Saturday 30 March 2019

|پيٽ ۾ گئس ۔ ڀرتي |اصغر ساگر|

MyDairyAsgharSagar
 پيٽ ۾ گئس ۔ ڀرتي | اصغر ساگر|
پيٽ ۾ گئس ڀرجڻ دراصل جسم ۾ ھوا جو وڌيڪ ڀرجڻ آھي. اڪثر ڪري جلدي کاڌو کائڻ ۔ کائيندي ڳالهيون ڪرڻ ۔ ڪاربي مشروب پيڻ سان گئس جو عارضو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن جسم مان گئس خارج نہ ٿئي تہ پيٽ ۾ درد ۽ پيٽ ۾ ڀرتي جھڙا مسئلا پيدا ٿين ٿا.

⏪سبب :-
◀کاڌي ۾ غلط شين جو انتخاب.
◀مرچ مسالي ۽ چٽپٽين شين جو غلط استعمال.
◀جسم ۾ موجود بيڪيٽريائن جو وڌيڪ گئس بنائڻ.
◀معدي ۾ شڳر جو جذب نہ ٿيڻ.
◀آنڊن ۾ وڌيڪ جيوڙا پيدا ٿيڻ.

⏪علامتون :-
◀چڪر اچڻ
◀بي پي
◀مزاج ۾ بدمزگي
◀ڌڙڪن جو تيز ٿيڻ
◀قبضي
◀پيٽان ٿورو ويھڻ
◀بڊن جو سڄڻ
◀منھن ۾ ڦلوڪڻا ٿيڻ
◀زبان جو ڦٽجڻ
◀معدي جي تيزابيت
◀بادي بواسير
◀خوني بواسير

⏪گئس پيدا ڪندڙ شيون :-
◀ٽي وي ڏسندي يا ڪجھ پڙھندي ڪنھن نمڪين شي کي کائڻ لاء وات پاڻي ٿيڻ لڳي ٿو ۽ چپس کائو ٿا تہ پيٽ لوڻ وڌڻ ڪري ڦوڪجي ٿو ۽ گئس پيدا ڪري ٿو. طبي ماھرن مطابق وڌيڪ نمڪين شيون کائڻ سان جسم ۾ آنڊي ۽ بڪين ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو ۽ پيٽ ڦوڪڻي وانگر ڦوڪجي وڃي ٿو ۽ عارضا ڪر کڻن ٿا.

⏪چيگم ۽ ٽافيون :-
◀چيگم يا ٽافيون چوسڻ پيٽ ۾ گئس جو سبب بنجن ٿا. ماھرن مطابق جڏھن ڪنھن شي کي چوسجي يا چٻاڙجي ٿو تہ پيٽ ۾ ھوا ڀرجڻ لڳي ٿي ان کان علاوا مصنوعي مٺاس غذائي نالي ۾ مسئلا پيدا ڪري ٿي.

⏪ٻجن واريون سبزيون :-
◀سبزيون جيڪي ٻج واريون ٿين ٿيون انهن جي کائڻ سان ڀرتي يا گئس ٿئي ٿي جيئن کيرو وغيرھ. ماھرن جي مطابق ٻج واريون سبزيون معدي تي ناڪاري اثر ڇڏن ٿيون يا آنڊن جي ڀت سان ملي ننڍيون ننڍيون ٿيلهيون ٺاھن ٿيون جيڪي مسئلو پيدا ڪن ٿيون.

⏪صوف :-
◀روز ھڪ صوف کائو بيماري کان دور رھو ھي قول گهڻن کي بدھضمي سان شڪار ڪري ٿو. صوف پيٽ ۾ گئس پيدا ڪرڻ وارو ميوو آھي. صوف ۾ تاندورا ٿين ٿا پر ھن ۾ قدرتي کنڊ ۽ مٺو قلمي مادو ٿئي ٿو جنھن کي ڪيترن جو معدو ھضم ڪري نٿو سگهي. جيڪڏھن صوف کائڻ کان پوء پيٽ ۾ ڀرتي يا گئس ٿئي تہ ان جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪرڻ کپي.

⏪منڱ :-
◀منڱن جي دال غذائيت سان ڀرپور ٿئي ٿي پر گهڻن ماڻھن کي ايلرڄي ڪري ٿي ۽ پيٽ جي ڦوڪجڻ جو سبب ٿئي ٿي. جيڪڏھن ڪنھن کي کاڌي کان پوء اھڙي شڪايت ٿئي تہ منڱ جي دال جو واھپو گهٽ ڪجي.

⏪برگر :-
◀برگر کائڻ ۾ مزيدار ٿين ٿا انهن ۾ ڪافي شيون وڌيون وڃن ٿيون جيئن بصر ۔ ڪيچپ ۽ مسالا برگر کي مزيدار ڪن ٿا پر گئس جو سبب بنجن ٿا ڇوجو ھي مشڪل سان ھضم ٿين ٿا ۽ آنڊي ۾ پاڻي وڌائن ٿا.

⏪گوبي يا اھڙيون ٻيون شيون :-
◀گوبي ۔ بند گوبي يا ٻيون اھڙيون سبزيون جيڪي ڀرپور جزن ھئڻ ڪري ڪينسر خلاف مزاحمت ڪن ٿيون پر انهن ۾ موجود نشاستو جسم ۾ آساني سان حل نٿو ٿئي ۽ وڏي آنڊي ۾ ھي ميٿين گئس جي شڪل اختيار ڪريٿو. انهي جو مطلب اھو ناھي تہ گوبي کائڻ ڇڏي ڏجي پر وڌيڪ مقدار ۾ نہ کائجي پر ھرٻي جي ٻج جي اضافي سان ھي جلدي ھضم ٿي وڃي ٿي.

⏪ڇانھي :-
◀ڇانھي مفيد ميوو آھي پيٽ جي اڪثر مسئلن کي حل ڪري ٿو پر ھن ۾ گهڻي مٺاڻ ٿئي ٿي ۽ وڌيڪ مقدار ۾ کائڻ سان پيٽ ڦوڪجڻ ۽ گئس جو سبب بنجي ٿي.

⏪مخصوص دوائون :-
◀سوڄ ڪش دوائن جيئن سنڌن جو سور يا گوڏي جو سور کائڻ ڪري ٽڪيون آنڊن ۾ پھچي پيٽ کي ڦوڪائي ٿي جيڪڏھن ائين ٿئي تہ اھڙي حالت ۾ ڊاڪٽر سان رجوع ڪري متبادل دواين کائڻ جومشورو وٺجي.

⏪سویا ساس :-
◀جيڪڏھن توھان سويا جو گھ استعمال ڪيو ٿا ۽ معدي ۾ مسئلو ٿئي تہ يقيني طور تي اھو سويا گھ جي ڪري ٿيو آھي. طبي ماھرن مطابق سويا گھ جي استعمال سان ايلرڄي ٿئي ٿي جنھن جو پھرين احساس نٿو ٿئي اڳتي ھلي گئس ۽ پيٽ جي ڦوڪجڻ جو مسئلو پيدا ڪري ٿو. ان ڪري ڀاڄين مان سويا گھ کي ڪڍي ڇڏجي.

⏪وڌيڪ بو واريون سبزيون :-
◀سبزيون جن جي بوء تيز ٿئي ٿي بصر ۔ سائو بصر يا ٿوم وغيرھ ۾ تاندورن جي ھڪ قسم فريڪٽانس وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ان کي ھضم ڪرڻ ۾ معدي کي ڏکيائي ٿئي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ پيٽ جا مسئلا جيئن گئس ۽ ڀرتي ڪر کڻن ٿا.

⏪پيٽ جي گئس لاء فائدي بخش شيون :-

⏪کيرو :-
◀کيرو ھاضمي لاء بھترين آھي پر ڪچو کيرو استعمال ڪجي. کيري ۾ فلونوئيڊ آڪسائيڊ موجود ٿئي ٿو جيڪو پيٽ جي سوڄ کي گهٽ ڪري ٿو ھن کي سلاد طور کائجي يا ھن جو جوس پيئجي ٻنهن ۾ فائدو آھي.

⏪ڪيلو :-
◀پوٽيشم سان ڀرپور غذائون جيئن ڪيلو جسم جي لوڻيٺ ليول کي باقائدي ڪري جمع ٿيڻ کان روڪ ڪري ٿو جنھن سان لوڻ جي وڌيڪ اسٿعمال سان پيٽ ڦوڪجڻ يا گئس بنجڻ جي عارضي تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي ٿي. طبي ماھرن مطابق ڀرتي جو اھم سبب قبضي آھي ۽ ڪيلي جي پوٽيشم قبضي کي ٽوڙي ٿي.

⏪پپیتو :-
◀پپيتي ۾ موجود خامرا غذائي نالي ۾ موجود پروٽين کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا جنھن سان کاڌو ھضم ڪرڻ آسان ٿي وڃي ٿو. ھي ميوو سوڄ کي گهٽائي ٿو ۽ ھن ۾ موجود تاندورا ھاضمي جي عمل کي وڌائن ٿا.

⏪ڏھي :-
◀ڏھي ۾ موجود پروبائيوٽڪ برڪيٽيريا معدي لاء فائديمند ٿين ٿا جيڪي ھاضمي کي باقائدي ڪري غذائي نالي جي صحت کي وڌائن ٿا. ڪجھ مقدار ۾ ڏھي کائڻ پيٽ ۾ گئس جي عارضي کي گهٽائي ٿي.

⏪سونف :-
◀سونف ھاضمي لاء بھترين آھن ھي ٻج غذائي نالي کي سڪون پھچائين ٿا جنھن جي ڪري پيٽان گئس نڪري ٿي.

⏪اپاء :-
◀ڀاڄين ۾ مسالا گهٽ وجهجن.
◀صرف مڱن جي دال ۾ ھڪ ڳڙي ٿوم جي وجهجي.
◀ڀاڄي ۾ بصر گهٽ وجهجي ۽ داغ گهٽ ڏجي.
◀بواسير جي صورت ۾ بيدي ۔ چڻي ۔ گوشت ۽ مڇي کان پرھيز ڪجي.
◀سڪيٽن ۽ چانھن کان پرھيز ڪجي.

⏪تدبير :-

◀ڀاڄين ۽ چانورن ۾ ننڍو ڦوٽو وجهجي.

◀نسخو :-
🔺ڌاڻو    تولو
🔺جيرو  تولو
🔺ھرٻو   تولو
🔺سونف تولو
🔺ڦودنو  تولو
🔺کنڊ     5 تولا
🔺ڪٽي پائوڊر ڪجي.
🔺چپٽي روز پاڻي سان پيئجي.

◀ھاضمي ۽ گئس لاء ھيڊ بھترين اثر رکي ٿي. ڀاڄين ۾ ھيڊ وجهجي. مارڪيٽ ۾ ھيڊ ملاوٽي ملي ٿي ان ڪري پنھنجي ھيڊ وٺي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجي ۽ اتان ڀاڄين ۾ وجهجي.
◀گيسٽرڪ سيرپ Gastric syrup
استعمال ڪجي.

Thursday 28 March 2019

قبضي Constipation | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
قبضي        Constipation |اصغر ساگر
قبض جو مطلب آھي پيٽ جي باقائدي صفائي نہ ھجڻ ۔ ڦوڳ جو سخت ھجڻ ۔ ڦوڳ جي نيڪالي ۾ دير ٿيڻ ۔ آنڊن جي فعاليت ختم ٿيڻ ۔ قدرتي طور تي شام يا صبح جو اجابت نہ اچڻ ۔ اھي شيون قبض کي ظاھر ڪن ٿيون. درحقيقت قبض ڪابہ بيماري ناھي پر بيمارين جي ڪري قبضي ٿئي ٿي. قبضي ۽ بواسير ٻہ اھڙيون بيماريون آھن جيڪي ھڪ ٻئي جو سبب بنجن ٿيون. قبضي جي معنا آھي پڪڙ ڇوجو آنڊا ڦوڳ کي پڪڙ ۾ رکن ٿا ۽ نڪرڻ نٿا ڏين. جيڪڏھن اجابت (پيٽان ويھڻ) صحيح وقت تي نہ اچي يعني ٻئي يا ٽئين ڏينھن اچي وقت تبديل ٿي وڃي ۔ ماڻھو پيٽان ٿورو ٿورو ويھي يا پيٽان نہ ويھي ان کي قبضي چئبو آھي. قبضي کي بيمارين جي ماء سڏيو وڃي ٿو ڇوجو قبضي ٿيڻ سان معدو ۽ آنڊا متاثر ٿين ٿا ۽ بيماريون ڪر کڻن ٿيون. 

🌷قبض جون 2 صورتون آھن.
◀(1) عارضي قبض
◀(2) دائمي قبض

🌷(1) عارضي قبض :-
ھي قبض اتفاقي ٿئي ٿي. عارضي قبضي ازخود ختم ٿي ويندي آھي يا معمولي قبض ڪشا دوا سان ختم ٿي ويندي آھي. ھن قبضي ۾ تدبير کان ڪم وٺجي ۽ قبض ڪشا دوا استعمال نہ ڪجي پر ورش ڪرڻ جي عادت وجهجي ۔ صبح شام چھل پھل ڪجي. نيراني پاڻي پيئڻ قبضي جو علاج آھي پر معدي لاء نقصانڪار آھي.

🌷(2) دائمي قبض :-
ھي ھميشھ رھي ٿي ھن جو سبب عورتن جي بيماري ليڪوريا ۽ بواسير آھن. دائمي قبض جو علاج ڪرڻ کپي ڇوجو ھي قبضي ٻين بيمارين جو سبب بنجي ٿي. ھن قبضي کي ختم ڪرڻ لاء جلاب استعمال نہ ڪرڻ کپن اڃان آنڊو سخت ٿيندو.

🌷علامتون :-
◀مٿي جو سور
◀نظر جي ڪمزوري
◀دل جي گهٻراھٽ
◀بي چيني
◀بک جي کوٽ
◀ٽنگن ۾ پٽ
◀زبان جو ميرو ھجڻ
◀جسم جي رنگت ڦڪي ٿيڻ
◀بواسير جو ٿيڻ

🌷قبضي جا سبب :-
◀زيادھ تر آرام ڪرڻ
◀ڳرا کاڌا کائڻ
◀شديد بخار جي حالت
◀آرام جي کوٽ
◀ورزش نہ ڪرڻ
◀بغير ڇلي جي اٽو استعمال ڪرڻ
◀تيز مرچ استعمال ڪرڻ
◀روز گوشت کائڻ
◀چڻن وارين شين جو گهڻو استعمال
◀مسالن جي گهڻائي
◀ميدو
◀بيسڻ جون شيون
◀سموسا
◀پڪوڙا
◀مٺايون
◀مشروب
◀تماڪ نوشي
◀دماغي محنت جو گهڻائي
◀نشي آور شين جو استعمال ڪرڻ
◀کير ۽ گھ جو استعمال نہ ڪرڻ

🌷قبضي جا خاص سبب :-

🌷خميري اٽو کائڻ :-
بنا ڇلي اٽو ۔ ڊبل روٽي ۔ توش ۔ ڪچوري ۔ ھي سمجهڻ کپي باريڪ اٽو قبضي ڪري ٿو ليسدار ھئڻ ڪري معدي ۽ آنڊي سان چنبڙي ٿو ۔ غذا ٻاھر ڌڪيلڻ لاء معدي ۽ آنڊي کي وڌيڪ زور لڳائڻو پوي ٿو ڇوجو خمير آنڊي ۽ معدي ۾ ويھي وڃي ٿو. اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ ڪڻڪ جي ڇلي ۾ فولاد ۽ فاسفورس ٿين ٿا جن کي اسان ڇاڻي ڪڍي ڇڏيون ٿا جيڪي قبضي کي ختم ڪندڙ آھن ۽ معدي ۽ آنڊي کي نرم ڪندڙ آھن.

🌷بواسير :-
قبضي جو اھم ۽ وڏو سبب بواسير آھي. ھن ۾ موڪا ٿين ٿا جنھن کي خوني بواسير چئبو آھي ۽ پيٽ تي ڀرتي رھي ٿي جنھن کي بادي بواسير چئبو آھي انهن ٻنهي صورتن ۾ قبضي رھي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن موڪن مان رت وھندو آھي. بواسير جو سبب مرچن ۔ چڻي ۔ بيدي ۽ گوشت جو گهڻو استعمال آھي. ھن حالت ۾ مريض ويھي نہ سگهندو آھي.

🌷روز گوشت کائڻ :-
قبضي جو وڏي ۾ وڏو سبب روز گوشت کائڻ  ۽ بواسير ۽ بي پي کي دعوت ڏيڻ آھي۔ گوشت وڏي پروٽين رکي ٿو ۽ روز کائڻ رڳن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو نتيجي بي پي وڌي ٿو ۔ موڪا ٿين ٿا ۔ قبضي ٿئي ٿي ۽ عورتن ۾ اولاد پيدا ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي وڃن ٿا. گهڻو گوشت کائڻ رڳن کي ٿلهو ڪري ٿو ۽ رت جي وھڪ کي متاثر ڪري ٿو. تريل مساليدار گوشت کائڻ اڃان وڌيڪ قبضي جو سبب بنجي ٿو.

🌷چڻن واريون شيون کائڻ :-
مسلسل چڻن واريون شيون جيئن سموسا ۔ پڪوڙا ۽ مٺايون کائڻ سان بواسير جا سو فيصد امڪان رھن ٿا تنھنڪري بواسير ٿيڻ کان پوء قبضي ٿي وڃي ٿي. ان ڪري جنھن کي قبضي يا بواسير آھي اھو وڏي گوشت ۔ ڇيلي جو گوشت ۔ چڻن ۔ چڻن مان ٺھيل شين ۔ تريل شين کان پرھيز ڪري.

🌷مشروب :-
مشروب مطلب پيپسي ۔ ڪوڪو ڪولا يا اھڙيون بوتلون معدي کي متاثر ڪري خشڪي پيدا ڪن ٿيون گڏوگڏ معدي جي تيزابيت کي وڌائن ٿيون. معدي ۽ آنڊي جو فعل ڪمزور ٿي وڃي ٿو بواسير ۔ وات پچڻ ۽ قبضي جھڙا مرض پيدا ٿي وڃن ٿا.

🌷ليڪوريا :-
جن عورتن کي ليڪوريا ۔ حيض جي گهٽتائي يا حيض جي وڌائي ٿئي ٿي اھي ٿولھ ۔ بواسير ۽ قبضي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون ۽ زندگي بيمارين سان ڀرپور ٿي وڃي ٿي.

🌷بيدن جو گهڻو استعمال :-
روز بيدا کائڻ پاڻ ۾ قبضي ۽ بواسير کي محفوظ ڪرڻ آھي بيدو وڏي پت نٿو رکي پر پر بواسير ۽ قبضي ٿيڻ جا امڪان رکي ٿو.

🌷گهڻي چانھن پيئڻ :-
 قبضي جو وڏو سبب چانھن آھي. گهڻي چانھن پيئڻ جي ڪري معدي جي خشڪي ٿئي ٿي ۽ معدي جي خشڪي جي ڪري قبضي ٿئي ٿي.

🌷چرٻيل گھ Trans fat ghee:-
ڪوشش ڪري چرٻيل گھ استعمال نہ ڪجي جيڪو پت وڌائي ٿو ۽ بي پي جو سبب بنجي ٿو. چرٻيل گھ ٻوٽن ۽ جانورن جي چرٻين مان ٺاھيو وڃي ٿو. بھتر آھي تہ اڻ چڪيل چرٻي ۽ گهڻ اڻ چڪيل چرٻي وارا تيل استعمال ڪجن جيئن جيئن سورج مکي ۽ سويابين جو تيل جيڪو پت نٿو وڌائي.

🌷اپاء :-
◀چڻن واريون شيون ۔ بيدا ۽ گوشت کي گهٽ کائجي.
◀تاندوري Fiber واريون شيون استعمال ڪرڻ کپن.
◀اٽي مان ڇلي نہ ڪڍجي.
◀سبزيون وڌيڪ کائجن.
◀واڱڻ کان پرھيز ڪجي.
◀نشاستي واريون اڻ چڪيل شيون بسڪيٽ ۔ ڪيڪ ۔ سموسا ۔ پڪوڙا ۽ مٺاين کي نہ کائجي.
◀تريل شين کان پاسو ڪجي.
◀قبضي يا بواسير جي صورت ۾ ساون مرچن يا ڳاڙھن مرچن جو واھپو تمام گهٽ ڪجي.
◀گهڻي چانھن پيئڻ کان پرھيز ڪجي.
◀قبضي جو سبب ليڪوريا ۔ حيض جي گهٽ وڌائي ۽ بواسير آھي. جن عورتن کي ھا عارضا آھن اھي انهن عارضن جو علاج ڪرائن.
◀روز ننڊ پوري ڪجي.
◀رات جو گهڻي دير تائين نہ جاڳجي.
◀روز گوشت استعمال نہ ڪجي.
◀روز جي حساب سان کاڌن کي ڦيرائجي ڪڏھن سبزي ۔ ڪڏھن مڇي ۔ ڪڏھن گوشت ۽ ڪڏھن ساون مٽرن جي ڦرين جي دال استعمال ڪجي.
◀ڪوشش ڪري ھر ڀاڄي سايون مٽر جون ڦريون وجهجن.
◀ڀاڄي ۾ دالچيني سڄي وجهجي ڪٽيل نہ وجهجي قبضي ڪندي.
◀ڀاڄي ۾ وڌ ۾ وڌ 4 کان 6 ڪارا مرچ ڪٽيل يا سڄا وجهجن.
◀ڀاڄي ۾ پھرين پوندڙ بصرن يا جيري يا ڪاري مرچ پائوڊر کي داغ گهٽ ڏجي ڇوجو داغ بہ قبضي جو سبب بنجي ٿو.

🌷تدبيرون :-

◀2 پن نازبو جا صبح جو روز کائجن.
۽
◀5 روپين جو سايون مٽر ڦريون روز شام جو کائجن.
◀قبضي ختم ٿي ويندي.

◀ٿورو ڳڙ ۽ تر روز کائجن.

◀2 انجير رات جو پاڻي ۾ پسائجن ۽ صبح جو کائجن.

◀ڏينھن ۾ 2 ڪيلا روز کائجن.

◀پپيتو کائجي.

◀ھڪ ليمو پاڻي ۾ نپوڙي روز پئجي.

◀روزانو 2 زيتون کائجن.

◀ھيرڻ جو تيل چمچو کير ۾ ملائي رات جو سمھڻ وقت پيئجي. صرف ھڪ ڀيرو ڪجي.

◀3 ڇوھارا روز صبح جو کائجن.

◀ٽماٽر کائڻ سان قبضي ختم ٿي ويندي آھي.

◀روز رات جو گلقند کائي مٿان کير جو جهارو پئجي.
◀جهاري جو طريقو:-
◀کير         ڪوپ
◀پاڻي        2 ڪوپ
◀ملائي پيئجي.

◀انب کائڻ سان قبضي ختم ٿي وڃي ٿي.

◀نم جا گل ڇانو ۾ سڪائي ڪٽي پائوڊر ڪري رکجن. چپٽي روز کائجي.

◀کاڌي کائڻ کان پوء ڪجھ داڻا ڪشمش جا کائجن.

🌷نوٽ :- ڪابہ ھڪ شي استعمال ڪجي. ھڪ وقت سڀ ٽوٽڪا استعمال نہ ڪرڻ کپن ۽ ڪجھ وقت ان شي کي استعمال ڪرڻ کپي.

Friday 15 March 2019

معدي جو زخم ۽ دالون Ulcer and Lentils | اصغر ساگر

MyDairyAsgharSagar
معدي جو زخم ۽ دالون  Ulcer and Lentils
اصغر ساگر
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
معدي ۾ جيڪڏھن زخم ھجي تہ پنج دالون ملائي رکجن. پٽڙي نموني روز چاڙھي کائجن. فائدو پوندو. اصولي طرح جڏھن دال ٺاھجي ان کي پٽڙي نموني ٺاھجي ۽ کائجي