Sunday 28 March 2021

ڪچنار وڻ Bauhinia Tree 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 

ڪچنار وچولي قد جو وڻ ٿئي ٿو. ھن جو ڇوڏو خاڪي ۽ ھن جا پن نوڪيلي نموني ٻن حصن ۾ جڙيل ٿين ٿا جيڪي ويڪرا پشمدار ٿين ٿا پر ھيٺئين طرف صاف ٿين ٿا. ھن جي ڦري ھڪ آڱر جيتري ڊگهي ٿئي ٿٿي جنھن ۾ ڇھ کان 12 ٻج ٿين ٿا. ھن جي کل گھري خاڪي نموني جي ٿئي ٿي جيڪا چمڙي جي رڱاوت ۾ ڪم اچي ٿي. ھن وڻ مان ڀوري رنگ جي کونئر نڪري ٿي جنھن کي ڪچنار جي کونئر سڏجي ٿو.

شاعرن ڪچنار جي پنکڙي کي ھڪ حسين جميل ناري سان تشبيھ ڏني آھي. ڪچنار گرم آبھوا ۾ واڌ ويجھ ڪري ٿو. ھي وڻ ٻج جي ڇٽڻ کان علاوا پيوندڪاري ذريعي پوکيو وڃي ٿو. مارچ مھيني ۾ ھن جا پن ڪرڻ لڳن ٿا ۽ نئون ڦوٽھڙو ڪري ٿو. جيڪڏھن ڪچنار رستن ۔ پارڪن ۔ گهرن ۽ جنگلن ۾ پوکيو وڃي تہ ھي خوبصورت ڏيک ڏئي ٿو.

ڪچنار وچولي ۽ گرم آبھوا ۾ ٿيندڙ ھڪ وڻ آھي جنھنجو گل قيمتي ۽ فائدمند آھي. ھن کي سبزي طور پاڪستان، ڀارت ۽ چين ۾ کاڌو وڃي ٿو. ھن جو گل قيمو، سبزي، گوشت وغيره ۾ تمام گھڻو استعمال ٿيندو آھي. ڪراچي ۽ پنجاب جي وڏن ھوٽلن ۾ ڪچنار سٺن کاڌن طور شوق سان کاڌو وڃي ٿو. ھن جو گل تمام سھڻو ۽ خوشبودار گلابي ۽ سفيد رنگ جو ٿئي ٿو.

ڪچنار جو وڻ 10 کان 12 فٽ ڊگھو ٿيندو آھي. ھن وڻ ۾ فيبروري ۽ مارچ يعني بھار جي موسم ۾ گل ٿين ٿا. ڪچنار جو گلُ سبزي ۽ دوائن ۾ استعمال ٿيندو آھي جنھن جي ڪري ھن گُل جي کپ مارڪيٽ ۾ بہ وڌيڪ آھي. ھن جو گل ۽ مکڙي ڪراچي منڊي ۾ فيبروري ۾ 5000 کان 8000 روپيہ في مڻ ۽ مارچ ۾ مال وڌيڪ اچڻ جي ڪري 2500 کان 4000 روپيہ في مڻ وڪامي ٿو. واپارين جي چوڻ موجب گل کان وڌيڪ مکڙي جي قيمت گھڻي آھي. مکڙي ۾ وزن بہ ٿئي ٿو ۽ مکڙي ايڪسپورٽ ڪرڻ سان جلدي خراب نٿي ٿئي. ھڪ وڻ سيزن ۾ تقريباََ 40 ڪلو کان 80 ڪلو تائين پيداوار ڏئي ٿو. ھي وڻ 4 کان 6 سالن ۾ گل ڏيڻ شروع ڪندو آھي. ھن جي ڪاٺي بہ ٽالھي وانگر مضبوط ۽ لچڪدار ٿيندي آھي. ھن وڻ کي ڪوشش ڪجي تہ آخري پاڻي نومبر ۾ ڏجي ۽ ان کان پوء بند ڪجي ڇا ڪاڻ تہ فيبروري ۾ ڪچ گھٽ ڪرڻ سان گل ۽ مکڙي جام لڳندي آھي جنھن جي ڪري پيداوار ۾ اضافو ٿيندو آھي. ھن وڻ کي اوھان 15 کان 20 فٽ جي فاصلي تي زمين جي چوڌاري بہ لڳائي سگھو ٿا. وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ لاء وڻ جي سار سنڀال لاء چلھو ٺاھي آڪٽوبر مھيني مال جو ڀاڻ ڏجي.

ڪچنار جي ڪاٺي مضبوط ٿئي ٿي جيڪا ڪاٺ کان علاوا دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿي. ھن جا گل ۔ کل ۔ پن سڀ اڪسيري درجو رکن ٿا ۽ دوائن ۾ استعمال ٿين ٿا.

ڪچنار جون ڪليون گوشت يا قيمي جي ڀاڄي ۾ ذائقي کي ٻيڻو ڪن ٿيون. ھي وٽامن اي Vitamin A ۔ وٽامن بي Vitamin B ۽ وٽامن سي Vitamin C سان سرشار ٿئي ٿي.


پيدائش جو علائقو:

ڪچنار وڻ جو وچولو قد ٿئي ٿو. ھي 10 کان 12 فٽ ڊگهو ٿئي ٿو، ھن جو اصل وطن ڏکڻ ايشيا ۽ چين آھي. ھي وڻ ھندستان ۽ پاڪستان خودرو نموني پيدا ٿئي ٿو ۽ باغن ۾ پڻ پوکيو وڃي ٿو.


مزاج:

سرد خشڪ درجو ٻيو.


خاص نفعو:

آنڊن کي طاقت ڏيندڙ ۔ دست روڪيندڙ.


مصلح:

گرم مصالحو ۽ گوشت.


خوراڪ:

گل يا پنکڙيون 3 گرام


فعل:

قابض ۔ حابس الدم (رت بند ڪندڙ) ۔ حابس اسھال (دست بند ڪندڙ) ۔ مسڪن (سڪون ڏيندڙ) ۔ مصفي خون (رت صاف ڪندڙ) ۔ عضلاتي بواسير ختم ڪندڙ.


استعمال:

ھي وڻ ٻڌ مذھب ۾ مقدس حيثيت رکي ٿو. ٻوڌي ھن جا گل ھارن ۾ پروئن ٿا ۽ تبرڪ طور پائڻ ٿا.


افاديت:

ڪچنار وڻ پاڪستان ۽ ھندستان ۾ جٿي ڪٿي پاتو وڃي ٿو پر ماڻهو ھن جي خوبين ۽ ماھيت کان اڻ واقف آھن. ھن جون ڦريون ھڪ آڱر جيتريون ڊگهيون ٿين ٿيون. ھن جي گونچن کي ڀاڄي ۽ گوشت ۾ پڪايو وڃي ٿو جنھن جي ڪري لذت بھترين بيھي ٿي. ھن جي ٻجن مان تيل نڪري ٿو. ھن جي ڦري کي کٽاڻ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن جو گل جگر، سڪر، السر، ڪينسر، قوت مدافعت جي ڪمي، مردن ۽ عورتن ۾ ٿيندڙن جنسي مسئلن ۽ معدي جي بيمارين لاء دوائن ۾ تمام گھڻو استعمال ٿيندو آھي. حقيقت ۾ ڪچنار رت صاف ڪندڙ ٻوٽو آھي جنھن ڪري ڪنٺ مالا يعني خنازير کي دفع ڪري ٿو ۔ رت مان زھرن کي خارج ڪري ٿو ۔ جسم اندر زخمن کي ڇٽائي ٿو ۔ رت ۾ صفرا جي گهڻائي کي ڪڍي ٿو ۽ مقعد جي مرضن کي دور ڪري ٿو. ويدن ۾ ڪچنار جي گلن کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو آھي.

(1) اڇي گل وارو ڪچنار

(2) پيلي گل وارو ڪچنار

(3) ڳاڙھي گل وارو ڪچنار

اڇي گل وارو ڪچنار آبھوا جي زھرن کان بچائي ٿو ۽ ھن جي جي جوشاندي پيئڻ سان مليريا جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو ۽ واتان گگ وھڻ کي فائدو ڏئي ٿو. پيلي گلن جي جوشاندي پيئڻ سان آنڊن جا ڪيڙا مري وڃن ٿا. ڳاڙھن گل جي جوشاندي پيئڻ سان رت صاف ٿئي ٿو ۽ ڦٽ ڦرڙيون ختم ٿي وڃن ٿا.

طبيبن موجب ڪچنار جي سبزي بواسير جي مريضن لاء تمام گھڻي مفيد آھي. ڪچنار کائڻ سان پيٽ جا ڪيڙا ختم ٿي ويندا آھن ۽ جسم جي غير ضروري چرٻي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ رت صاف ڪرڻ جي ڪري رت جي دٻاء جي مريضن لاء بہ مفيد آھي.

ھن جي جاڻ سان ڦڪي ٺاھي وڃي ٿي جيڪا ھاضميدار ٿئي ٿي. ھن جي گلن جون پنکڙيون سرد ۽ قابض ٿين ٿيون جن جو سفوف ٺاھي دستن کي بند ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪچنار جي پاڙ جي جوشاندي پيئارڻ سان ھاضمو درست ٿي وڃي ٿو. بواسير جي مريض کي ڪچنار جي سبزي کارائڻ سان بواسير مرض ختم ٿي وڃي ٿو.

ھن جي گلن من گلقند ٺاھيو وڃي ٿو جيڪو دل کي فرحت ڏيندڙ ٿئي ٿو ۽ قبضي بہ ٽوڙي ٿو. گهڻا حڪيم ھن جي ڦرين ۽ بابچي مان سفوف ٺاھن ٿا جيڪو رت کي صاف ڪري ٿو ۽ بگ ۔ ڦرڙين ۽ ڪنھن حد تائين ڪوڙھ تي بہ ڪم ڪري ٿو. جيڪڏھن سونا مکي جو ڪشتو ھن جي گلن جي لغدي ۾ ٺاھيو وڃي تہ ھي ڪشتو چيچڪ تي ڪم ڪري ٿو چيچڪ جا داڻا نڪري اچن ٿا ۽ بيماري زائل ٿي وڃي ٿي.

جن ٻارن کي دست ٿين ٿا ڪچنار انهن لاء اڪسير جو درجو رکي ٿو. جن ٻارن جو پڇو لھي اچي ٿو، ڪچنار کائڻ سان انهن کي جلدي فائدو پوي ٿو.

ڪچنار عورتن جي بہ پسنديده سبزي آھي جيڪي ھن کي شوق سان کائين ٿيون. جن عورتن کي حيض گهڻو اچي ٿو انهن لاء ڪچنار بيحد مفيد آھي. ڪچنار جا جزا عورتن کي مخصوص ڏينھن ۾ رت وڌيڪ وھڻ کان بچائيندا آھن. جديد تحقيق مان ثابت ٿيو آھي تہ ڪچنار آنڊن جي اندرون زخمن کي ختم ڪرڻ لاء مؤثر غذا آھي.


بواسير:

ڪچنار جا گل سڪل ۽ مصري ھموزن جو سفوف ٺاھجي.

روزانو ماشومکڻ سان استعمال ڪجي

خوني بواسير ھفتي ۾ ختم ٿي ويندو.


جيري جي سوڄ:

جن مريضن جو جيرو سڄي وڃي ٿو، اھي ڪچنار جي پاڙ ڪاڙھي پيئن تہ جگر جي گرمي ختم ٿي ويندي.


نوٽ:

ڪچنار دير سان ھضم ٿئي ٿو ان ڪري ڀاڄي ٺاھڻ وقت گرم مسالا ضرور وجهڻ گهرجن.

Thursday 25 March 2021

ٽوڏر ۽ ڏيڏر ۾ فرق Difference between Toad and frog 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


ٽوڏر ۽ ڏيڏر ٻيئي جلٿل Amphibians جانور آھن جيڪي پاڻي ۽ خشڪي تي زندگي گذارين ٿا. ٻنهن جي شڪل پاڻ ۾ ملي ٿي، نڪي وري درجابندي Taxonomy ۾ ڪو فرق آھي. ٻئي جنسون گاڏڙ آھن ۽ ڪيترين جڳھن تي ٽوڏر کي ڏيڏر سمجهيو وڃي ٿو. ٽوڏرن کي ڏيڏر چئي سگهجي ٿو ۽ ڏيڏرن کي ٽوڏر چئي نٿو سگهجي.

(1) ڏيڏر گهڻو وقت پاڻي ۾ يا ڀرسان ملن ٿا جڏھن تہ ٽوڏر جي چمڙي پاڻي کان سوا تر رھي ٿي ان ڪري ٽوڏر پاڻي کان دور ملن ٿا خاص ڪري ٻوٽن ۽ گاھن ۾.

(2) ڏيڏر جون پويون ٽنگون ٽوڏر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڊگهيون ٿين ٿيون ان ڪري ڏيڏر جي اڇل وڌيڪ ٿئي ٿي جڏھن تہ ٽوڏر اڇل يا ٽپ ۾ وڏو نٿو ٿئي.

(3) ڏيڏر ۽ ٽوڏر ٻئي پاڻي ۾ آنا ڏين ٿا، ڏيڏر آنن کي جوڙي ڳنڍو بنائين ٿا ۽ گڏوچڙ ڪري رکن ٿا جڏھن تہ ٽوڏر آنن کي زنجير نما شڪل ۾ جوڙي رکن ٿا.

(4) ڏيڏر ٽوڏر کان ڊيگھ ۾ وڏو ٿئي ٿو ڇوجو ڏيڏر جون ٽنگون ڊگهيون ٿين ٿيون.

(6)ٽوڏر جي چمڙي ڏيڏر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خشڪ ٿئي ٿي جڏھن تہ ڏيڏر جي چمڙي تر ۽ ھموار ٿئي ٿي.

(7) ڏيڏر کي ڏند ٿين ٿا جڏھن تہ ٽوڏر کي ڏند نٿا ٿين.

(8) ڏيڏر جون اکيون وڏيون ۽ ٻاھر نڪتل ٿين ٿيون جڏھن تہ ٽوڏر جون اکيون ننڍيون ۽ اندر ٿين ٿيون.

(9) ٽوڏر بي پڇڙ ترتيب Order Anura سان واسطو رکن ٿا ۽ ڏيڏرن جو ماتحت سيٽ آھن جڏھن تہ ڏيڏر ٽوڏر ناھن.

(10) ٽوڏر کي اکين پويان ۽ ڪنن اڳيان گڦارا غدود Parotid glands ٿين ٿا، ھي مختلف قسمن جا زھرا Toxins خارج ڪن ٿا جيڪي ان کي شڪارين کان بچڻ ۾ مدد ڪن ٿا گهڻو ڪري ٽوڏر زھرا خارج نٿا ڪن.

(11) ڏيڏر ۽ ٽوڏر عام طور تي پاڻ ۾ لڳ نٿا ڪن پر انهن جو لڳ آوازن ذريعي گهرائڻ سان ٿئي ٿو. نر مادي کي گهرائڻ لاء خاص قسم جو آواز ڪڍي ٿي جن کي من۔صلاحا سڏ Advertisement calls سڏجي ٿو ۽ جيڪڏھن مادي آمادھ ٿئي ٿي تہ ان جي جوابي آواز کي من۔موٽا سڏ Reciprocation calls سڏجي ٿو. ھي آواز صرف ھڪ قسم جي جنسن کي کي راغب ڪرڻ لاء ٿين ٿا.

(12) ڪڏھن ڏيڏر ۽ ٽوڏر جو لڳ ٿي وڃي ٿو پر شرط آھي اھي ھڪ جڳھ تي موجود ھجن پر انهن جي لڳ مان جاندار پيدا نٿو ٿئي نڪي نسل ھلي ٿو.

(13) جيڪڏھن توھان ڏيڏر ۽ ٽوڏر کي گڏ ڏسندئو تہ ڏيڏر ڊگهو ۽ پٽڙو ۽ ٽوڏر ننڍو ۽ ٿلهو نظر ايندو.

Thursday 18 March 2021

چراخ Hyena 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


جسم ۾ مضبوط ۔ ھلندي ڏيا ڏيکاريندڙ ۔ آواز ۾ خطرناڪ ۔ شڪار ۾ ڦڙتيلو ۔ مطلب ڏسڻ ۾ ھي جانور عجيب غريب لڳي ٿو. چراخ جو شمار خطرناڪ گوشت خور جانورن ۾ ٿئي ٿو. ھن جو چار نسل دريافت ٿيا آھن، ٽي نسل آفريڪا ۾ ۽ چوٿون نسل وچ ايشيا جي ملڪن ازبڪستان ۔ ڪرغستان ۔ ايران ۔ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پاتي وڃي ٿو، ھي پاڪستان ۾ گهڻو ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جي خشڪ علائقن ۾ ملي ٿو.

چراخ جو سڀ کان وڏو قسم چٽڪمرو چراخ Spotted Hyena آفريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ آفريڪا ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي قسم آفريڪا کان سوا تقريبن ھر ملڪ ۾ موجود آھي. ھي اھي چراخ آھن جيڪي شينھن سان وڙھندي کين ماريندي دير ڪونہ ٿا ڪن، ھي چٽڪمرا چراخ Spotted Hyenas ئي ھوندا آھن.

چراخ يا لگهڙ، چراخاڪ خاندان Hyaenidae جا ٻلي منھا گوشتخور ڀونڀا Feliform carnivoran mammals آھن. چار جنسن سان ھي گوشتخور پنجون ننڍو حياتياتي خاندان آھي ۽ ڀونڀن جي درجي ۾ ننڍي ۾ ننڍو خاندان آھي. پنھنجي الڳ ٿلڳ نموني باوجود، چراخ آفريڪا جي ماحولياتي سرشتي ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. جنگلي ڪتن وانگر، چراخ ڄار کي ٽوڙي ان مان نڪري وڃي ٿو. گروھن ۾ ھن کي شينھن ماريندڙ ڄاتو وڃي ٿو جيڪا ھن جي وڏي ڪاميابي ليکي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ چراخ ڪتي سان مماثلت رکي ٿو پر حقيقت ۾ ھي لڇ ۾ ٻلين سان ويجهو لاڳاپو رکي ٿو. اھي آفريڪا کان علاوا انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پاتا وڃن ٿا.

چراخ جو وزن تقريبن 40 کان 60 ڪلوگرام ٿئي ٿو جڏھن تہ ماديون اڃان وزني ٿين ٿيون. انهن جي چيلھ موڪري ٿئي ٿي پويون ٽنگون ننڍيون ۽ اڳيون وڏيون ٿين ٿيون. چيلھ موڪري ۔ اڳيون وڏيون ٽنگون ھنن کي شڪار مارڻ ۽ کڻي ھلڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ھن جي چيلھ جا مضبوط پٺاڙا ھن جي کوپڙي ۾ موجود مھارن کي سھارو ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھن جا مھارون تمام طاقتور ٿين ٿيون انهن جي طاقت جو ھيئن اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ انسان جي مھارن جي طاقت 126 Psi ٿئي ٿي جڏھن تہ لگهڙ جي مھارن جي طاقت 1100 Psi ٿئي ٿي جيڪا سواء چيتن ۔ شيرن ۔ جهنگلي ٻلين جي ٻين جانورن کان وڌيڪ ٿئي ٿي. ھن جي ڏندن جي جوڙجڪ ھڏين کي ٽوڙي کائڻ واري ٿئي ٿي. ھن جي جسم تي ڪاري رنگ جا ٽڪا اسان جي آڱرين جي ڇاپ کان مختلف ٿين ٿا. صرف چٽڪمرا چراخ  Spotted Hyena نسل ۾ مادي ۽ نر جو توليدي حصو اھا شي آھي جو باقي جانورن ۾ اھڙي خاصيت نٿي ملي. 

  

خاندانی ۽ سماجی نظام :

چراخن ۾ سڀ کان وڌيڪ حڪمراني ڪندڙ چراخ ناھي پر مادي چراخ آھي جيڪا ملڪا ٿئي ٿي ۽ ٽولي کي ھلائي ٿي جنھن ۾ 20 کان 80 چراخ ۽ مادي چراخ ٿين ٿا. چراخن ۾ تمام نر ۽ ماديون سماجي رتبن ۾ تقسيم ٿين ٿيون جيئن A ۔ B ۽ C. اي قسم ۾ مادي ۽ ان جا ڦر اعلا قسم ۾ اچن ٿا ۽ ھي شڪار ۾ اعلا نموني حصو وٺن ٿا. ان کان پوء B ۽ C جا چراخ ۽ مادي چراخ اچن ٿيون جن جو رتبو A وارن کان گهٽ ٿئي ٿو پر مزي جا ڳالھ تہ نر چراخ ABC درجن ۾ ھيٺاھين درجي ۾ اچن ٿا ۽ انهن کي آخر ۾ شڪار ملي ٿو. اڪثر ڪري مادي چراخ نر جوان ڦرن کي پنھنجي گروھ مان ڪڍي ڇڏينديون آھن جيڪو لما سما ھڻي ٻين گروھن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. ڪنھن مادي چراخ کي گروھ ۾ شامل ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جو فيصلو A درجي واري مادي چراخ تي ھوندو آھي. مادي چراخ باختيار ھوندي آھي جيڪڏھن اھا چاھي تہ ھيٺئين درجن وارن مادي چراخن ۽ نر چراخن تي سختي ڪري يا چٻاڙي کائي ڪير بہ مادي چراخ کي روڪي نٿو سگهي. 


نسل جي افزائش۽ رھائش:

ھي آفريڪا جي جنگلن جي ميداني ۔ نيم ميداني علائقن ۔ نيم پھاڙي علائقن تائين پکڙيل ٿين ٿا. زمين اندر کڏو کوٽي رھن ٿا. ڳرکو اڪثر ڪري مادي چراخ بنائين ٿيون تہ جيئن ڦر ڏيئي سگهن باقي چراخ آوارا گهمن ڦرن ٿا. مادي ھڪ کان 2 ڦر ڏئي ٿي. ھي واحد جانور آھي جنھن جي کير ۾ ماسو ۽ چرٻي وڌيڪ ٿئي ٿي. ان جو سبب ھي آھي تہ مادي چراخ کي شڪار ڪرڻ لاء ڪجھ ڏينھن پنھنجي ڦرن کان پري وڃڻو پوي ٿو ۽ ھن جو ڏنل کير ڏھن ڏينھن تائين ڦرن جو پوراء ڪري ٿو ۽ انهن جو پيٽ ڀريل رکي ٿو. ھن ڦرن ۾ درندگي چوٽان چوٽ ٿئي ٿي. ھي ڦر مھيني اندر چڪ ھڻي چٻاڙڻ جھڙا ٿي وڃن ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاڻ ۾ وڙھندي طاقتور ڦر ڪمزور ڦر کي ماري وجهي ٿو.


چراخ بطور شڪاري:

چراخ بھترين شڪاري ۽ بي درد شڪاري آھي جيڪو شڪار کي زندھ چٻاڙي کائي ٿو. حقيقت ۾ ھي ڪافي ڏينھن بکيا رھن ٿا ۽ جڏھن شڪار ملي ٿو تہ ان تي ٽٽي پون ٿا. ھنن جو پسنديدھ شڪار جهنگلي مينھن Wildeebeast آھي. ھنن جي ھڪ عادت آھي تہ ھي شڪار ھميشہ ننڍو جانور يا پوڙھو جانور ڪن ٿا. ھي ان جانور تي گروھ جي صورت ۾ ڪڙڪن ٿا جڏھن شڪار ڪري ٿو تہ ھي ان کي زندھ چٻاڙين ٿا. نڪي شيرن وانگي جيڪي شڪار کي پڪڙي ان جو ساھ بند ڪن ٿا. شير چراخن کان ان ڪري ڊڄندا آھن جو اھي شيرن جي ڦرن کي کڻن ٿا ۽ کائن ٿا. ان ڪري جڏھن شيرن کي موقعو ملي ٿو تہ اھي چراخن جي ڦرن جو شڪار ڪن ٿا. شيرن کان علاوا جنگلي ڪتا Wild dogs انهن جا وڏا دشمن ٿين ٿا، چراخ ھنن کان ڊڄن ٿا ۽ ھنن کان ٽري ٽارو ڪن ٿا. چراخن جي ڪا چونڊ نٿي ٿئي جيڪو شڪار ۾ ھٿ اچي ٿو اھو کائن ٿا. دراصل ھي جانور شيرن ۔ چيتن ۽ جنگلي ڪتن جو شڪار کڻي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ھنن جي کائڻ جي رفتار ايتري تہ تيز آھي جو جيڪڏھن زيبرا ھنن جي آڏو اڇلايو وڃي تہ ھي زيبرا کي ٽيھن منٽن ۾ کائي سگهن ٿا.

 آفريڪا جي ايڪو سسٽم جو ھنن کي ھي فائدو آھي جو ھي مردارخور بہ آھن تہ ھڏي خور بہ. ھي ڳجھ جھڙي خاصيت رکن ٿا ڇوجو مئل جانور بہ ھنن لاء غذائيت جو ڪم ڪن ٿا. ھن جي معدي جي تيزابيت تمام تيز ٿئي ٿي جو شڪار ڪيل جانور جون گوشت ۔ کل ايتري قدر جو ھڏيون بہ ھضم ڪري وڃن ٿا.


چراخ جي آواز:

ھوڪار واري آواز صرف چٽڪمرا چراخ Spotted Hyenas ئي لڳائي سگهن ٿا. جڏھن شڪار نٿو ملي يا اڻپورو شڪار ملي ٿو يا پريشاني ھجي ٿي تہ ھي ھوڪاريندڙ آواز ڪڍن ٿا. ھي آواز ننڍا چراخ لڳائين ٿا. شير ۽ جنگلي ڪتا صرف ھنن جو شڪار ڪري سگهن ٿا ۽ ھنن جي سراسري عمر 12 سال ٿئي ٿي.


انسانن لاء نقصانڪار:

چراخ انساني ميت کي کائي سگهن ٿا ڇوجو اھي چالاڪ ٿين ٿا ۽ وڏين ٻلين کان گهٽ خطرناڪ ٿين ٿا ڇوجو اھي پنھنجي حد رکن ٿا. چراخ حملو ڪندڙ جانور آھي ان ڪري ماڻهو کي ماري سگهي ٿو جڏھن کاڌي جي قلت پائي ٿو. جڏھن چراخ سامهون اچي تہ چرپر نہ ڪجي ۽ اڃان بہ لگهڙ ڏي ھلجي جيسين ٽري نٿو. جڏھن لگهڙ توتي حملو ڪري ٿو تہ ھي پويان کان وڙھي ٿو ۔ چڪ ھڻي ٿو يا ڌڪ ھڻي ٿو.

لگهڙ کي پالتو طور ڌاري نٿو سگهجي ڇوجو ڀلي ھي ڪيڏو پالتو ٿي وڃي پر کاڌي جي کوٽ ۾ انسان کي کائي سگهي ٿو.

Tuesday 16 March 2021

گهگهو Antlion 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


توھان جنگل ۾ شينھن کي شڪار ڪندي ڏٺو ھوندو پر ڪڏھن اھڙو شير نہ ڏٺو ھوندو جيڪو ڪيولين ۽ ماڪوڙن جو شڪار ڪندو ھجي. اھو گهگهو Antlion آھي جيڪو جيتن جي خاندان گهگهڙاڪ Myrmeleontidae ۽ گهگهيتر Neuroptera جي ترتيب ۾ اچي ٿو. گهگهو کي ماڪوڙن جو سردار سڏيو وڃي ٿو ڇوجو ھن جي پڪڙ مضبوط ٿئي ٿي ۽ ڏسڻ ۾ ڏيا وارو نظر اچي ٿو. ھن جي منھن وٽ ٻہ حسماڻا Antennas ٿين ٿا جيڪي کيس شڪار پڪڙڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھي جيت ٽڪنڊي نما شڪل جو ٿئي ٿو، ھن کي ڇھ پير ۽ وڇون وانگر اڳتي نڪتل ھاٿي جي ڏندن واري شڪل. جڏھن ھي وڏو ٿئي ٿو تہ ھن جي جسامت وڌي ٿي ۽ پر نڪري اچن ٿا جيڪي وڏا ٿين ٿا. بالغ ٿيڻ وقت ھي ڀنڀوري وانگر لڳن ٿا پر فرق ھي آھي تہ ڀنڀوري جو حسماڻو Antenna ننڍو ٿئي ٿو پر گهگهو جو حسماڻو وڏو ٿئي ٿو. گهگهو ڏينھن ۾ عام طور تي ڏسڻ نٿو اچي، سج لھڻ سان گڏن مان نڪري اچي ٿو ۽ سج اڀرڻ سان واپس گڏ ۾ اچي ٿو. ھي جيت گرم علائقن ۾ پاتا وڃن ٿا جڏھن تہ سرد علائقن ۾ ھن جا قسم گهٽ ملن ٿا.

ھي جيت گرم خشڪ علائقن ۾ رھن ٿا. ڪجھ نمونا کنڊرن ۔ رستن جي ڪنارن ۔ دريا جي ڪنارن ۽ جنگل وغيرھ ۾ پاتا وڃن ٿا.

گهگهو مٽي يا واري ۾ گڏ بنائي شڪار جو انتظار ڪن ٿا. ھي گهڙي ۾ پاڻ کي واري يا مٽي ۾ لڪائي ڇڏين ٿا. جيئن ئي ڪيل يا ماڪوڙو ان گڏ ۾ ڪري ٿو تہ گهگهو جلد ئي ان کي گڏ اندر ڇڪي ٿو. ھن جي گڏ اھڙي ماھراڻي انداز ۾ ٺھيل ٿئي ٿي جو ڪوبہ جاندار ڪري ان مان نڪري نٿو سگهي.

ڪجھ نمونا پاڻ کي پنن يا تيلن ۾ لڪائين ٿا جيئن انهن جي ڀرسان شڪار گذري ٿو، ان کي پڪڙي ڇڏين ٿا. ھن جي خوراڪ جيت ۔ ڪيڙا ۔ ڪيوليون ۽ ماڪوڙا ٿين ٿا. گهگهو چڪ سان شڪار اندر زھر وجهن ٿا جو شڪار ڳري محلول جي شڪل اختيار ڪري ٿو جنھن کي ھي چوسين ٿا باقي ڦوڳ کي ٻاھر اڇلين ٿا. 

ھن جي منھن تي جيڪي حسماڻا Antennas ٿين ٿيا، ان جي مدد سان شڪار جي قدمن جو آواز ٻڌن ٿا ۽ ھن جي رفتار جو اندازو لڳائي حملي لاء چوڪس ٿين ٿا. بالغ گهگهو گلن جي رس يا گلن جي زرداڻ کائين ٿا.

مادي پنھنجي نوعيت جي حساب سان آنا ڏيڻ لاء جڳھ جو تعين ڪري ٿي. مادي گهگهو واري ۔ مٽي ۔ ڪريل پنن يا تيلن ۾ آنا ڏئي ٿي. ھن جا ٻچا مھينن تائين کاڌي بغير رھي سگهن ٿا. جيڪڏھن خوراڪ جي کوٽ نہ ھجي تہ جلد ئي بالغ ٿي وڃن ٿا. ھن جا ٻچا جڏھن وڏا ٿين ٿا تہ اھي پنھنجي جسم سان ماحول مطابق ريشم يا ٻين شين کي لپيٽي ڇڏين ٿا، سوٻٽ Pupa ٿي وڃن ٿا، جلدئي ھڪ مھيني ۾ بالغ ٿي وڃن ٿا ۽ پر نڪري اچن ٿا، پرن نڪرڻ کان پوء ڪجھ ڪلاڪن ۾ اڏرڻ جي قابل ٿي وڃن ٿا ۽ ساٿي جي تلاش ۾ نڪرن ٿا. بلوغت کان پوء ھنن جي عمر لڳ ڀڳ مھينو يا ڏيڍ مھينو ٿئي ٿي. ھنن ڪيڙن ۾ ڪوبہ نقصان ناھي.


سماجي جهلڪيون:

ڊاڳ جي چوٽيدار تري ۾ گهگهو ٿو. جتي گهڻي ڊاڳ ٿيندي آھي، اتي ھي جيت سوراخ بنائي رھي ٿو. ننڍڙن ٻارن جي اڪثر ھن سان ورونھن ھوندي آھي. ٻار ڌاڳو ڦيري ھن سان کيڏندا آھن ۽ ڌاڳو ڦيري ھن جي چوٽيدار تري جي سوراخ ۾ وجهندي، جهونگار ڪندا رھندا آھن.

نڪري اچ گهگهو يار

ٻاھر  تنھنجو انتظار

ٻارن جي جهونگار ۽ ڌاڳي ڦيرڻ تي گهگهو تحرڪ ۾ اچي ويندو آھي ۽ ڌاڳي کي پڪڙيندو آھي تہ ٻار جلدي ڌاڳو ٻاھر ڇڪي ڪڍندا آھن ۽ گهگهو ڌاڳي کي چنبڙيل ھوندو آھي. جڏھن گهگهو کي نئين زمين تي رکبو آھي تہ جلدي اتي نئون چوٽيدار سوراخ ٺاھي پنھنجي جڳھ جو انتظام ڪري ڇڏيندو آھي.

ڪي ٻار وري ڪيولي يا ماڪوڙي کي سوراخ ۾ اڇلي گهگهو کي خبردار ڪندا آھن

گهگهو تنھنجي گهر چور

لٺ    کڻي    تون    ڊوڙ

ڪيولي ھٿ پير ھڻندي آھي ۽ ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھي تيستائين گهگهو چوڪس ٿي ويندو آھي.

ھيٺاھون چوٽيدار گهر ھئڻ ڪري ڪيولي مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪندي آھي پر ترڪي ھيٺ ڊاڳيلي گهر ۾ ھلي ويندي آھي، جيستائين ڪيولي ٻاھر نڪري، گهگهو پنھنجي پنجن سان ھن کي پڪڙي شڪار ڪري وٺندو آھي.

ننڍپڻ ۾ مان شام جو دوستن سان ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي ڳوٺ غلام خان چانڊيو مان نڪري، ڀرسان ڪڙ تي نڪري ايندو ھيس. ھر ھڪ دوست وٽ ڌاڳا ھوندا ھيا. اسان گهگهن کي ڪڏھن بہ ڪيولي اڇلي نہ ڏني. اسان جيئن ڪڙ تي پھچندا ھياسين، گهگهو جي ھيٺ چوٽيدار گهرن ۾ ڌاڳا وجهي، پنھنجي جهونگار سان گهگهن کي خبردار ڪري کين ڌاڳن کي پڪڙڻ لاء آتو ڪندا ھئاسين ۽ جهونگار ھلندي رھندي ھئي.

نڪري اچ گهگهو يار

ٻاھر تنھنجو انتظار

Thursday 11 March 2021

وڇون مک Scorpionfly 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 

ھي عجيب قسم جي مک آھي جيڪا وڊلينڊ جي ڪنارن خاص طور تي اسٽنگنگ نيٽ ۽ بريامبل ۾ پاتي وڃي ٿي. ھي مک وڇون جھڙو پڇ ۽ شڪل مک جھڙي رکي ٿي. ھي مک ڏسڻ ۾ خطرناڪ اچي ٿي پر انسانن کي ڏنگي نٿي، نڪي چڪ ھڻي ٿي، نڪي وري زھريلي ٿئي ٿي. وڇون مک ڪوبہ نقصان نٿي رکي. ھي مک اتر آمريڪا کان ڏکڻ آمريڪا تائين ۽ ايشيا کان آسٽريليا ۾ پاتي وڃي ٿي. گهاٽا جهنگل جتي پوسل رھي ٿي، ھي مک اتي پنھنجو گهر ٺاھي ٿي. نر وڇون مک، وڇون جھڙي جوڙجڪ رکن ٿا جڏھن تہ مادي ۾ اھڙي جوڙجڪ ناھي. ھي 35 ملي ميٽر ڊگهي ٿئي ٿي. ٻين جيتن وانگر وڇون مکيون ۽ لٽڪمکين Hangingflies کي جسم جا 3 حصا ٿين ٿا.

(1) منھن

(2) ھڪ اينٽينا جو جوڙو

(3) 6 ٽنگون

ظاھري طور وڇون مکيون ٻٽو ڪرتب ڏيکارين ٿيون، اھي نہ فقط پنھنجي ڏنگ کي قربان ڪن ٿيون پر پنھنجي پڇ کي گهور ڪن ٿيون. محققن مطابق ڏکڻ آمريڪا جي اترين جنگلن ۾ اينٽينائي وڇون مکين جا 14 نمونا ملن ٿا جيڪي پڪڙجڻ کان بچڻ لاء پنھنجو پڇ ٽوڙي ڇڏين ٿيون. بالغ وڇون مکيون حملا آور يا شڪاري ھونديون آھن. اھي مھلا Aphids ۔ سوٻٽ Caterpillars ۔ مکيون Flies ۔ ڪوريئڙا Spiders ۔ مئل جيت Dead insects ۔ پنن جا سڙيل حصا Decaying parts of plants ۽ ڪائي Mosses کائن ٿيون. وڇون مکين لاء پاڻي ضروري ٿئي ٿو پر تہ بہ اھي پاڻي بنا مھينن تائين ھلي سگهن ٿيون. ھنن  کي پنجا ٿين ٿا جن سان ھي شڪار کي ڦاسائين ٿيون ۽ چيڀاٽين ٿيون. وڇون مک ککر وانگر ڊگهو منھن رکي ٿي ۔ ھن جا پر وروڪڙا ٿين ٿا ۔ پڇڙي لولهيري ٿئي ٿي. ھنن جو رنگ سونھري ۔ ڪارپٽو يا ڪارو چٽڪمرو ٿئي ٿو. جسم جو رنگ پيلو ڀورو ٿئي ٿو. نر وڇون جي پيٽ جي پڇڙي وڇون جي چڪ سان مماثلت رکي ٿي. وڇون مکيون گروھ جي صورت ۾ کاڌو حاصل ڪن ٿيون، انهن ۾ انفراديت ناھي جو ٻن تي ھلن پر گروھ کڻي ھلن ٿيون. وڇون مکيون پھرين ٻچٽ Larva پيدا ڪن ٿيون جيڪو اڳتي ھلي سوٻٽ Caterpillars ۾ تبديل ٿئي ٿو ۽ سوٻٽ سان مماثلت رکي ٿو. ٻچڪاري Pupation کان پوء، اھي پاڻ کي نرم ڀاڻ ۾ ڍڪين ٿيون ۽ بالغ وڇون مکين کي پيدا ڪن ٿيون. وڇون مکيون پراڻي خاندان وڇماک Mecoptera سان تعلق رکن ٿيون. وڇماک خاندان اٽڪل 250 ملين سال پراڻو آھي جيڪو پوپٽن ۽ مکين جو مائٽ آھي.

Saturday 6 March 2021

دلرتو Bleeding heart 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


دل رتي گل Bleeding heart کي جوتيرو Lamprocapnos spectabilis ۔ ايشيائي دلرتو Asian bleeding-heart يا جهالردار دلرتو Fringed bleedin heart سڏجي ٿو جيڪو ٽوپسر يا دلوسر Papaveraceae خاندان ۾ گل ٻوٽي جي جنس سان واسطو رکي ٿو. ھي گل سائبيريا ۔ اتر چين ۔ ڪوريا ۽ جپان ۾ پاتو وڃي ٿو، تنھن ھوندي بہ ھن کي پراڻي نالي دلجوتو Dicentra سان پڻ ڄاتو وڃي ٿو.

دلدلرتا Bleeding hearts جزوي ڇانو ۾ وڌن ويجهن ٿا. انهن جي پوکائي پن ڇڻي وڻن Deciduous tree ھيٺان ھجڻ بھتر آھي ڇوجو جڏھن ھنن کي پوکيو وڃي ٿو، ان وقت پن ڇڻندا آھن جنھن ۾ ھنن کي بھار جي سج جي روشني ملي وڃي ٿي ۽ جڏھن اونهارو اچي ٿو تہ وڻ پن جهلين ٿا ۽ ھنن گلن کي اس کان بچائين ٿا. دلرتا، وڻن جي پن نڪرڻ کان پھرين گل جهلين ٿا ۽ اونهاري ۾ ھنن جا گل مرجهائجي وڃن ٿا.

سياري جي پوين ڏينھن ۾ ھي گل کڙڻ لڳي ٿو ۽ بھار جي پوئين پن ڇڻ ۾ ڪومائجي وڃي ٿو. ھي گل سياري جي آخر ۾ وري کڙي ٿو يا بھار جي پھرين ڏينھن ۾ گل ڪڍي ٿو باقي سال بنا گلن جي رھي ٿو.

ھي گل سياري جي آخر ۽ بھار ۾ گل جهلين ٿا ۽ اونهاري ۾ ھنن جا گل ڇڻي وڃن ٿا مگر افسوس جي ڳالھ ناھي ڇوجو سيارو مٿان اچي پھچي ٿو. ھي گل دل جھڙي ريٽي خوشنما ڏيک ڏيندا آھن ۽ روشني ۾ جوت جرڪائيندي نظر ايندا آھن. سياري جي آخر کان ويندي بھار تائين ھي گهڻو وقت گل جهلي رکن ٿا.

ھي گل ٽي فوٽ ويڪرا ۽ ڊگها ٿين ٿا. ھي گل ڳاڙھي ۔ اڇي ۔ پيلي ۽ ريٽوڙ نموني جا ٿين ٿا. ھنن گل جي پوکي بھار ۾ ڪري سگهجي ٿي ۽ سياري تائين ھي گل افزائش ڪري وڃن ٿا. جتي گرم علائقا آھن اتي ھنن گلن کي وڻن جي ڇانو ۾ پوکڻ کپي. ٿڌن علائقن ۾ وري ھنن گلن کي کليل نموني پوکڻ کپي جيئن سج جي روشني ھنن کي راس ايندي رھي ۽ ڦوٽھڙو ڪندا رھن.

Thursday 4 March 2021

اُٺگهوڙو Praying mantis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


جڏھن اسان ٻنين ڏي چڪر لڳائيندا آھي تہ ھڪ جيت ٻن اڳين پيرن تي بيٺل ۽ ڪر کنيل نظر ايندو آھي. ڏسڻ ۾ حشمتدار ۔ جنگ ۾ بيٺل ڄڻ جوڌو يا ڄڻ دعا گهرندي نظر ايندو آھي. ڪنھن بہ پکي کان نہ ڊڄندڙ ۔ سينو سٻر ڪندڙ ۔ موت جي خوف کان بي نياز ۔ آخري دم تائين وڙھندڙ دشمن ڀلي طاقتور ھجي پر ان سان سينو ساھيندو، مري ويندو پر پوئتي نہ ڀڄندڙ اُٺگهوڙو جو تعلق Mantodea اٺگهوڙاڪ خاندان سان آھي. ھن وقت تائين ھن جا 30 خاندان ۽ 24 سو نمونا دريافت ٿي چڪا آھن. 

اٺگهوڙو گهوڙي جھڙي شڪل رکي ٿو۔ ھن جون اکيون ٻاھر نڪتل ٿين ٿيون. آرام سان ٻن اڳين پيرن سان ائين بيھي ٿو ڄڻ ڪو جوڌو ميدان ۾ لٿو ھجي. ھنجي چيلھ لچڪدار ٿئي ٿي جنھن ڪري مٿي کي ڪنڌ سان گهمائي سگهي ٿو.

اٺگهوڙو اڪثر ڪري گرم ملڪن ۾ پاتو وڃي ٿو، ھن جا ڪجھ قسم سرد ملڪن ۾ پاتا وڃن ٿا. ھي امن پسند جيت ٿئي ٿو، خاص ڪري گاھن ۔ وڻن ۽ ساون فصلن ۾ ملي ٿو. ھي ميدانن ۔ پھاڙن ۽ گاھن ۾ رھڻ پسند ڪري ٿو. جتي گاھ ۽ وڻ موجود ٿين ٿا اتي ھي پنھنجي رھائش جوڙي ٿو.

اٺگهوڙي جي لڳ ڀڳ عمر سال ٿئي ٿي جيڪا موسم جي لحاظ کان گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. ھن جي افزائش جي بھترين موسم بھار ٿئي ٿي. مادي اٺگهوڙي وڻن يا گاھن ۾ بيدا ڏئي ٿي ۽ بھار ۾ ھن جا ٻچا ڦٽن ٿا. ھي جيت سال جي ڪنھن بہ موسم ۾ آنا ڏيئي سگهن ٿا. 

اٺگهوڙي جا آنا فوم ۾ لپٽيل ٿين ٿا جنھن جي ڪري اھي دشمنن ۽ سرد موسم کان محفوظ رھن ٿا. ھن جي بيدن مٿان چڙھيل فوم کي بيدڳوٿو Ootheca سڏجي ٿو. اٺگهوڙي ھڪ ڀيري 4 سو آنا لاھي سگهي ٿي. اٺگهوڙن جا نمونا مختلف ٿين ٿا، ھنن ۾ ڪتگهوڙا Bark mantis  آنن جي سنڀال ڪن ٿا جڏھن تہ ٻيا نمونا سنڀالداري نٿا ڪن. 3 کان 6 ھفتن بعد آنن مان ٻچا نڪري اچن ٿا. اٺ گهوڙا سڄي زندگي ۾ چمٽا Molting ٿين ٿا، زندگيء ۾ 10 ڀيرا چمڙي بدلائين ٿا.

اٺگهوڙا گوشت خور آھن جيڪي جيتن ۔ ڪوريئڙن ۔ پکين ۔ ڪرڙين ۽ نانگن جو شڪار ڪن ٿا. 

اٺگهوڙا شڪار ۾ مھارت رکن ٿا، شڪار ڪرڻ وقت روپبدلا Camouflage ٿين ٿا جيڪي گاھ يا پنن جي اڙ وٺي پڪڙ ڪن ٿا يا شڪار جي پويان ڀڄن ٿا. ھنن جي بھترين شڪاري ھجڻ جو سبب ھنن جي نظر تيز ٿئي ٿي. ھنن جي اکين ۾  لڳ ڀڳ 10 ھزار اکاما Fovea ٿين ٿا جن جي مدد سان ھي شڪار جي حرڪت کي محسوس ڪن ٿا. اٺ گهوڙي جي اکين ۾ اکامو fovea ٿئي ٿو جتان تيز نظر سان ڏسي ٿو. اٺگهوڙو شڪار کي ڏسنديئي مٿو ڪنڌ سان ورائي، اکامي مان ڏسي شڪار تي ڪڙڪي ٿو ۽ اڳين پيرن سان شڪار کي جڪڙي ان جانور جي چمڙي ۾ نوڪيلا پير دٻائي ٿو جن ۾ ڦاسڻ کان پوء شڪار جو نڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. اٺگهوڙو زندھ جانورن جو شڪار ڪري کائي ٿو ۽ مئل جيتن کي پڻ شوق سان کائي ٿو.

جڏھن اٺگهوڙي کي ڪنھن جاندار مان خوف ٿئي ٿو تہ ڪر کڻي ٿو ۽ پنھنجي ٻنهي پيرن تي بيھي پر کولي ٿو جيئن مخالف ھن جي اڀريل جسامت کي ڏسي ڊڄي وڃي. جيڪڏھن مخالف ھن کان نٿو ڊڄي تہ ھي پرن کي ڦڙڪائي آواز ڪڍي ٿو ۽ جسم کي ائين لوڏي ٿو جيئن پپر جا پن ھوا ۾ ھاسو ڪندا آھن. ھي ھن جو دفاعي انداز آھي.

اٺگهوڙا جيتن ۾ سڀ کان وڌيڪ بھادر ٿين ٿا جيڪي دشمنن کان نٿا ڊڄن ۽ مقابلو ڪن ٿا.

اٺگهوڙي جي دشمنن ۾ سرفھرست پکي ۽ وڏيون ڪرڙيون شمار ٿين ٿيون پر ھي مقابلي بغير شڪار نٿا ٿين. ڪجھ ڏينڀون ۽ ماڪوڙا پنھنجي زھر سان ھن جو شڪار ڪن ٿا ڇوجو اٺگهوڙي ۾ زھر نٿو ٿئي ان ڪري ھي زھريلن جيتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

اٺگهوڙو ٻين جيتن کان مختلف ۽ ممتاز ٿئي ٿو ڇوجو ھي دشمن سان وڙھي ٿو ۽ ميدان نٿو ڇڏي ۽ نڪي ھار تسليم ڪري ٿو. ھي واحد جيت آھي جيڪو پنھنجي مٿي کي انسانن وانگر کاٻي ۽ ساڄي پاسي ورائي سگهي ٿو. اھڙي صلاحيت ٻئي ڪنھن جيت ۾ موجود ناھي.

ھنجي نظر سڀن جيتن کان وڌيڪ ٿئي ٿي. اٺگهوڙي جي شڪار جي نوعيت ٻلي ۽ شينھن سان ملي ٿي جيڪي مختلف انداز سان شڪار ڪن ٿا.

اٺگهوڙي بابت مشھور آھي تہ جڏھن ھي مادي سان ميلاپ ڪري ٿو تہ ميلاپ جي آخري بعد مادي ھن جو مٿو کائي وڃي ٿي. اھو تڏھن ٿئي ٿو جڏھن اھا غذائي قلت جو شڪار ھجي ۽ مستقبل ۾ آنن ڏيڻ لاء ماسي Protein وغيرھ جي کوٽ ھجي. جيڪڏھن مادي غذائي قلت جو شڪار نہ ھجي تہ اھا ڪڏھن بہ نر کي کائي نٿي.

اٺگهوڙي مان انسانن کي ڪوبہ خطرو نٿو ٿئي ڇوجو ھن ۾ نہ زھر ٿئي ٿو نڪي ڏنگ ٿئي ٿو  ۽ نہ ھي ڪا ڇوتدار بيماري کڻي ٿو.

اٺگهوڙن کي نوڪدار پير ٿين ٿا جن کي ھي شڪار وقت شڪار جي جسم ۾ کپائن ٿا ۽ پوء شڪار جو نڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. ھي مکيون ۔ تڏون ۽ ڪرڙيون کائن ٿا.

عيسائي ملڪن ۾ اٺگهوڙي کي ڀاڳ ۽ سعادت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. ھن جا دعا وارا ھٿ روحانيت کي ظاھر ڪن ٿا. جيڪڏھن اھو گهر ۾ ملي ٿو، سمجهيو ويندو آھي تہ ملائڪ گهر ۾ آيو آھي ۽ تنھنجي سنڀال ڪري رھيو آھي.

اٺگهوڙا سھپدار گوشتخور Non-aggressive carnivores آھن، اھي بي زھر ۽ انسانن کان بي تعلق رھن ٿا. جيڪڏھن انهن سان نامناسب رويو رکيو وڃي تہ اھي چڪ ھڻي سگهن ٿا مگر نقصان ناھي باقي جيڪڏھن ھن سان پويان کان حرڪت ڪئي وڃي تہ ھي حملو نٿا ڪن.

اٺ گهوڙن کي پاڻي جي ضرورت نٿي رھي ڇوجو اھي پنن تان قطرا پين ٿا. جيڪڏھن توھان اسپري بوتل سان ڦوھار ڏيو ٿا تہ ھنن جو ھڪ يا ٻن قطرن مان گذران ٿي وڃي ٿو.

Wednesday 3 March 2021

ٽاپوڙي ڪرڙي Basilisk lizard 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


سمنڊ ۽ دريائن ۾ رھڻ وارا جانور ترڻ جي قابليت رکن ٿا پر زمين تي رھندڙ جانور بہ ترڻ جي مھارت رکن ٿا. اھڙو ئي ٻن فٽن جو ھڪ جانور جيڪو پاڻي تي ڊوڙي ٿو، ان کي ٽاپوڙي يا ٽاپوڙي ڪرڙي Basilisk lizard يا مسيح ڪرڙي Jesus Christ lizard سڏجي ٿو. ھي ڪرڙي مرڪزي آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي دريائن ۽ ندين ۾ پاتي وڃي ٿي. ٻيپھري وقت جڏھن ھي ڪرڙي ڪنھن ٽاري تي سج جي سامهون ويھي ٿي تہ ھن کي آسمان مان شڪاري پکي ۽ ٽار تي ويٺل نانگ جي شڪار ٿيڻ جو خطرو رھي ٿو. جڏھن ھي خطري کي محسوس ڪري ٿي تہ شاخ جي چوٽي تان صرف ھن کي ھڪ رستو نظر اچي ٿو، اھو آھي ڇلانگ لڳائڻ ۽ ھو پاڻي ۾ ڇلانگ لڳائي ٿي. پاڻي ۾ ڇلانگ لڳائڻ کان پوء ھي پنھنجي ٽنگن جي پويان پيرن جي تراکڙن پنجن کي کولي ٿي جنھن سان پيرن جي سطح وڌي وڃي ٿي ۽ آرام سان پاڻي جي مٿان 24 ڪوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي پنھنجي جان بچائي ٿي. جيڪڏھن انسان بہ تقريبن في ڪلاڪ 65 ڪلوميٽر پاڻي تي رفتار پڪڙي تہ پاڻي تي ڊوڙي سگهي ٿو.

ٽاپوڙي ڪرڙي، جلڊوڙاڪ Corytophanidae

خاندان سان واسطو رکي ٿي. ھي ڪرڙيون زھريليون ناھن، ھنن کي وڏو ۽ ڊگهو جسم ٿئي ٿو ۽ چپٽيل پڇ ٿئي ٿو. ٽاپوڙيون پاڻي تي ڦڙتي سان ھلن ٿيون ڇوجو ھنن جا پير چپٽيل ٿين ٿا جيڪي پاڻي تي سنها بوڙيا ٺاھن ٿا. ھلڻ وقت ٻڏڻ کان پھرين ٽاپوڙي پير کڻي پاڻي جي سطح ٽپي وڃي ٿي.

ٽاپوڙين کي وڻن جي ٽارين جي واڙي ۾ پالي سگهجي ٿو پر ھنن کي ھٿ لڳائڻ مناسب ناھي. سائي ٽاپوڙي کي اھڙي نموني ڌاري سگهجي ٿو. ٽاپوڙيون، ڪرڙي جا چست نمونا آھن. جيڪڏھن توھان اگهاڙا ھٿ ھنن کي لائيندو تہ اھي چڪ ھڻي سگهن ٿيون. ھي کائڻ ۾ چست ٿي وڃن ٿيون جڏھن مادي ٽاپوڙيي ۽ نر ٽاپوڙو گڏ ھجن. اھي کائڻ وقت ھڪ ٻئي تي نظر رکن ٿا. سائنسدانن مطابق نونگر ٽاپوڙي Basilisk of Cyrene ھڪ نانگ آھي جنھن کي 12 آنڱريون ٿين ٿيون، اھا تمام زھريلي ٿئي ٿي ايتري قدر جو پاڻي ۾ ڇڏيل پويان پيچري ۾ زھريلو اثر رکي ٿي جيڪو موتمار آھي.