Showing posts with label سنا Senna 💎اصغر ساگر💎. Show all posts
Showing posts with label سنا Senna 💎اصغر ساگر💎. Show all posts

Friday, 19 June 2020

ڳاڻو Numeral 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڳاڻو ھڪ نشاني يا نالو آھي جيڪو عدد (ڳڻي) لاء ڪم اچي ٿو.
مثال:
3،49 ۽ 12 سڀ ڳاڻا آھن. ان ڪري عدد ھڪ خيال آھي ۽ ڳاڻو ائين آھي جيئن اسان لکون ٿا.
A numeral is a symbol or name that stands for a number.
Examples: 3, 49 and twelve are all numerals. So the number is an idea, the numeral is how we write it.

Numeral  ڳاڻو ۔ ڳاڻيٺو ۔ ڳاڻ ۔ ڳڻپ ۾ ايندڙ

Numerals  ڳاڻا ۔ ڳاڻيٺا ۔ ڳاڻ ۔ ڳڻپ ۾ ايندڙ

Number
عدد ۔ ڳڻو ۔ ڳڻپو ۔ ڳڻپي عدد ۔ ڳڻپ طور ڪم ايندڙ


Thursday, 18 June 2020

عدد Digit 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
عدد واحد نشاني آھي جيڪو ڳاڻن 0, 1, 2, 3, 4, 5, 6, 7, 8 ۽ 9 ٺاھڻ لاء استعمال ٿئي ٿو جيڪي ڏھ عدد آھن جيڪي اسان ھر روز ڳاڻن ۾ استعمال ڪيون ٿا.
مثال:
ڳاڻيٺو 153 ٽن عددن جو ٺھيل آھي
("1", "5" ۽ "3")
A digit is a single symbol used to make numerals. 0, 1, 2, 3, 4, 5, 6, 7, 8 and 9 which are the ten digits we use in everyday numerals.
Example:
The numeral 153 is made up of 3 digits ("1", "5" and "3").

Digit  عدد ۔ انگ

ڳاڻا ۔ ڳاڻيٺا ۔ شمارا ۔ ڳڻپ ۾ ايندڙ   Numerals

Numeral  ڳاڻو ۔ ڳاڻيٺو ۔ شمارو

Sunday, 14 June 2020

مَٽونِرَنگ Heterochromia 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
مَٽونِرَنگ رنگيت جو تغير Color variation آھي. ھي اصطلاح تاري Iris جي رنگن جي تفاوت کي واضح ڪرڻ لاء اڪثر استعمال ٿئي ٿو پر انهي کي چمڙي يا وارن جي رنگ جي تغير تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. مَٽونِرَنگ کي اپت ۔ پھچ ۽ ميلان Melanin جي گهاٽائي سان بيان ڪري سگهجي  ٿو. مٽونرنگ اھڙي حالت آھي جنھن ۾ ٻنهي اکين جو رنگ مختلف ٿئي ٿو. دراصل رنگ اک ۾ موجود تاري Iris جي ڪري مختلف ٿئي ٿو. تاري Iris جو ڪم ماڻڪي Pupil کي ننڍو وڏو ڪرڻ ٿئي ٿو. ھي حالت تمام گهٽ ملي ٿي. مٽونرنگ جا 3 نمونا ٿين ٿا.

(1) پُور مَٽونِرَنگ ۔ پُور مَٽونِرجوت
Complete heterochromia
پُور مَٽونِرَنگ جنھن کي مَٽونِرتارو Heterochromia iridum پڻ سڏجي ٿو، اھو تڏھن رونما ٿئي ٿو جڏھن ٻہ تارا مختلف رنگن جا ھجن.

(2) ڦاڪي مَٽونِرَنگ ۔ ڦاڪي مَٽونِرجوت
Segmental heterochromia
ڦاڪي مَٽونِرَنگ جنھن کي مَٽونِرٻِتارو Heterochromia iridis پڻ سڏجي ٿو، اھو تڏھن رونما ٿئي ٿو جڏھن ھڪ تاري ۾ مختلف رنگن جا ور ونگ ظاھر ٿين ٿا.

(3) مُک مَٽونِرَنگ ۔ مُک مَٽونِرجوت
Central heterochromia 
مُک مَٽونِرَنگ ٻين نمونن کان گهڻو عام طور رتي مختلف ٿئي ٿو پر ويجهي کان ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اھو تڏھن ٿئي ٿو جڏھن تارا ملن ٿا پر انهن کي ماڻڪي جي چوڌاري مختلف رنگن جي منڊي ھوندي آھي. مثال طور ڪنھن نيرين اکين واري کي ماڻڪين جي چوڌاري فندقي يا ڀوري ھڪ سنهي گهير ٿئي ٿي. ھڪ مک مٽونِرجوت ۾ موجود تاري جا 2 رنگ ٿين ٿا.
مٽونِرَنگ جو سبب اکين ۾ ميلاني رنگ Melanin pigment جي مقدار يا ڪنھن زخم يا اک جي عارضي جي ڪري ٿئي ٿو جنھن جي ڪري اسان جي چمڙي جو رنگ بگو ٿي وڃي ٿو. بگي رنگ ۾ ميلان Melanin گهٽ ٿئي ٿو جڏھن تہ ڪارن ماڻهن ۾ ميلان Melanin جي مقدار وڌيڪ ٿئي ٿو. اھڙي طرح ھلڪي رنگ وارين اکين ۾ ميلان گهٽ ٿئي ٿو. جيڪڏھن ڪنھن کي مَٽونِرَنگ آھي، ان جي اکين ۾ ميلان جو مقدار مختلف ٿئي ٿو. ھن حالت ۾ انسان کي ڪو نقصان نٿو ٿئي. ھي توھان کي يا وَرثي inheritance جي ڪري ٿئي ٿو يا اک جي عارضي سبب جي ڪري ٿي سگهي ٿو جيئن اکين ۾ زخم ٿيڻ يا اکين ۾ رت اچڻ وغيرھ. ھن حالت ۾ اکين جي نظر تي ڪو فرق نٿو پوي ۽ نڪا بيماري ٿئي ٿي. اھڙا ڪي ڪيس ناھن آيا تہ ھي ورثي سان تعلق رکي ٿو. ھي جانورن ۾ پاتي وڃي ٿو جيئن ٻليون وغيرھ.

Wednesday, 10 June 2020

ھمو پکي Humming bird 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو پکي جيڪو ڏسڻ ۾ ننڍڙو پر رفتار ۾ تيز ٿئي ٿو ھن جي رفتار 54 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿئي ٿي ۽ ھي بغير رڪڻ جي 80 ڪلوميٽرن تائين ھلي سگهي ٿو.
ھمو پکي دنيا ني ننڍڙن پکين ۾ شمار ٿئي ٿو. ھي ايترو ننڍو آھي جو ھن جي آکيري جي ماپ پنج روپئي سڪي جيتري ٿئي ٿي. ھن جو وزن 2 کان 6 گرام ٿئي ٿو. ھي گلن جو رس پي زندھ رھي ٿو. ھي واحد پکي آھي جيڪو پوئتي اڏري ٿو. ھي اڏرندي ھڪ سيڪنڊ ۾ 80 ڀيرا پر ڦرڪائي ٿو. ھي گلن جو رس پيئڻ لاء ھڪ سيڪنڊ ۾ 13 ڀيرا پنھنجي زبان گلن تي لڳائي ٿو. ھن جو دل منٽ ۾ 12 سو ڀيرا ڌڙڪي ٿو. جسم ننڍو ھئڻ ڪري ۽ تمام ڦڙت ھئڻ ڪري ھمو پکي پنھنجي جلدي توانائي وڃائي ويھي ٿو، جيڪڏھن ٻن ڪلاڪن ۾ ھن کي گلن جو رس نہ ملي تہ بک جي ڪري ھي مري سگهي ٿو.
ھي پکي رس پئڻ جو شوقين رھي ٿو، ان ڪري ھن کي کنڊ خورو سڏيو وڃي ٿو. ھي پکي کنڊ اتر آمريڪا ۔ رياست ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي رياست ڪئليفورنيا ۾ پاتو وڃي ٿو.

Tuesday, 9 June 2020

قوت مدافعت Immunity 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڪنھن بہ بيماري کان بچڻ لاء انساني جسم ۾ ھڪ خودڪار نظام ڪم ڪري ٿو جيڪو بيمارين جي سبب بنجندڙ جراثيمن جي حملي کي اڳواٽ روڪي ٿو، انساني جسم ۾ مزاحمت جي ھن نظام کي قوت مدافعت سڏبو آھي.
انسان کي قدرت طرفان اجسن Antibodies جو ڪجھ حصو ورثي ۾ ملي ٿو جنھن جي مدد سان جسم قوت مدافعت جوڙي ٿو جنھن سان گڏ جسم ۾ اجسن جو اضافو ٿيندو رھي عو جنھن جي ڪري ننڍپڻ کان پوڙھائپ تائين ماڻهو بيمارين کان محفوظ رھي ٿو ۽ گهٽ بيمار ٿئي ٿو.
قوت مدافعت جا ٻہ قسم ٿين ٿا.
(1) قدرتي قوت مدافعت         Natural Immunity
(2) مصنوعي قوت مدافعت     Artificial Immunity

(1) قدرتي قوت مدافعت   Natural Immunity
قدرتي قوت مدافعت انساني جسم ۾ غيرارادي طور تي ازخود پاتي وڃي ٿي. قوت مدافعت ڪجھ ماڻهن ۾ گهٽ ۽ ڪجھ ماڻهن ۾ وڌيڪ پاتي وڃي ٿي. جن ماڻهن ۾ گهٽ قوت مدافعت ٿئي ٿي انهن تي وائرس يا جراثيمي بيمارين جو وڌيڪ حملو ٿئي ٿو جنھن جي ڪري اھي ڇوتي بيمارين جي ور چڙھي وڃن ٿا. جن ماڻهن ۾ قدرتي قوت مدافعت وڌيڪ ٿئي ٿي انهن تي بيمارين جو اثر گهٽ ٿئي ٿو.

(2) مصنوعي قوت مدافعت   Artificial Immunity
ھي اھا قوت مدافعت آھي جيڪا ويڪسين Vaccine ۔ سيرا Sera يا دوائن Medicines سان ھٿراڌو طور تي پيدا ڪئي وڃي ٿي. جنھن بيماري جي روڪٿام لاء ويڪسين يا سيرا Sera جو استعمال ڪيو وڃي تہ انسان ڪجھ عرصو بيمارين کان محفوظ رھي ٿو پر ويڪسين يا سيرا پنھنجي خاصيتن تي دارومدار رکن ٿا. ھن طريقي سان انساني جسم ۾ ويڪسين داخل ٿيڻ شرط اجسا Antibodies  بنجڻ شروع ٿي وڃن ٿا جنھن کي سرگرم قوت مدافعت Active Immunization سڏجي ٿو. ھن طريقي ۾ اجسن سان بيماري جي سبب ڪري پيدا ٿيندڙ جراثيمن کي ڪمزور يا ختم ڪري جسم جي اندر انهن جي افزائش روڪي وڃي ٿي ۽ جسم ازخود قوت مدافعت پيدا ڪرڻ لڳي ٿو.
جڏھن بيڪيٽيريا يا وائرس جسم ۾ داخل ٿين ٿا تہ جسم جا اڇا گهرڙا انهن خلاف اجسا Antibodies بنائن ٿا ڇوجو اڇا گهرڙا جيوڙن Bacterias ۔ وائرن Viruses يا زھرن Toxins جي خلاف اثر رکن ٿا يعني اھي وائرن ۽ جيوڙن کي ماري سگهن ٿا يا انهن کي غيرموثر بنائن ٿا. اھڙي طرح ٻاھرين جيوڙن يا وائرن ۾ اڄڻا Antigens ٿين ٿا جيڪي پنھنجي ڇوت سان جسم ۾ اجسن Antibodies کي ختم ڪن ٿا. جسم کي اجسا Antibodies بنائڻ لاء ھڪ ھفتي کين ٽن ھفتن جي ضرورت پوي ٿي.
اڄڻن Antigens جي روڪٿام ۽ بچاء لاء ويڪسين لڳائي ان جا ٽڪا لڳايا وڃن ٿا يا رتاب Plasma لڳايو وڃي ٿو. ويڪسين جي ٽڪن لڳڻ يا رتاب لڳڻ کان پوء جسم ۾ اجسا Antibodies ٺھي وڃن ٿا جيڪي اڄڻن Antigens جي افزائش کي روڪي جسم ۾ قوت مدافعت پيدا ڪن ٿا.
اسان کي نوٽ ڪرڻ کپي تہ جيڪي بہ روڳا Pethogens وجود ۾ اچن ٿا اھي اڄڻا Antigens پيدا ڪن ٿا نتيجي طور وبا وجود ۾ اچي ٿي. روڳن ۾ وائرا ۽ جيوڙا اچي وڃن ٿا. اجسا Antibdies اھي قوت آھي جيڪي اڄڻن Antigens کي ختم ڪري رت جي گهرڙي کي روڳ کان بچائين ٿا.
اڄڻي Antigen کي وائرس يا جيوڙو Bacteria پيدا ڪري ٿو ۽ اجسو Antibody رت ۾ موجود ٿئي ٿو جيڪو مزاحمت ڪري اڄڻي کي ختم ڪري جسم کي روڳ کان بچائيندو آھي.

قوت مدافعت وڌائڻ لاء اپاء:
قوت مدافعت وڌائڻ لا۽ ھنن شين جو خاص خيال رکجي.
سگريٽ نوشي ۽ نشي وارين شين کان پرھيز ڪجي.
روزانو ورزش ڪجي.
وٽامن سي واريون شيون کائجن.
وزن وڌڻ نہ ڏجي.
صفائي جو خاص خيال رکجي.
ھر ڪم کان پوء ھٿ ڌوئجن.
روزانو 6 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪجي.
لوڻ گهٽ کان گهٽ استعمال ڪجي.

Saturday, 6 June 2020

رتول پٿ Haemoglobin 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
رتول پٿ Haemoglobin رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۽ ڪاربان مونو ڪسائيڊ جو ٺھيل آھي. ھڪ رت جي ڦڙي ۾ 3 لک ڳاڙھا ذرڙا جڏھن تہ ھڪ ملي لٽر رت ۾ رتول پٿ جا 25 لک ڳاڙھا ذرڙا ٿين ٿا. ھر ڳاڙھي ذري ۾ 2 ڪروڙ پنجاھ لک رتول پٿ جا ماليڪيول موجود ٿين ٿا ۽ اھي ئي رتول پٿ جا ماليڪيول آڪسيجن جي ماليڪيولن سان جڙڻ ۽ ڪيميائي بند تشڪيل ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
رت جي ڳاڙھن ذرڙن جا رتول پٿي ماليڪيول ڦڦڙن جي ھوا سان بنديت Bonding قائم ڪري، جسم ۾ زندگي برقرار رکڻ خاطر شريانين ۾ روان دوان رھن ٿا. ساھ جي عمل ذريعي آڪسيجن ڦڦولين Alveoli ۾ ايندڙ رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ جذب ٿي وڃي ٿي ڇوجو گراھم جي قانون مطابق گئس وڌيڪ لاڙي ۔ گهاٽائي يا وڌيڪ دٻاء واري جڳھ کان گهٽ دٻاء واري جڳھ ڏي وڃي ٿي. ھوا جي گهڻي دٻاء جي ڪري ڦڦڙ ڦونڊيل رھن ٿا ۽ ڦڦڙن جي گهرڙن ۾ جسم مان واپس ايندڙ رت ۾ ھوا جو گهٽ دٻاء ھئڻ ڪري ھوا رت ۾ جذب ٿي وڃي ٿي. اھڙي طرح آڪسيجن رت جي ڳاڙھن ذرڙن ذريعي جسم جي تمام گهرڙن ۾ پھچي ٿي. رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ رتول پٿ جي غيرموجودگي جي ڪري رت کي رتاب Plasma ذريعي آڪسيجن کي ضروري مقدار ۾ جسم جي گهرڙن تائين پھچائڻ لاء وڌيڪ ويھ ڀيرا تيز رفتاري سان رت جي دوري ۾ ڊوڙڻو پوي ٿو.
رت جي ڳاڙھن گهرڙن ۾ موجود اھم پروٽين رتول پٿ Haemoglobin دراصل آڪسيجن کان کان 3 سو ڀيرا وڌيڪ ڪاربان مونو آڪسائيڊ CO وڌيڪ لاڙو رکي ٿو مطلب جيڪڏھن توھان ڪنھن اھڙي فضا ۾ ساھ کڻو ٿا تہ رتول پٿ آڪسيجن کي جذب ڪرڻ کان پھرين ان ڪاربان مونو آڪسائيڊ سان ميلاپ کي ترجيح ڏيندو جنھن ڪري رتول پٿ ڪاربوخيرتول پٿ بنجي وڃي ٿو تہ ڪاربان مونو آڪسائيڊ کي جسم ۾ جذب ٿيڻ نٿو ڏئي. دراصل ھي بنجڻ وارو ڪاربوخيرتول پٿ  Carboxyhemoglobin آڪسيجن جي فراھمي جي ايجنٽ طور ڪم نٿو ڪري. اھڙا آلودھ ٿيڻ وارا رت جا ذرڙا تري جي ذريعي رت جي سرشتي مان ٻاھر ڪڍيا وڃن ٿا ۽ رت جي وھڪ متاثر ٿيڻ لڳي ٿي. جيئن ڪاربان مونو آڪسائيڊ ساھ جي سرشتي مان رت ۾ شامل ٿئي ٿي تہ آڪسيجن جي شديد کوٽ موت جو سبب بنجي ٿي.
رتول پٿ جي ماليڪيولي نموني ۾ فولاد جا اڻا Atoms شامل ٿين ٿا. عام طور تي ڏٺو وڃي ٿو تہ فولاد جا مرڪب رنگين ٿين ٿا ڇوجو فولاد Iron ۽ آڪسيجن جو ميلاپ فوليڪسو Ironoxide کي تشڪيل ڏئي ٿو، اھڙي طرح رنگت تي ڌيان ڏيڻ سان ڳاڙھو نظر اچي ٿو. ائين جڏھن رتول پٿ آڪسيجن جي پراڻي Molecule سان ملي ٿي تہ ڳاڙھن ذرڙن جي رتول پٿ ۾ موجود فولاد رت کي اجلي اجلي ڳاڙھاڻ ڏئي ٿو.
 رت جو رنگ تڏھن بہ بدلجي ٿو جڏھن ڪاربان مونو آڪسائيڊ جو ماليڪيول رتول پٿ سان جڙي ٿو. رتول پٿ جي فولاد جو ڪاربان مونو آڪسائيڊ سان ملڻ رت ۾ اجلي گلابي رنگت جو سبب بنجي ٿو. رت ۾ ڪاربان مونو آڪسائيڊ جي گهڻائي جي ڪري موت جي شڪار ٿيندڙ جا اھي حصا جتي رت جي رواني چمڙي ڀرسان ٿئي ٿي جيئن چپ ۔ ننھن ۽ ٻيا عضوا گلابي ٿي وڃن ٿا. ڪاربان مونو آڪسائيڊ واري آلودھ فضا ۾ ساھ کڻڻ سان شروع ۾ مٿي سور ۔ پوء مٿو چڪرائڻ ۽ پوء موت جي منھن ۾ ڌڪيندڙ بيھوشي طاري ٿي وڃي ٿي.
نوٽ ڪرڻ کپي تہ جيڪو روز 30 سگريٽ پئي ٿو ان جي رتول پٿ ۾ ڪاربوخي رتول پٿ جي سطح مستقل طور تي 10 سيڪڙو ٿي وڃي ٿي جيڪا صحت کي تباھ ڪرڻ لاء ڪافي آھي.

رتول پٿ جي کوٽ جا اثر:
جيڪڏھن منھن تي پيلاڻ ھجي ۔ اکيون پيليون ھجن ۔ پيشاب پيلو ھجي ۔ جسم ۾ ٿڪ ھجي ۔ ڀاڄي ۾ گھ نہ وڻي ۔ رات جو ننڊ گهٽ اچي، ان جو مطلب جيري تي گرمي آھي ۽ رت جي کوٽ آھي، ان حالت ۾ رت وڌائيندڙ شيون کائجن گڏ گڏ وٽامن سي واريون استعمال ڪجن جيئن رت پيدا ٿئي ۽ جسم ۾ تراھٽ ۾ اچي.
جسم ۾ رت جي کوٽ Anemia دراصل جسم ۾ رت جي ڳاڙھن گهرڙن Red cells جي کوٽ کي سڏيو وڃي ٿو جيڪي آڪسيجن جي فراھمي جو ڪم ڪن ٿا.
رتول پٿ فولاد سان ڀرپور پروٽين آھي جيڪا رت جي ڳاڙھن گهرڙن ۾ موجود ٿئي ٿي. ھي پروٽين پوري جسم ۾ آڪسيجن پھچائي ٿي. رتول پٿ جو ڪم ڦڦڙن مان آڪسيجن کڻي جسم جي اوڄن کي پھچائڻ آھي جيئن گهرڙا پنھنجو ڪم صحيح ڪري سگهن. ان کان علاوا رتول پٿ گهرڙن کان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ وٺي ڦڦڙن ۾ پھچائڻ آھي.
ھن مرض ۾ رت جي صحتمند ڳاڙھن گهرڙن جي کوٽ ٿي وڃي ٿي جيڪي جسم جي مختلف حصن ۾ رت پھچائين ٿا. رتول پٿ Haemoglobin اھو جز آھي جيڪو رت کي ڳاڙھو ڪري ٿو. جسم ۾ رت جي کوٽ کان بچڻ لاء ضروري آھي تہ رتول پٿ جي سطح کي مناسب حد تائين برقرار رکيو وڃي جيئن ان جي کوٽ شديد ٿڪ ۽ ڪمزوري جو شڪار نہ ڪري.
رتول پٿ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء فولاد ڀرين غذائن جو استعمال ضروري آھي جيئن رتول پٿ سان گڏ ڳاڙھن گهرڙن جي اوسر نيسر جاري رھي.
رت جي کوٽ اھو مسئلو آھي جيڪو ڏھن مان ھڪ ماڻهو سان رونما رھي ٿو. عالمي اداري جي تحقيق مطابق دنيا جي 80 سيڪڙو آبادي کي رت جي کوٽ رھي ٿي خاص ڪري حاملا عورتن ۾ کوٽ جو خطرو شديد نموني رھي ٿو.
صحتمند زندگي ۾ رتول پٿ جي وڏي اھميت آھي ان لاء ان جو مناسب مقدار ھجڻ ضروري آھي. مردن ۾ رتول پٿ جي حد 14 کان 18 ۽ عورتن ۾ 12 کان 14 ھجڻ گهرجي.
بالغ ماڻهن جي حوالي سان روزانو فولاد جي مقدار تجويز ڪئي وئي آھي جيئن مردن لاء 8 ملي گرام جڏھن تہ عورتن لاء 18 ملي گرام ۽ 50 سالا عورتن لاء 8 ملي گرام فولاد جي ضرورت رھي ٿي.
رت جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو جيڪڏھن ميوا ۔ ڀاڄيون ۽ مشروب صحيح نموني استعمال ڪيا وڃن.

رتول پٿ جي کوٽ جون نشانيون:
جسم ۾ رتول پٿ جي جي کوٽ ٿيڻ سان آھستي آھستي علامتون ظاھر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون جنھن ۾ دل جي ڌڙڪن جو تيز ٿيڻ ۔ چمڙي جو پيلو ٿيڻ ۔ شديد ٿڪ محسوس ٿيڻ ۔ سستي ڪاھلي جو ڇپ ھڻڻ ۔ مشڪن جو ڪمزور ٿيڻ ۔ مٿي ۾ وري وري سور پوڻ

رتول پٿ جي کوٽ جا سبب:
جن ماڻهن ۾ رتول پٿ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي اھي رت جي کوٽ جا شڪار ٿي وڃن ٿا، عام طور تي رت جي کوٽ ھي سبب رونما ٿين ٿا جن ۾ فولاد جي کوٽ ۔ وٽامن بي 12 جي کوٽ ۔ پنيٺي جي کوٽ ۔ ڌڪ لڳڻ تي زخم مان وڌيڪ رت وھڻ ۔ ڪينسر ۔ بڪين جي خرابي ۔ جيري ۾ خرابي ۔ حرڪيرن جي کوٽ ۔ ٿيلسيميا جيڪا رت ۾ رتول پٿ پيدا ڪرڻ کان روڪي ٿي ۽ اھڙيون بيماريون جيڪي رت جي ذرڙن ۽ رتول پٿ کي پيدا ٿيڻ نہ ٿيون ڏين.
رتول پٿ جي کوٽ تماڪ نوشي ۔ ڦڦڙن ۾ خرابي ۔ چمڙي جي سڙڻ ۽ گهڻي ورزش ڪرڻ سان ٿئي ٿي. جڏھن رتول پٿ جي کوٽ جو عارضو پيدا ٿئي تہ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي جيڪي رت جي ٽيسٽ بعد توھان کي مناسب سپور جي تجويز ڪري.

رتول پٿ وڌائڻ جا طريقا:
جن ماڻهن ۾ رت جي کوٽ رھي ٿي اھي فولاد استعمال ڪري کوٽ پوري ڪري سگهن ٿا. فولاد جسم ۾ رتول پٿ جي اپت وڌائڻ سان گڏ رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ پڻ اضافو ڪري ٿو. گوشت ۔ مڇي ۔ بيدا ۔ خشڪ ميوا خاص طور تي کجور ۽ انجير ۔ بروڪلي ۔ سبز پنن وارا کاڌا جيئن ساڳ ۽ پالڪ ۔ سائي لوبيا ۔ السي ۽ منڱن جو مکڻ وغيرھ آئرن سان ڀرپور ٿين ٿا.

وٽامن سي جو استعمال:
وٽامن سي جي استعمال ڪرڻ سان رتول پٿ جي کوٽ پوري ٿي وڃي ٿي. وٽامن سي جي کوٽ جي ڪري فولاد پوري جسم ۾ جذب نٿو ٿئي. وٽامن سي ۾ پپيتو ۔ ڪينو ۔ ليمو ۔ اسٽرابيري ۔ شملا مرچ ۔ گريپ فروٽ ۔ چقو ۔ صوف ۔ ڏاڙھون ۔ ٽماٽو ۽ پالڪ ٿين ٿا جن سان وٽامن سي جي کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.
رت جي کوٽ ۾ وٽامن سي وارين شين جو استعمال جاري رکجي، يقينن جسم رطوبت ڀريو ٿي ويندو ۔ زھرا Toxins خارج ٿي ويندا ۔ جيري جي گرمي ھٽي ويندي ۔ صفرا دور ٿي ويندي ۽ سائي جي اچڻ جا امڪان جھڙوڪر ختم ٿي ويندا. نارنگي ۔ مالٽا ۔ انگور ۔ بصر ۔ ڏاڙھون ۔ کيرو ۔ ونگو ۔ الوبخارا ۔ ڇانھي ۔ صوف ۽ گدامڙي وغيرھ وٽامن سي ۾ اچي وڃن ٿيون جيڪي رتول پٿ سان گڏ رت کي وڌائن ٿيون.

پنيرو تيزاب Folic Acid:
پنيرو تيزاب ھڪ بي ڪمپليڪس وٽامن آھي جيڪو رت جي ڳاڙھن کي ٺاھي ٿو اھوئي سبب آھي جي پنيري تيزاب جي کوٽ جي ڪري رتول پٿ جي کوٽ لاحق ٿئي ٿي. ساون پنن واريون سبزيون ۔ جيرو ۔ چانور ۔ خشڪ ميوا ۔ ٻج ۔ ڪڻڪ ۔ ڏارو ۔ منڱ ۽ ڪيلا وغيرھ پنيري تيزاب جا ذريعا آھن.

پنيٺي Folate وارا کاڌا کائڻ:
فولاد سان گڏ پنيٺو Folate رت جي ڳاڙھن جزن پيدا ڪرڻ ۾ بھترين ڪردار ادا ڪري ٿو جيڪو رتول پٿ جي ٺھڻ لاء ضروري آھي.
پنيٺو وٽامن بي جو ھڪ قسم آھي جيڪو جسم ۾ رت جو مقدار وڌائڻ لاء اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏھن اسان پنيٺي سان ڀرپور کاڌا نٿا کائون تہ جسم ۾ رت جي کوٽ جو مسئلو ڪر کڻي ٿو. پنيٺي جي کوٽ رت جي ڳاڙھن ذرڙن کي بالغ ٿيڻ نٿي ڏئي. ڳئون جو گوشت ۔ چانور ۔ پالڪ ۔ منڱ ۔ سرخ لوبيا وغيرھ اھڙا  کاڌا آھن جيڪي پنيٺي سان ڀرپور ٿين ٿا. انهن کاڌن کان علاوا رتول پٿ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء پنيٺي جو سپور استعمال ڪري سگهون ٿا.

فولاد جذب ڪرڻ وارا کاڌا:
فولاد جي کوٽ رتول پٿ جي وڏي کوٽ آھي. جيرو ۔ گوشت ۔ پالڪ ۔ بادام ۔ کجور ۔ جون ۾ فولاد جي وافر مقدار موجود ٿئي ٿي. فولاد مناسب مقدار ۾ وٺڻ کپي ڇوجو وڌيڪ مقدار ۾ وٺڻ سان نقصان ٿي سگهي ٿو.
رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء جتي فولاد وارا کاڌا کائڻ ضروري آھن اتي اھڙا کاڌا بہ کائڻ گهرجن جيڪي جسم ۾ فولاد کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت وڌائن.
وٽامن سي سان ڀرپور کاڌا جيئن ڪينو ۔ مالٽا ۔ موسمي ۔ زيتون ۔ ساون پنن واريون سبزيون وغيرھ اسان جي جسم ۾ فولاد کي جذب ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت وڌائن ٿيون.
توھان وٽامن اي مڇي ۔ ڪدو ۔ سفيد گجر ۽ ڪيلا کائي سگهجن ٿا. اھڙيون سبزيون ۽ ميوا جن جو رنگ ڳاڙھو ۔ پيلو ۽ مالٽائي ھجي انهن مان بيٽا گجرو حاصل ڪري سگهجي ٿو جيئن گجر ۔ حلوو ۔ ڪدو ۔ سفيد گجر ۔ ڪدو ۔ انب وغيرھ.

رتول پٿ کي وڌائيندڙ شيون:

کجور:
کجور کائڻ سان فولاد Iron جي سطح وڌي ٿي جنھن سان رت جا ڳاڙھا جزا وڌيڪ اوسر وٺن ٿا ۽ جسم ۾ رتول پٿ جي کوٽ پوري ٿي وڃي ٿي پر کجور جي حوالي سان شڳر جي مريضن کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آھي.

ڏاڙھون:
رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء ڏاڙھون بھترين ميوو آھي جنھن ۾ فولاد ۔ وٽامن اي ۔ وٽامن بي ۔ وٽامن سي ۽ وٽامن اي موجود ٿين ٿا. ھن ۾ موجود سانڌ تيزاب Ascorbic acid جسم ۾ فولاد وڌائي رت جي کوٽ کي پورو ڪري ٿو. روزانو ڏاڙھون کائڻ يا ڏاڙھون جي شربت پيئڻ سان رت جي کوٽ جو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو.

ڪيلا:
ڪيلا فولاد سان ڀرپور ٿين ٿا جيڪي رت ۾ رتول پٿ جي ٺھڻ جي عمل کي تحرڪ ڏين ٿا. ڪيلن ۾ پوٽيشم ھئڻ ڪري فولاد جسم جو جلدي حصو ٿي وڃي ٿو.

صوف:
صوف فولاد سان ڀرپور ٿئي ٿو جيڪو رتول پٿ جي ٺھڻ جي عمل کي تيز ڪري ٿو. روزانو ھڪ صوف کائڻ سان رت جي کوٽ ڪافي حد تائين پوري ٿي وڃي ٿي پر صوف کي ھڪ وقت نہ کائجي، 4 ٽڪڙا ڪري وقفي وقفي کائجي.

خشڪ الوبخارا:
خشڪ الوبخارا رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاء ھاڪاري اثر مرتب ڪن ٿا. ھي وٽامن سي ۽ فولاد سان ڀرپور ٿين ٿا جيڪي رتول پٿ کي وڌائن ٿا، گڏ گڏ معدنيٺي Magnesium کي پيدا ڪن ٿا. معدنيٺو جسم ۾ آڪسيجن جي رسد کي پھچائڻ ۾ مدف ڪري ٿو.

مالٽا:
جسم ۾ فولاد وٽامن سي جي مدد کان سوا مڪمل طور تي حل ۽ جذب نٿو ٿئي ان ڪري مالٽي جو استمال وٽامن سي ۽ رت جي کوٽ کي ھڪ وقت پورو ڪري ٿو.
رت انساني جسم ۾ آمدرفت ۔ بچاء ۽ باقائدگي  جھڙا 3 اھم ڪم ادا ڪري ٿو. انساني جسم ۾ رت جي کوٽ انساني جان لاء خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن جسم ۾ رت جي مقدار کي وڌايو وڃي تہ رت جي کوٽ پوري ٿي سگهي ٿي. رتول پٿ اھڙي پروٽين آھي جيڪا رت جي ڳاڙھن ذرڙن ۾ پاتو وڃي ٿو ۽ رت جي سرخ ذرڙن جي ذميداري ٿئي ٿي تہ اھي جسم جي تمام عضون تائين آڪسيجن کي پھچائين ۽ جسم مان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ وصول ڪري خارج ڪن.

رتول پٿ کي نقصان پھچائيندڙ شيون:
ڪي اھڙيون شيون ٿين ٿيون جيڪي جسم کي فولاد جذب ڪرڻ کان روڪين ٿيون. فولاد کي جذب ٿيڻ کان روڪڻ واريون شيون ھي آھن.
ڪافي
چانھن
نرم مشروب
ڪئلشم سان ڀرپور کاڌا جيئن ڊيري پراڊڪٽ جو شيون

Wednesday, 3 June 2020

منقا Munakka 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
منقا يا وڏي سڪل ڪشمش کي ڪشمش جي خاندان ۾ تصور ڪيو وڃي ٿو. منقا ۽ ڪشمش ھڪ ٻئي کان مختلف آھن. ڪشمش ماپ ۾ ننڍي ۽ پيلي رنگ جي ٿئي ٿي جڏھن تہ منقا ماپ ۾ وڏي ٿئي ٿي ۽ ھن ۾ ٻج موجود ٿئي ٿو. تحقيق مان ثابت ٿيو آھي تہ منقا ڪينسر جي جراثيمن کي ختم ڪري ٿي.

ھاضمو ڪندڙ:
منقا تاندورن جو بھترين ذريعو آھي، ان ڪري ھاضمي جو بھترين ذريعو آھي. رات جو 3 عدد منقا ڪوپ پاڻي ۾ پسائي رکجن ۽ صبح جو ناشتي کان پھرين منقا کائي پاڻي پي ڇڏجي.
قبضي ٽٽندي ۽ ھاضمو بھتر ٿيندو.

قوت مدافعت وڌائيندڙ:
منقا وٽامن سي ۽ وٽامن سي وافر مقدار ۾ ھئڻ ڪري قوت مدافعت وڌائڻ لاء مفيد آھي. ھي جسم جي سڀن ڇوتن Infections کان بچائي ٿي ۽ رت صاف ڪري ٿي جنھن ڪري بيماريون پري رھن ٿيون.

نظر وڌائيندڙ:
منقا نظر وڌائڻ لاء فائديمند آھي. منقا ۾ موجود وٽامن سي نظر کي تيز ڪري ٿي. رات جو سمهڻ مھل 3 منقا 3 باداميون کائڻ سان نظر تيز ٿيندي.

رت جو چاڙھ دور ڪندڙ:
منقا رت جي چاڙھ کي ھٽائڻ ۾ بھترين ڪردار ادا ڪري ٿي۔ 3 منقا ۽ ھڪ وڏو ڦوٽو کائڻ سان رت جو چاڙھ لھي وڃي ٿو. منقا چرٻي گهٽائيندڙ آھي ان ڪري کائڻ سان رت جي چاڙھ جي شڪايت نٿي رھي.

ھڏين جي ڪمزوري دور ڪندڙ:
منقا ۾ بورون ۽ ڪئلشم جي مقدار جهجهي ٿئي ٿي ان ڪري ھن کي روز پاڻي ۾ پسائي کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ سان ھڏيون مضبوط ٿين ٿيون ۽ بورون ۽ ڪئلشم کي جلدي جذب ڪن ٿيون.

رت جي کوٽ پوري ڪندڙ:
منقا فولاد سان ڀرپور ٿئي ٿي، ھي رت کي صاف ڪري ٿي ۽ رتول پٿ وڌائي ٿي. ھي جسم ۾ رت جي مدت وڌائي ٿي جنھن ڪري رت جي کوٽ نٿي رھي.

Monday, 1 June 2020

ڪدو Bottle gourd 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جڏھن پروٽين جو ذڪر اچي ٿو تہ ماس ۾ اسان جو خيال گوشت ۽ کير ڏي ۽ سبزين ۽ دالن ڏي وڃي ٿو. تمام غذائون انمول تحفو آھن ۽ ھر غذا ۾ مختلف اڪسيري جز پاتا وڃن ٿا جن جو متوازن استعمال جسم جي نشونما لاء ضروري آھي. سبزين ۾ ھڪ سبزي ڪدو جي سبزي آھي جيڪا لذت سان گڏ ڪيئي طبي خواص رکي ٿي. ڪدو جسم جي گرمي پد کي پورسرو رکي ٿو ۽ بخار جي شدت کي معتدل رکي ٿو. اھي ماڻهو جن کي ڀرتي ۽ بلغم جو عارضو رھي ٿو، اھي ڪدو سان گڏ جيرو ۽ وڏي ڦوٽي جو استعمال ڪن تہ انهن جي شڪايت ختم ٿي وڃي ٿي. گرمين جي موسم ۾ ڪدو کائڻ سان پياس ختم ٿئي ٿي ۔ معدي جي تيزابيت دور ٿئي ٿي ۽ دل دماغ کي تقويت ملي ٿي.
ڪدو ھڪ قدرتي ٽانڪ آھي جيڪو غذائي جزن سان مالامال آھي. ھي صرف فولاد نٿو رکي پر ڪيلشم ۔ پوٽيشم ۔ وٽامن اي ۽ وٽامن بي سان لبريز آھي. ھي قوت بخش غذا جي حيثيت رکي ٿو، ھي گوشت جي ڀاڄي سان ملي ان جي اثر ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ اتي دالن سان ملي بي پناھ پروٽين جي مالامالي ڏئي ٿو.

سرسام:
سرسام مٿي جي سوڄ جي ھڪ بيماري آھي جنھن لاء ڪدو اڪسير آھي. ڪدو جو رس ڪڍي ھم وزن ترن جو تيل ملائي ٽامي يا پتل جي ديڳڙي ۾ وجهي ايترو ڪاڙھجي جو تمام رس جلي وڃي ۽ تيل ظاھر ٿئي. ھاڻي تيل ڇاڻي بوتل ۾ محفوظ رکجي. وقفي سان سرسام جي مريض جي مٿي تي ھي تيل مالش ڪجي ۽ مٿي تي گرم ڪپڙو ٻڌجي. ھي تيل نہ صرف سرسام کان شفا ڏيندو پر بيخوابي ۽ مٿي جي سور کي فائدو ڏيندو.

ڪن جو درد:
ڪن ۾ پاڻي ھليو وڃي يا مٿي ۾ سور پوي تہ ڪدو جي پاڻي پيئڻ سان فائدو پوي ٿو. ڪنھن پسارڪي دڪان تان روغن گل وٺي ان ۾ ڪدو جو پاڻي ملائي رکجي. ڪن ۾ سور جي صورت ۾ ھن محلول مان ٻہ يا ٽي قطرا ڪن ۾ وجهجن تہ فائدو پوندو.

وڇون جو ڏنگ:
ڪنھن کي وڇون ڏنگ ھڻي ۽ اسپتال دور ھجي تہ ان صورت ۾ ڪدو جي ڳر جو ٽڪرو وڇون جي ڏنگ جي مٿان زور ڏيئي رکجي تہ زھر جو اثر زائل ٿي ويندو.

مٿي جي خشڪي:
عورتن کي اڪثر مٿي جي خشڪي جو عارضو رھي ٿو جنھن جو علاج شيمپو سان صحيح نٿو رھي. بازار مان ڪدو جو تيل وٺجي. کير ۾ ڪدو جي تيل جو چمچو ملائي مٿي کي ھڻجي، ھن سان نہ صرف خشڪي ختم ٿيندي پر دل جي وڌيل ڌڙڪن پوري پني ٿي ويندي.

ڏند جو درد:
جي ڏندن ۾ سور پوي تہ ڪدو جي ڳر 5 تولا ۽ ٿوم اڌ تولو سير پاڻي ۾ ڪاڙھجي پاڻي اڌ بچي تہ اتان گرڙا ڪجن. فائدو پوندو.

ڪاڪڙي جي سوڄ:
جيڪڏھن آواز ويھي وڃي يا ڪاڪڙي ۾ سوڄ ھجي تہ ڪدو جي پاڻيء سان نيم گرم گرڙا ڪجن، ھي گرڙو خناق جھڙي بيماري کي بہ راحت ڏئي ٿو.

چپ ڦاٽڻ:
جيڪڏھن چپ ڦاٽن تہ رات جو سمهڻ وقت ڪدو جي ڳر کي چپن تي ھڻي سمهجي. صبح جو پاڻي سان چپ ڌوئجن. فائدو پوندو.

بدن جون ڦرڙيون:
جيڪڏھن بدن تي ڦرڙيون نڪرن تہ ڪدو جو پاڻي انهن تي ھڻجي ۽ پاڻي پيئجي فائدو پوندو.

زخم:
ڪدو جي زخم ڇٽائڻ ۾ اڪسيري حيثيت رکي ٿي. پھرين ڪدو جي کل کي ڇانو ۾ سڪائجي. ھاڻي ان کل کي ساڙجي ۽ کرل ڪري رکجي. ھي راک زخم تي ٻرڪجي تہ زخم ڇٽي ويندا.

عرق ڪدو:
ڪدو         پاء
پاڻي          2 لٽر
ڪدو ڪترا ڪجن. پاڻي ۽ ڪدو جا ڪترا ديڳڙي ۾ وجهي ڪاڙھجن. پاڻي اڌ بچي تہ پاڻي ڇاڻجي. پاڻي شيشي جي بوتل ۾ رکجي.
آنو پاڻي صبح شام پيئجي.
فائدا: سائي ختم ٿيندي ۔ قبضي ٽٽندي ۽ جسم تان ڦرڙيون ختم ٿي وينديون.

Sunday, 31 May 2020

ڏند جو سور Tooth ache 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جڏھن ڏندن ۾ ڇوت Infection پوي ٿي تہ درد جا سلسلا شروع ٿي وڃن ٿا، رات جو ننڊ برباد ٿي وڃي ٿي ۽ ھروقت بي چيني رھي ٿي. ڏند پس Abcessed tooth ھڪ اھڙي ڇوت آھي جيڪا ڏندن جي اندرئين حصي کان شروع ٿئي ٿو جنھن کي ڳڀي خانو Pulp chamber سڏجي ٿو. پس ٺھڻ سان ڏندن ۾ ڇوت اچي وڃي ٿي ۽ ڏندن جي جيوڙن سان وڙھڻ جي صلاحيت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. پس دراصل مردن سفيد گهرڙن Dead white cells ۔ اوڄن Tissues ۽ جيوڙن Bacterias جو مجموعو ٿئي ٿي ڏندن جي ڇوت يا پس مھارن جي ڇوت کان مختلف ٿئي ٿي. ڏند جي ڇوت ڏند جي اندرئين حصي کان شروع ٿئي ٿي جڏھن تہ مھارن جي ڇوت ڏند کان ٻاھر ڏنداٺي Gum pocket کان شروع ٿئي ٿي. جيڪڏھن بروقت علاج نہ ڪرايو ويو تہ ھي ڇوت ڏندن کي ڳاري ٿي. ڏند جي ڇوت جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا.
ڏندن تي ڌڪ لڳڻ جي ڇوت
ماڪوڙي لڳڻ
بڊ جا زخم
گوشت جو ڏندن ۾ ڦاسڻ
روز ڏندن جي صفائي نہ ڪرڻ
سگريٽ پيئڻ
ڏندن جي ڇوت کان بچڻ جو واحد رستو آھي تہ اتي ڏند جي ڇوت جو علاج ڪيو وڃي.

ٽوٽڪا:

ٿوم:
ٿوم حيات روڪ Antibiotic آھي، ھي جيوڙن جي ڇوت کي روڪي ٿي. ھن ۾ موجود گنڌڪي مرڪب ڇوت ۽ سوزش جو مقابلو ڪن ٿا. جنھن ڏند ۾ سور ھجي، اتي ٿوم کي چوٽي کان ڪٽي سور واري ڏند تي گھجي، سور گهٽبو ويندو.

مٺي سوڊا ۽ ڏونگهي جي تيل جي پيسٽ:
ٿوري مٺي سوڊا ۽ ڏوگهي جو تيل ملائي پيسٽ جيئن تيار ڪجي. اھا پيسٽ ڏندن کي لائجي ۽ ٿڪ ٻاھر اڇلجي فائدو پوندو. فائدو پوندو.

ھائڊوجن پرآڪسائيڊ محلول:
ھائيڊروجن پر آڪسيائيڊ ھڪ حصو
پاڻي  3 حصا
ملائي گرڙا ڪجن تہ فائدو پوندو.


ھيڊ لوڻ وارو پاڻي وارو محلول:
ھيڊ پائوڊر   چمچو
لوڻ            چمچو
پاڻي          گلاس
ملائي گرڙا ڪجن. ڪافي فرق پوندو.

ڏند جي سور جو سفوف:
جاڻ ديسي   2 تولا
ھيڊ             2 تولا
لونگ           2 تولا
ڪٽي پائوڊر ڪري ملائي رکجي.
ٿورڙو پائوڊر کڻي ڏندڻ ڏجي.

لوڻ ۽ ڊسپرين وارو پاڻي:
لوڻ ۽ ڊسپرين پاڻيء ۾ ملائي گرڙا ڪجن.

سيڙھي وارو پاڻي:
چن سيڙھي    تولو
پاڻي              جڳ
جڳ ۾ سيڙھي وجهي ملائجي. جڏھن پاڻي ٺرجي وڃي تہ آٺريل پاڻي ٻئي ڪنھن ٿانو ۾ وجهجي ۽ سيڙھي ثقل سميت ھاري ڇڏجي. آٺريل پاڻي سان گرڙا ڪجن.

لونگ کي پائوڊر ڪجي. چپٽي کڻي ڏونگهي جي ٿوري تيل سان ملائجي ۽ ڏندن تي برش ڪجي. بھترين آھي. مجرب آھي.

مڪئي جي اٽي وارو پاڻي:
مڪئي جي اٽي کي پاڻي ۾ وجهي گرڙا ڪجن. سور کي فائدو ڏيندو.

ليمي جو پاڻي:
اعصابي ڏند جي سور واري حالت ۾ ليمي کي گلاس پاڻي ۾ نپوڙي صبح ۽ شام پيئجي.

احتياط:
ڏاندي کي باقائدگي سان ڏند ڏيکاربا رھن.
ڏندڻ کي ٽن مھينن ۾ بدلجي.
مٺين شين کسن پرھيز ڪجي.
ڪيفين جو محدود استعمال ڪجي ڇوجو ڪيفين سان مٺرت سطح اعتدال ۾ نٿي رھي جنھن جي ڪري مٺگهرڙبدليت ۽ جيرو متاثر ٿين ٿا.
سگريٽ نوشي ۽ تماڪ نوشي کان پرھيز ڪجي.

نوٽ:
ڪوبہ ھڪ نسخو استعمال ڪجي. نسخا طبيعت مطابق آھن. ھڪ فائدو نٿو ڏئي تہ ٻيو استعمال ڪجي.
ڪڏھن ڪڏھن ڏند ۾ گھرو زخم ھوندو آھي جنھن ڪري دوائون اثر ناھن ڪنديون، اھڙي حالت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.
جيڪڏھن ڪنھن عورت کي پراڻي ليڪوريا يا مرد کي پراڻو سوازڪ ھجي ان حالت ۾ ڏند ۾ سور پوندو آھي ۽ دوائن سان بہ جان نہ ڇڏيندو آھي اھڙي حالت ۾ مريض جو علاج انهن بيمارين جي بنياد تي ھجڻ گهرجي.

Thursday, 28 May 2020

ڪاماڪازي پائليٽ Kamikaze pilots 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ٻي جنگ عظيم ۾ جپان جرمني جو ساٿاري ھيو، جڏھن جپان شڪست جي در تي پھچڻ وارو ھيو تہ ايڊمرل ياماڪاشيرو فتح حاصل ڪرڻ لاء ھڪ نئون جنگي حربو سوچيو ۽ ان تي عمل ڪندي مختلف شھرن مان ننڍن نوجوانن کي چونڊيو. انهن کي جھاز اڏارڻ جي تربيت ڏني  ۽ تربيت دوران انهن جوانن کي خودڪش حملا ڪرڻ لاء تيار ڪيو ويو. انهن کي ڪاماڪازي خودڪش بمبار سڏيو ويندو ھيو.
جپان ٻين عالمي جنگ ۾ جپان ڪاماڪازي پائليٽن جي تربيت شروع ڪئي تہ جيئن اھي ھوائي جھاز سان بحري ٻيڙن تي خودڪش حملو ڪري، انهن کي تباھ ڪري ڇڏين.
پھرين کيپ ۾ جپان 24 خودڪش رضاڪار پائليٽ تيار ڪيا جن جو نشانو آمريڪا جا بحري ٻيڙا ھيا.
ڪاماڪازي جپاني لفظ آھي جنھن جي معنا God-wind يزداني ھوا آھي. ھن لفظ تڏھن جنم ورتو جڏھن جپانين 13 صدي ۾ حملي آورن منگولن کي شڪست ڏني ۽ پنھنجي ڌرتي کي انهن کان آجو ڪرايو.
جپان انهن نوجوانن جي تربيت پوري ڪئي ۽ کين جنگي مشن تي موڪليو. ھي نوجوان بارود سان ڀريل جھاز کي اڏاريندا ھئا ۽ امريڪي بحري ٻيڙن تي جھاز ڪيرائيندا ھيا نتيجي طور پاڻ سميت آمريڪي بحري ٻيڙو ۽ ان تي موجود آمريڪي سپاھي باھ جي نذر ٿي ويندا ھيا. اھڙي نموني ٽي ھزار نو سو تيرنھن جپاني خودڪش پائليٽن آمريڪي ٻيڙن تي حملو ڪري پاڻ سان گڏ آمريڪين کي ماريو. انهن ڪاماڪازي نوجوانن جي عمر 18 کان 20 سال ھئي.
جپاني قوم انهن گوريلن کي ڪاماڪازي سڏيندي ھئي انهن ڪاماڪازين جي حملي ڪري آمريڪا پنھنجي شڪست تي قابو پائڻ لاء آخري ھٿيار ايٽم بم سان جپان تي حملو ڪيو ۽ 16 ۽ 19 اگسٽ تي ھيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم اڇليو جنھن جي نتيجي ۾ لکين انسان ۔ پکي پکڻ ۔ جيت جانور ھڪ ئي لمحي ۾ جلي زھريلي فضا ۾ ٻاڦ ٿي ملي ويا.
ھن وڏي نقصان کان پوء جپان جي نئين جنرل ميڪارٿر پنھنجي شڪست کي ڏسي ماضي جي ڪيل فيصلن تي نظرثاني ڪئي ۔ غلطين جي نشاندھي ڪئي ۽ وري اھي غلطيون نہ ڪرڻ جو عھد ورجايو.
ھن ڪاماڪازين کي پيدا ڪرڻ بدران سائنسدان ۔ انجنيئر ۽ دانشور پيدا ڪرڻ جو سوچيو. ان خاص پاليسي تحت تعليمي نصاب ۽ درسگاھن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اھڙن معلمن جي آبياري ڪئي وئي جن ايندڙ نسلن جي ذھن مان جنگي جنون  ۽ انتقامي سوچ ختم ڪرڻ لاء ڪم شروع ڪيو. ائين ٿورڙي عرصي ۾ جپان جي اڳين نسل خوني شدت پسندي مان نڪري آئي جنھن جي ڪري تباھي جو منھن ڏسڻو پيو ھو.
جپان جي ھڪ چوڻي آھي تہ وڙھڻ کان ڀڄ ۔ گڏجي ڪم ڪر، ھن سوچ تي عمل ڪري جپان پاڻ کي سڌريل قومن جي صف ۾ آڻي بيھاريو.
جپان ھن وقت معاشيات جي حوالي سان دنيا جي اول ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. جپان ۾ ھر سال ايترو تحقيقي مواد ڇاپيو وڃي ٿو جو دنيا جا سڀ مسلم ملڪ ملي ان جي چوٿڙ تي نٿا پھچن. جپان جي ھڪ ھوائي اڏي جي آمدني پاڪستان جي سڀني ھوائي اڏن کان وڌيڪ آھي.
جپان آمريڪا سان دشمني بجاء ھيروشيما ۽ ناگاساڪي کي ان جو ميوزم بنائي جنگي سوچ کان نفرت جو اظھار ڪيو ۽ ڪاماڪازي فڪر کي غلط سمجهي ۽ ان کي ترڪ ڪري امن پسندي کي ترجيح ڏني. اسان کي ھي سوچ رکڻ کپي تہ شدت پسند سوچ ھميشہ ٻين کي اجاڙڻ سان گڏ پنھنجو گهڻو نقصان ڪندي آھي.

Wednesday, 27 May 2020

ليمو Lemon 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ليمو اھڙو ميوو آھي جيڪو جتي ڀاڄين  جي زينت بنجي ٿو، اتي شربتن ۾ پوي ٿو ۽ دوائن ۾ الڳ مقام رکي ٿو. ليمو وٽامن سي ۔ وٽامن بي ۔ پوٽيشم ۽ نشاستي کان علاوا پاڻ ۾ روغن رکي ٿو. ليمو بھترين تڪسيد روڪ ھئڻ ڪري گهرڙبدليت کي بھتر ڪري جسم کي طاقتور ڪرڻ سان گڏ زھريلا مادا خارج ڪري ٿو ۔ وزن گهٽ ڪري ٿو ۽ رت جي چاڙھ کي روڪي ٿو.
ليمو صفرا کي گهٽ ڪري سائي کان تحفظ ڏئي ٿو ۔ پياس کي ختم ڪري ٿو ۽ دل کي سڪون ڏئي ٿو. ھي بڪين کي پس تيزاب Uric acid کان نجات ڏياري کين تحرڪ ڏئي ٿو ۽ کين خرابيء کان بچائي ٿو.
ليمو پاڻ ۾ اھڙو امتزاج رکي ٿو جو ھن کي پاڻيء سان پيئڻ سان سرور اچي وڃي ٿو ۽ دل تي بھترين اثر مرتب ٿين ٿا.

(1) وٽامن سِي جو وڏي مقدار جو ذريعو :-
ٻين ميون وانگر، وٽامن سِي وڏي مقدار ۾ موجود هئڻ ڪري بنيادي طور ليمو جسم ۾ تڪسيد روڪ طور ڪم ڪندو آهي جنھن ڪري جسم ۾ موجود زهريلن مادن کان جيوگھرڙا محفوظ رهن ٿا. ليمي جي استعمال ڪرڻ سان مختلف بيمارين جي خطرن کي گهٽائي سگھجي ٿو، جھڙوڪ: دل جي دوري جو خطرو، رت جو چاڙھ ۽ فالج جهڙن خطرناڪ مرض کان محفوظ رهي سگھجي ٿو.

(2) جِلد جي معيار کي بھتر بڻائيندڙ :-
ليمو پاڻي جي استعمال سان جسم چمڪندڙ ۽ پرڪشش رهي ٿو ۔ خشڪي کان محفوظ  رهي ٿو.

(3) گردي ۾ پٿري ٿيڻ کان روڪيندڙ:
ليمو پاڻي جي استعمال سان گردي ۾ پٿري ٿيڻ جا خطرا گھٽ رھن ٿا. جيڪڏهن گردي ۾ پٿري موجود آهي تہ پوءِ روزانو جي بنياد تي ليمو پاڻي استعمال ڪجي.

(4) ننھن جا سفيد نشان مٽائيندڙ:
گهڻن ننھن تي سفيدي نظر ايندي آھي. جيڪي ليمي جي پاڻي کي روزانو پيتو وڃي تہ سفيد نشان ختم ٿي وڃن ٿا ۽ رت نظر اچڻ لڳي ٿو.

(5) بڪين جي صفائي ڪندڙ:
ليمي جي پاڻي ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ کٽ تيزاب وڌيڪ پاتو وڃي ٿو جيڪو بڪين ۾ موجود پٿري کي تحليل ڪري ان جي وڌيڪ افزائش ختم ڪري ٿو.

(6) قبض ڪشا:
ڪافي دوائون اھڙيون آھن جن ۾ قبض ڪشا طور ليمي جو جز پاتو وڃي ٿو. ليمي جو پاڻي اسان جي ھاضمي کي بھتر ڪري قبض کي دفع ڪرڻ ۾ بھترين ڪردار ادا ڪري ٿو.

(7) وزن گهٽائيندڙ:
ليمو پاڻي اوهان جي جسم ۾ موجود صفرا Cholesterol کي گھٽائڻ سان گڏ اوهان جي هاضمي جي نظام کي بھتر بڻائي اوهان جو وزن گھٽائي ٿو ۽ شگر جھڙي خطرناڪ بيماري کان پڻ محفوظ ڪري ٿو. وزن کي گهٽ ڪرڻ لاء ليمي کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ليمو چرٻي کي ڳارڻ جي صلاحيت سان مالامال آھي. روزانو 2 ليما گلاس پاڻي ۾ نپوڙي پيئڻ سان ھفتي ۾ ڪافي فرق نظر اچي ٿو.

(8) سنڌن جي حفاظت ڪندڙ:
ليمي ۾ کٽ تيزاب ھئڻ ڪري بڪي جي پٿرين جو خاتمو ٿي وڃي ٿو جيڪي پس تيزاب ج ڪري ٺھن ٿيون. پس تيزاب انساني ھڏين جي سنڌن ۾ پاتو وڃي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ سنڌن جو سور پيدا ٿئي ٿو.

(9) تیزابیت جو خاتمو ڪندڙ
معدي ۾ تيزابيت ھجي يا جلن ليمي جو پاڻي اتي مسيحائي ڏيکاري ٿو. جيڪڏھن ليمي کي نپوڙي گلاس پاڻي ۾ وجهي پيئجي تہ ھن جي افاديت ۾ وڌيڪ اضافو اچي وڃي ٿو.

(10) بيمارين کان بچائيندڙ:
ليمي پاڻي جي استعمال سان جسم جو دفاعي نظام وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ۽ جسم ان قابل ٿي وڃي ٿو تہ اھو جيوڙن ۔ وائرن ۽ زھريلن مدن کي اتي ختم ڪري ٿو.

(11) مثاني جي تڪليف گهٽائيندڙ:
جيڪڏھن مثاني ۾ تڪليف ھجي ليمو گلاس پاڻي ۾ نپوڙي پيئندو رھجي تہ مثاني جي دوا بنا تڪليف ختم ٿي ويندي.

Wednesday, 20 May 2020

غوغو Tasmanian Devil 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
آسٽريليا جي قريب ھڪ ٻيٽ تسمانيا ۾ جڏھن اوائلي يورپي ماڻهو پھتا تہ انهن کي رات جو  پر اسرار آواز ٻڌڻ ۾ آيا ڄڻ ڪو شيطان واويلا ڪري رھيو ھجي. اھي ماڻهو خوفزدھ ٿي ويا ۽ سمجهڻ لڳا تہ جهنگ ۾ ڀوتن جو سايو آھي. پر بعد ۾ تحقيق مان پتو پيو تہ ڪو آسيب يا شيطان ناھي پر ھڪ گوشت خور جانور آھي جيڪو رات جو اھڙا آواز ڪڍي ٿو. ان مناسبت سان ان جانور کي تسمانيا جو شيطان Tasmanian Devil نالو ڏنو ويو. ھن جانور کي ڳوٿيرو Sarcophilus harrisii پڻ سڏيو وڃي ٿو.
تسمانيا مان بگهڙ اڻ لڀ ٿيڻ کان پوء ٿيلهي واررو ھي غوغو جانور سڀ کان وڏو گوشت خور جانور آھي.
غوغو خطرناڪ جانور ناھي. ھي ماڻهو تي حملو نٿو ڪري پر پنھنجو بچاء ڪري ٿو جيڪڏھن ھن تي حملو ڪيو وڃي. غوغا ڏسڻ ۾ خطرناڪ نظر اچن ٿا پر ھنن جي ويڙھ سان نہ لڳندي آھي. ان ھوندي بہ ھن جون ڄاڙيون ايتريون مضبوط ٿين ٿيون جو اھي وڏو زخم ڏيئي سگهن ٿيون.
ھن کي شيطان ڇو چيو ويو اھا ھڪ عجيب تاريخ آھي. جڏھن اوائلي يورپي ھن علائقي ۾ پھتا تہ انهن کي رات جو کنگهڻ ۔ ريھ ڪيڪ ۽ گجڪر جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا انهن جاچ جو فيصلو ڪيو. انهن ڪتي نما جانور لڌو جنھن جو وڏيون ڄاڙيون ۽ وڏا تکا ڏند ھيا. ڏسندي ھن جانور کي انهن کي ھيبت وٺي وئي ان ڪري انهن ھن کي شيطان سڏيو. ھي جانور مڇيون ۔ نانگ ۔ پکي ۽ جيت کائي ٿو.
ھن جانور کي تمام گهٽ پاليو وڃي ٿو ڇوجو ھن جانور کي چڪ ھڻڻ جي عادت آھي ۽ چڪ لڳڻ ڪري ڪينسر ٿيو وڃي. ھن جا ڏند ڇوت جي وڏي حد رکن ٿا.

Monday, 18 May 2020

ڀنڀڙو Bembicini 💎زاھد آرائين ۔ اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڀنڀڙي کي ريگي ڏينڀو بہ Sand wasp سڏجي ٿو. ڀنڀڙو ڪيڪڙي ڏينڀن Crabronid wasps جي قبيلي مان آھي
جن ۾ 20 ٻيا قسم شامل آھن. ڀنڀڙو جيتن ۽ ڪيڙن جو شڪاري آھي عام طور تي ھي مکين جو شڪار ڪري ٿو. ھن جا ننڍا ڀڙا ٿين ٿا سڌا سڌا ڇترا جن جي ھيٺان وڏو خانو ٿئي ٿو جتي ٻچٽن Larvas جي افزائش لاء شڪار رکيو وڃي ٿو. ھڪ پکڙيل خاني ۾ ڀنڀڙيون ڪڏھن ڪڏھن آنن جا خانا مڪمل ٿيڻ کان پھرين آنا ڏين ٿيون. اڪثر ڀنڀڙيون ھڪ ننڍي جڳھ جي اندر ڀڙو (جڳھ) کوٽين ٿيون جتي مٽي پائدار ھجي ۽ ڪڏھن ڪڏھن گهاٽا ڀڙا بنائين ٿيون. اھڙيون آباديون مفت خور ڏينڀن ۽ مکين جون ٿين ٿيون جيڪي اڪثر طور اڏندخور Cleptoparasites ٿين ٿيون ۽ اڪثر جيتن ۽ مکين کي پاڻ ڏي متوجھ ڪن ٿيون. ڀنڀڙو اڪثر پنھنجي مفت خورن Paracites کي کائي وڃي ٿو جيڪا ھن جيت جي انوکي ڳالھ لڳي ٿي.
ڀنڀڙي جو اڳيون حصو پيلو ۽ پويون حصو ڪارو ٿئي ٿو، ڪجھ ڪارا ۽ سفيد ٿين ٿا جڏھن تہ انهن جون اکيون جوتي چمڪدار ٿين ٿيون.
ڀنڀڙي جو ڏنگ تڪليفدھ ٿئي ٿو، ڏنگ واري جڳھ تي ٽراٽون نڪرن ٿيون. ھي سماجي جيت آھي، اڪثر ڪري انسانن کي تنگ نہ ڪندو آھي ۽ ڀرسان گذرندو آھي. ھي انسانن تي تڏھن حملو ڪندو آھي جڏھن انسان ھن جي گهر سان ڇيڙ ڪندو آھي.
ھن جو ڏنگ ڇوت رکي ٿو. ڏنگ سان درد ۔ سوڄ ۔ ڏڏر Redness، پس جو ٿيڻ Drainage of pus ۽ بخار رونما ٿئي ٿو. ھن جي ڏنگ جو اثر ھڪ يا 2 ڏينھن رھي ٿو ۽ پوء ڇڏي وڃي ٿو.
ڀنڀڙن کي جيڪو تنگ ڪري ٿو اھي ڀون ڀون ڪري انهي مٿان ڦرندا پيا، جيڪڏھن ماڻهو ڀڄندو انهي جو پيڇو ڪندا ۽ ماڻهو کان اڳ ڪڍي وڃن ٿا ۽ ان کي ڏنگ ھڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ائين کڻي چئجي تہ ڀنڀڙا انسان جھڙي عادت رکن ٿا تنگ نہ ڪر تہ دوست جھڙا تنگ ڪر تہ دشمن جھڙا.

Saturday, 16 May 2020

ليننگراڊ شھر Leningrad city 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
لينن گراڊ شھر کي سينٽ پيٽربرگ جي نالي سان سان ڄاتو وڃي ٿو. ھن جو قديم نالو بہ سينٽ پيٽربرگ ئي ھيو. لينن روسي انقلاب جو باني ھيو، ان ڪري سينٽ پيٽربرگ کي لينن گراڊ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.
ماسڪو کان پوء لينن گراڊ روس جو ٻيو وڏو شھر آھي. 1941ع ۾ جرمن فوج ان جو گهيرو ڪيو. ھي گهيرو تقريبن 900 ڏينھن تائين جاري رھيو. ھن جو مقصد روس جي ٻئي وڏي شھر کي بک ۾ ماري ختم ڪرڻو ھو.
ھن گهيري جي نتيجي ۾ ٻاھر کان کائڻ واريون شيون شھر ۾ پھچڻ بند ٿي ويون. نوبت اتي پھتي جو شھر واسين پھرين چمڙي کي اٻاري کائڻ شروع ڪيو. چمڙو ختم ٿي ويو تہ انهن ڪاغذ جي پنن کي کائڻ شروع ڪيو. ھاڻي شھرين ڪتا ۽ ٻلا کائڻ شروع ڪيا. آھستي آھستي شھر مان پکي پکڻ گم ٿي ويا. ڪٿي ڪٿي آدمخوري جا واقعا اڀرڻ لڳا.
تقريبن 10 لک ماڻهو بک ۽ سردي جي شدت جي ڪري بک مري ويا. 27 جنوري 1944ع تي ريڊآرمي ھن شھر کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
لينن گراڊ جا شھري بک ۾ ايتري قدر نٻل ٿي چڪا ھئا جو اھي آزاديء جو جشن ملهائي نہ سگهيا. ھو خوش ھئا مگر انهن جي جسم ۾ ايتري ست نہ ھئي جو ھو روڊن تي اچي رقص ڪري سگهن. جرمن تاريخدان یورگ گانسن ملر ھن گهيري تي جامع تاريخ لکي ۽ ھي لکي ٿو
”ھي گهيرو ٻن مرحلن ۾ ختم ٿي ويو. 1943ع جي مھڙ ۾ ريڊ آرمي گهيرو ٽوڙي شھر ۾ شين جي رسد کي پھچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ 1944ع ۾ ھي گهيرو مڪمل ختم ٿيو.“ شھرين کي اعزاز طور توبن جي سلامي ڏني وئي. شھر ۾ سک چين جي فضا بحال ٿي چڪي ھئي پر ماڻهو ايترا ڪمزور ھيا جو اھي آزادي جو جشن ملهائڻ لاء روڊ تي اچڻ جھڙا نہ ھيا ۽ رقص ڪرڻ جھڙا نہ ھيا.
ان ڏينھن جي حوالي سان اڃان تائين لينن گراڊ ۾ وڏو جشن ملهايو وڃي ٿو جنھن کي ساليانو ثقافتي رنگ جو حصو بنايو ويو آھي.
ويھين صدي دوران 2 عظيم جنگيون وڙھيون ويون، گهڻن شھرن جو گهيرو ڪيو ويو پر ھن صدي جو خطرناڪ ترين گهيرو لينن گراڊ تي ڪيو ويو.

Friday, 15 May 2020

ٻِرڇو Wombat 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
آسٽريليا کنڊ ۾ پاتو ويندڙ ھي مماليا چوپايو آھي. ھي وومبيٽائيڊ Wombatide خاندان سان تعلق رکي ٿو. ھن جو تعلق فائلم ڪورڊيٽا Phylum chordata سان آھي. ھن جو ٽنگون ننڍيون ٿين ٿيون. ھن جو وزن 35 کان 40 ڪلوگرام ٿئي ٿو.  ھي جنگلن ۔ پھاڙن ۽ گرم علائقن ۾ بسيرو ڪري ٿو. ڪنگرو وانگر ھن جي پويان پوچ ٿئي ٿو. ھي ڏندن ۽ پنجن سان زمين کوٽي ٿو.
ٻرڇا قدرتي طور تي شرميلا ٿين ٿا ۽ انهن ۾ تجسس رھي ٿو، ان ڪري ئي ھن کي ماڻهن جي دوست طور ڄاتو وڃي ٿو. ھن جو ذھن جنھن شي لاء تيار ٿي ويندو آھي انهي جي چاھ ۾ رھي ٿو. ٻرڇو 3 کان 8 ڪلاڪ رات جو چرندي نظر اچي ٿو جيڪو اڪثر ڪري گاھ ھوندو آھي. ھي وڻن ۽ ٻوٽن جي پاڙن کي کوٽي کائي ٿو.
ٻرڇو کوٽائي ۾ ماھر ٿئي ٿو، ائين کڻي چئجي تہ اھي کوٽائي لاء پيدا ٿيا آھن. ھن جي مضبوط پيرن جا چنبا ھڪ ڏينھن ۾ 3 فٽ ڊگهي سرنگھ کوٽي سگهن ٿا.
ھن جي عمر 15 کان ويھ سال ٿئي ٿي. ھن جي پنجي جي ننھن کان انسان کي زخم ٿي سگهي ٿو ان ڪري خيال ڪرڻ کپي.

Wednesday, 13 May 2020

ھاپيشا Hypatia 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
 ”مان عقيدن بجاء فلسفي تي يقين رکان ٿي“
ھڪ عظيم استاد ۔ موجد ۔ رياضي دان ۔ ماھر فلڪيات ۽ فلسفي ھاپيشا جي ھي صدا 4 صدي ۾ اسڪندريہ جي سفاڪ مذھبي انتھاپسند جنونين سان ٽڪرائي تہ ان جي شدت مذھبي مسيحين ۽ ڪليسائن جي بنياد کي لوڏي رکيو.
پھرين فلسفي ۔ رياضيدان ۔سائنسدان ۽ موجد جنھن کي انتھا پسند عيسائين ان ڪري زندھ ساڙيو تہ ھي عورت ٿي مردن کي تعليم ڏيندي ھئي ۽ انهن جي نزديڪ بائبل جي تعليمي رو مطابق ھڪ وڏو ڏوھ ھيو.
تاريخ جو ھي لازوال ڪردار ۽ روشن ستاري جو ظھور ھاپيشا اسڪندريا ۾ 375ع ۾ پيدا ٿي. ھن جو والد ٿيون اليگزينڊرس جو تعلق يونان سان ھيو جيڪو ھڪ عظيم رياضيدان ھيو ۽ اسڪندريا يونيورسٽي جو ھڪ قابل استاد ۽ ان جي ليبريري جي انچارج ھيو. ھن عظيم استاد آرٽ ۔ ادب ۔ سائنس ۔ فلسفو ۽ رياضي پنھنجي نياڻي کي ورثي ۾ ڏنو. ھن جو پي اليگزينڊرسس اسڪندريا يونيورسٽي جو ھردلعزيز پروفيسر ۽ رياضيدان ھيو. ھن جو پنھنجي نياڻي سان وڏيون اميدون وابستا ھيون ھن چاھيو پئي تہ ھن جي نياڻي ھر لحاظ کان مڪمل انسان ٿئي. 
ھاپيشا ابتدائي تعليم يونان جي شھر اٿينز مان حاصل ڪئي. ھن آرٽ ۔ ادب ۔ سائنس ۔ فلسفي ۽ رياضي ۾ دسترس حاصل ڪئي. پيء کي پنھنجي نياڻي جي صحت جو ڏاڍو خيال ھوندو ھيو. پيء جي ترغيب ۽ حوصلا افزائي سان ھاپيشا ٻيڙي ھلائڻ ۔ ترڻ ۽ گهوڙي سواري بہ ڪندي ھئي جيئن جسماني طور تي ٺيڪ رھي.
يونان کان مصر واپسي تي ھاپيشا کي اسڪندريا يونيورسٽي ۾ رياضي ۽ فلسفي پڙھائڻ جي پيشڪش ٿي جيڪا ھن قبول ڪئي. ھو فيثا غورث کي پنھنجو مرشد مڃيندي ھئي. تقرير جي فن ۔ فلسفي ۽ علم تي ھن جي ايڏي پڪڙ ھئي جو گهٽ عمر ۾ ئي ھن کي اسڪندريا يونيورسٽي جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. ھن جو يونان کان مصر تائين جو سفر بابرڪت ٿي ويو.
ھو ديافنس جي علم حساب تي پڻ ليڪچر ڏيندي ھئي ۽ ديافنس جي دريافت ڪيل اصولن جي اطلاق سان غير متعين مسئلن جي حل ڪرڻ جي طريقن تي بحث ڪندي ھئي. گڏوگڏ ھو ارسطو افلاطون جي تعليم کي پنھنجي درس تدريس ۾ جي موضوعن ۾ شامل ڪندي ھئي.
ھاپيشا ذھين ھئڻ سان گڏ نھايت خوبصورت ۽ باوقار عورت ھئي. پيء جي شفقت ڀري ڌيان جي ڪري ھو تقرير جي فن ۾ ماھر ھئي. ھن جي ليڪچرن ۾ افلاطون ۽ ارسطو جي علم جو رنگ جهلڪندو ھيو. ھن جي درسگاھ ۾ علم ۽ فلسفو پڙھايو ويندو ھيو نڪي مسيحيت جي پرچاريت. اھو ئي سبب ھيو جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان علم جا متلاشي ھن جا ليڪچر ٻڌڻ لاء ھن وٽ ڇڪجي ايندا ھيا. ليڪچررن جي بي پناھ مقبوليت جي ڪري صرف ٽيھ سالن جي عمر ۾ ھاپيشا کي اسڪندريا يونيورسٽي جي افلاطوني اسڪول جو سربراھ بنايو ويو.
حالتن پلٽو کاڌو، مذھبي جنونيت عروج تي پھچي چڪي ھئي. يونان پنھنجي زوال طرف گامزن ھيو. رومن پنھنجي ديوتا جي دفاع ۾ سرگرم ھيا، يھودي يھوا لاء سخت پريشان ھيا ۽ عيسائي پنھنجي خدا يسوع لاء. عيسائي پنھنجي خدا يسوع تي فخر ڪندا ھيا ۽ ھن کي حقيقي خدا مڃيندا ھيا. ھن جي ابتدا سڪندر اعظم جي موت کان پوء ٿي. يوناني سلطنت جي وحدت تقسيم ٿي چڪي ھئي. پنجن سالن کان پوء جڏھن ارسطو وفات ڪئي تہ يوناني تھذيب جو آخري ڏيئو اجهامي ويو. فلسفي ۽ حڪمت جون درسگاھون ويران ٿي ويون. يوناني فلسفين ڀڄي اسڪندريا ۾ پناھ ورتي ۽ ٻيھر ارسطو ۽ افلاطون پيدا ٿي نہ سگهيا.
جڏھن بادشاھ سميت حڪمران طبقي مسيحي مذھب قبول ڪيو ۽ ڪليسائي روم جو اقتدار شروع ٿيو تہ سائنسي تحقيق ۽ جستجو جي روح مردو ٿي وئي. سائنسي تحقيق تي مسيحي عقيدي جي ڇاپ چڙھي وئي ۽ پادرين جو عقيدائي ڳالهيون ماڻهن تي مسلط ٿيڻ لڳيون نتيجي طور جدت ۽ ترقي بيھي وئي.
پادرين جي نظر ۾ سائنسي علم شيطاني شعبدو ھيو. جنھن سائنس ۽ جدت جي ڳالھ ڪئي تہ ڪليسا جي عدالت ان کي زنديق ۔ دھريو ۔ بدعتي ۽ جادوگر قرار ڏيئي باھ ۾ ساڙيندي ھئي يا جسم جا ٽڪڙا ڪري ان کي چوراھن تي ٽنگي ڇڏيندي ھئي. ھاپيشا جو فلسفو پادرين ۾ اک جو ڪنڊو بڻجي رھيو ھيو ۽ پادري اڳيئي عورتن کان متنفر ھيا. 
ان وقت ھڪ سفاڪ پادري سيرل اسڪندريا جو رخ ڪيو ھن ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ فلسفي خلاف نفرت پيدا ڪئي. ماڻهو ھن جي لفظن ۾ اچي اسڪندريا يونيورسٽي کي باھ ڏيئي رھيا ھئا ۽ لٽ ڦر ڪري رھيا ھئا ان وقت ھن عظيم خاتون جي ھٿ ۾ سون يا ھيرا نہ ھيا پر عظيم ڪتابي نسخا ھٿ ۾ ھيا. ان کان پھرين بہ مسيحي اسڪندريا جي عظيم ڪتبخاني ۾ تاريخ ۔ فلسفي ۔ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي موضوعن تي بيشمار نادر ڪتابن کي ساڙي چڪا ھيا.
ھاپيشا صدا بلند ڪئي
”ماڻهن کي حقيقت کان آشنا ڪيو وڃي تہ ديو مالائي ڪھاڻين ۽ افسانن کي ھڪ تخيل ۔ ڪھاڻي ۽ افساني طور پيش ڪيو وڃي ۽ انهن کي اھميت نہ ڏني وڃي. انهن ديومالائي ڪھاڻين ۽ وھمن کي حقيقت جو روپ نہ ڏيڻ کپي جيڪو شاگردن کي گمراھ نہ ڪري.“
ھن جي جنگ عيسائيت سان نہ ھئي. ھن سيرل جي معبود کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھن جي عقيدن کي ٿڏيو.
لفظ سائنس 19 صدي ۾ استعمال ڪيو ويو ان کان اڳ ھن کي فلسفو چئبو ھيو. ھي عظيم عورت وقت کان اڳ سائنس جون ڳالهيون ڪري رھي ھئي جنھن جي بنياد تي ھن کي ڏائڻ قرار ڏنو ويو. ھاپيشا فلسفي سائنس تي يقين رکندي ھئي ۽ ان جنوني دور ۾ ان جي سزا صرف موت ھئي. ھن کي بازاري، بدچلن ۔ ڏائڻ ۔ جادوگرياڻي ۽ بدڪار قرار ڏنو ويو. ھڪ عظيم فلاسافر عورت کي گهر کان چرچ تائين بي حرمتي ڪندي گھلندي آندو ويو. پٿر ھڻي ھن کي سنگسار ڪيو ويو. مذھبي جنونيت ھن سزا کي بہ گهٽ سمجهيو ۽ ھن جي رت سان لت پت لاش کي اسڪندريا جي گهٽين ۾ گھليو ويو. ھن جي جسم کي ٽڪڙا ڪري باھ ۾ ساڙيو ويو. ھن جي راک ڏيکاري عقيدن کي امر ڪيو ويو.

 ھاپيشا جي تعليم:
افسانن کي افسانو ۽ ديومالائي ڪھاڻين کي ديومالائي ڪھاڻيون سمجهي پڙھجي ۽ پڙھايو وڃي.
معجزن کي شاعرن جي تخيلي پرواز يا مبالغاآرائي کان وڌيڪ اھميت نہ ڏجي.
فرضي داستانن ۽ وھمي قصن کي سچائي جو رنگ ڏيئي پيش ڪرڻ ۽ پڙھائڻ افسوسناڪ عمل آھي.
ھڪ ٻار جو ذھن افسانن ۔ وھمي قصن ۽ شاعراڻا تخيلي پرواز کي حقيقت سمجهي قبول ڪري ٿو ۽ پوء بي پناھ ذھني ڪوفتن ۔ الجهنن ۽ المين مان گذرڻ بعد ھو وھمن جي حقيقت کي ڄاڻي وٺي ٿو.
حقيقت ھي آھي تہ مرد توھمن جو دفاع اھڙي نموني ڪري ٿو ڄڻ تہ اھي سچائي ھجن. ھر توھم ناقابل فھم ٿئي ٿو يعني حواس خمسا ذريعي ان جي تصديق ٿي سگهي ٿي نڪي ترديد ان کي رد ڪرڻ يا غلط ثابت ڪرڻ آسان ناھي. توھم جي برعڪس سچائي ھڪ نقطو نظر آھي ۽ ان کي بدلائي بہ سگهجي ٿو.
”مان خداوند يسوع تي يقين نٿي رکان پر فلسفي تي يقين رکان ٿي“ ھي قول ھن جي جان وٺڻ جو سبب بنيو. ھاپيشا جن بنيادن تي ڪم ڪري رھي ھئي ھن جي موت کان 1300 سال بعد سائنسدانن ان کي دريافت ڪيو.

ھاپيشا جون علمي خدمتون:
ھاپيشا جون خدمتون بي مثال آھن. ھن جي ڪتابن کي جلايو ويو پر ھن جي شاگردن ۽ ويجهن ساٿين جي مدد سان ڪجھ نسخا ملن ٿا جن ۾ رليٽو موشن ۔ شيپ آف آربٽ ۔ فلڪيات ۔ رياضي ۽ جاميٽري فلسفو شامل ھيا جن کي صدين بعد دريافت ڪيو ويو.  ڪيپلر ھاپيشا جي نسخن جي مدد سان رياضي جا گهڻا قانون پيش ڪيا.

Thursday, 30 April 2020

زرشڪ شيرين Barberries 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جيڪڏھن ڪير پوڙھائپ کان بچڻ چاھي ۽ تازو توانو رھڻ چاھي، ان کي روز زرشڪ کائڻ کپي. زرشڪ محافظ بدن آھي ۔ بيمارين کان پري رکي ٿو ۽ باز جھڙي چستي جان ۾ اوتي ٿو جتي نظر تيز ڪري ٿو اتي جسم کي تڙو کڙو رکي ٿو. 
زرشڪ پھاڙي علائقن ۾ 11،000 کان 17،000 فوٽن جي اوچائي تي ٿيندڙ ٻوٽو آھي جيڪو ڪڏهن ڪڏھن هڪ ننڍي وڻ جي ماپ جيترو ٿئي ٿو جنھن ۾ ڪنڊا ٿين ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ھي ڪارا داڻا ٿين ٿا جن کي پھاڙي ماڻهو چونڊين ٿا ۔ وڪرو ڪن ٿا ۽ انهي طريقي سان هي اسان جي مارڪيٽن تائين پھچي ٿو.
ھي اھڙي ٻوٽي جو ميوو آهي جيڪو ٽائر جي دونھي جي ڪيميائي آلودگي کان متاثر نہ ٿيندو آهي. فطرت جي انوکن رازن ۾ ھن جي نشونما ٿئي ٿي ٿي، ماڪ جهومي جهومي ھن کي چمي ٿي، برسات برکا ڪري ھن کي پالي ٿي، بادل هن تي ڇانو ڪن ٿا، سج هن جي خوبصورتي کي نکاري ٿو ۽ چنڊ پنهنجي چانڊوڪي سان هن ۾ مٺاڻ ۽ ذائقو اوتي ٿو.  پوءِ اهي ڪارا داڻا سھڻا نظر اچن ٿا.
 توهان عقابي اکيون محاورو پڙهيو هوندو، يعني تيز اکيون، اھڙيون تيز اکيون جيڪي باريڪ شين کي ميلن تائين چٽو ڏسي سگهن. اوھان حيران ٿي ويندا تہ باز جو پھريون کاڌو هي ڪارو ٻج آهي جنھن جي ڪري عقاب تمام تيز نظر رکي ٿو. آئون ھن کي ڪاري ڪشمش چوندس. عقاب هي داڻا کائيندو آهي ۽ ايترو طاقتور ٿي ويندو آهي جو ھي زمين تي ھلندڙ نانگ کي مٿان کان ڏسي کن پل ۾ پڪڙي ٿو ۽ جهٽ ھڻي ڳيري ۽ ڪبوتر کي گرفت ۾ آڻي ٿو. پھاڙ جي  چوٽي تي ويٺل ھي باز زمين تي رڙھندڙ ڪيڙن کي پنهنجي تيز اکين سان ڏسي ٿو، ھن جي تيز نظر جو جو سبب ڪاري ڪشمش آھي.  جڏهن توهان پساري کان خريد ڪندؤ تہ توهان ان کي ڪاري ڪشميري نہ سڏيندا، توهان زرشڪ شيرين چوندئو.

فائدا:

نظر تيز ڪندڙ:
زرشڪ دماغ ۽ اکين جي تقويت لاءِ فطرت جو هڪ منفرد طبي راز آهي. روز رات جو زرشڪ جو اڌ چمچو چٻاڙي مٿان نيم گرم کير پيئجي تہ نظر تيز ٿيندي.

مختلف عارضن ۾ فائدو ڪندڙ:
هيپاٽائيٽس ھجي يا سائي يا جيري جو مسئلو يا جيرو سڪڙي ويو ھجي يا جگر جو ڪينسر، سڀن حالتن ۾ زرشڪ مسيحائي ڏيکاري ٿو.
گرمي جي موسم ۾ ھي انوکو مزو رکي ٿو. توهان گلاب جي عرق ۾ زرشڪ چمچو رات جو پسايو ۽ صبح جو چٻاڙي کائو ۽ پاڻي پئو. خوبصورتي، جواني، چمڪ ، خوشي، دماغ، دل، عضلات، اعصاب، جسماني طاقت ۽ وڃايل طاقت لاء ھن کان وڌيڪ شي نہ ملندي.
سنڌن جو سور، هڏن جو زخم، هڏن جي ٽوڙ ڦوڙ، پنين ۾ پٽ، ڪن رڳ جو سور ۽ رات جو سمهڻ تي بيچيني، دل چاھيندي ھجي تہ ڪجھ تيل سان مالش ڪجي. اھڙن مريضن لاء مشورو تہ هر کاڌي  کان 15 داڻا زرشڪ چٻاڙي کائن.

جوشاندو:
زرشڪ      2 گرام
ڪاسني     2 گرام
پاڻي       گلاس
ملائيڪاڙھجي، پاڻي اڌ بچي تہ ڇاڻي پيئجي.
ھي جو شاندو انتھائي مقوي قلب آھي، جڏھن دل گهٽندو ھجي، اھڙي حالت ۾ ھي اڪسير آھي. بخار جي دوران ۽ بخار کان پوء ھي جوشاندو بي چيني ۽ گهٻراھٽ کي دور ڪري ٿو ۔ ڪمزوري کي دورڪري ٿو ۔ بک لڳائي ٿو ۽ مريض ٺيڪ ٿي وڃي ٿو.
 بلغمي دم ۾ ھي جوشاندو وڏو فائدو ڪري ٿو. 80 سيڪڙو کنگھ جا مريض ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. دماغ ۾ بلغم ڄميل ھجي يا مٿي ۾ سور ھجي يا اڌ مٿي جو سور ساڄي پاسي وارو، ان کي فائدو ڏئي ٿو.
ڪاري کنگھ لاء تمام موثر آھي. جن کي شڳر ھجي، اھي ھن جو شاندي مان فائدو وٺي سگهن ٿا. چيچڪ ۔ خسرو ۔ نوبتي بخار ۔ دست سڀن عارضن ۾ ھي جوشاندو ھاڪاري اثر ڏيکاري ٿو ۽ چند ڏينھن پيئڻ سان بخار ختم ٿي وڃي ٿو.
جن عورتن کي ليڪوريا ھجي يا رحم جي سوڄ يا حيض ڪاراڻ مائل ايندو ھجي يا حيض دورا دڳ ايندا ھجن ھن جوشاندي استعمال ڪرڻ سان ڀلايون ٿي وڃن ٿيون.
ٻار جيڪي سوڪھڙي جو شڪار ھجن يا جن کي دست ھجن انهن کي ھي جوشاندو فائدو ڏئي ٿو.
ھي جوشاندو بدھضمي جي مريضن کي ٺيڪ ڪري ٿو، ھن جي استعمال سان بک وڌي وڃي ٿي. پيچش ۽ وٽن پوڻ ۾ ھي سٺو اثر ڏيکاري ٿو.

Tuesday, 28 April 2020

سنا Senna 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
نالا:
سنڌي ۾ سنا
عربي ۽ فارسي ۾ سنامڪي
بنگالي ۾ سونا مڪي
انگريزي ۾ Senna

رنگ:
پيلو مائل سبز، گل پيلا

ذائقو:
ڪسارو ۔ تلخ

مزاج:
گرم خشڪ پھريون درجو

ماھيت:
ھي ٻوٽو اڍائي فٽن کان 4 فٽن تائين ٿئي ٿو. ھن جو ٻج ھڪ انچ ڊگهو چمڪدار ۽ ھيڊسرو سبز ٿئي ٿو جيڪو ميندي جي پنن جھڙو ٿئي ٿو.
ھي ٻوٽو عرب کان آيو، ھاڻي ھندستان ۽ پاڪستان ۾ ان جي پوکي ٿئي ٿي. ھن جا گل نيرسرا ۽ پن ميندي وانگر ٿين ٿا. ھن جي ڦلي چپتري ٿئي ٿي جنھن جي اندر ڊگهڙو ۽ ڪجھ پيچيل ننڍڙو ٻج ٿئي ٿو. ھن جا پن دوا ۾ استعمال ٿين ٿا.

سنا جا قسم:
سنا جا ٻہ قسم ٿين ٿا.


(1) ننڍپن سنا   Cassia senna
ھي پاڻ ڦٽندڙ ننڍن پنن وارو ٻوٽو آھي جيڪو جنوبي حصن ۾ پيدا ٿئي ٿو. ھي اعلا سنا آھي.


(2) وڏپن سنا  Cassia angustifolia
ھي وڏن پنن واري سنا ٿئي ٿي جيڪا انڊيا مدراس ۔ مدورائي ۔ ترچناپلي ۽ بمبئي جي ڪجھ علائقن ۾ پيدا ٿئي ٿي. ھن کي ديسي سنا سڏجي ٿو.

فعل:
ھي ملين (پيٽان ويھاريندڙ) ۔ مسھل بلغم (دست ذريعي بلغم ڪڍندڙ) ۔ مسھل صفرا (دست ذريعي صفرا ڪڍندڙ)  ۔ مسھل سودا (دست ذريعي سودا ڪڍندڙ) ۔ رڪاوٽ ختم ڪندڙ ۔ مصفي خون (رت صاف ڪندڙ) ۔ ڪيڙا ماريندڙ ۔ جالي (کائيندڙ) ۔جاذب (جذب ڪندڙ)


استعمال :-
مسھل ھجڻ ڪري بلغم ۔ صفرا ۽ سودا کي دستن ذريعي خارج ڪري ٿي، ان ڪري نوبتي بخارن ۔ نقرس (سنڌن جو سور) ۔ گهنٽيا (ڪن رڳ جو سور) ۔ چيلھ جو سور ۔ وجع الورڪ ۔ ضيق النفس (دم) ۾ مفيد آھي. مصفي خون ھجڻ جي ڪري تر ۽ خشڪ خارش ۽ سوڄن ۾ کارائي وڃي ٿي. ڪيڙا مار ھجڻ ڪري ھن کي پيٽ جي ڪيڙن کي مارڻ ۽ خارج ڪرڻ لاء ھن جو سفوف يا جوشاندو پياريو وڃي ٿو. ھي قولنج کي کولي ٿو.
سنا ازخود ڦٽندڙ ٻوٽو آھي جنھن کي عمدي قسم جو ليکيو وڃي ٿو. هي معدي مان صفرا کي خارج ڪري ٿي، سودا کي ڪڍي ٿي ۔ پٺن ۽ مشڪن کي درد کان نجات ڏي ٿي ۔ وارن کي خراب ٿيڻ کان روڪي ٿي ۽ صحتمند بڻائي ٿي ۽ جسماني درد ختم ڪري ٿي.
ھن کي استعمال ڪرڻ جو بھترين طريقو ھن جو جوشاندو آهي. ھن کي اٻارڻ وقت جيڪڏھن ھن ۾  منقا ۽ بنفشا ملايو وڃي، اهو وڌيڪ فائديمند ٿيندو.
سنا اھا جڙي ٻوٽي آھي جيڪا جسم مان فاسد (فساد پيدا ڪندڙ) ۽ زھريلا مادا خارج ڪري ٿي ۽ جسم تندرست شروع ٿي وڃي ٿو. ھي دل کي طاقت ڏئي ٿي ۔ وسوسن کي دور ڪري ٿي ۽ سنڌن جي سور کي ختم ڪري ٿي. ھن جي جوشاندي ۾ جيڪڏھن شاھترو ۔ منقا ۽ بنفشا شامل ڪيو وڃي تہ ھن جي فائدن ۾ وڏو اضافو اچي وڃي ٿو.

فائدا:

اڌ مٿي ۽ مٿي جو سور ختم ڪندڙ:
سنا مسھل (جلاب آور) آھي، ھي صفراوي ۔ سوداوي ۽ بلغمي مادن کي جسم مان خارج ڪري ٿي ۔ دماغي رڳن مان اٽڪيل رطوبتن کي خارج ڪري اڌ مٿي جي سور کي ختم ڪري ٿي.سنا ڪن رڳ جي سور ۽ پراڻي مٿي جي سور ۾ مفيد آھي.
نسخو:
اسطوخدوس      تولو
ڌاڻا سڪل سڄا  تولو
سنا مدبر            تولو
ڪارا مرچ          اڌ تولو
مصري               ساڍا ٽي تولا
وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
اڌ ننڍو چمچو سج اڀرندي ۽ اڌ ننڍو چمچو سج لھندي مٽ جي پاڻي سان استعمال ڪجي.

دل کي طاقت ڏيندڙ:
سنا دل جي فعل کي طاقت ڏئي ٿي ۔ دل جي پردي کي طاقت ڏئي ٿي ۔ زھريلن مادن کي خارج ڪري دل کي متحرڪ ڪري ٿي ۔ دماغ مان وھم ۽ وسوسن کي دور ڪري ٿي ۔ رت کي صاف ڪري ٿي ۽ پيٽ جي ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿي.
نسخو:
سنا مدبر      2 تولا
جرڦل          2 تولا
مغز اخڙوٽ  2 تولا
مصري         6 تولا
پھرين سنا ۽ مغز اخڙوٽ کي گڏ ڪٽجي. پوء سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
چپٽي صبح شام پاڻي سان استعمال ڪجي.

پٿري ختم ڪندڙ:
ھاضمي جي خرابي جي ڪري جڏهن  تکيٽو Oxilate ۽ پسيٺو Urate وڌيڪ مقدار ۾ پيدا ٿين ٿا، تڏھن سنا ​​جو استعمال انهن جي اخراج جو سبب بڻجندو آهي.  پيشاب ۾ پسيٺو Urate اچڻ مستقبل ۾ پٿري جي پيدا ٿيڻ جو پيشخيمو آھي، گڏ گڏ پيشاب ۾ ساڙو رھي ٿو ڇوجو پيشاب ۾ پسيٺو Urate ۽ تکيٽو Oxalate ڪونہ ڳرن ٿا ۽ مريض جي سفيد رطوبت ۾ الڳ نظر اچن ٿا جنھن کي جاهل طبيب جريان قرار ڏين ٿا.  اهڙن مريضن لاءِ ، سنا ۽ سونف پاؤڊر فائديمند آهن. ثنامڪي جو مسلسل استعمال گردن ۽ مثاني کان پٿر کي ختم ڪرڻ لاءِ تمام مشھور آهي.

نسخو:
سنا مدبر        100گرام
سونف          50گرام
گنڌڪ مدبر   25 گرام
مغز اخڙوٽ   25 گرام
کنڊ               175 گرام
پھرين سنا ۽ مغز اخڙوٽ کي گڏ ڪٽجي. پوء سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
اڌ چپٽي صبح شام پاڻي سان پيئجي.

قبضي ختم ڪندڙ:
جيڪڏھن اجابت (پيٽان ويھڻ) معمول مطابق نہ اچي يعني ڪڏھن ڪڏھن يا ٻئي ٽئين ڏينھن اچي يا گهٽ مقدار ۾ اچي تہ انهي کي قبضي ليکبو. قبضي بيمارين جي ماء آھي جنھن جي ڪري مٿي جو سور ۔ نزلو ۔ زڪام ۔ نظر جي ڪمزوري ۔ دل جي گهٻراھٽ ۔ بي چيني ۔ بک جي کوٽ ۽ بواسير جھڙا مرض پيدا ٿين ٿا. ان ڪري بواسير کي ننڍو عارضو تصور نہ ڪجي.
چانھن جو استعمال ۔ سگريٽ نوشي ۔ حقہ نوشي ۔ آفيم کائڻ ۔ گھ کير جو گهٽ استعمال ڪرڻ جي ڪري آنڊا خشڪ ٿي وڃن ٿا ۽ قبضي جنم وٺي ٿي.
حاجت دير سان اچي ٿي يا شڪل سان خشڪ پاخانو اچي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن اجابت ۾ خون اچي ٿو ھي سڀ قبضي جون علامتون آھن.
جيستائين سنا جو تعلق آھي ھي قبضي کي ٽوڙڻ لاء اڪسير آھي. مسھل ھجڻ ڪري دل کي طاقت ڏئي ٿي ۔ سودا کي خارج ڪري مشڪن کي چست بنائي ٿي ۔ وارن کي ڪرڻ کان روڪي ٿي ۔  جوئن کان بچائي ٿي ۽ پراڻي مٿي جي سور کي روڪي ٿي ۔ خارش ۔ داڻن ۽ مرگهي کي فائدو ڏئي ٿي.

نسخو:
سنا مدبر      2 تولا
سونف         2 تول
جرڦل          2 تولا
مغز اخڙوٽ  2 تولا
مصري         6 تولا
پھرين سنا ۽ مغز اخڙوٽ کي گڏ ڪٽجي. پوء سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
چپٽي صبح شام پاڻي سان استعمال ڪجي.


نوٽ:
سنا کي ھميشہ مدبر ڪري پوء استعمال ڪجي. پھرين سنا کي ڪاٺين کان دور ڪجي ۔ پوء سنا کي ڪٽي پائوڊر ڪجي ۽ آخر ۾ سنا پائوڊر کي روغن بادام ۾ ھلڪي نموني آٻوھجي جيئن ھلڪي سڻڀ ظاھر ٿئي. مٿين نسخن ۾ سنا کي مدبر ڪرڻ جي ضرورت ناھي ڇوجو سنا مغز اخڙوٽ ۾ مدبر ٿي وڃي ٿي يا سنا سان گڏ مصلح طور گل سرخ ۔ انيسون (سونف رومي) يا باديان (وڏف) استعمال ڪرڻ کپي. 
سنا کي اڪيلي طور ڪڏھن بہ استعمال نہ ڪجي. ھن جي جوشاندي ۾ گلاب جا گل يا روغن بادام ملائڻ ضروري آھي.
طب ۾ سون سالن کان جلاب استعمال ڪيا وڃن ٿا پر سنا واحد جلاب آھي جيڪو جسم کي نرم ڪري طبيعت کي درست ڪري ٿو.
نوٽ: ھي نسخا صرف ڄاڻو حڪيم ٺاھن، عام ماڻهو نہ ٺاھي.

Saturday, 25 April 2020

تخم بالا Tukhm e balanga 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
اوھان اونهاري ۾ اڪثر ريڙھي تي رکيل شربت ڏٺو ھوندو جنھن کي پيئڻ سان گرمي جو احساس ختم ٿي ويندو آھي ۽ جسم ۾ توانائي اچي ويندي آھي. جي ھي شربت جيڪو اسان پيئندا آھيون، ان کي تخم بالا يا تخم ملنگا جو شربت چئبو آھي.
گرمي هجي يا سردي ، خزان هجي يا بھار، قدرت موسم مطابق مفيد غذائون عطا ڪيون آھن. جيئن سرد موسم ۾ گرم کاڌو انسان جي سردي جي خطري کي گهٽائي ٿو، اهڙي طرح گرم موسم ۾ ٿڌو کاڌو انسان جي گرمي ٿڪ ، پياس ۽ گهٻراهٽ کان بچائي ٿو. سخت گرم موسم ۾ تخم بالا جو استعمال وڌي وڃي ٿو. ھي ٻج کي فرحت بخش ۽ ٻين ٿڌي مشروبات ۾ استعمال ڪرڻ سان گرمي جي شدت گهٽجي وڃي ٿي. ٻج ۾ موجود غذائي جزا گرمي کي ختم ڪن ٿا ۽ جسم ۾ ٿڌ بہ پيدا ڪن ٿا.
 فطرت جي هڪ نعمت جيڪا نہ رڳو گرميءَ ۾ پر ٻين عنصر ۾ به تمام گهڻي مفيد آهي.  هن نعمت جو نالو آهي تخم بالا.
تخم بالا جنھن کي عام ٻولين ۾ تخت ملنگا پڻ چيو ويندو آهي، اھو قدرتي نعمت آھي پر اسان وٽ عام طور تي نظرانداز ٿيل آهي جڏھن تہ ھي طبي فائدن سان مڪمل آهي ڇوجو ھن ۾ صحت جو خزانو موجزن آھي.
تخم بالا جا ٻج جڏهن شربت ۽ فالودي ۾ استعمال ٿين ٿا پر تاريخ ۾ ھي ٻج ڪرنسي طور پڻ استعمال ٿيو آهي. ازطق سپاهي جنگ کان پھرين انهي کي کائيندا هئا ڇوجو ھي توانائي سان ڀرپور آهي. انهي بنياد تي تخم بالا جو ٻج کي ڊوڙڻ واري خوراڪ پڻ چيو ويندو آهي.
 تخم بالا ۾ ڪيترائي لڪل طبي ۽ غذائي فائدي آھن. تخم بالا جي باقاعده استعمال سان نشاستو Carbohydrate، پروٽين Protein، وٽامن Vitamins ۽ انساني جسم ۾ ڪيترائي ٻيا غذائي اجزا پيدا ٿين ٿا. تخم بالا وٽامن سي Vitamin C، ڪيلشم Calcium ۽ پوٽيشم Potassium جو خزانو آھي، ھن ۾ کير کان 5 ڀيرا وڌيڪ ڪلشيم ۽ ڪينو جي ڀيٽ ۾ 7 ڀيرا وڌيڪ وٽامن سي آهي.
تخم بالا 28 گرام ۾ 137 حرارا، 12 گرام نشاستو ، 4.5 گرام سڻڀ، 10.5 گرام تاندورا، 0.6 ملي گرام معدنيات، 265 ملي گرام فاسفورس ۽ 177 ملي گرام ڪيلشم کان علاوه وٽامن ، معدنيات ۽ نکڻ Niacin ۽ اڇليٺي Thiamine موجود آهن. ان کان علاوه ، تخم بالا ۾ ڪيترن نمونن جي تڪسيد روڪن Antioxidents تي مشتمل آهن. هن جا ٻج مختلف نموني استعمال ڪري سگهجن ٿا. هن کي کير، ليمن، آئس ڪريم ۽ شربت وغيره ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
هن جا ٻج مختلف نموني استعمال ڪري سگهجن ٿا. هن کي کير، ليمن، آئس ڪريم ۽ شربت وغيره ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

تخم بالا جا فائدا:

خارش ۽ تيزابيت ۾ مفيد:
تخم بالا خارش ، تيزابيت ۽ السر جي مريضن لاءِ مفيد آهي. بھتر هاضمي لاءِ تخم بالا جو استعمال وڏي فائدي وارو آهي. هي معدے ۽ معدي جي خرابين کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

وزن گهٽائيندڙ:
اسان ڊائٽنگ جي نالي تي سخت کان سخت ورزش ۽ ڊگها فاقا برداشت ڪريون ٿا پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته تخم بالا جو استعمال وزن گهٽائڻ لاءِ پڻ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ تہ انهن ٻجن ۾ حرارا گهٽ مقدار ۾ ٿين ٿا ان ڪري ھن جي استعمال سان وزن نٿو وڌي، تنھن ڪري، ٿولھ جو شڪار ماڻهو پنھنجو وزن گهڻو ڪري گهٽائڻ چاھن ٿا تہ اهي روزانو 2 چمچا تخم بالا استعمال ڪن.

 شڳر کي روڪڻ ۾ مدد ڪندڙ:
 تخم بالا جسم ۾ موجود نسولي Insulin جي حد کي متوازن ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته نسولي وزن وڌائڻ ۽ پيٽ ۾ چرٻي کي جمع ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي. تخم بالا ۾ الفا سڻڀيٺ تيزاب Alpha Linoleic acid ۽ تاندورا Fibers رت ۾ چرٻي پيدا ڪرڻ نہ ڏيندا آهن نہ ئي نسولي Insulin جي مزاحمت جو سبب بڻجندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انهن ٻجن جو شڳر کي روڪڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿئي ٿو.

 پوڙھائپ روڪيندڙ:
 تخم بالا خوبصورتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.ھن جي ٻج مان حاصل ڪيل تيل چمڙي کي خشڪ ٿيڻ نہ ڏيندو آهي ۽ عورتن لاءِ تمام گهڻو مفيد آهي. ھن جو تيل وڌيل عمر جي اثرن کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ھن تيل تل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants جو وڌيڪ مقدار وڌندڙ عمر جي اثرن کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿو.

 مشڪن ۽ اوڄن کي طاقت ڏيندڙ:
 تخم بالا جو استعمال غير فعال اوڄن Tissues جي بحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي ۽ انهن ٻجن ۾ موجود امينو تيزاب Amino acid ۽ پروٽين Protein مشڪن جي مقدار کي برقرار رکڻ ۽ انهن جي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

پوڙھائپ روڪيندڙ:
 تخم بالا خوبصورتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.ھن جي ٻج مان حاصل ڪيل تيل چمڙي کي خشڪ ٿيڻ نہ ڏيندو آهي ۽ عورتن لاءِ تمام گهڻو مفيد آهي. ھن جو تيل وڌيل عمر جي اثرن کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ھن تيل تل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants جو وڌيڪ مقدار وڌندڙ عمر جي اثرن کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿو.

 مشڪن ۽ اوڄن کي طاقت ڏيندڙ:
 تخم بالا جو استعمال غير فعال اوڄن Tissues جي بحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي ۽ انهن ٻجن ۾ موجود امينو تيزاب Amino acid ۽ پروٽين Protein مشڪن جي مقدار کي برقرار رکڻ ۽ انهن جي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

جلد نکاريندڙ ۽ پوڙھائپ روڪيندڙ:
 ميڪسيڪو ۾ تخم بالا تي تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي تہ هن ۾ قدرتي نِڦيڻ Phenolic مقدار ٻيڻي موجود آهي جيڪو جسم ۾ آزاد آڪسن Free radicals جي عمل کي روڪي ٿو. اهڙيءَ طرح تخم بالا هڪ طرف چمڙي لاءِ تمام فائديمند آهي تہ ٻئي طرف پوڙھائپ کي روڪي ٿو.


 هاضمي لاءِ مفيد:
 تاندورن Fibers جي وڌيڪ مقدار جي ڪري، تخم بالا هاضمي لاءِ تمام مناسب آهي. السي ۽ تخم بالا خون ۾ نسولي Insulin کي برقرار رکندا آهن ۽ صفرا Cholesterol  ۽ رت جي چاڙھ کي ضابطي ۾ رکن ٿا. طبي تحقيق مان اهو ظاهر ٿيو آهي تہ تاندورا پاڻي کي جذب ڪري پيٽ ڀرڻ جو احساس ڏيارن ٿا ۽ وزن گھٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.  ھن جو استعمال معدي جي مفيد جيوڙن Becterias جي مقدار کي وڌائي ٿو.

 دل کي صحتمند رکندڙ:
 تخم بالا صفرا کي پورو رکي ٿو، رت جي داٻ کي پورو رکي ٿو ۽ دل کي طاقت بخشي ٿو. ھن جو باقاعده استعمال رت جي شريانين کي تنگ ٿيڻ کان روڪي ٿو ۽ ان کي لچڪدار بنائي ٿو.  اوميڳا 3 چرٻ تيزاب جي ڪري، ھي دل جو اھم محافظ ٻج آهي.

 توانائي وڌائيندڙ:
جرنل آف اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب، تخم بالا ڏيڍ ڪلاڪ تائين توانائي وڌائي ٿو ۽ ورزش ڪندڙن لاءِ تمام گهڻو مفيد آھي.  ھي ٻج جسم ۾ گهرڙبدليت Metabolism کي تيز ڪري چربی کي گهٽائي ٿو ۽ ٿولھ کي بچائي ٿو.

 هڏن کي طاقت ڏيندڙ:
 چوڻي مطابق، تخم بالا جو هڪ اونس ۾ روزاني ضرورت جي ڪيلشم 18٪ پاتي وڃي ٿي جيڪا هڏين جي وزن ۽ طاقت لاءِ ضروري آهي. ھن ۾ موجود  بورون نالي سفورو Phosphorus ۽ معدنيات Minerals سفوري کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا ۽ هڏن ۽ عضون کي مضبوط رکن ٿا.  ان کان علاوه ھن ۾ موجود جست Zinc ۽ ٻيا جزا وات ۽ ڏندن جي صحت برقرار رکن ٿا.

Thursday, 23 April 2020

بيھي ڦل Quince 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
انگريزي زبان ۾ بيھي ڦل کي Quince ۽ عربي ۾ سفرجل سڏيو ويندو آهي. ھي ناسپتي جي خاندان سان منسوب آهي. ھن جي کل جو رنگ پيلو ۽ ڳر سفيد ٿئي ٿي. ھن جا 2 قسم ٿين ٿا.
ھڪ کٽو
ٻيو مٺو
ھن جي ٻج کي بيھي داڻو سڏيو وڃي ٿو. هن جو ميوو تازو استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ھن جو مربو ۽ جيلي پڻ .هي يوناني دوائن ۾ دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي .هن ميوي جي موسم سيپٽمبر کان جنوري تائين ٿيندي آهي.
ناسپتي ۽ صوف سان مشابھت رکندڙ بيھي ڦل ڪيترن ئي خاصيتن سان مالا مال ميوو ڪيترن ئي بيمارين کان بچائي ٿو. ھي ميوو ڪينسر کان بچائي ٿو ۔ ٿولھ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۔ هاضمي کي مضبوط ڪري ٿو ۔ صفرا کي گھٽائي ٿو ۔ قوت مدافعت وڌائي ٿو ۔ آنڊن جي بيماري ۽ سوزش کي دفع ڪري ٿو ۽ چمڙي کي خوبصورت بڻائي ٿو.
بيھي ڦل خشڪ کنگھ جو بھترين علاج آهي. هي ميوو تازو رت پيدا ڪري ٿو ۔ دل کي طاقت ڏئي ٿو ۔ کير پياريندڙ مائرن جو کير وڌائي ٿو ۔ رت جي چاڙھ تي قابو پائي ٿو ۔ دماغ ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو ۽ اڃ لاھي ٿو. جيڪڏهن حاملہ عورت کائي تہ انهي سان حمل ضايع ٿيڻ جو ڪو امڪان نہ ٿو رهي. هن جي شامل جزن ۾ وٽامن سي جو هڪ خزانو موجود آهي. هن ميوي جو استعمال بيمارين ۾ تمام گهڻو مفيد آهي.
 جام ۔ جيلي ۽ پائوڊر ٺاهڻ لاءِ پڻ استعمال ٿئي ٿو. ھي ڦل ناشتي جي انداز ۾ پڻ کائي سگهجي ٿو.  بيھي ڦل جي کل ۽ گودي ۾ وٽامن Vitamins، معدنيات Minerals، تڪسيد روڪ Antioxidents ۽ تاندورا Fibers موجود ٿين ٿا.  ھن مان پورو فائدو وٺڻ لاءِ، ھن کي کل سان گڏ کائڻ لازمي آھي.

 بيھي ڦل جا صحت بخش فائدا:

(1)  ڪينسر روڪيندڙ:
 بيھي ڦل ۾ ڪافي مقدار ۾ تڪسيد روڪ Antioxidents ٿين ٿا جيڪي آزاد آڪسن Free radicals کي ختم ڪن ٿا ۽ ڪينسر Cancer جي خطري کي ڪافي حد تائين گهٽائن ٿا.

( 2) وزن گھٽائيندڙ:
بيھي ڦل جو استعمال پڻ جسم ۾ گهرڙبدليت Metabolism جي عمل کي تيز ڪري، هاضمي کي بھتر ڪري ٿو ۽ تاندورن جي وڏي مقدار جي ڪري هاضمي جو سرشتو تيز ٿي وڃي ٿو جنهن سان وڌيڪ توانائي پيدا ٿئي ٿي. ھي بھتر هاضمي جو نظام پيدا ڪرڻ ڪري جسم ۾ اضافي چرٻي کي وڌڻ نہ ڏيندو آهي ۽ وزن وڌائڻ کي روڪيندو آهي.

 (3) رت جي چاڙھ کي وچٿرو ڪندڙ:
 بيھي ڦل ۾ پوٽيشم Potassium رت جي چاڙھ لاءِ فائديمند آهي.  پوٽيشم انساني جسم ۾ هڪ اهم معدنيات آهي جيڪو رت جي چاڙھ کي ضابطي رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.  پوٽيشم رت جي کوٽ کي گهٽائي ٿو جنھن ڪري دل جي دوري ۽ فالج جو خطرو خاص طور گھٽجي ويندو آهي.

(4)  قوت مدافعت وڌائيندڙ:
 بيھي ڦل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants، وٽامن سي Vitamin C ۽ وٽامن اي Vitamin A جسم ۾ مدافعتي نظام کي وڌائن ٿا.  وٽامن سي جسم ۾ اڇي رت جي خلين جو تعداد وڌائي ٿي جيڪي جسم کي وائرن Viruses ۽ جيوڙن Bacterias کان بچائن ٿا.

(5) چمڙي صحتمند ڪندڙ:
بيھي ڦل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants ۽ وٽامن Vitamins چمڙي کي صحت مند ۽ جوان بڻائن ٿا. تڪسيد روڪ جزا Antioxidants آزاد آڪسن Free radicals جي نقصان جو خطرو گهٽائن ٿا ۽ تابڪاري شعاعن Ulta violate rays کان چمڙي کي بچائن ٿا.

(6) الرجي ختم ڪندڙ:
 بيھي ڦل ۾ ايلرڄي Elergy ختم ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هوندي آهي. جيڪڏهن چمڙي جي سوزش تي جيل جي صورت ۾ چمڙي کي ھڻجي تہ چمڙي کي تڪڙي راحت ملندي.  ھن ۾ موجود وٽامن سي چمڙي جي سوزش گهٽائڻ سان گڏ چمڙي جي صحت کي بھتر ڪري ٿي.

(7) وارن وڌائيندڙ:
 بيھي ڦل ۾ موجود معدنيات جن ۾ فولاد Iron ، ٽامو Copper ۽ جست Zinc شامل آهن، اھي ڳاڙھن گھرڙن جي پيداوار لاءِ ضروري آهن. رت جا ڳاڙھا گهرڙا جيترا مقدار ۾ وڌيڪ ، اوترو رت جو وھڪرو وڌيڪ تيز هوندو.  ان طريقي سان وڌيڪ آڪسيجن جسم ۾ ويندي ۽ رت وڌندو. ان ڪري ھي رت جو وڌيڪ وھڪري کي تيز ڪري وارن جي ڳنڍن کي وڌيڪ صحتمند بنائي ٿو ۽ وار جي واڌ کي وڌائي ٿو.

8) جلن ختم ڪندڙ:
بيھي داڻي جو جو لعاب ڪڍي ان کي ساڙڻ واري هنڌ تي لڳائڻ سان جلن ختم ٿئي ٿي.

(9) وات جي ڦلوڪڻا مٽائيندڙ:
بيھي داڻن کي چوسڻ سان وات جا ڦلوڪڻا ختم ٿي وڃن ٿا.

(10) خشڪ کنگھ ۽ گلي جي سخت خارش ۾ مفيد:
بيھي داڻن کي خشڪ کنگھ م چوسڻ اثرائتو علاج آهي ۽ ڳلي جي خرابي کي پڻ فائدو پوي ٿو.

(11) ٻارن جي خسري بعد گرمي زائل ڪندڙ:
خسرن مان نڪرڻ بعد ، اڪثر ٻارن کي گرمي پد شروع ٿي ويندو آهي. اھڙي حالت ۾ بيھي داڻن جو لعاب شربت صندل ۽ عرق ڪيوڙي سان ملائي پيارجي تہ فائدو پوندو.
 ھن جي ٻج کائڻ سان بيماري جي نقصان يا خطري بابت معلومات اڃا تائين سامهون ڪونہ آئي آهي. وڌيڪ ٻج کائڻ سان نقصان ٿي سگھي ٿو. ھن جي ٻجن کي سنڌي ۾ بيھي داڻا چئبو آھي جيڪي مختلف بيمارين ۾ استعمال ٿين ٿا.

احتياط:
بيھي ڦل کائڻ کان پوءِ استعمال ڪجي. کاڌي پهريان ھن جو استعمال قبضي پيدا ڪري ٿو ۽ پيٽ ۾ سور پيدا ڪري ٿو. ٿڌي مزاج وارا ماڻهو ھن کي ماکي سان کائن، ٻي صورت ۾ اهو صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.