ھڪڙي پوڙهي عورت رات جو بس ۾ لاڙڪاڻي کان سفر ڪري رهي هئي. ان جي پاسي وارو سيٽ تي هڪ نوجوان بہ ويٺل هيو.
پوڙهي عورت: پُٽ جڏهن دادو اچي تہ مون کي ٻڌائجان. سفر دوران پوڙهي عورت جي اک لڳي وئي ۽ اچانڪ جاڳي پئي.
پُٽ: دادو اچي ويو ڇا؟؟
نوجوان چيو
”امان جيئن ئي دادو ايندو، مان پاڻهي توهان کي ٻڌائيندس.“
اهو ٻڌي پوڙهي عورت مطمئن ٿي سمهي پئي.
ڪجھ گھڙين بعد رڪشا وارن جون " درگاھ درگاھ" واريون رڙيون ٻڌي نوجوان جي اک کلي وئي. هن ڏٺو تہ اسان دادو ڪراس ڪري سيوهڻ پھچي ويا آهيون. نوجوان پريشان ٿي ويو. پوڙهي عورت بہ آرام ۾ هئي.
نوجوان ڊرائيور وٽ ويو ۽ هن کي سڄي ماجرا ٻڌائي. اهو ٻڌي ڊرائيور بہ پريشان ٿي ويو ۽ بس کي پاسي تي ڪري بيھاريو. گهڻي سوچ ويچار بعد فيصلو ڪيو ويو تہ بس کي واپس موڙجي. بس ۾ ڪافي مسافرن واپس ورڻ تي اعتراض ڪيو پر حالتن کي ڏسي سڀ خاموش ٿي ويھي رهيا. خيرن سان بس دادو پھتي تہ ان نوجوان پوڙهي عورت کي جاڳايو.
" امان دادو اچي ويو آھي."
پوڙهي عورت جاڳي ۽ پنھنجي ٿيلهي مان ٽڪيون ڪڍيون ان مان هڪڙي ٽڪي ڪڍي کائي وري ٽيڪ ڏئي سمهي پئي. نوجوان ۽ مسافر حيران ٿي ڏسي رهيا هئا. نوجوان پوڙهي عورت کان پڇيو
" امان توهان کي لھڻو ناهي! ؟؟“
پوڙهي عورت وراڻيو
" نہ ابا! مان تہ حيدرآباد ۾ لھندس. ڊاڪٽر چيو هيو هڪڙي ٽڪي دادو پھچي کائجان.
0 comments:
Post a Comment