ مَنھڻ جو مرحلو اچي ٿو، ان- بعد مينا جو ڪم ٿيندو آهي. مينا جي مرحلي دوران وري مٿس ڇُر ٿيندي آهي. آخر ۾ ان کي انڊيگو (گُليءَ) ۾ ٻوڙيو ويندو آهي، جنھن بعد وڃي اجرڪ تيار ٿيندو آهي. 5 ميٽرن واريءَ -اجرڪ تي 5 هزار 9 سو دفعا ٻنهي پاسن کان رڳو ٺپا هنيا وڃن ٿا. اجرڪ جي رزلٽ لاءِ 28، 30 ڏينھن انتظار ڪرڻو پوي ٿو. هيءُ تمام ڏکيو هنر آهي. سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ ۾ هن هنر جا ڪئين ڪاريگر پيدا ٿيا هوندا، پر وقت جي وهڪري انهن نالن کي محفوظ نہ رکيو. بھرحال ويجهڙ واري دؤر ۾ هيٺين ڪاريگرن جا نالا معلوم ٿيا آهن: الهڏنو سومرو کٽي، ڀليڏنو سومرو کٽي، حاجي جمعو ۽ يعقوب لٽائي، ويٺل وسي ملوڪ شاھ ٽکڙ- جا، جيڪي پاڪستان کان اڳ جا ڪاريگر هئا. حاجي عثمان ۽ طاهر محمد، ٻئي ڀائر مٽيارين جا هئا. سعيدپور جي مَنُو کٽيءَ وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ حاجي وريل ۽ محمد عيسو بہ سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن. حاجي وڪيو شاھ ڪاريگر هو، جنھن مٽيءَ جي پورن سان ڪم ڪيو ۽ ڪاٺ جا پور پوءِ ٺھرايائين. ڀينڊي جو گل محمد سومرو کٽي، سيکاٽ جو حاجي صالح کٽي سومرو ۽ ماتليءَ جو محمد حسن گذاري ويا. واري تڙ سکر جو ڪاريگر محمد صالح سومرو، 1999ع ۾ گذاري ويو، جيڪو مشھور شاعر ادل سومري جو والد هو. مشهور ڪاريگرن ۾ مٽيارين جو بچل بمبئي، ڪم جي سھڻائيءَ ۽ تيزيءَ سبب بمبئي نالو پيس. کيبرن ۾ محمد صديق سھتو ۽ حاجي عثمان، سيکاٽ ۾ محمد يونس کٽي سومرو، ٽنڊي محمد خان ۾ حاجي ڀليڏنو، حاجي لکاڏنو ۽ حاجي محمد شفيع ماتليءَ ۾ ۽ هاڻي محمد حسن جو پٽ محمد عثمان ڪم ڪندو آهي. ڪي هندو جاتيءَ جا ماڻهو بہ اڳ ۾ اجرڪ ڇُرڻ جو ڪم ڪندا هئا، جن مان ڪي هالا ۾ رهندا هئا، جيڪي ڪجھ سال اڳ لڏي ڀارت هليا ويا جن ۾ واسو مل، دولھ ڏنو مل، مينگهومل، ڪيول مل ۽ ڀڳڙي مل جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. مٺيءَ ۾ کتري هندو -اجرڪ جو ڪم ڪن ٿا، جن ۾ نٿو مل کتري هن وقت ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو.

تُنرو - تنور Pylorus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
تُنرو معدي جو وڌيڪ دوري رکندڙ حصو آھي جيڪو مُھرود (اڳئين آنڊي) سان مليل ٿئي ٿو. اھو ٻن حصن ۾ ورھايل آھي مَخال جيڪو معدي جي جسم سان مليل ٿئي ٿو ۽ تُنرِي نلي جيڪا مُھرود سان مليل ٿئي ٿي.
The pylorus is the furthest part of the stomach that connects to the duodenum. It is divided into two parts, the antrum, which connects to the body of the stomach, and the pyloric canal, which connects to the duodenum.

تُنرو ۔ تُنور ۔ معدي جو سوراخ Pylorus

Furthest  وڌيڪ دوري رکندڙ

Duodenum  مُھرود ۔ اڳيون رود ۔ اَڳانڊو ۔ اڳيون آنڊو

Divided  ورھايل

ڪنھن سان ملڻ ۔ جڙڻ To connect to sth

Stomach  معدو

تُنرِي نلي ۔ تُنورِي نلي Pyloric canal

Antrum
مَخال ۔ مَغار ۔ مَجوف ۔ مَخانو ۔ معدي جو خال ۔ معدي جي غار ۔ معدي جو خانو ۔ معدي جو جوف

Monday 19 August 2019

گِگاڄو ۔ گِگاجهو Mucosa 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
گِگاڄو يا گِگ جهلي ھڪ جهلي آھي جيڪو جسم ۾ مختلف کڏن جو سٽاء ڪري ٿو ۽ اندرين عضون جي تھ کي ڍڪي ٿو. اھو ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ گَهستري گهرڙن تي مشتمل آھي جيڪي مٿان ڍَري ملائيندڙ اوڄي جو تھ رکن ٿا. 
Mucosa or A mucous membrane 
is a membrane that lines various cavities in the body and covers the surface of internal organs. It consists of one or more layers of epithelial cells overlying a layer of loose connective tissue.

Mucosa ۔ Mucous membrane
گِگاڄو ۔ گِگاجهو ۔ گِگ جهلي ۔ گِگ پردو ۔ بَلغم ۔ پِڪ

گِگاڄو ۔ گِگاجهو ۔ بَلغم ۔ پِڪ  Mucosa

Mucous membrane
گِگ جهلي ۔ گِگ پردو

Various  مختلف ۔ گوناگُون

کَڏون ۔ کاھيون ۔ خال Cavities

To cover  ڍڪڻ

تھ  Surface

Internal organs  اندريان عضوا

To consist of sth   ڪنھن شي تي مشتمل ھجڻ

Layers  تھ

Epithelial cells
گَهستري گهرڙا ۔ مَٿَستري گهرڙا ۔ مَٿاجَهلي گهرڙا ۔ گهرڙن جا تھ رکندڙ گهرڙا ۔ مٿيان تھ رکندڙ گهرڙا

Loose connective tissue   ڍرو ملائيندڙ اوڄو

Sunday 18 August 2019

مَموڙا ۔ مَخم Rugae 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
انگيات ۾، مَموڙا ڪڙين جو سلسلو آھن جيڪي عضوي جي ڀت جي موڙڻ سان پيدا ٿين ٿا. معدي جو اندريون تھ گهنجن سان ڀريل آھي جن کي مموڙا يا معدي وڪڙ سڏجي ٿو. مموڙا ٻيئي وڏن کاڌن کي سولو ڪرڻ لاء معدي کي پکڙڻ ڏين ٿا ۽ ھاضمي دوران کاڌي تي گرفت رکڻ ۽ کاڌي کي چورڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
In anatomy, rugae are a series of ridges produced by folding of the wall of an organ. The inner layer of the stomach is full of wrinkles known as rugae (or gastric folds).
Rugae both allow the stomach to stretch in order to accommodate large meals and help to grip and move food during digestion.

Ruga
مَموڙ - مَوَر - مَخَم - معدي جو موڙ - معدي جو ور - معدي جو خم ۔ معدي جو وڪڙ

Rugae (Plural of ruga)
مَموڙا - مَوَر - مَخَم - معدي جا موڙ - معدي جا ور - معدي جا خم - معدي جا وڪڙ

Series سلسلا

ڪَڙيا ۔ ٻنا ۔ بٺا ۔ پھاڙي Ridges

To fold  موڙ ڏيڻ ۔ وڪڙ ڏيڻ ۔ ور ڏيڻ ۔ خم ڏيڻ

عضوو   Organ

Inner layer  اندريون تھ

معدو   Stomach

Full  ڀريل ۔ پر

گهنج Wrinkles

Gastric folds
معدي وڪڙ ۔ معدي موڙ ۔ معدي ور ۔ معدي خم

To accommodateجائتو ڪرڻ ۔ سولو ڪرڻ

وڏا کاڌا Large meals

To grip  گرفت ۾ رکڻ ۔ ضابطي ۾ رکڻ

ھاضمو  Digestion

Saturday 17 August 2019

آبوجهي ۔ سير جهلي Serosa 💎اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
آبوجهي يا آب جهلي ھڪ لسي جهلي آھي جيڪا گهرڙن جي سنهن تھن تي مشتمل آھي جيڪا پيٽ جي کڏ جي عضون جي ٻاھرين ڀت تي پاتي وڃي ٿي جنھن کي آب جهلي سڏيو وڃي ٿو. اھا آبي پاڻيٺ ۽ سنهي ملائيندڙ اوڄي تھ کي خارج ڪري ٿي. اھي سڻڀي پاڻيٺ کي خارج ڪن ٿا جيڪا مشڪي چرپر جي رڳڙ کي گهٽائي ٿي.
Serosa (or serous membrane) is a smooth membrane consisting of a thin layer of cells, found on the outer wall of the organs of the abdominal cavity known as the serous cavity. It secretes serous fluid, and a thin connective tissue layer. They secrete a lubricating fluid which reduces friction from muscle movement.

Serous membrane
آبوجهي ۔ آب جهلي ۔ سيروجهي ۔ سير جهلي ۔ آبوجهي پاڻيٺ ۽ پونء خارج ڪندي آھي.

Serosa
آبوجهي ۔ سيروجهي ۔ آبوجهي پاڻيٺ ۽ پونء خارج ڪندي آھي.

آب جهلي ۔ سير جهلي  Serous membrane

Smooth membrane  لسي جهلي ۔ لسو پردو

سنهو تھ  Thin layer

Outer wall  ٻاھرين ڀت

عضوا    Organs

Abdominal cavity
پيٽ جي کڏ ۔ پيٽ جي کاھي ۔ پيٽ جو خال

Serous cavity  آبي کڏ ۔ آبي کاھي ۔ آبي خال

خارج ڪرڻ ۔ ڪڍڻ  To secrete

Serous fluid  آبي پاڻيٺ ۔ سير پاڻيٺ

Thin connective tissue layer
سنهو ملائيندڙ اوڄي تھ

Friction from muscle movement
مشڪي چرپر جي رڳڙ ۔ مشڪي چرپر جي گاٺ

Friday 16 August 2019

مُھدو - مَسل Cardia 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
معدي جو حصو جيڪو کاڌنلي جي تمام ويجهو آھي. کاڌو ۽ پاڻيٺ مھدي مان گذرن ٿا ۽ کاڌنلي مان معدي ۾ داخل ٿين ٿا. مُھدي جي ڀرسان پڙ معدي جي مواد کي کاڌنلي ۾ واپس ورڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڏيندو رھي ٿو
The part of the stomach that is closest to the esophagus. Food and liquids pass through the cardia to enter the stomach from the esophagus. A valve near the cardia helps keep stomach contents from backing up into the esophagus.

Cardia
مُھدو - مَسل - معدي جو منھن - معدي جو کول - معدي جو ٻِرگهل

Stomach  معدو

تمام ويجهو  Closest

Esophagus  کاڌنلي ۔ نڙنلي ۔ نڙناڙ

کاڌو  Food

Liquids  پاڻيٺون

معدي جا مواد Stomach contents

مَپور - مَٿَعدو Fundus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
معدي جو گهڻو مٿيون پور وارو حصو جيڪو انسانن ۾ ڦوڪاڻ مٿان ٺاھي ٿو جتان کاڌنلي معدي ۾ داخل ٿئي ٿي.
يا
معدي جو مٿيون حصو جيڪو کاڌنلي جي کول جي سطح جي مٿان ڦوڪاڻ ٺاھي ٿو. 

The uppermost hollow of the stomach, which in humans forms a bulge above where the oesophagus enters the stomach.
Or
the upper part of the stomach, which forms a bulge above the level of the opening of the oesophagus (furthest from the pylorus).

Fundus
مَپور - مَٿَعدو - پور وارو مٿيون معدو - ڦوڪيل مٿيون معدو - مٿيون معدو

گهڻو مٿيون Uppermost

Hollow خالي ۔ سکڻو ۔ پور ۔ ڍانڍو

ڊڍر ۔ ڦوڪيل ۔ ڦوڪيل ھنڌ ۔ اڀار  Bulge

Pylorus     معدي جي ھيٺيين ڀاڱي جو سوراخ ۔ تنرو

Oesophagus  کاڌنلي ۔ نڙنلي ۔ نڙناڙ

معدو    Stomach

Upper part مٿيون حصو

سطح   Level

Opening  کول ۔ اکول

Thursday 15 August 2019

مَخال ۔ مَغار Antrum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
حياتيات ۾، خال يا غار جو مَخال ھڪ عام اصطلاح آھي جنھن جي جسم ۾ خاص عضون يا جڳھن جي حوالي سان  خاص معنا آھي. ڪرنگهيدارن ۾، اھو خاص طور تي حوالو ڏيئي سگهي ٿو
مخالي پکيڙ جو جيڪا ھڪ پکيڙ آھي جيڪا کاڌنلي ۾ معدي (مھدي) ۾ رونما ٿئي ٿي.
مَخالي ٿيلهي جو گهستر ۾ اھڙو خال جيڪو نابيد کي ملفوف ڪري ٿو. 
In biology, antrum is a general term for a cavity or chamber, which may have specific meaning in reference to certain organs or sites in the body. In vertebrates, it may refer specifically to:

Antrum cardiacum, a dilation that occurs in the esophagus near the stomach (forestomach)

Antrum follicularum, the cavity in the epithelium that envelops the oocyte.
ھلندڙ

Biology  حياتيات

Antrum
مَخال ۔ مَغار ۔ مجوف ۔ مَخانو ۔ معدي جو خال ۔ معدي جي غار ۔ معدي جو خانو ۔ معدي جو جوف

General term  عام اصطلاح

خال ۔ کاھي ۔ جوف ۔ غار Cavity

Chamber  خانو

خاص معنا  Specific meaning

In reference to جي حوالي سان

يقيني  Certain

Organs عضوا

جڳھون  Sites

Vertebrates  ڪرنگهيدارن

خاص طور تي  Specifically

Antrum cardiacum
مَخالي پکيڙ ۔ مَجوفي پکيڙ ۔ مَخاني پکيڙ ۔ مَغاري پکيڙ ۔ معدي جي خال جي پکيڙ ۔ معدي جي جوف جي پکيڙ ۔ معدي جي خاني جي پکيڙ ۔ معدي جي غار جي پکيڙ

Dilation  پکيڙ ۔ ڦھلاء

کاڌنلي ۔ نڙنلي ۔ نڙناڙ  Esophagus

Stomach  معدو

مھدو ۔ معدو  Forestomach

Antrum follicularum
مَخالي ٿيلهي ۔ مَجوفي ٿيلهي ۔ مَغاري ٿيلهي ۔ مَخاني ٿيلهي ۔ معدي جي خال جي ٿيلھي ۔ معدي جي جوف جي ٿيلهي ۔ معدي جي غار جي ٿيلهي ۔ معدي جي خاني جي ٿيلهي

Tuesday 13 August 2019

مُھرود - اَڳانڊو Duodenum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مُھرود ننڍي آنڊي جو پھريون حصو آھي. اھو معدي ۽ ننڍي آنڊي جي وچين حصي يا دَرود وچ ۾ واقع آھي. کاڌا معدي جي تيزاب ملڻ کان پوء اھي مُھرود ۾ اچن ٿا جتي اھي پتي جي صفرا ۽ لبلبي جي ھاضمي رسن سان ملن ٿا. 
The duodenum is the first part of the small intestine. It is located between the stomach and the middle part of the small intestine, or jejunum. After foods mix with stomach acid, they move into the duodenum, where they mix with bile from the gallbladder and digestive juices from the pancreas.

Duodenum  مُھرود ۔ اڳيون رود ۔ اَڳانڊو ۔ اڳيون آنڊو

Small intestine  ننڍو آنڊو

واقع  Located

Stomach معدو

Jejunum  دَرود ۔ وچون رود ۔ وِچانڊو ۔ وچون آنڊو


Stomach acid  معدي جو تيزاب

Duodenum
پَرود ۔ پويون رود ۔ پُٺانڊو ۔ پٺيون آنڊو

Bile  صفرا

پتو   Gallbladder

Digestive juices
ھاضمي رس ۔ ھاضميدار رس

Monday 12 August 2019

دَرود - وِچانڊو Jejunum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
دَرود ننڍي آنڊي جو وچون حصو آھي جيڪو مُھرود ۽ پَرود جي وچ ۾ ملي ٿو. کاڌي ۾ گهڻا غذائي جزا وڌيڪ جذب ٿيڻ لاء پَرود مان گذرڻ کان پھرين دَرود ذريعي جذب ٿين ٿا. اھو مرڻ کان پوء اڪثر ڪري خالي پاتو ويندو آھي.
The jejunum is the middle segment of the small intestine found between the duodenum and the ileum. Most of the nutrients present in food are absorbed by the jejunum before being passed on to the ileum for further absorption.
It is usually found empty after death.

Jejunum
دَرود ۔ وِچانڊو ۔ وِچون رود ۔ وِچون آنڊو

Small intestine ننڍو آنڊو ۔ ننڍو رود

Duodenum مُھرود ۔ اَڳانڊو ۔ اڳيون رود ۔ اڳيون آنڊو

Ileum   پَرود ۔ پُٺانڊو ۔ پويون رود ۔ پٺيون آنڊو

Most of گهڻا

غذائي جزا  Nutrients

To be absorbed by sth  ڪنھن شي کان جذب ٿيڻ

To be passed on to sth  ڪنھن شي مان گذرڻ

Absorption  جاذبيت

اڪثر ڪري Usually

To be found  ملڻ ۔ لڀڻ

خالي  Empty

Sunday 11 August 2019

پَرود ۔ پُٺانڊو Ileum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پَرود گهڻن وڏن ڪرنگهيدارن ۾ ننڍي آنڊي جو آخري حصو آھي جن ۾ کير ڌارائيندڙ ۔ ريڙھيدار ۽ پکي اچي وڃن ٿا. مڇي ۾ ننڍي آنڊي جون ورھاستون ايتريون چٽيون ناھن ۽ اصطلاح پويون آنڊو يا پرانھون آنڊو پَرود جي لاء استعمال ٿي سگهن ٿا.
The ileum /ˈɪliəm/ is the final section of the small intestine in most higher vertebrates, including mammals, reptiles, and birds. In fish, the divisions of the small intestine are not as clear and the terms posterior intestine or distal intestine may be used instead of ileum.

Ileum پَرود - پويون رود - پٺانڊو - پويون آنڊو ۔ پرانھون آنڊو

آخري حصو  Final section

Vertebrates  ڪرنگهيدار ۔ ريڙھدار

Mammals  کير ڌارائيندڙ ۔ ارھي جانور

رڙھندڙ ۔ ريڙھيدار  Reptiles

Divisions  ورھاستون

اصطلاح  Terms

Posterior  پويون

آنڊو   Intestine
Distal  پرانھون ۔ پري وارو

السي Flex seed 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
السي  Flex seed جو ٻوٽو ھڪ گز تائين ڊگهو ٿئي ٿو. ھي سياري جي آخر کان بھار جي موسم تائين نيرا گل جهلي ٿو. ھن جا ڏوڏا چڻي جي برابر ٿين ٿا جيڪي ننڍن نوڪدار چمڪدار ٻجن سان ڀريل ٿين ٿا. ھن جي ٻجن مان تيل نڪري ٿو. عام طور تي ھن کي ڪڻڪ جي فصل پوکڻ واري عرصي ۾ پوکيو وڃي ٿو. السي ۽ ان مان نڪتل ٻج انساني جسم لاء مفيد آھن.
السي آسٽريليا ۔ نيوزيلينڊ ۔ ھالينڊ ۔ انگلستان ۔ ھندستان ۔ پاڪستان ۔ مصر ۽ پوکي وڃي ٿي. ھي فصل ست ھزار سالن کان پوکيو وڃي ٿو. 
السي دماغ جي مختلف بيمارين ۾ ڪم اچي ٿي ۽ ڪرنگهي جي ھڏي جي علاج ۾ ھن جا نتيجا بھترين نڪرن ٿا. السي جسم جي ھر سوزش کي ختم ڪري ٿي ۔ ھاضمي جي نظام کي بھتر بنائي ٿي ۔ پتي جي پٿري کي ٽوڙي ٿي ۔ عورتن جي ٻچيداني ۾ ڳرٽن ۽ رسولين کي ختم ڪري ٿي. عورتن جي بيماري فائبرائيڊ ۾ السي بھترين نتيجا ڏئي ٿي. ان سلسلي ۾ مريض عورتون روز چپٽي کائن يا چٻاڙين تہ بھترين فائدو پوندو. السي ڄميل بلغم کي ڇانڊي ٿي. روز چپٽي کائڻ سان ساھ نلين مان بلغم نڪري وڃي ٿو.
السي چمڙي تي بھترين اثر مرتب ڪري ٿي. ھن جي تيل لڳائڻ سان وار گهاٽا ۔ چمڪدار ۽ ڊگها ٿين ٿا.
السي صدين کان اسٿعمال ڪئي وڃي ٿي پئي. السي جي ٻجن کي نھايت ڪارآمد ڄاتو وڃي ٿو ۽ جديد دور ۾ بہ سائنس السي جي فائدن کان انڪاري ناھي. السي غذائي جزن سان ڀرپور ٿئي ٿي. السي جي ٻج کي قديم ترين ٻجن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھن جا 2 قسم آھن.
(1) سونھري  Golden
(2) ڀوري       Brown
ٻئي ٻج انتھائي مفيد ۽ غذائيت سان پرپور ٿين ٿا. السي کي عام طور تي روزانو 3 گرام استعمال ڪرڻ کپي. 
السي جي ھڪ چمچي ۾ ھي غذائي جزا پاتا وڃن ٿا. 
37 ڪيلريون
2 گرام نشاستو
1.9 گرام تاندورا
3 گرام چرٻي
2.3 گرام چڪيل چرٻ تيزاب
ڪيلشم 2 سيڪڙو
فولاد  2 سيڪڙو
وٽامن بي 18 سيڪڙو
ميگنيشم  7 سيڪڙو
فاسفورس 4 سيڪڙو
پوٽيشم  2 سيڪڙو

(1) اوميڳا ٽي چرٻ تيزاب سان ڀرپور:
السي جي اندر اوميڳا ٿري فيٽي ايسڊ جي وڏي مقدار موجود ٿئي ٿي جنھن کي alpha-linolenic acid سڏجي ٿو. جديد تحقيق مطابق ھي تيزاب پت کي رت ۾ شامل ٿيڻ کان روڪي ٿو. ڪوسٽا ميڊيڪل ريسرچ مطابق 3638 ماڻھن تي تجربو ڪيو ويو ۽ تحقيق مان ثابت ٿيو تہ alpha-linolenic acid استعمال ڪرڻ وارن ۾ دل جي دوري پوڻ جا امڪان گهٽ آھن ۽ ھي دل جي ٻين بيمارين ۾ مفيد ٿئي ٿي.

(2) ڪينسر دشمن:
تحقيق مان ھي ڳالھ ثابت ٿي آھي تہ السي ھڪ غذائي جزي Lignans سان ڀرپور ٿئي ٿي ۽ Lignans ڪينسر جي گهرڙن کي ختم ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪي عورتون السي کائن ٿيون انهن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا. مردن جي السي جي استعمال ڪرڻ سان پروسٽريٽ ڪينسر ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪڏھن سڻڀ کان بچيو وڃي تہ السي ھن ڪينسر کي پاڙ کان اکيڙڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

(3) تاندوري سان ڀرپور:
السي جي صرف ھڪ کائڻ واري چمچي ۾ 3 گرام تاندورا ٿين ٿا ان ڪري السي ٻين غذائن کان ممتاز حيثيت رکي ٿي. السي ۾ موجود تاندورا معدي ۽ مثاني ۾ موجود بيڪٽيريائن جي صفائي ڪن ٿا ۽ ھاضمي جي عمل کي تيز ڪن ٿا.

(4) پت Cholesterol  ختم ڪندڙ:
جديد تحقيق مطابق 90 ڏينھن السي جو پائوڊر کائڻ سان 17 سيڪڙو پت ۔ 20 سيڪڙو LDL خراب پت گهٽائي ٿي ۽ 12 سيڪڙو HDL سٺو پت وڌائي ٿي.

(5) بي پي ختم ڪندڙ:
ڪينيڊين ميڊيڪل ريسرچ مطابق السي روز 6 مھينا کائڻ سان سيسٽالڪ بي پي 10 ايم ايم ايڇ جي ۽ ڊيالوستيڪ بي پي 7 ايم ايم ايڇ جي تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. السي قابو ۾ نہ اچڻ واري بي پي کي قابو ۾ رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي جيڪڏھن ان کي روزانو خوراڪ جو حصو بنايو وڃي تہ

(6) پروٽين سان ڀرپور:
السي کي جيڪڏھن ٻوٽن جي مڇي چيو وڃي تہ بيجا نہ ٿيندو ڇوجو اوميڳا چرٻ تيزاب سان گڏ پروٽين جو ھڪ بھترين قسم آھي جيڪا مدافعتي نظام ۽ پت کي گهٽ ڪرڻ ۾ انتھائي مفيد آھي.

(7) رت شڳر قابو ۾ رکندڙ:
شڳر جي سڀني بيمارين جو اھم سبب رت ۾ انسولين گهٽ ٿيڻ آھي ۽ رت ۾ گلوڪوز وڌڻ آھي. سائنسي تحقيق مطابق روزانو السي استعمال ڪرڻ سان رت شڳر 8 کان 20 سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿي. السي ۾ موجود انسلوبل فائبر رت ۾ شڳر جي پھچ کي 8 کان 20 سيڪڙو گهٽ ڪري ٿي.

(9) بک مٽائيندڙ:
السي کائڻ سان بک ختم ٿي وڃي ٿي ۽ جسم ۾ موجود چرٻي ڳري ٿي ۽ وزن گهٽجي ٿو.

السي جا بوڙينڊا:
السي                 پاء
تر                      پاء
سچو گھ            پاء
 ڪڻڪ جو اٽو   3 پاء
ڳڙ                      پاء
پھرين السي کي گھ ۾ ڀڃجي ۽ پوء گرائينڊ ڪجي. ھاڻي اٽي کي ڀڃجي. ھاڻي ٻنهي شين کي ملائي گھ ۾ ڀڃجي. ھاڻي ڳڙ ملائي بوڙينڊا ٺاھجن.
ھي بوڙينڊا سياري جي بھترين سوغات آھن. مرد توڙي ٻار کائي سگهن ٿا. ھي بوڙينڊا دل جي مرضن خاص ڪري پت کي ختم ڪن ٿا. جن ٻارن کي وري وري پيشاب اچي ٿو انهن ٻارن لاء ھي بوڙينڊا مفيد آھن.

Saturday 10 August 2019

آڳوٿ ۔ آڳوٿو Cecum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
سيڪم Cecum (آڳوٿ) يا سَيڪم Caecum (آڳَوٿ)  (سيڪا Ceca (جمع آڳوٿا) لاطيني لفظ سَيڪس Caecus تان ورتل آھي جنھن جي معنا آھي انڌو) ھڪ پيڇھي ڳوٿري آھي جنھن کي وڏي آنڊي جي مُھڙ سمجهيو وڃي ٿو. اھو نمونن جسم جي ساڄي پاسي واقع آھي (جسم جي ساڳي پاسي آنڊيڙ جنھن سان اھو مليل آھي)
The cecum or caecum (/ˈsiːkəm/, plural ceca /ˈsiːkə/; from the Latin caecus meaning blind) is an intraperitoneal pouch that is considered to be the beginning of the large intestine. It is typically located on the right side of the body (the same side of the body as the appendix, to which it is joined).

Cecum
آڳوٿ ۔ آڳوٿو ۔ اعور ۔ انڌو آنڊو ۔ ڳوٿري جھڙو آنڊو

Caecum
آڳَوٿ ۔ آڳَوٿو ۔ اعور ۔ انڌو آنڊو ۔ ڳوٿري جھڙو آنڊو

Intraperitoneal = Through peritoneum
پيڇھي ۔ پيجهلي ۔ پاسراٽين جو ڇھ ۔ پاسراٽين جي جهلي

ڳوٿري  Pouch

Beginning  مھڙ ۔ شروعات

وڏو آنڊو  Large intestine

Typically  نمونن ۔ نموني طور

واقع ۔ موجود Located

Appendix  آنڊيڙ

مليل   Joined