Saturday 30 January 2021

سيلهاڙو Porcupine 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


سيلهاڙو سيلھدار جانور ٿئي ٿو. ھن جي جسم تي سيلها ٿين ٿا جيڪي ھن کي شڪاري جانورن کان بچائين ٿا. ھن جا سيلها ايترا خطرناڪ ٿين ٿا جو جنگل جو بادشاھ ھن کان ڊڄي ٿو. ھن جا سيلھا دراصل ھن جا وار ٿين ٿا جيڪي پاڻ ۾ جڙي سيلهن جي شڪل اختيار ڪن ٿا. ھن جي سيلهن جي اھڙي ترتيب ٿئي ٿي جيڪڏھن ڪنھن جانور کي لڳن، ان جي اندر ھلندا ويندا ۽ ٻاھر نہ نڪرندا. حملي آور جانور ھن جي ڪنڊن جو شڪار ٿي دردناڪ موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو. 
سيلهاڙي جو خاندان سيلهاڙ Hystricidae آھي يا سيلهاڪ Erethizontidae آھي.

سيلهاڙو ڀونڀن Mammals ۾ شمار ٿئي ٿي. ھن جي سراسري عمري 5 کان 7 سال ٿئي ٿي. ھن جي پانج 25 کان 36 انچ ٿئي ٿي. ھن جو وزن 12 کان 35 پائونڊ ٿئي ٿو.
سيلهاڙي کي لاطيني زبان ۾ سيلهو مرون Quill pig سڏجي ٿو. ھن جون 12 جنسون ٿين ٿيون. ھن جو جسم سيلهن سان ڀريل ھوندو آھي جيڪي تکا ٿين ٿا جن جي ڪري حملي آور جانور ھن کي آساني سان لقمو بنائي نٿو سگهي. آفريڪي سيلهاڙي Africa's crested porcupine جا پير وڏا ٿين ٿا.
سيلهاڙي کي مٿي تي نرم وار ٿين ٿا پر پٺي ۽ پڇ تي تکا سيلها ٿين ٿا. سيلها ھن جي جسم تي چپترا پيل ھوندا آھي جيسين ڪو جانور ھن کي نہ للڪاري، پوء ھي اڀن سيلهن سان متوجھ ٿئي ٿو. سيلهاڙو پنھنجن سيلهن کي اڇلائي ھڻي نٿو سگهي پر ڇھڻ سان ڪيئي سيلها ھڻي سگهي ٿو.

ڪيترائي جانور سيلهاڙي تي حملي ڪرڻ کان ٽھندا آھن ڇوجو ھن جي ڇھاء سان سيلها جانور جي جسم ۾ ھليا وڃن ٿا. سيلهاڙن جا سيلها جڏھن ختم ٿي وڃن ٿا تہ اھي وري نئين سر ڦٽن ٿا. ھڪ سيلهاڙي کي جسم تي ٽيھ ھزار سيلها ٿين ٿا. ھن جو پڇ پڪڙ جوڳو ٿئي ٿو جيڪو پڪڙ سان وڻ تي چڙھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھي اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۔ آفريڪا ۔ ايشيا ۔ يورپ ۽ ڪئناڊا ۾ ملي ٿو جيڪي وڏي جسم وارا ٿين ٿا. ھي جانور وڻن جي قدرتي کل کائن ٿا ۽ ان کان علاوا ميوا ۽ پن پڻ کائن ٿا. ھي جانور پٽن ۔ ريگستانن ۽ جنگلن ۾ رھي ٿو. ھن جا ڦر جڏھن ڄمن ٿا اھي ٻن مھينن ۾ ھلڻ ڦرڻ جھڙا ٿي وڃن ٿا.سائنسي تحقيق مطاق، سيلهاڙا دردناڪ گهٽ پر موتمار وڌيڪ ھوندا آھن. انهن کي ڪنھن کي مارڻ جو خوف نہ ھوندو آھي.

سيلهاڙا سھپدار ھوندا آھن، جيڪڏھن انهن کي انهن جي حال تي اڪيلو ڇڏيو وڃي پر جڏھن ڪو ماڻهو ھنن کي ڇيڙي ٿو تہ سيلهن ڪنڊن سان حملو ڪن ٿا، ھنن جا سيلها ڪنڊا جسم ۾ کپي وڃن ٿا ۽ ٻاھر ڪونہ نڪرن ٿا. ان کان سوا ھي جانور ريٻي وائرس Rabies جو سبب بنجن ٿا. جيڪڏھن ھي جانور ڪنھن انسان کي ڇھي ٿو تہ جلدي ان کي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کپي ڇوجو ھن جي سيلهن ڪنڊن جي ڇوت خطرناڪ ٿئي ٿي.

سيلهاڙا جنگل ۾ ڪجھ جانورن وانگر مسئلو نٿا بنجن. رڇ وانگر ھي وڻن تي چڙھن لھن ٿا ۽ ميون کي ھيٺ ڪيرائن ٿا جن سان جنگل جي وڌيڪ واڌ ويجھ ٿئي ٿي.

ھي جانور محفوظ شمار ڪيا وڃن ٿا پر تنھن ھوندي بہ بگهوڙا Coyotes ۔ ڪوڳا Cougars ۔ ببر ٻلا Bobcats ۔ بگهڙ Foxes ۔ جاٻلا Lynxes ۔ رڇ Bears ۔ لومڙ Wolves ۽ سڱا چٻرا Even Great Horned Owls ھن جي منھن کي چڪ ھڻي ھن جو شڪار ڪن ٿا ۽ اندرين اوجھ کي کائن ٿا.

Sunday 24 January 2021

مڇڪو Pakicetus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


مڇڪو جانور بحري ببدار Amphibious cetacean جانور رھيو آھي جيڪو مڇاڪ Pakicetidae خاندان سان واسطو رکي ٿو جيڪو اڳاد Eocene ۾ مقامي Endemic جانور ھيو. ھي ڪتي جھڙو جانور ھيو جيڪو پاڻي ۾ مڇيون شڪار ڪندو ھو ۽ ٻاھر بہ ننڍا جانور ماريندو ھيو. مڇڪي جي ھڏي وارا ڪن مگر مڇ سان ملن ٿا. ھن جي ٽڻي جو ھڏو پيراڱرو آھي جيڪو تراکڙن ڀونڀن  Even-toed hoofed mammals سان ملي ٿو جن ۾ ھپوڙا Hippos ۔ رڍون Sheeps ۔ ڳئون Cows ۔ مرون Pigs ۔ ھرڻ Deer ۔ زراف Giraffes ۔ مرگھ Antelopes ۽ بحروٿڻا cetaceans شامل آھن بحروٿڻا جيڪي پيراڱرا Artiodactyls آھن.

اڄ کان تقريبن 5 ڪروڙ سال 60 لک سال اڳ اٽڪ ۽ فتح جنگ شھر جي درميان ڪارو چٽو جبلن جو سلسلو آھي. لکين سال اڳ ھي جابلو سلسلو سمنڊ ۾ ھيو. مڇڪو جانور ھن سمنڊ جي گھري پاڻي ۾ شڪار ڪندو ھيو۔ مانگر مڇ کي مڇي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جڏھن تہ مانگر مڇ جو شمار ڀونڀن ۾ ٿئي ٿو. اھو بہ ھن سمنڊ ۾ موجود ھيو. مڇڪو گوشت خور شڪاري جانور ھيو جيڪو پانج وارو ۔ ڊگهي ٻوٿاڙي وارو ۔ مضبوط مھارن وارو ۽ تيز ڏندن سان گڏ پڇ وارو جانور ھو. بنيادي طور تي ھي خشڪي وارو جانور ھيو پر شڪار لاء پنھنجو گهڻو وقت پاڻي ۾ گذاريندو ھيو. ھن جي پانجي جسامت ھن کي ترڻ ۽ غوطي ھڻڻ ۾ مدد ڪندي ھئي ۽ ڊگهين مڇين کي پڪڙڻ ۾ سھولت ڏيندي ھئي.

مڇڪي جي پانج 7 فٽ ھئي جڏھن تہ ھن جو وزن 50 پائونڊ جي لڳ ڀڳ ھيو.

بنيادي طور تي ھي جانور مڇيون ۽ ٻيا آبي جانور کائيندو ھيو تڏھن بہ زميني جانورن جو شڪار پڻ ڪندو ھيو.

مڇڪي جو پھريون ڍانچو سال 1981ع ۾ اٽڪ ۾ ڪاري چٽي پھاڙ ۾ مليو. ھي جانور آثارقديما وارن لاء معمو ھيو ڇوجو ھن جسم زميني جانورن سان ملندڙ جلندڙ ھيو جڏھن تہ کوپڙي مانگر مڇ سان ملندڙ ھئي ۽ گوڏا سبزي خور جانورن سان ملندڙ ھيا.

سال 2001ع ۾ ھن جا وڌيڪ ڍانچا مليا جيڪي ڪافي حد تائين مڪمل ھيا. طويل تحقيق بعد مڇڪي کي مانگر مڇ جو نسل قرارڏنو ويو. چيو وڃي ٿو تہ مڇڪو جو نسل 4 ڪروڙ 10 لک سال ختم ٿي ويو جڏھن اٽڪ وارو جابلو سلسلو خشڪي ۾ اچي ويو ۽ مڇڪي جو نسل سمنڊ نہ ھئڻ ڪري پڄاڻي تي پھتو.

Thursday 14 January 2021

پومڙو Western pygmy possum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

پومڙو آسٽريليا جي ڌرتي تي خوبصورت جانور ٿئي ٿو. پومڙي کي ڏاکڻو مغربي پومڙو Southwestern pygmy possum ۽ مونڊڙو Mundarda پڻ سڏيو وڃي ٿو.

جينياتي تحقيق ٻڌائي ٿي تہ پومڙو مغربي ڄامڙو ڳوٿاڪ آھي پر ھن کي پوچاڪ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. پوچاڪ ۽ ڳوٿاڪ ۾ ھي فرق آھي تہ پوچاڪ وڏا جانور ٿين ٿا جن کي جسم اندر پوچڪو ٿئي ٿو ۽ ڳوٿاڪ ننڍڙا جانور ٿين ٿا جن کي جسم ۾ ننڍڙو ڳوٿڪو ٿئي ٿو. ھي جانور ننڍي خاندان ڳوٿاڪ Possum يا آڳوٿاڪ Opposum ۽ گڏيل طور تي پوچاڪ Marsupial خاندان سان واسطو رکن ٿا. ھن جانور کي پوچاڪ ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو ھي ڪينگرو وانگر جسم اندر ڳوٿڪو رکي ٿو جنھن ۾ ٻچن کي کڻي ھلي ٿو. ھن جو خاندان 80 لک سال پراڻو آھي. پومڙو اھو ڳوٿاڪ آھي جيڪو پڇ سان ڪئي جھڙو ٿئي ٿو جنھن سان پيچ کائي ٽارين تي چڙھي ٿو جنھن ڪري ھن کي پڪڙ جوڳو Prehensile سڏجي ٿو.

پومڙو ڏکڻ ۽ اولھ آسٽريليا کان علاوا آسٽريليا جي ڪينگرو ٻيٽ ۾ ملي ٿو. پومڙو گاٽن جهنگلن ۾ رھڻ پسند ڪري ٿو. ھن جانور جي ماپ 70 کان 100 ميٽر ٿئي ٿي جڏھن تہ ھن جو وزن 7 کان 16 گرامن تائين ٿئي ٿو. 7 گرام گهٽ ۾ گهٽ وزن ھئڻ ڪري پومڙي کي دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو جانور شمار ڪيو وڃي ٿو.

پومڙي جي بنيادي خوراڪ ٻج ۔ گل ۔ مڪوڙا ۔ ڪوريئڙا ۽ جيت ٿئي ٿي. جيڪڏھن ماڻهن جا کاڌا ميسر ھجن تہ انهن کي بہ کائي ٿو. اھو پڻ ٻڄاتو وڃي ٿو ھي جانور پکي ۽ مڇي کائن ٿو. نر ڄومڙي جي عمر لڳ ڀڳ ٽي سال ٿئي ٿي جڏھن تہ ڄومڙي جي عمر 5 سال لڳ ڀڳ ٿئي ٿي.

ھي ننڍو پومڙو ڏينھن جي وقت جهڳٽن ۾ پکين جي آکيرن ۾ ننڊ ڪري ٿو يا گاھ تي آرام ڪري ٿو. رات جي وقت کاڌي ۽ ساٿي جي تلاش ۾ نڪري ٿو. پومڙا 12 کان 15 مھينن ۾ بالغ ٿين ٿا. ھنن جي لڳ جي ڪابہ موسم ناھي، سڄو سال لڳ ڪري سگهن ٿا. ھي ھڪ موسم ۾ 6 ٻچن کي جنم ڏين ٿا. ھنن ٻچن کي ماء 25 ڏينھن تائين کير پياري ٿي ۽ 50 ڏينھن تائين پاڻ سان رکي ٿي.

پومڙي کي ڌارڻ غيرقانوني آھي پر جهنگلي کاتي جي منظوري سان ڌاري سگهجن ٿا جڏھن اھي وڏا ۽ بالغ ھجن. آسٽريليا ۾ نسل جي بچاء طور پومڙن کي اجازت سان پالي سگهجي ٿو.

ماحول ۾ نانگ ۔ چٻرا ۽ لومڙ پومڙي جو شڪار ڪن ٿا پر دراصل ھنن کي خطرو انساني سرگرمين جي ڪري آھي جيڪي قدرتي ماحول کي تباھ ڪري ھنن جي نسل جي کوٽ جو سبب بنجي رھيون آھن.

Saturday 9 January 2021

ڪن ھاٿيو ٻوٽو Elephant Ear Plant 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


ڪن ھاٿيو يا ڪن ھاٿيو ٻوٽو Elephant Ear Plant يا ڪناٿيو Colocasia ھڪ گل ٻوٽو آھي جيڪو ڪن ھاٿيڙ Araceae خاندان سان واسطو رکي ٿو. ھن کي گرم خطئي يا نيم گرم خطئي علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. ڪن ھاٿيي کي اس يا ڇانو ۾ پوکي سگهجي ٿو پر اھا ڳالھ ذھن ۾ رکڻ کپي تہ منجهند جو ھن کي ھلڪي اس کپي. 

ڪن ھاٿيو گل جون 3 ھزار جنسون دريافت ٿي چڪيون آھن. ھي گل انڊونيشيا ۔ ملائيشيا ۔ ويٽنام ۽ جپان ۽ ننڍي کنڊ وغيرھ ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي گل گرم خطن ۾ پاتو وڃي ٿو. گرم خطي Tropical region مان مراد اھڙاعلائقا جتي سڄو سال بارش پوي ٿي ۽ موسم گرم رھي ٿو. ھي گل ھاڻي انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پڻ روشناس ڪرايو ويو آھي. ھي گل عام آھي ۽ گهڻو ڪري ھر گهر ۾ پاتو وڃي ٿو. ان جو سبب ھي آھي تہ ھي جلدي اپجي وڃي ٿو ۽ ھن جا وڏا پن ڪشش رکن ٿا جو ھر نظر انهن ڏي ڇڪجي وڃي ٿي. ھي گل مٽي جو سختيون برداشت ڪري ڦٽي وڃي ٿو، ڪھڙي بہ سادي زمين ھجي، ان سان ھم آھنگ ٿي وڃي ٿو. روز باقائدي پاڻي ڏيڻ سان ھي گل جلدي نشونما پائي ٿو. جيڪڏھن ھن کي زرخيز ڀاڻ ڏنو وڃي تہ ھن ۾ جان اچي وڃي ٿي. جيڪڏھن ھن گل جا ڪي پن خراب ٿين تہ انهن کي ڪٽجي تہ ھن گل کي وڌيڪ اسرڻ جو موقعو ملي ٿو. ھن گل جا پن زھريلا ٿين ٿا ڇوجو ھن ۾ چن تکيٽو Calcium  oxilate موجود ٿئي ٿو. ھي ڪيميائي مادو پنن ۽ ٿڙن ۾ موجود سين ۾ موجود ٿئي ٿو. جڏھن ڪو جانور ھن گل ۽ ٿڙ کي کائي ٿو تہ گل ۽ ٿڙ ۾ موجود ھزارين سيون ان جي ڳلي ۾ اٽڪي پون ٿيون ڳلو سڄي پوي ٿو ۔ وات ڦٽجي پوي ٿو ۽ ساھ کڻڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. گهرن ۾ ھن گل کي اپايو خبرداري سان اپايو وڃي ۽ جانورن ۽ ٻارن جي پھچ کان پري رکيو وڃي.

ھي گل آڪسيجن ڏئي ٿو ۽ ماحول کي خوشگوار رکي ٿو. ھن جو وڏو فائدو اھو آھي تہ ھن مان ڀاڄي ۽ پڪوڙا تيار ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏھن ڪو ماڻهو ھن گل کي ڀاڄي يا پڪوڙن طور استعمال ڪرڻ چاھي ٿو تہ اھو گلن مان سين واريون جڳھون ڪڍي ۽ پوء پاڻي ۾ ان کي اٻاري صاف ڪيو وڃي. ھن جا ٿڙ اسفنج Sponge وانگر ٿين ٿا ۽ ھن کي مڇي سان گڏ پڪايو وڃي ٿو. ھن جي پاڙ پٽاٽي وانگر ٿئي ٿي جنھن کي ڀاڄي يا رسوب Soup طور پڪايو وڃي ٿو. ھن گل ۾ وٽامن بي1 ۔ وٽامن سي ۽ وٽامن بي2 موجود آھن جڏھن تہ ھن جي پاڙ م امينو تيزاب Amino acid ۽ نشاستو موجود آھن. ھي جسم جي مشڪن ۽ جسم کي مضبوط ڪري ٿو.

ھي واحد ٻوٽو آھي جنھن کي گهڻو اپايو وڃي ٿو. ھن جا ڪي قسم گهڻا مھانگا ٿين ٿا. ھن گل ۾ ھڪ قسم جو عمل آبوھڙيت (آبگزيريت) Hydrophobicity پاتو وڃي ٿو. ھن تي جڏھن ماڪ جا قطرا پون ٿا، اھي ڄمن نٿا پر ھن جي پنن تي بيھي رھن ٿا. ھن گل جي پاڙن کي محفوظ ڪري واپاري جهجهو ناڻو ڪمائين ٿا. ھن گل کي پوکڻ وقت اھو خيال رکيو تہ ٻارن جي ھن تائين پھچ نہ رھي. ھن جي پاڙ زھر کان محفوظ رھي ٿي ان کي بنا ڪنھن خوف جي کاڌو وڃي.

Saturday 2 January 2021

سرڳا پکي ۔ جنت جا پکي Birds of paradise 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 

سرڳا پکي، سرڳير گلن Paradisaeidae of the order Passeriformes جي خاندان جا ميمبر آھن. ھي جنس پپو نيو گينيا ۽ اوڀر آسٽريليا ۾ ملي ٿي. ھنن گلن جون 42 جنسون ملن ٿيون. جڏھن ھنن گلن تي نظر وجهجي ٿي تہ ھي قدرت جا شاھڪار نظر اچن ٿا. ٽارين تي پکي ويٺل نظر ايندا يا اڏرندي نظر ايندا پر حقيقت ۾ اھي پکي ناھن. ھن گل تي سرڳو پکي ان ڪري پيو آھي جو ھي ٽن نارنگي پنکڙين ۽ ٽن نيرن پنکڙين تي مشتمل آھن جيڪي ملي ھڪ مکڙي ٺاھن ٿا جيڪا ھوبھو پکي وانگر لڳندي آھي. جيئن گل ٽڙن ٿا، ھر پنکڙي ظھورپذير ٿي ٽکڙي تھ سان پکي ٺاھي ٿي. ھنن پکي جھڙن گلن کي پري کان ڏسبو آھي تہ اڏرندي محسوس ٿيندا آھن ۽ قدرت جا شاھڪار محسوس ٿيندا آھن. ھي گل مختلف پکين جي شڪلين جا ٿين ٿا ۽ ٽارين تي حسناڪي جو بھترين مظاھرو پيش ڪري بي مثال خوبصورتي جو مظاھرو پيش ڪندا آھن.

سرڳي پکي کي اندروني دنيا جي ٻوٽن جي راڻي سڏيو وڃي ٿو. ھي اڀو بيٺل ٻوٽو فضا ۾ ٽکڙي صلاحيت رکي ٿو.

ھي گل سج کان ھلڪي اڻ سڌي روشني وٺي ٿو تنھن ھوندي بہ ھي سج جي اس وارين جڳھن تي ٽڙي ٿو. ھي سياري ۾ سڻڀي پوسل رکي ٿو پر تر نٿو رھي.