Thursday 31 October 2019

پرداڻي جا نمونا Types of Plastid 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
Proplast ۔ Proplastid
چوداڻو ۔ چومايو ۔ چونڪ داڻو ۔ چونڪ مايو ۔ اَڳ داڻو ۔ اَڳ مايو ۔ مُنڍ داڻو ۔ مُنڍ مايو

Leucoplast
اَڇداڻو ۔ اَڇ

مايو ۔ اڇو داڻو ۔ اڇو مايو ۔ سُفيد داڻو ۔ سُفيد مايو

Etioplast
زَرداڻو ۔ زَرمايو ۔  زَرد داڻو ۔ زَرد مايو ۔ پِيلو داڻو ۔ پِيلو مايو

Amyloplast
پيڄداڻو ۔ پيڄمايو ۔ نشاستي داڻو ۔ نشاستي مايو ۔ نشاستي وارو داڻو ۔ نشاستي وارو مايو

Chromoplast
رُوداڻو ۔ رُومايو ۔ رنگي داڻو ۔ رنگي مايو ۔ رنگدار داڻو ۔ رنگدار مايو

Elaioplast
گِھداڻو ۔ گِھمايو ۔ تيلي داڻو ۔ تيلي مايو ۔ سڻڀو داڻو ۔ سڻڀو مايو

Chloroplast
ساداڻو ۔ سامايو ۔ سائو داڻو ۔ سائو مايو ۔ سبز داڻو ۔ سبز مايو

Proteinoplast
ماداڻو ۔ مامايو ۔ ماس داڻو ۔ ماس مايو ۔ لحم داڻو ۔ لحم مايو

Saturday 26 October 2019

خَمَر - پيچَر Substrate 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
علم ڪيميا ۾ ڪيميائي رد عمل ۾ خَمَر مشاھدو ڪيل نموني طور ڪيميائي جنس آھي جيڪو اپت پيدا ڪرڻ لاء عامل سان رد عمل ڪري ٿو. ترڪيبي ۽ نباتاتي علم ڪيميا ۾ خَمَر حصيدار ڪيميائي مادو آھي جنھن کي لڳاتار مٽ سٽ ڪيو وڃي ٿو. 
In chemistry, a substrate is typically the chemical species being observed in a chemical reaction, which reacts with a reagent to generate a product. In synthetic and organic chemistry, the substrate is the chemical of interest that is being modified.

Chemistry  علم ڪيميا ۔ ڪميائي علم

Substrate
خَمَر ۔ پيچَر ۔ وَنگَر ۔ خَمرو ۔ وَنگرو ۔ پيچَرو ۔ ماتحت خامرو

Typically  نموني طور

ڪيميائي جنس ۔ ڪيميائي بڻ Chemical species

Chemical reaction  ڪيميائي ردعمل

عامِل ۔ ڪيميائي عملڪار  Reagent

Synthetic  ترڪيبي ۔ ھٿراڌو ۔ ملاوٽي ۔ مرڪبي

پيدا ڪرڻ ۔ اپائڻ To generate

Organic نامياتي ۔ نباتي ۔ انگياتي

Synthetic chemistry
ترڪيبي علم ڪيميا ۔ مرڪبي علم ڪيميا ۔ ملاوٽي علم ڪيميا

Organic chemistry
نامياتي علم ڪيميا ۔ نباتاتي علم ڪيميا ۔ انگياتي علم ڪيميا

Chemical of interest  حصيدار ڪيميا

مٽ سٽ ۔ تبديل ۔ بدليل Modified

لِيڳو - لِڳاڻو Choline 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
لِيڳو پاڻي ۾ حل ٿيڻ واري وٽامن جھڙي اھم غذا آھي جيڪا ليساڻ جي دستور ساز آھي جيڪا بيدن ۔ ڪيترن ٻوٽن ۽ جانورن جي عضون ۾ موجود آھي. اصطلاح لِيڳا امونيا جي لوڻن جي مقدار جي چو عنصري درجي کي ظاھر ڪري ٿو جنھن ۾ N،N،N۔ٽِچوبيٿوليمُونيم اچي وڃي ٿو.
Choline is a water-soluble vitamin-like essential nutrient. It is a constituent of lecithin, which is present in eggs and in many plants and animal organs. The term cholines refers to the class of quaternary ammonium salts containing the N, N, N-trimethylethanolammonium cation.
Formula: C5H14NO

Choline  لِيڳو ۔ لِڳاڻو ۔ لِڳاٺو ۔ لڳلڳدار پاڻيٺي جزو

پاڻي ۾ حل ٿيڻ جوڳي وٽامن Water-soluble vitamin

Essential  اھم ۔ ضروري

غذا ۔ غذائي مادو  Nutrient

Water-soluble vitamin-like essential nutrient
پاڻي ۾ حل ٿيڻ وارو وٽامن جھڙي اھم غذا

Constituent  دستور ساز ۔ قانون ساز

ليساڻ ۔ لِيٻاڻ   Lecithin

Quaternary  چو عنصري ۔ چوڪور

ايمونيم  Ammonium

N, N, N-trimethylethanolammonium
اين،اين،اين۔ٽِچوبيٿوليمُونيم
(Tri methyle thanol ammonium)

زَرداڻ ۔ ڦِڪداڻ Lutein 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
زَرداڻ تڪسيد روڪ گجرُوڻ ۽ پِڳدار غذا آھي جيڪا ٻوٽن ۽ سبزين جي پيلن رنگن لاء ذميوار ٿئي ٿي ۽ ڪارين ۽ پن وارين ساين سبزين وڏي مقدار ۾ موجود ٿئي ٿي. توھان پنھنجي اک ۾ زَرداڻ جي ڪافي مقدار سان پيدا ٿيو ٿا پر توھان جو جسم وري پيدا ڪري نٿو سگهي. زَرداڻ اک ۾ صحتمند گهرڙن کي بچائڻ ۽ سنڀالڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
Lutein is an antioxidant carotenoid and a pigmented nutrient that is responsible for the yellow colors of fruits and vegetables and is present in the highest quantities in dark, leafy green vegetables. You're born with a certain amount of lutein in your eye, but your body doesn't reproduce it. Lutein helps to protect and maintain healthy cells in the eyes.

Lutein  زَرداڻ ۔ ڦِڪداڻ ۔ پيلي رنگ وارا غذائي جزا

تڪسيد روڪ ۔ دافع تڪسيد  Antioxidant

Carotenoid  گجروڻ

پِڳدار غذا ۔ رنگدار غذا  Pigmented nutrient

To maintain  سنڀالڻ ۔ مرتب ڪرڻ ۔ قائم رکڻ

Wednesday 23 October 2019

لُوئو ۔ لاوَڻ Luteolin 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
لُوئو ٽہ آبِي ٻُوھ آھي جنھن ۾ 4 ھيڊروخي گروپ 3،4،5 ۽ 7 جي حالتن تي واقع آھن. خيال رھي ٿو تہ اھو انساني جسم ۾ تڪسيد روڪ طور ۔ آزاد آڪسِيڪار ڀنگي طور ۔ سوزشي ايجنٽ طور ۽ مدافعتي سرشتي وارو تبديلڪار طور اھم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ ڪيترن ڪينسرن خلاف سرگرم رھي ٿو.
Luteolin is a tetrahydroxyflavone in which the four hydroxy groups are located at positions 3', 4' 5 and 7. It is thought to play an important role in the human body as an antioxidant, a free radical scavenger, an inflammatory agent and an immune system modulator as well as being active against several cancers.

Luteolin  لُوئو ۔ لاوَڻ ۔ پيلي شفاف پِڳ

Tetrahydroxyflavone
ٽِہ آبِي ٻُوھ ۔ ٽہ آبِي ٻوھ

Antioxidant  تَڪسِيد روڪ ۔ دافِع تَڪسِيد

آزاد آڪسِيڪار Free radical

Scavenger  ڀنگي ۔ ٻالو ۔ خاڪرُوب

free radical scavenger
آزاد آڪسِيڪار ڀنگي ۔ آزاد آڪسِيڪار ٻالو


Inflammatory agent
سوزشي ايجنٽ

Immune system modulator
مدافعتي سرشتي وارو تبديلڪار ۔ مدافعتي سرشتي وارو جِدَتڪار ۔ مدافعتي سرشتي وارو ماپڪار

Monday 21 October 2019

زَردَھرو ۔ ھيڊَھرو Apigenin 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
زَردَھرو جيڪو ڪيترن ٻوٽن ۾ ملي ٿو اھو ٻُوھي اپت سان واسطو رکندڙ قدرتي اپت آھي جيڪو ڪيترن قدرتي طور رونما ٿيندڙ مٺاسن جو اميٺو آھي. اھو زرد شفاف نھرو آھي جيڪو اُن کي رنگڻ لاء استعمال ڪيو ويو آھي.
Apigenin, found in many plants, is a natural product belonging to the flavone class that is the aglycone of several naturally occurring glycosides. It is a yellow crystalline solid that has been used to dye wool.

Apigenin
ھيڊَھرو ۔ زردَھرو ۔ ھيڊو شفاف نھرو جوھر

ٻُوھي درجو ۔ ٻُوھي ڪلاس Flavone class

اَميٺو ۔ بنا نشاستي وارو Aglycone

Glycoside  مِٺاسو ۔ ميٺاسو

Yellow crystalline solid
زرد شفاف نھرو ۔ زرد بلوري نھرو

To dye رنگڻ

ان ۔ پشم Wool

Sunday 20 October 2019

لي رچرڊ Li Richard 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
آمريڪي شھري جوناٿن لي رچرڊ دنيا جو عجيب غريب انسان آھي جنھن کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مقدما وڙھڻ وارو شخص سڏيو وڃي ٿو.
ھن سڀ کان پھريون مقدمو پنھنجي ماء خلاف درج ڪرايو تہ ماء ھن جي تربيت سٺي ناھي ڪئي. ھي ڪيس کٽي ويو ۽ 20 ھزار ڊالر ھن کي معاوضو مليو.
ھن پنھنجي دوستن ۔ پنھنجي استادن ۔ پنھنجي پاڙيسرين ۔ پنھنجي منڱيندي ۔ پوليس آفيسرن ۔ مشھور ڪمپنين ايتري قدر جو صدر بش تي مقدمو دائر ڪيو.
مختلف عدالتن ۾ ھن طرفان داخل ڪيل ڪيسن جو تعداد 26 ھزار ٿي ويو. ھن جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل ڪيو ويو. ھن گنيز بوڪ آف ورلڊ جي مالڪن خلاف مقدمو دائر ڪيو تہ ھن جي اجازت کان سوا ھن جي ذاتي زندگي جي باري ۾ مواد ڇو شايع ڪيو ويو آھي.
مختلف مقدمن ۾ ڏنڊن ۽ معاوضن جي صورت ۾ ھي 8 لک 50 ھزار ڊالر کٽي ويو. ھن کي ھڪ ٽي وي شو ۾ گهرايو ويو. ھن انتھائي ڏک ۽ رنج جي عالم ۾ ميزبان کان سوال پڇيو تہ ڇا سبب آھي جو ايتري شھرت جي باوجود مان تنھا گذاريان ٿو پيو، ڪوبہ مون سان پيار ڪرڻ وارو ناھي.
ٽي وي ميزبان ھن جي ڳالھ تي کلي پيو ۽ ڪافي دير تائين کلندو رھيو. ھي ٽاڪ شو مان اٿيو ھليو ويو ۽ ٽي وي چينل جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ اتان بہ 50 ھزار ڊالر کٽي ويو.

Saturday 19 October 2019

ٻُوھَر - ٻُوھَرو Flavonoid 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
قدرت ۾ ٻُوھَرِي مرڪب ٻوٽن مان ڪڍيا وڃن ٿا ۽ اھي ٻوٽي جي ڪيترن حصن ۾ پاتا وڃن ٿا. سبزين جي واڌ ويجھ ۽ ڪٽ کان بچڻ لاء ڀاڄين سان ٻُوھَر استعمال ڪيو وڃي ٿو. اھي گهٽ پراڻي وزني ڦيڻِي مرڪبن جي درجي سان واسطو رکن ٿا جن جي ٻوٽي جي بادشاھت ۾ وسيع پيماني تي ورھاست ٿئي ٿي. 
In nature, flavonoid compounds are products extracted from plants and they are found in several parts of the plant. Flavonoids are used by vegetables for their growth and defence against plaques. They belong to a class of low-molecular-weight phenolic compounds that are widely distributed in the plant kingdom.

Flavonoid ۔ Bioflavonoid
ٻُوھَر ۔ ٻُوھَرو ۔ جِيو ٻُوھَر ۔ جِيو ٻُوھَرو ۔ ٻوٽي جو جوھر

Flavonoid ٻُوھَر ۔ ٻُوھَرو ۔ ٻُوٽي جو جوھر

Bioflavonoid
جِيو ٻُوھَر ۔ جِيو ٻُوھَرو ۔ ٻوٽي جو جوھر

Flavonoid compounds
ٻُوھَرِي مرڪب

Products  اُپتون

ٻُوھَرا ۔ ٻُوھَرا ۔ ٻُوٽي جا جوھر Flavonoids

Bioflavonoid
جِيو ٻُوھَرا ۔ جِيو ٻُوھَرا ۔ ٻوٽي جا جوھر

Flavonoid ٻُوھَر ۔ ٻُوھَرو

Plaque
ڪاراٺ ۔ ڪارَٺ ۔ ڪَس ۔ ڪَٽ

Low-molecular-weight phenolic compounds

 Phenolic compounds  ڦيڻي مرڪب ۔ فينولي مرڪب

گهٽ پَراڻا وزني ڦيڻي مرڪب -  گهٽ پَراڻا وزني فينولي مرڪب

plaque
ڪاراٺ ۔ ڪارَٺ ۔ ڪَس ۔ ڪَٽ

Low-molecular-weight phenolic compounds
گهٽ پراڻا وزني ڦيڻي مرڪب -  گهٽ پراڻا وزني فينولي مرڪب

Phenolic compounds  ڦيڻي مرڪب ۔ فينولي مرڪب

Friday 18 October 2019

نِيرپَڻ ۔ نِيرپ Ocular albinism 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِيرپَڻ جينياتي حالت آھي جيڪا ابتدائي طور تي اکين کي متاثر ڪري ٿي. ھي حالت تاري جي رنگت (پڳ) کي گهٽائي ٿي جيڪا اک ۽ نِرعَڪسيء جو رنگدار حصو آھي جيڪا اک جي پٺئين حصي ۾ ھلڪو حساس اوڄو آھي. اک جي پِڳ وچٿري ڏيک لاء ضروري آھي.
Ocular albinism is a genetic condition that primarily affects the eyes. This condition reduces the coloring (pigmentation) of the iris, which is the colored part of the eye, and the retina, which is the light-sensitive tissue at the back of the eye. Pigmentation in the eye is essential for normal vision.

Ocular albinism
نِيرپَڻ ۔ نِيرَپ ۔ نِير بگپڻ

Genetic condition  جينياتي حالت

متاثر ڪرڻ ۔ نقصان پھچائڻ  To affect

Toar reduce گهٽائڻ ۔ کٽائڻ

رنگت ۔ پڳ Coloring (Pigmentation)

Colored part
رنگ وارو حصو ۔ رنگدار حصو

Iris تارو

Retina نِرعَڪسِي ۔ نِرڌار ۔ نِرَنگِي

Light-sensitive tissue
روشني وارو حساس اوڄو

Normal vision وچٿرو ڏيک 

Wednesday 16 October 2019

پِيلپَڻ - پِيلَپ Oculocutaneous albinism 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
پِيلپَڻ ورلي موروثي بي ترتيبين جو گروھ آھي جنھن جي چمڙي ۔ وارن ۽ اکين ۾ ميلان پِڳ جي گهٽتائي يا مڪمل کوٽ جي ڪري درجہ بندي ڪئي وڃي ٿي. اھي حالتون خاص جِينن ۾ تَغَيُرن جي ڪري پيدا ٿين ٿيون جيڪي خاص گهرڙن ۾ ميلان پِڳ جي اپت لاء ضروري آھن جن کي ميلاڻو سڏيو وڃي ٿو.
Oculocutaneous albinism (OCA) is a group of rare inherited disorders characterized by a reduction or complete lack of melanin pigment in the skin, hair and eyes. These conditions are caused by mutations in specific genes that are necessary for the production of melanin pigment in specialized cells called melanocytes.

Oculocutaneous albinism
پِيلپَڻ ۔ پِيلَپ ۔ پِيل بَگپَڻ

Rare وَرلي ۔ ڇِڊو پاڍو ۔ ڪڏھوڪو

موروثي ۔ ورثي وارو Inherited

Disorders  بي ترتيبين ۔ بِگاڙن

Characterized
درجہ بندي ڪيل ۔ وصفي بيان ڪيل ۔ وصفي

گهٽتائي ۔ گَهٽاء ۔ سوس Reduction

Lack  کوٽ ۔ ڪمي ۔ ڪوتاھي

ميلان پڳ  Melanin pigment

Mutations تغيرن ۔ تبديلين ۔ ڦيرن گهيرن ۔ تبديل پذيرين 

مخصوص ۔ خاص Specific

Genes  جينن

اپت  Production

Specialized خاص

ميلاڻا    Melanocytes

Monday 14 October 2019

بَگپَڻ ۔ بَگَپ Albinism 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
بگپڻ ھڪ موروثي حالت آھي جنھن ۾ ماڻھو جي چمڙي ۔ اکين ۽ وارن جو رواجي رنگ پيدا ڪرڻ جي قابل نٿو رھي... حالت جو اثر چمڙي ۔ اکين ۽ وارن تي پوي ٿو اھا حالت صرف پڳ Melanin pigment جي کوٽ جي ڪري ٿئي ٿي. بگپڻ جو اثر صرف انسانن تي نٿو رھي پر انهي کان جانور ۔ پکي ۽ بي ڪرنگهيدار متاثر ٿين ٿا جيئن ڪنھن ڌڻ ۾ بگي مينھن ڏسي حيرت وٺي ويندي آھي يا ڪوئي کي بگو ڏسي سوچ وٺي ويندي آھي. بگپڻ ڪا بيماري ناھي پر جينياتي بي ترتيبي آھي جنھن ۾ ميلان پڳ Melanin pigment جي کوٽ رھي ٿي ۽ ميلان پڳ جي کوٽ جي ڪري بگپ اکين ۔ چمڙي ۽ وارن تي حاوي ٿي ويندو آھي.
بگپڻ جي اپٽار انگريزي وڪيپيڊيا ھيئن ڪري ٿي.
“Albinism is the "congenital absence of any pigmentation or coloration in a person, animal or plant, resulting in white hair, feathers, scales and skin and pink eyes in mammals, birds, reptiles, amphibians and fish and invertebrates as well."
”بَگپڻ ماڻھو ۔ جانور يا پکي ۾ پڳسازي يا رنگسازي جي پيدائشي غير موجودگي آھي جنھن جي نتيجي ۾ اڇا وار ۔ اڇا کنڀ ۔ اڇا ڇلر ۔ اڇي چمڙي ۽ چوپاين ۔ پکين ۔ ريڙھيدارن ۔ جل ٿل جانورن ۽ مڇي ۽ بي ڪرنگهن ۾ پڻ پيليون اکيون ٿين ٿيون.“
وارن ۔ چمڙي ۽ اکين جي رنگ سازي ۾ ميلاڻا Melanocyte موجود ٿين ٿا جيڪي ميلان پڳ Melanin pigment ٺاھن ٿا. جسم جي انهي ٽنھي حصن جو رنگ ميلان پڳ جي رنگسازيء جي ڪري رھي ٿو. ائين کڻي چئجي تہ ميلان پڳ رنگساز آھي جيڪو ڄمندي جسم جي انهي ٽنهي حصن ۾ رنگ ڀري ٿو.
بگا اھي ماڻھو ٿين ٿا جن جي چمڙي ۔ اکيون ۽ وار عام رواجي نٿا ٿين. بگپڻ ھڪ جينياتي بي ترتيبي آھي جنھن کي بيماري چئي نٿو سگهجي. ھن جا شڪار ماڻھو اس برداشت ڪري نٿا سگهن ۽ ھنن جي نظر بہ ڪمزور ٿئي ٿي.
آمريڪا ۽ يورپ جي فلاحي رياستن ۾ بگن کي ڪافي طبي سھولتون ڏنيون وڃن ٿيون. بگا ماڻھو جسماني طرح مڪمل ٿين ٿا انهن ۾ ڪابہ کوٽ نٿي ٿئي ۽ رواجي زندگي گذاري سگهن ٿا.
بگپڻ جي ڪري ماڻھن ۾ پيلي يا گلابي رنگت ظاھر ٿئي ٿي. بگپڻ ۾ جيڪي ٻار ڄمن ٿا جيڪي رنگساز پڳ ميلان پڳ Melanin pigment کان محروم رھن ٿا. انهن جو جسم ميلان پڳ نہ ٺاھڻ ڪري پيلاڻ رنگت جو ٿي وڃي ٿو. بگپڻ وچڙندڙ بيماري ناھي ۽ نڪي ويجهي کان انهي جي ڇوت لڳي ٿي باقي ھي عارضو موروثي بنيادن تي خاندانن ۾ ٿي سگهي ٿو. ڪجھ ماڻھو اھڙا ٿين ٿا جن جون بگپڻ ۾ اکيون متاثر ٿين ٿيون باقي جسم جا وار ۽ چمڙي ساڳي رھي ٿي.
بگپڻ جون ٻہ حالتون ٿين ٿيون.
(1) پِيلپڻ - پِيلَپ ۔ پيل بگپڻ
Oculocutaneous albinism


(2) نِيرپڻ - نِيرَپ ۔ نير بگپڻ    Ocular albinism

(1) پِيلپَڻ - پِيلَپ   Oculocutaneous albinism
پِيلپَڻ ورلي موروثي بي ترتيبين جو گروھ آھي جنھن جي چمڙي ۔ وارن ۽ اکين ۾ ميلان پِڳ جي گهٽتائي يا مڪمل کوٽ جي ڪري درجہ بندي ڪئي وڃي ٿي. اھي حالتون خاص جِينن ۾ تَغَيُرن جي ڪري پيدا ٿين ٿيون جيڪي خاص گهرڙن ۾ ميلان پِڳ جي اپت لاء ضروري آھن جن کي ميلاڻو سڏيو وڃي ٿو. پيلپڻ ۾ اکيون ۽ چمڙي ڦڪي ۽ وار اڇا رھن ٿا.

(2) نِيرپَڻ - نِيرپ   Ocular albinism
ھن حالت ۾ ماڻھن جون اکيون نيريون ٿين ٿيون، ڪجھ ڪيسن ۾ نِيرَپڻ ۾ تارو ڪجھ گهٽ پيلو يا گلابي نظر ايندو آھي. ھي اک جي اندر رت جي رڳن جي ڪري ٿئي ٿو جيڪي تاري ۾ ڏسجن ٿيون. ڪن حالتن ۾ نِيرپڻ ۾ ٻڌڻ واريون نسون متاثر ٿي سگهن ٿيون ۽ ھن قسم وارو ماڻھو ٻڌڻ وارن مسئلن يا انڌاپڻ کي سڌاري سگهي ٿو.
سوا اک جي مسئلن جي بگپڻ وارا ماڻھو صحتمند ٿين ٿا پر صفا ٿورڙين حالتن ۾ بگپڻ صحت کي متاثر ڪري ٿي. اھڙن قسم جي ماڻھن ۾ صحت جون پيچيدگيون رھن ٿيون جيئن ڦڦڙن ۔ آنڊن مان رت وھڻ ۽ مدافعتي مسئلا.

نظر ۽ بگپڻ  Eyesight and Albinism:-

بگپڻ وارن ماڻھن کي اڪثر نظر جو مسئلو رھي ٿو ان ڪري اھي ويجھ نظري nearsightedness ۔ دور نظري farsightedness يا ڪم نظري astigmatism جي حالت ۾ نظر کي صحيح رکڻ لاء چشمو پائن ٿا. گهڻن کي سرڄري جي ضرورت پوي ٿي. بلڪل بگپڻ وارن ماڻھن کي مختلف حساب سان مختلف مسئلا رھن ٿا.
بگپڻ ماڻهو کي مڪمل انڌو نٿو بنائي پر انهن کي زمري انڌو Legally blind بنائي ٿو جنھن جو مطلب آھي اھي مڪمل نظر نٿا وڃائن پر اھي پڙھي ۽ لکي سگهن ٿا. انهن کي وڏن اکرن يا وڏ عڪسي شين جي ضرورت پوي ٿي.
بگپڻ وارا ماڻھو روشني ۾ حساس رھن ٿا ڇوجو انهن جي تاري ۾ ايترو رنگ نٿو رھي جو نرعڪسي کي اڙ ڏين. چشمو پائڻ سان انهن کي اس ۾ ڪافي سھولت ملي ٿي.

چمڙي لاء احتياط Skin Precautions:-
اکين ۔ چمڙي ۽ وارن کي رنگ ڏيڻ سان گڏ ميلان Melanin اسان جي چمڙي کي اس کان بچائي ٿو.  چمڙي کي اس کان بچائڻ لا چمڙي مٿان پردو ٺاھي ٿو جنھن جي ڪري چمڙي جي لھسڻ جا امڪان نٿا رھن. ان ڪري بگپڻ وارا ماڻهو آساني سان لھسجي وڃن ٿا. اھڙن ماڻھن کي چمڙي جو ڪينسر ٿي سگهي ٿو. ان ڪري اهن ماڻھن لاء ضروري آھي تہ اس بچاء ڪريم استعمال ڪرڻ کپي ۽ اھڙيون شيون اوڍڻ کپن جيڪي اس کان بچاء ڪن جيئن ٽوپين Hats ۔ ڪارا ڪپڙا Dark-colored clothing۔ وڏي ڪانچ Long pants ۔ وڏيون قميصون Long-sleeved shirts.

بگپڻ جا سبب:-
بگپڻ موروثي عارضو آھي. اھو ٻئي مان نٿو لڳي. ماڻھو بگپڻ سان پيدا ٿين ٿا ڇوجو انهن کي بگپڻ جو ڄڻ ورثي مان ملي ٿو. پيلپڻ جي گهڻين جوڙجڪن ۾ بگپڻ وارا عزيز ڄمندڙ ٻار کي بگپڻ جين ورثي ۾ ڏين ٿا توڙي جو ٻئي عزيز بگپڻ وارا ھجن تہ بہ چئن ڄمندڙ ٻارن مان ھڪ بگپڻ وارو پيدا ٿي سگهي ٿو. جيڪڏھن ھڪ عزيز کي بگپڻ وارا جين آھن ۽ ٻئي جا جين ٺيڪ آھن تہ انهن مان پيل بگپڻ Oculocutaneous albinism وارو ٻار پيدا نہ ٿيندو پر ٻن مان ھڪ خاندان کي بگپڻ وارو ٻار پيدا ٿي سگهي ٿو. بگپڻ وارو ٻار انهن کي بہ پيدا ٿي سگهي ٿو جن وٽ بگپڻ وارا جين ناھن پر انهن جي رنگ ۾ بگپڻ نموني طور جهلڪي ٿو. نير بگپ وارو نر ٻار اتان پيدا ٿي سگهي ٿو جنھن جي ماء ۾ بگپڻ وارو جين موجود آھي. گهڻين عورتن کي ھلڪي بگپڻ واري حالت ٿئي ٿي جيڪڏھن انهن کي ورثي مان جين مليو ھجي.

بگپڻ جو علاج:-
گهڻن بگپڻ وارن کي صحت جا مسئلا نٿا ٿين سوا نظر جي. انهن کي ڪجھ احتياطن جي ضرورت پوي ٿي. انهن کي اس ۾ اس بچاء ڪريم ھڻڻ کپي ۔ ٿڌي عينڪ پائڻ کپي. بگپ جو علاج ٿي نٿو سگهي پر صحت جي مسئلن کي نظر ۾ رکڻو آھي جيڪڏھن ڪو مسئلو ٿئي ٿو ان جو ڊاڪٽر کن علاج ڪرائجي. 

بگپڻ ماڻھن جي زندگي:-
بگپڻ وارا ماڻهو ٻين ماڻھن وانگر صحتمند ٿين ٿا ۔ انهن جي زندگي ٻين ماڻھن جيتري ٿئي ٿي ۽ اھي زندگي جا وڏا مقصد حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ڪيتري عرصي تائين بغير دوائن جي جي سگهن ٿا ۽ ڪجھ کان سوا انهن کي دوائن جي گهڻي تڻي ضرورت نٿي پوي. ان کان سوا اسان جي سماج کي انهن جي حوصلہ افزائي ڪرڻ کپي ۔ انهن جي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪرڻ کپي ۽ انهن ۾ جيئڻ جو حوصلو ڀرڻ کپي جيئن اھي اڳتي ھلي للڪارن کي منھن ڏيئي سگهن ۽ اداس ٿيڻ بجاء زندگي ڀلي نموني گذاري سگهن.

Sunday 13 October 2019

بَگپَڻ - ڀُورپَڻ Albinism 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
بَگپَڻ ماڻھو ۔ جانور يا پکي ۾ پڳسازي يا رنگسازي جي پيدائشي غير موجودگي آھي جنھن جي نتيجي ۾ اڇا وار ۔ اڇا کنڀ ۔ اڇا ڇلر ۔ اڇي چمڙي ۽ چوپاين ۔ پکين ۔ ريڙھيدارن ۔ جل ٿل جانورن ۽ مڇي ۽ بي ڪرنگهن ۾ پڻ پيليون اکيون ٿين ٿيون.
Albinism is the "congenital absence of any pigmentation or coloration in a person, animal or plant, resulting in white hair, feathers, scales and skin and pink eyes in mammals, birds, reptiles, amphibians and fish and invertebrates as well."

Albinism    بَگپَڻ ۔ ڀُورپَڻ - بَگپ - ڀُورپ

پيدائشي ۔ جنمي  Congenital

Pigmentation  پڳسازي

رنگسازي     Coloration

Feathers  پر

چوپيرا  Mammals

Reptiles  ريڙھيدار ۔ رڙھندڙ جانور

Amphibians
جل ٿليا ۔ جل ٿل جانور ۔ پاڻي ۽ خشڪيء جا جانور

Invertebrates بي ڪرنگها ۔ بنا ڪرنگهي جانور

Saturday 12 October 2019

Endothelium مَنجَهستر - مَنجَهستر گهرڙا 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مَنجَهستر انهن گهرڙن جو حوالو ڏئي ٿو جيڪي رت جي رڳن جي اندريين تھ جو سِٽاء ڪن ٿا ۔ اوڙ ۽ باقي رت جي ڀتين ۾ وھندڙ رت يا لِوِ وچ ۾ اندرين شڪل ٺاھن ٿا. اھو سادي يا ھڪ تھي ڇِلر گهرڙن جو سنهو تھ آھي جنھن کي مَنجهسترگهرڙو سڏجي ٿو.
Endothelium refers to cells that line the interior surface of blood vessels and lymphatic vessels, forming an interface between circulating blood or lymph in the lumen and the rest of the vessel wall. It is a thin layer of simple, or single-layered, squamous cells called endothelial cells.

Endothelium ۔ Endothelial cells
مَنجَهستر ۔ مَنجهل ۔ منجهستر گهرڙا ۔ منجهل گهرڙا ۔ رڳ جو اندريون استر ۔ رڳ جو اندريون تھ ۔ رڳ جي اندريين تھ وارو گهرڙو

Interior surface of blood vessels
رت جي رڳن جو اندريون تھ

Lymphatic vessels
لِوِي رڳون ۔ لِنِي رڳون ۔ لَعابِي رڳون - لِمفي رڳون

Lymph لِوِ ۔ لِنو ۔ لَعاب - لِمف

اوڙ ۔ ٻنڀ ۔ رڳ يا شريان جو ااندريون خال Lumen

Vessel wall  رڳ جون ڀتون

ھڪ تھو  Single-layered

Squamous cells  ڇِلر گهرڙا ۔ کوپ گهرڙا

Thursday 10 October 2019

اوڙ ۔ ٻُنڀ Lumen 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
حياتيات ۾ اوڙ گول جوڙجڪي خال آھي جيئن رڳ يا آنڊو. اھو لاطيني ليومن تان ورتل آھي جنھن جي معنا خول آھي. اھو رڳ جي اندرين حصي جو حوالو ڏئي ٿو جيئن شريان يا رڳ جو وچون خال جن مان رت وھي ٿو.
In biology, a lumen is the inside space of a tubular structure, such as an artery or intestine. It comes from Latin lumen, meaning 'an opening'. It can refer to: The interior of a vessel, such as the central space in an artery or vein through which blood flows. Wikipedia

Lumen
اوڙ ۔ ٻُنڀ ۔ رڳن جو اندريون گول خال ۔ شريان جو اندريون خال

گول ۔ اُفقي ۔ تَھدار    Tubular

Opening  کول ۔ تُن

رڳ  Vessel

Interior of a vessel  رڳ جو اندريون حصو

شريان    Artery

Vein  رڳ

Wednesday 9 October 2019

عڪسرائپ Holography 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
1873ع ۾ ٽي وي ايجاد ٿي. ھي وڏي ايجاد ھئي. تصويري ڪھاڻيون اسڪرين تي ڏسجڻ لڳيون. ان کان پوء ڌنڌلي فلم سازي شروع ٿي نيٺ 2013ع ۾ LG ٽي وي فن ساز ڪمپني دعوا ڪئي تہ ھو جلدي بھترين عڪسن سان ٽي وي متعارف ڪرائيندي ھن ٽي وي جي آمد سان پوري دنيا جون ٽي وي ڪمپنيون ڌوپجي ويون اڳتي ھلي LG ڪمپني 4k Ultra HD متعارف ڪرائي جيڪا عالمي منڊي جي سڀ کان وڏي ۽ بھترين ايجاد ھئي.
پرجلدئي آمريڪن ڪمپني ان جو ٽوڙ ڪڍيو. انهن ورچوئل ريئلٽي ڊوائيس متعارف ڪرائي. ھي ڊوائيس عينڪ وانگر ٿئي ٿي جيڪا اکين تي لڳنديئي فرد کي حقيقي دنيا مان ڪڍي فلمي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي ڪڏھن ڪڏھن فلم ۾ پھاڙ يا بلند جڳھ تان گذرڻ ڪري دل ڏڪيو وڃي ڇوجو ڏسندڙ فلمي ڪردارن سان مڪمل طور تي وابستہ ٿئي ٿو.
ھن ڊوائيدس ٺاھيندڙ ڪمپني دعوا ڪئي تہ ھن کان وڏي ڪابہ ايجاد ٿي نہ سگهندي پر عڪسرائپ Holography ھن جي دعوا جي چيلھ ٽوڙي ڇڏي. سيون ڊي جي ايجاد دماغن کي دنگ ڪري ڇڏيو. ھن جي خالق ھن کي جديد تر بنايو ايتري قدر جو سج جي روشني ان کي متاثر ڪري نہ سگهي. جيڪڏھن دل چاھي رات ۾ ڏينھن اچي وڃي ۽ ڏينھن ۾ رات اچي وڃي. ھي فنيات Technology ڪمري يا ھال تائين محدود ناھي پر 15 کان 50 ڪلوميٽر جي وسعت رکي ٿي. جيڪڏھن ڪٿي بنجر زمين آھي اتي عڪسري فنيات ذريعي باغ ۽ نديون ڏيکاري دنگ ڪري سگهجي ٿو ۽ ھڪ پرامن علائقي کي شام جيئن تباھ حال ڏيکاري سگهجي ٿو.
ستر سال پھرين وارو انسان جيڪڏھن اسان جي دنيا ۾ اچي وڃي تہ سائنس جي جادوئي ڪارنامي کي ڏسي حيراني وٺي ٿي ۽ پريشاني بہ.  
اسان سڀني سائنس جي ڪتابن ۾ پڙھيو آھي تہ اسان شين کي ڪيئن ڏسون ٿا.
جي بلڪل! اسان کي شين کي واضح ۽ صاف ڏسڻ لاء روشني جي ضرورت پوي ٿي. اسان ان شي کي تڏھن ڏسي سگهون ٿا جڏھن روشني ان شي کان منعڪس ٿي اسان جي اکين تائين اچي ٿي تہ اسان جي اکين ۾ ان شي جو عڪس جڙي ٿو ۽ اسان جي دماغ ۾ ان شي جو نالو پھرين ئي موجود ٿئي ٿو ان لاء اسان ان کي ٺھ پھ سڃاڻي وڃون ٿا پر ياد رھي تہ جيڪڏھن روشني ناھي تہ اسان انڌيري ۾ ڪجھ بہ ڏسي نٿا سگهون.
عڪسرائپ کي سمجهڻ لاء اسان ھڪ سادو مثال وٺون ٿا اسان پنھنجي موبائيل ۾ ڪافي دفعا آواز آواز ڀريون ٿا ۽ بار بار ٻڌون ٿا. دراصل اھي اسان جي آواز جون لھرون لرزشون Vibrations ٿين ٿيون جن کي اسان محفوظ ڪري رکون ٿا ۽ جڏھن دل چاھي ٻڌون ٿا. آواز جي لھرن کي محفوظ ڪرڻ بعد سائنسدانن غور شروع ڪيو تہ آواز کي محفوظ ڪري بار بار ٻڌي سگهجي ٿو تہ روشني کي محفوظ ڪري ان مان فائدو ڇو نہ ٿو وٺي سگهجي؟
آخر فنيات Technology جي ماھرن روشني جي ڪري ٺھندڙ عڪس جي ڀرائي ڪري ورتي ۽ ان جي بدولت عڪسري فنيات عام ٿي وئي آھي. مختلف ٽي وي چينل ھزارين ميل پري ويھي ڪنھن بہ شخص سان عڪسرائپ Holography ذريعي اسٽوڊيو ۾ ڪچھري ڪري سگهجي ٿي. ائين محسوس ٿيندو ڄڻ اھو شخص بلڪل اصلي حالت ۾ اسان جي سامهون اسان سان ڳالهيون ڪري رھيو آھي. سائنس جي ھن ايجاد آڏيو فنيات  Audio technology ۽ وڏيو فنيات Video technology جي ميدان ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آھي.
ھولوگرافي Holography ھڪ يوناني لفظ ھولوگرام Hologram مان نڪتل آھي جنھن جو مطلب آھي دور کان آيل پيغام. عڪسرائپ Holography جو مظاھرو ھڪ بند ڪمري يا ڪيبن ۾ ڪيو وڃي ٿو تہ جيئن تمام ٿري ڊي شعائن کي ھڪ نقطي تي مرڪوز ڪري ڪنھن بہ شي کي عڪسي شڪل ۾ واضح ڪيو وڃي ٿو. عڪسرائپ ايندڙ دور ۾ ترقي ڪري امبرائپ Skygraphy ۽ پولارائپ Spacegraphy جي شڪل ۾ دنيا جي سامهون پيش ڪئي ويندي ۽ ھن فنيات جي مدد سان آسمان تي عجيب غريب منظر ڏيکاري ماڻهن کي دنگ ڪيو ويندو.
ٿري ڊي فنيات Three D technology کان چڱي طرح واقف ھوندا جنھن ۾ ڪنھن عڪس کي مختلف طرفن کان ڏٺو وڃي ٿو. عڪسري Hologram ۾ ست ڊي فنيات 7D technology استعمال ٿئي ٿي ۽ ھي ھڪ اھڙي فنيات Technology آھي جنھن ۾ روشني خاص ڪري روڌار شعائن Laser beams ذريعي ڪنھن منظر کي عڪساري Projector سان ھڪ جڳھ بند ڪيو وڃي ٿو. ھن طريقي ۾ روشني جي شعائن کي ڪنھن پردي بجاء ماحول ۾ ڪٺو ڪيو وڃي ٿو ۽ ان مان ٺھندڙ تصوير Picture ۽ وڏيو Video ايترا حقيقي ٿين ٿا جو ان تي اصلي جو شڪ ٿئي ٿو . ڪمپيوٽر جي زبان ۾ ان کي عڪسرائپ Holography سڏيو وڃي ٿو.
ھن ڪم ۾ پھرين ٿري ڊي وڏيو 3D video تيار ڪئي وڃي ٿي ۔ پوء ان کي ست ڊي تبديل ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوء ان وڏيو Video جي تصوير کي ڇھن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو جنھن کان ڇھ روڌار آلا Laser devices زمين جي بلندي تي لڳائي انهن کي پلي ڪيو وڃي ٿو. ھي تصوير مرڪز مان اچي مڪمل ٿي وڃي ٿي. ھن کي ڏسندي ئي حقيقت تسليم ڪيو وڃي ٿو.
ھن فنيات کي شروع ڪرڻ جو سھرو ھنگري جي ڊينس گيبر ڏي وڃي ٿو. برطانيہ ۾ رھندي 1946ع کان 1951ع تائين ھن فنيات جي باري ۾ مختلف تجربا ڪيا ۽  پنھنجن ٿيوريز کي اخبارن ۾ ڇپرايو. شروع ۾ ڪنھن بہ ان طرف ڌيان نہ ڏنو پر جڏھن 1960ع ۾ روڌار لائيٽ Laser light ايجاد ٿي تہ 1964ع ۾ عڪسري وڏيو Holographic video منظرعام تي آئي. بعد ۾ ھن فنيات Technology کي ايجاد ڪرڻ جي ڪري 1971ع ۾ ڊينس گيبر کي فزڪس ۾ نوبل انعام سان نوازيو ويو.
عڪسري فنيات Holographic technology پھرين فلمن ۾ استعمال ٿيندي ھئي. ھن فنيات ۾ ڪنھن شي کي ھڪ شيشي جي سامهون رکن ٿا، پوء شي تي روڌار شعائن Laser beams جي مدد سان ھڪ شعاع جي شڪل ۾ روشني وڌي وڃي ٿي. ان کان پوء شي مان جيڪي شعاع نڪرن ٿا، انهن کي ٿري ڊي ڪيميرا ۾ ڀريو وڃي ٿو ۔ پوء ان ڀرائي Recording کي عڪساري Projector جي ذريعي جتي چاھجي اتي ڏسي سگهجي ٿو. عڪسرا Holograms جديد سائنسي فنيات  سان تيار ٿين ٿا جيڪي روڌار لائيٽ Laser light جي شعائن Beams ۽ بلورن Lenses ذريعي ڪم ڪن ٿا.
آسٽريلوي سائنسدانن عڪسري Hologram ٺاھڻ جي اھڙي فنيات ايجاد ڪئي آھي جنھن کي استعمال ڪندي موبائيل جي مدد سان عڪسري وڏيو ڪال Holographic video call ڪئي ويندي. ھن فنيات جي مدد سان ڪال ڪندڙ جو عڪسرو Hologram موبائيل جي اسڪرين تي ظاھر ٿيندو يعني ڪال ڪندڙ Caller جي شڪل يا مڪمل حرڪت ڪندڙ تصوير موبائيل جي اسڪرين کان علاوا ٿري ڊي يا سيون ڊي حالت ۾ ڏسي سگهجي ٿي.
ٿري ڊي فنيات جي ايجاد کان پوء ست ڊي فنيات ايجاد ٿي وئي آھي. ھن فنيات جي ايجاد کان پوء اسڪرين يا ڀت جي ضرورت نہ رھي آھي. ڀت يا اسڪرين بجاء عڪسي شڪل بلڪل روبرو حقيقت ۾ آئي آھي. تصوير کي ڏسندي ائين لڳي ٿو تہ ڄڻ ڪو اڳيان ماڻهو ڳالهائي رھيو آھي. ڪردار ۽ منظر ڪمري جي حقيقي منظر کي گم ڪري عڪسي تصويري منظر کي ايترو حاوي ڪن ٿا جو توھان سلمان خان جي شاندار ادائگي ڏسي ان سان ڳلي ملڻ جي ڪوشش ڪريو يا خوبصورت پھاڙ تي چڙھڻ لاء توھان سوفي سان ٽڪرائجي وڃو. ھن فنيات جي اھم ڳالھ ھي آھي تہ منظر فلمي بدروحن وانگر چمڪدار نٿا ٿين پر وچٿري روشني ۽ ڀيٽ تي مشتمل ٿين ٿا تہ جيئن اکين جي بينائي متاثر نہ ٿئي.
ھن فنيات کي سائنسي زبان ۾ عڪسرائپ Holography سڏجي ٿو. ھي فنيات روڌار شعائن Laser beams جو مجموعو آھي جنھن جي ذريعي فلمي منظر بلڪل حقيقت ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو. ھن فنيات جون ھن مھل تائين چار نمائشون ٿي چڪيون آھن، پھرين نمائش لنڊن ۾ منعقد ٿي جنھن ۾ اڻ لڀ جانورن ۽ خلابازن کي زمين تي حرڪت ڪندي ڏيکاريو ويو. ٻي نمائش آمريڪا ۾ ٿي ھي نمائش گهڻو حيران ڪندڙ ھئي. ھن نمائش ۾ ماڻهن کي ميدان تي ڪٺو ڪيو ويو. ان کان پوء ست ڊي فنيات 7D Technology سان ٺھندڙ ھڪ سامونڊي وڏيو Sea video ڏيکاري وئي. ھن وڏيو Video جا منظر سمنڊ جي ھيٺئين حصي کان مٿئين طرف ميدان تي ڏيکاريا ويا جنھن ۾ خوفناڪ سامونڊي جانور تري ڦري رھيا ھئا. وڏيو Video جي ڏيک ايندي ھڪ رنگ سمنڊ جو ڏيکاريو ويو. پوء ان ۾ پاڻي جي ھلچل اڀري ۽ خوفناڪ بلائون ترڻ لڳيون. ڪجھ لمحن ۾ ماڻهو پاڻ کي سمنڊ ۾ محسوس ڪرڻ لڳا. انهن جي ڀرسان وڏيون مڇيون ۽ سامونڊي درندا وات ڦاڙي گذري رھيا ھئا. ھي منظر بلڪل حقيقت جي قريب ھئا ۽ ماڻھو خوف مان ڏڪي رھيا ھئا تہ ڪٿي اھي کاڄي نہ وڃن. ٽين نمائش لنڊن جي ھڪ اسڪول ۾ ٿي جنھن ۾ب برفاني ڪناري تي برفاني جانور کيڏندي ڏيکاريا ويا. چوٿين نمائش لنڊن ۾ ٿي ھن نمائش ۾ ھڪ ديو قامت مڇي کي سمنڊ مان اڀرندي ڏيکاريو ويو. توھان انهن وڏيو کي 7D يا Holographic video لکي گوگل تي ڏسي سگهو ٿا.

Tuesday 8 October 2019

رِڳاڙ غدود - ڇاپَر غدود Meibomian glands 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
رِڳاڙ غدود (جن کي ڇاپَر غدود پڻ سڏجي ٿو) ڇپر جي ڪِنارين وٽ ڇاپر پليٽ اندر ڳاڙ نموني ڳِيڙ غدود آھن. اھي رِڳاڙ پيدا ڪن ٿا ھڪ تيل وارو مواد جيڪو اک جي نير فلم جي ٻاڦ کان بچائي ٿو.
Meibomian glands ( also called tarsal glands) are holocrine type exocrine glands, along the rims of the eyelid inside the tarsal plate. They produce meibum, an oily substance that prevents evaporation of the eye's tear film.

Meibomian glands ۔ Tarsal glands
رِڳاڙ غدود  ۔ ريڳاڙ غدود ۔ ڇاپَر غدود ۔ ڏاڍَر غدود ۔ ريزِشي غدود ۔ اک جي ڇپر جي ڇاپري وارا غدود

Meibomian glands
رِڳاڙ غدود  ۔ ريڳاڙ غدود ۔ ريزِشي غدود

Tarsal glands
ڇاپَر غدود ۔ ڏاڍَر غدود ۔ اک جي ڇپر جي ڇاپري وارا غدود

Holocrine  ڳاڙ ۔ ريزش ۔ ڇاڻ ۔ اخراج

ڳِيڙ غدود ۔ رِيڪ غدود ۔ اِخراجي غدود Exocrine glands

Rims  ڪنارين ۔ ڇيڙن ۔ سرحدن

رِڳاڙ ۔ ريڳاڙ ۔ ريزش Meibum

Eye's tear film
اک جي نير فلم ۔ اک جي ڳوڙھي واري فلم

Oily substance  تيل وارو مواد

ٻاڦ ۔ بخار   Evaporation

Monday 7 October 2019

عڪسري فنيات Hologram Technology 💎دريا خان سنڌي💎

MyDairyAsgharSagar
اوهان سائنسي تصوراتي فلمون تہ ڏٺيون هونديون جن ۾ آئرن مين جون فلمون بہ اچن ٿيون جن ۾ نہ صرف هڪ لوھ جي سوٽ جا ڪارناما ڏٺا هوندا پر ٽوني اسٽارڪ طرفان عڪسري فنيات Hologram technology ۽ جاسوسي جو استعمال ڪيو ويندو آهي جنھن سان فلم کي هڪ سائنسي تصور کان ڪجھ وڌيڪ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. جيئن تہ عڪسرائپ Holography  ٿري ڊي تصوير کي ئي چئبو آهي ڇوجو اڄڪلھ ڪجھ ماڻھو ست ڊي استعمال ڪندا آهن تہ اهو چيو ويندو تہ ان فلم ۾ ست ڊي عڪسري فنيات جو استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو آهي تہ غلط نہ ھوندو.

پر هي عڪسرو Hologram يا عڪسرائپ Holography  آخر ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪندو آهي؟
سڀ کان اڳ عڪسري Hologram  يا عڪسرائپ Holography جي باري ۾ ڄاڻڻ کان پھرين اھو سمجھڻو پوندو تہ اسان ڪنھن شيء کي ڏسي ڪيئن سگھندا آهيون ڇوجو ان جو واسطو ڏسڻ سان ئي آهي. اسان ڪنھن شيء کي تڏهن ڏسي سگهندا آهيون جڏهن اھا روشني موڙ ڪري اسان جي اکين تائين ايندي آهي ۽ بنا روشني جي اسان ڪنھن شيء کي ناهيون ڏسي سگھندا. ان ڪري جڏهن اوهان ڪنھن اونداهي واري جڳھ تي ويندا آهيو تہ اتي اوهان ڪنھن بہ شيء کي ناهيو ڏسي سگھندا.  
عڪسرائپ Holography کي 1940ع ۾ هنگرين ڊينس گيلبر نالي سائنسدان ايجاد ڪيو جنھن جي ڪري کيس 1971ع ۾ نوبل پرائز بہ ڏنو ويو. ان کان پوءِ ان ۾ اڳڀرائي تڏهن آئي جڏهن 1960ع ۾ روڌار Laser ايجاد ٿيو ڇوجو عڪسرائپ Holography بہ روڌار Laser تي ئي ڪم ڪندي آهي جنھن ۾ روڌار شعائن جو ڪجھ ان طرح سان استعمال ڪيو ويندو آهي جو ان مان هڪ هلندڙ ڦرندڙ ٿري ڊي تصوير ٺھي ويندي آهي جنھن کي اوهان ڪيترين ئي فلمن يا ٽي چينلن ۾ ڏٺو هوندو. رپورٽ روشني جي شڪل ۾ پاڻ کي ظاهر ڪندي آهي ۽ ڳالھ ٻولھ پڻ پر ان جي آر پار بہ ڏيکاربي آهي جنھن ۾ هٿ آر پار  بہ ٿي ويندو آهي اها هڪ ٿري ڊي تصوير هوندي آهي جنھن کي ڪمپويٽر اندر ڀريو ويندو آهي ۽ اها اهڙي وقت پوڻ تي روڌار جي شعائن جو استعمال ڪري ٿري ڊي تصوير ظاهر ٿيندي آهي ۽ پنھنجو مقصد حاصل ڪندي آهي يعني روشني کي ان طرح بند ڪيو ويندو آهي ۽ قانونن کي استعمال ڪندي روشني کي ائين موڙيو ويندو آهي جو اها هڪ اهڙي تصوير ٺاهي ڇڏيندي آهي جيڪا حقيقت جي ويجھو هوندي آهي. 
هاڻي Hologram (عڪسرو) جو مطلب ڇا آهي ھولو مطلب هول يا سوراخ ۽ گرافي جو مطلب آهي سولي اکرن ۾ ڪنھن جڳھ ڪمري مان ورتل انگن اکرن کي جي ڀرائي ڪري ڇڏڻ ۽ واپس انھي سوراخ يا ڪمري مان ڏسڻ. هاڻي ان مان مراد عڪسارو Projector  مان بہ ورتي وڃي سگھجي ٿي پر عڪسارو Projector ون ڊي يا ھڪ طرفو هوندو آهي يعني ان کان نڪرڻ واري روشني کي صرف سامھون کان ئي ڏسي سگهجي ٿو پر عڪسرائپ ٿري ڊي تصوير ٺاھيندي آهي جنھن سان سامھون کاٻي ساڄي پاسي کان ڏسڻ اها هڪ جهڙي تصوير پيش ڪندي آهي يعني جيڪڏهن انسان عڪسرائپ جو استعمال ڪري ٿو تہ اهو سامھون کان نظر اچڻ سان گڏوگڏ ان جو جسم پويان ۽ کاٻي ساڄي پاسي کان بہ نظر ايندو. هاڻي عڪسري تصوير ورتي ڪئين ورتي ويندي آهي. ان جي لاءِ عام ڪيميري جيان روڌار Laser جو استعمال ناهي ڪيو ويندو ۽ نہ ئي جنھن شي جو عڪسري عڪس ورتو ويندو آهي سڌو ان تي روڌار وڌو ويندو آهي بلڪ ان ۾ روشني مختلف قالبن Frames کان گذري ڪري موضوع جي تصوير وٺندي آهي. پھرين مرحلي ۾ روشني روڌار Laser مان نڪري ڪري هڪ حوالي قالب Reference frame ٺاھيندي آهي جنھن لاءِ موضوع Subject کي وچ ۾ بيھاريو ويندو آهي جڏهن تہ موضوع جو ٻيو قالبي موضوع Frame subject  شعاع Beam جي نالي سان ٺھندو آهي، پوءِ هي روشني موڙ کائي موضوع تي پوندي آهي ۽ آخر ۾ ٽيون قالب Frame ٺھندو آهي جنھن ۾ ان موضوع جي حرڪتن کي ڀريو ويندو آهي يا ائين چئجي تہ ٽئين قالب Third frame ۾ موضوع جو عڪس ٺھي ويندو آهي.
ائين هڪ ٿري ڊي تصوير ٺھي ويندي آهي جيڪا موضوع جون سڀ خاصيتون گڏ ڪيل هوندي آهي، هاڻي جڏهن بہ چاهيندي ان تصوير کي واپس هلائي ڪري ان سبجيڪٽ کي پنھنجي سامھون محسوس ڪري سگھجي ٿو جهڙو اهو اوهان سان گڏ ئي هجي. پنھنجي اصل حالت ۾ ان کان سواءِ ڪمپويٽر جي طرفان بہ عڪسري عڪس Holographic images ٺاهيا ويندا آهن جيئن ڪنھن جانور يا مشين کي عڪسرائپ. ان فنيات Technology جي فائدن جي ڳالھ ڪئي وڃي تہ ان جا ڪيترائي فائدا آهن. جيئن چين پاران ان تي ڪيترا ئي تجربا ڪيا ويا هئا جنھن ۾ انھن زميني مٿاڇري ڏي هڪ هلندڙ شھر ڏيکاريو هيو.
عڪسرائپ جو استعمال خلائي مشينن ۾ ڪري سگھجي ٿو جنھن سان تصويرن کان سواءِ وڊيو کان سواءِ ٻين سيارن جي خيالن کي زمين تي ويھي ڪري ڏسي سگهجي ٿو ۽ ٻين ڪيترين شين تي پڻ جيئن مختلف ڪمپنيون عڪسري موبائل فون پڻ ٺاهي رهيون آهن.

Hologram  عڪسرو ۔ عڪسيجو

Hologram technology
عڪسري فنيات ۔ عڪسري صنعتيات ۔ عڪسري ھنريات ۔ عڪسري پروڙيات

Technology
ھنريات ۔ فنيات ۔ صنعتيات ۔ پروڙيات ۔ فن وديا

Laser  روڌار ۔ روپٽو

عڪسارو   Projector

Sunday 6 October 2019

نِراسِي ۔ اَڻِي Lacrimal punctum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نِراسِي (جمع نراسيون) يا نير نقطو ڳوپن جي چوٽي مٿان ننڍو تُن آھي جيڪو نير ڍنڍ جي ڇيڙي وٽ ڇپرن جي ڪنارن تي ڏٺو وڃي ٿو. ڇپرن جي اندريين حصي ۾ نِراسيون ٻہ آھن. گڏجي اھي نير غدودن پاران پيدا ڪيل ڳوڙھن گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿيون. وھڪرو نير نالي ذريعي نير ڳوٿري ۾ پھچي ٿو ۽ ان کان پوء نِيرناس نالي ذريعي نڪ راھ جي ھيٺين نڪ نالي ۾ پھچي ٿي.
The lacrimal punctum (plural puncta) or lacrimal point, is a minute opening on the summits of the lacrimal papillae, seen on the margins of the eyelids at the lateral extremity of the lacrimal lake. There are two lacrimal puncta in the medial (inside) portion of each eyelid.
Together, they function to collect tears produced by the lacrimal glands. The fluid is conveyed through the lacrimal canaliculi to the lacrimal sac, and thence via the nasolacrimal duct to the inferior nasal meatus of the nasal passage.

Lacrimal punctum ۔ Lacrimal point
نِراسِي ۔ اَڻِي ۔ نينوڪ ۔ نينارِي ۔ نير نُقطو -  اک جي راس ۔ اک جي اڻي ۔  اک جون ڪناريون

Puncta ۔ Lacrimal puncta
(Plural of lacrimal punctum)
نِراسِيون ۔ اَڻِيُون ۔ نينوڪ ۔ نيناريون ۔ اک جون راسيون ۔ اک جي اڻيون ۔ اک جون ڪناريون

Minute opening ننڍڙو تُن ۔ ننڍڙو کول ۔ ننڍڙو لنگھ

چوٽين  Summits

Pappilae ۔ Lacrimal papillae (Plural of pappila)
ڳوپا ۔ لوڳا ۔ اک جي ڇپر جا ھيٺيان داڻا ۔ اک جي ڇپر جون ھيٺيون ڳوڙھيون

Pappila ۔ Lacrimal papilla
ڳوپ ۔ لوڳ ۔ اک جي ڇپر جا ھيٺيون داڻو ۔ اک جي ڇپر جي ھيٺين ڳوڙھي

Margins   حاشين ۔ ڇيڙن ۔ ڪنارن ۔ سرحدن

ڇپرن ۔ اک جي پردن Eyelids

Lateral   اندريين

Extremity   سرحد ۔ ڇيڙو ۔ ڪنارو ۔ نوڪ

اندريين  Medial (Inside)

Lacrimal gland
نير غدود ۔ لڙڪ غدود ۔ ڳوڙھن وارو غدود

Lacrimal glands
نير غدود ۔ لڙڪ غدود ۔ ڳوڙھن وارا غدود

Lacrimal canaliculi  نير نالي ۔ ڳوڙھن جي نالي

نير ڳوٿري ۔ ڳوڙھن جي ڳوٿري  Lacrimal sac

Nasolacrimal duct 
نيرناس نالي ۔ نڪ جي ڳوڙھن واري نالي

Inferior nasal meatus
ھيٺين نڪ نالي ۔ نڪ جي ھيٺين نالي

Nasal passage  نڪ راھ ۔ نڪ رستو

Saturday 5 October 2019

سنڌي تريل واڱڻ 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
واڱڻ       ڪلو
گيھ        پاء
ٽماٽا       اڌ ڪلو
ڳاڙھا مرچ حسب ضرورت
لوڻ حسب ضرورت

”ٽماٽي جي چٽڻي“
آنو گھ وجهي ٽماٽن کي چٿي ھلائجي گهمائجي. پوء لوڻ حسب ضروت وجهجي. آخر ۾ ڳاڙھا مرچ پائوڊر وجهي ملائي لاھجن.

”واڱڻ جا ڪترا“
واڱڻ جي گول ڪاتر ڪجي.
ھاڻي ڏيڍ پاء گھ ۾ واڱڻن جي ٽي چار ڪترن کي گھ ۾ ترجي. اھي ڪترا ڪڍي ٽي چار ٻيا ڪترا وجهي ترجن. ائين سڀ ڪترا ترجن. ڪترا ايسين ترجن جيسين سونھري ٿين.
ھاڻي ڪترن مٿان چٽڻي وجهجي.
واڱڻ جا سوادي تريل ڪترا تيار آھن.

Friday 4 October 2019

ڪاني ڪرامت مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
”بابا مرشد اچي پيو“
ٻڌنديئي گلشير جو اڌ ساھ نڪري ويو. ھن رستي ڏي نھاريو.
”بابا مرشد کي ھڪ گڏو ڏينداسين، وڌيڪ نہ ڏينداسين اسين پاڻ غريب آھيون.“
پٽ پيءُ کي پڪو ڪندي چيو.
”بلڪل پٽ حاجن! اسان جو گذر سفر فصل تي آھي مس مس وڃي گذران ۽ پورت ڪيون ٿا. مرشد کي سڄو گاڏو ڀرڻ نہ ڏينداسين... ھي اسان جي محنت آھي جنھن تي اسان سڄو سال تڳون ٿا.“
ايتري ۾ مرشد اچي ٺڪ ڪئي. ھي ٻئي وڌي مرشد کي مليا.
”گلو تو واري ڪڻڪ واھ جو لٿي آھي“
مرشد گڏن ڏي ڏسندي چيو.
”حاڪن! جلدي ڪر گڏا کڻي گاڏي کي ڀر.“
مرشد حاڪن مريد کي اشارو ڪيو.
”جيئن حڪم مرشد جو“
حاڪن جهڪي وراڻيو.
مرشد صرف ھڪ گڏو کڻندين، اسان غريب آھيون...وڌيڪ گڏا کڻڻ ڪونہ ڏيندوسانء.“
حاجن وڌي حاڪن مريد کي روڪيو.
”اڙي ڇورا تنھنجي ايتري جرئت! مرشد سان منھن ملائي ٿو ڳالهائين.“
مرشد گاڙو شروع ڪيو.
”اڙي گلو! ڇوري کي ادب بہ ڪونہ سيکاريو اٿئي تہ مرشد سان ڪيئن ڳالهائبو آھي.“
”مرشد اسان غريب آھيون، فصل تي اسان جو گذران آھي۔ان ڪري ھن ڀيري ھڪ گڏو کڻندين.“
حاجن پنھنجي پٽ جي ڳالھ کي وزن ڏنو.
”مرشد گڏو کڻ يا روانو ٿي.“
”اڙي ٻئي پيءُ پٽ نافرمان ٿي ويا آھيو، مرشد سان ائين ڳالهائبو آھي.“
مرشد کي  جلال اچي ويو. اکيون ڳاڙھيون ٿي ويون.
”ھل تنھنجي ٻار کي باھ لڳي وئي ھاڻي خاڪ ميڙجانء مرشد جا نافرمان“
گلشير جو منھن جو پنو لھي ويو. مرشد جي ناراضگي ھن کان برداشت نٿي رھي ھئي.
”مرشد ائين نہ ڪر رحم ڪر“
گلشير آزي نيازي ڪئي. مرشد آڏو ھٿ ٻڌي بيھي رھيو.
”مرشد ٽر ھتان منھنجون اکيون توکي نہ ڏسن.“
حاجن منھن ڦيريو ۽ مرشد کي اکيون ڏيکاريون.
”بابا مرشد جي ڊوھ ۾ نہ اچ۔گاڙو ڪري ٿو پيو.“
گلشير پُٽ جي ڳالھ تي پاسو وٺي بيھي رھيو. مرشد ٿڙڪي رھيو ھو. ھن جي مريد جو بہ منھن لٿل ھو.
”مريد ھل ھتان! مرشد کي پٺي ڏيئي ھنن پنھنجي ڀاڳ کي خاڪ ڪري ڇڏيو آھي.“
مرشد ۽ مريد گڏھ گاڏي تي روانا ٿي ويا. پيء ۽ پٽ ٻنهي کي ويندي ڏسندا رھيا.
”بابا لڳي ٿو تہ اڄ رات مرشد اسان جي ٻار کي باھ ڏيندو، سڄي رات اسان کي جاڳي چوڪيداري ڪرڻي پوندي.“
حاجن پنھنجي پي کي چوڪس ڪندي چيو.
”پٽ صحيح چوين پيو، ڳالھ منھنجي دل سان لڳي پئي.“
پيءُ تائيد ۾ جواب ڏنو.
رات ٿي. ٻئي پيء پٽ ڪجھ ھمراھن سان ٻني جي چوڌاري اڙ وٺي ويھي رھيا ۽ تاڙ ڪرڻ لڳا تہ ڪيڏي مھل مرشد اچي ٿو.
جيئن رات گذري رھي ھئي تيئن ھنن جي چوڪسي وڌي رھي ھئي. ھر ڪو اکيون چار ڪري گهڙن ۽ گهٽن تي نظر رکي رکيو ھو. آڌي جو ٽاڻو ٿيو. ٻہ ماڻهو ٻُٽن سان پيچري تي ظاھر ٿيا. اھي ٻئي ٻار طرف وڌي وڌي رھيا ھئا. جيئن اھي گڏن جي ويجهو پھتا، انهن تيلي ٻاري ۽ ٻار کي اڃان باھ ڏيڻ جي ڪئي، ھمراھن جلدائي سان ٻنهي کي پڪڙي سڪ ڪيو ۽ کين ڪٽڻ لڳا.
”اڙي مون کي ڇڏيو مان مرشد آھيان.“ مرشد ٻٽ لاھيندي ليلايو. دانھن تي ڳوٺاڻا پھچي ويا. سڀ مرشد ڏي حيراني مان ڏسي رھيا ھئا.
”اڙي مرشد تون“ حاجن وڏي آواز ۾ ڳالهايو.
”ھا ھا مان“ مرشد ڪنبندي چيو.
”اسان جي ٻار کي باھ ڏيڻ آيو ھئين“
”جي جي“
”ڇا توکي اھو جڳائي ٿو.؟“
”نہ! نہ! جڳائي نٿو“
”پوء ائين ڇو ڪيئي“ حاجن رعبدار آواز ۾ گرجيو. مرشد کي ڏڪڻي وٺي وئي. سندس سڄو جسم ٿڙڪي رھيو ھو.
”مون ڏٺو پِٽُن اثر نہ ڪيو. سوچيم! گڏن کي باھ ڏيان ائين مرشدي ثابت رھندي ۽ ڪاني ڪرامت ڳائبي رھبي. پر!!!!!
مرشد جي زبان لڙکڙائي رھي ھئي. زبان ٿيڙ کائي رھي ھئي. لفظ مشڪل سان نڙيء مان نڪري رھيا ھئا. 
پر!!! ھاء ڙي قسمت! مريد سياڻا ٿي ويا آھن. پڪڙجي پيس. ڪاني بہ وئي ڪرامت بہ وئي“

Thursday 3 October 2019

جوڙ ڍاڪِيو ۔ جوڙ دُڏِيو Symphysis pubis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جوڙ ڍاڪِيو ڪَچوڏي جوڙ آھي جيڪو وچ ۾ بيھي ٿو ۽ ڍاڪي ھڏن جي ساڄي ۽ کاٻي شاخ کي ملائي ٿو.
The symphysis pubis a cartilaginous joint that sits between and joins the left and right superior rami of the pubic bones.

Symphysis pubis
جوڙ ڍاڪِيو ۔ جوڙ دُڏِيو ۔ جوڙ ڍاڪُون

Pubic symphysis ڍاڪِي جوڙ ۔ نِھاڙِي جوڙ ۔ دُڏِي جوڙ

Symphysis pubis ۔ Pubic symphysis ۔ Pubis ۔ Pubic bone ۔ Pubes
جوڙ ڍاڪيو ۔ جوڙ دڏيو ۔ نھاڙي جوڙ ۔ ڍاڪي جوڙ ۔ دُڏي جوڙ ۔ ڍاڪِيو ۔ ڍاڪِيو ھڏو ۔ نِھاڙيو ۔ نِھاڙيو ھڏو ۔ ڍاڪُون ۔ ڍاڪُون ھڏون ۔ ڍاڪ جو ھيٺيون ھڏو

Cartilaginous joint
ڪچوڏي جوڙ ۔ ڪچي ھڏي جو جوڙ

Rami  شاخ ۔ شاخ در شاخ

ڍاڪي ھڏو ۔ دڏي ھڏو ۔ ڍونگري ھڏو  Pubic bones

Wednesday 2 October 2019

دُنبچي - پُڇاڙو Coccyx 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
دُنبچي ھڏي جو انتظامي ٽِڪنڊو آھي جيڪو ڍال ھڏي ھيٺان ڪرنگهي جي تمام ھيٺئين حصي کي جوڙي ٿو. ان ڪري عام اصطلاح پُڇاڙو طور اھو باقياتي پُڇ آھي
The coccyx is a triangular arrangement of bone that makes up the very bottom portion of the spine below the sacrum. It represents a vestigial tail, hence the common term tailbone.

Coccyx   دُنبچي ۔ دُمچي ۔ دُنب ۔ دُم ۔ پولھ وارو ھڏو

Sacrum   ڍالو ۔ پُڙو ۔ ڍال ھڏو ۔ پڙ ھڏو

spine ڪرنگهو ۔ پٺاڙو ۔ ريڙھ

پُڇاڙو ۔ پُڇاڏو ۔ پُڇ وارو ھڏو Tailbone

Coccyx ۔ Tailbone
دُنبچي ۔ دُمچي ۔ پُڇاڙو ۔ پُڇاڏو ۔ پُڇ وارو ھڏو ۔ پولھ وارو ھڏو

روڌار ۔ روپٽو Laser 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
روڌار ھڪ آلو آھي جيڪو برقي چقمقي تابڪاري جي نيڪالي اڀار تي ٻڌل بلوري ڦھلاء جي مرحلي ذريعي روشني ڪڍي ٿو. اصطلاح روڌار تابڪاري جي نيڪري اڀار ذريعي روشني جو ڦھلاء مخفف طور نڪتل آھي
A laser is a device that emits light through a process of optical amplification based on the stimulated emission of electromagnetic radiation. The term "laser" originated as an acronym for "light amplification by stimulated emission of radiation".

Laser  روڌار ۔ روپٽو ۔ روتيج

آلو ۔ اوزار  Device

Optical amplification based on the stimulated emission of electromagnetic radiation
تابڪاري جي نيڪالي اڀار تي ٻڌل بلوري ڦھلاء

Optical  بلوري

پکيڙ ۔ ڦھلاء   Amplification

Stimulated emission  نيڪالي اڀار ۔ نيڪالي تحرڪ

برقي چقمقي توانائي    Electromagnetic radiation

Originated نڪتل ۔ ايجاد ٿيل

مخفف   Acronym

Light amplification by stimulated emission of radiation
تابڪاري جي نيڪالي اڀار ذريعي روشني جو ڦھلاء

امڙ جو الڪو مختصر ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
رات جو دير تائين ھوٽل تي ويھڻ ۽ سنگت سان ٺاشا ماشا ھڻڻ ھن جو روز جو شغل ھيو. رکي رکي ھن کي پنھنجي امڙ جو خيال ايندو ھيو جيڪا ھن جي اچڻ تائين سلائي مشين سان ڪپڙا پئي سبندي ھئي. ھن جي اچڻ کان پوء ھن جي امڙ سمهي پوندي ھئي.
”سنگت ڪڙھائي جي خوشبو اچي پئي ڇا خيال آھي؟“
ھڪ دوست ڳالهايو.
”يار چٽپٽي خوشبو...دل ٿي چوي تہ کائون.“
ٻئي دوست راء ڏني.
”ڪريو پنجاھ پنجاھ روپيہ...ڪڙھائي تيار ڪرايون ٿا.“
ٽئين دوست جي ڳالهائڻ تي ڏوڪڙ گڏ ٿي ويا. ڪاريگر کي اڌ ڪلو ڪڙھائي جو آرڊر ملي ويو.
”استاد ڪڙھائي ۾ ٽماٽا سجيحا وجهجانء“
ھڪ دوست ڪاريگر کي پارت ڪئي. ڪڙھائي اچي وئي. سڄي سنگت ڪڙھائي کائڻ لڳي. ٻوٽين تي وٺ وٺان شروع ۔ گرھ گرھ تي ٻوٽي. سڄي سنگت تڪڙو کائي رھي ھئي پر ھن تڪڙ جو مظاھرو نہ ڪيو. معمول رفتار سان کائيندو رھيو.
سنگت ڪڙھائي کائي اٿي. ھن گهر ڏي رخ رکيو. در ٽپندي ھن اڳتي ڏٺو. ھن جي امڙ ڪپڙا سبي رھي ھئي.
”پٽ اچي وئين“
ھن جي امڙ ھن کي ڏٺو. امڙ ھن کي ٿالھ ھيٺان کاڌو کڻي ڏنو.
”امان کائي آيو آھيان“
”پٽ ڪٿان“
”امان ھوٽل تان“
چڱو پٽ ھنڌ وڇائي سمهي پئو. اھو چئي ھن جي امڙ سمهي پئي. ھن جي ذھن ۾ ھڪ سوال اڀري رھيو ھو تہ آخر مون کي ھنڌ وڇائڻ لاء ڇوٿي چوي جڏھن تہ کاڌو خود کڻي ڏئي ٿي. سوچيندي ھن کي ننڊ اچي وئي.
روز رات جو دير سان اچڻ ۔ ھنجي امڙ جو انتظار ڪرڻ ۔ ماء جو کاڌو کڻي ڏيڻ ۔ ھن جو ھنڌ وڇائڻ ۔ ساڳو معمول ساڳو سوال ذھن ۾ ساڳي نموني ڪر کڻي رھيو ھو.
ھڪ رات ايندي ئي امڙ ھن کي کاڌو ڏنو. ھي کاڌو کائڻ لڳو.
امان ھڪ ڳالھ پڇان.
”پٽ پڇ“
”امان روز رات جو کاڌو کڻي ڏين ٿي پر ھنڌ ڇو نٿي وڇائي ڏين.“
ھن سوال ڪري ماء ۾ جوھ وڌي جيڪا ھن ڏي پاٻوھ مان نھاري رھي ھئي.
”پٽ! تون منھنجو ھڪڙو پٽ آھين، منھنجي دل جو دلارو آھين. روز رات جو بيگاھ وقت اچين ٿو. تنھنجي پريشاني رھندي آھي تہ ڪٿي تون بہ پنھنجي سوٽ وانگر سنگت سان شراب تہ نہ ٿو پئين. جيڪڏھن تنھنجو شراب پيتل ھوندو تون ھنڌ وڇائي نہ سگهندين. تنھنجي انهي عمل سان روز دل کي تسلي ملندي آھي تہ منھنجو پٽ شراب نٿو پئي.“
ماء جا مامتا ڀريا لفظ ٻڌي ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا ۽ ھن دل ۾ پڪو پھ ڪيو تہ ھي غيرذميوار سنگت کي ڇڏي ڏيندو ۽ رات جو گهر سويري ورندو.