Showing posts with label اصلي ھيرا ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎. Show all posts
Showing posts with label اصلي ھيرا ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎. Show all posts

Tuesday, 17 September 2019

اصلي ھيرا ڪھاڻي 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
بادشاھ شيشي جا ھيرا ۽ اصلي ھيرا ھڪ ٿيلهي ۾ وجهي اعلان ڪيو
”جيڪو شيشي جي ھيرن ۽ اصلي ھيرن کي الڳ ڪندو انهي کي وڏي انعام سان نوازيو ويندو.“
ڪيئي جوھري آيا پر ھيرن سڃاڻڻ ۾ ناڪام ڇوجو شيشي جا ھيرا اھڙي نموني گهڙيل ھئا جو بلڪل اصلي پئي لڳا.
ڍنڍورو ٻڌي ھڪ انڌو شاھي درٻار ۾ حاضر ٿيو. سلام عرض ڪرڻ کان پوء انڌي چيو
”مان شيشي جي ھيرن ۽ اصلي ھيرن کي ڌار ڪري سگهان ٿو.“
بادشاھ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ درٻار سڄو کلڻ لڳو.
بادشاھ اجازت ڏني. انڌو ٿيلهي اس ۾ کڻي ويو ۽ ڪلاڪ کان پوء وري حاضر ٿيو. انڌي جي ھڪ ھٿ ۾ اصلي ھيرا ۽ ٻئي ھٿ ۾ شيشي جا نقلي ھيرا ھئا. شاھي جوھرين تصديق ڪئي تہ انڌو کٽي ويو آھي.
بادشاھ سميت درٻارين جي حيرت جي حد نہ رھي تہ جيڪو ڪم سڄا نہ ڪري سگهيا اھو انڌو ڪيئن ڪري ويو؟
بادشاھ انڌي کان دريافت ڪيو تہ ھن اصلي ۽ نقلي جي سڃاڻ ڪيئن ڪئي؟
انڌي چيو
”اھو تمام آسان آھي. مون ھيرن جي ٿيلهي اس ۾ رکي. جيڪي ھيرا گرم ٿيا اھي نقلي ھئا ۽ جن ھيرن گرمي برداشت ڪئي ۽ ٿڌا رھيا اھي اھي اصلي ھئا.“
سڄي درٻار ۾ واھ واھ مچي وئي. بادشاھ بہ انڌي جي علم جي تعريف ڪئي ۽ کيس انعام اڪرام سان نوازي روانو ڪيو.