⏪ترتيب :-
◀پٽاٽا اٻريل اڌ ڪلو
◀چانور جو اٽو 3 کائڻ جا ننڍا چمچا
◀رائي پيسيل 2 کائڻ جا ننڍا چمچا
◀ساوا مرچ سنهي ڪاتر 2 عدد
◀ڀڃيل پيٺل جيرو ننڍو چمچو
◀گدامڙي آنو
◀لوڻ حسب ضرورت
◀ڌاڻو سائو سنهي ڪاتر اڌ ڳٺڙي
◀تيل 2 کائڻ جا وڏا چمچا
⏪ترڪيب :-
◀پھرين گدامڙي کي اڌ پاء پاڻي ۾ ملي ڇاڻي ۾ ڇاڻجي ۽ پاڻي کي ٿانو ۾ رکجي.
◀ھاڻي گدامڙي واري پاڻي کي ڪاڙھي آنو پاڻي بچائجي.
◀ھاڻي اٻريل پٽاٽن کي ڇلي ميش ڪجي.
◀ھاڻي ان ۾ چانورن جو اٽو ۔ رائي ۔ ساوا مرچ سنهي ڪاتر۔ جيرو پيٺل۔ لوڻ ۔ سائو ڌاڻو ڪاتر ۽ گدامڙي وارو پاڻي چڱي طرح ملائي ڳوھي ھڪ ڪجي.
◀پوء ٿوري دير کان پوء سڻڀ جو مک ڏيئي ننڍا ننڍا شامي ڪباب ٺاھجن.
◀توي کي گرم ڪري ٿورو تيل وجهي ٻہ ٻہ يا ٽي ٽي شامي ڪباب ٻنهي پاسي پچائجن.
◀مزيدار شامي ڪباب تيار آھن.
0 comments:
Post a Comment