Friday 19 April 2019

چمڙي جي خشڪي|اصغر ساگر|



 چمڙي اسان جي جسم جو اھم حصو آھي جيڪا نازڪ ھئڻ ڪري ھر وقت موسمي اثرن ۾ رھي ٿي. چمڙي اسان کي ٻاھرين جراثيمن جي حملي کان محفوظ رکي ٿي. چمڙي جو خشڪ ٿيڻ ھڪ عام ڳالھ آھي. ان جو اثر سڄي جسم تي پوي ٿو پر پير ۔ منھن ۽ ھٿ کليل ھئڻ ڪري وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. خشڪي جي ڪري جسم تي جلد گهنج اچن ٿا.
وڌيڪ دير تائين اس ۾ رھڻ خطرناڪ آھي. ھر بار منھن کي ڌوئڻ اس کان بچائڻ آھي. اھڙي طرح سردي ۾ اس ۾ ڀوري رنگت ڪارسري ٿي وڃي ٿي. چھري جي خوبصورتي لاء ھي ڳالھ ذھن نشين ڪرڻ کپي تہ اس ۾ وڌيڪ نہ رھجي ۽ نڪي ويھجي. اس ۾ گهڻو ويھڻ سان گهنج اچڻ ڪري ماڻهو وقت کان پھرين پوڙھو نظر اچي ٿو. ماھرن جي چوڻ مطابق اس ۾ گهڻو ويھڻ ڪري ڪينسر ٿي سگهي ٿو. ھي سچ آھي تہ سج جي متوازن مقدار حسن ۽ صحت لاء ضروري آھي پر احتياط ضروري آھي تہ اس ۾ ٿورڙو ويھجي وڌيڪ ويھڻ سان چمڙي خشڪ ٿيندي ۽ ڪاراٽجي ويندي ۽ گهنج پوڻ شروع ٿين ٿا نتيجي طور چمڙي ۾ ڇڪ جو عمل ختم ٿي وڃي ٿو ان ڪري تتي ٿڌي ۾ اس تي وڌيڪ گذارڻ نقصانڪار آھي.

چمڙي جي خشڪي کان بچڻ جا طريقا :-

ڪنوار ٻوٽي جي ڳر :-
اس ۾ نڪرڻ کان پھرين ڪنوار ٻوٽي جي ڳر چھري کي لائي وڃي تہ چھرو سج جي سڌن سنون شعائن کان بچي سگهي.

انگور جو رس :-
چمڙي جي حفاظت لاء انگور جو رس بيحد مفيد آھي. انگور جي رس کي بيدي جي اڇاڻ ۾ ملائي ليپ طور منھن تي لائجي. ھي ليپ چمڙي جي خشڪي کان بچائيندو.

زيتون ۽ بادام جو تيل :-
زيتون ۽ روغن زيتون جي مالش سان جسم کي طاقت ملي ٿي ۽ توھان تازا توانا رھندا ۽ جسم ۾ تراھٽ رھندي. مھيني ۾ گهٽ ۾ 2 دفعا روغن بادام ۽ روغن زيتون ملائي چھري ۔ ھٿ ۽ پيرن تي مساڄ ڪجي. ھن استعمال سان چھري تان مئل گهرڙا لھي ويندا ۽ نرمي ۽ تازگي اچي ويندي.

ليپ :-
خشڪ چھري لاء ڪڻڪ جو اٽو ۔ بيدي جي زردي ۔ ماکي ۔ بادام ۽ کير جو ليپ وڏي اھميت رکي ٿو. بيدي جي زردي ۾ کير ۽ ماکي اڌ چمچو ملائي چھري تي لائجي. 15 منٽن کان پوء منھن کي ڌوئجي.

ويزلين ۽ جو جو اٽو :-
ويزلين ۽ جو جو اٽو ملائي رکجي ۽ ان کي ابٽن وانگر منھن تي ھڻجي. چمڙي نرم ملائم ۽ صاف ٿي ويندي.

سامونڊي لوڻ :-
ٿڌين ۽ خشڪ ھوائن جي ڪري چمڙي مرجهائجي بي رونق ۽ خشڪ ٿي وڃي ٿي اھڙي حالت ۾ سامونڊي لوڻ جو مساڄ فائديمند آھي. پھرين سامونڊي لوڻ ۾ پاڻي ملائي چھري ۽ ڳلي تي لائجي ۽ اکين جي طرفن ڏي نہ لائجي. ٻن منٽن کان پوء چھرو ڌوئجي. ھي عمل ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ضرور ڪجي. چھري ۾ تازگي محسوس ٿيندي.

کير جو استعمال :-
اڪيلو کير چھري تي استعمال ڪرڻ ڪيئي فائدا ڏئي ٿو. چھري کي تازو توانو ڪري ٿو ۔ گهنجن کان آجو ڪري ٿو ۽ نظر جي جوت وڌائي ٿو.

ڪولڊ ڪريم جو استعمال :-
ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي تہ ڪريم چھري کي شاداب ڪري ٿي پر اھو خيال غلط آھي. ڪريم جي وڌيڪ استعمال سان چمڙي تي مردا گهرڙا وڌن ٿا ۽ چھري کي بي رونق بنائين ٿا. ڪريم جو ھميشہ ھلڪو تھ لڳائجي.

ملائي ۽ ھيڊ :-
چھري جي خوبصورتي ۽ رعنائي لاء ملائي ۾ ھيڊ خوب ملائجي. ھن آميزي کي ويھ منٽن تائين چھري کي ھڻجي. ھي عمل ھر ٽئين ڏينھن ڪجي. حيرت انگيز ۽ خوشگوار اثر مرتب ٿيندا.

گلاب جا گل ۽ کير :-
گلاب جي گلن کي کير ۾ پسائي رکجي. ڪلاڪ ترسي گلاب ڪڍي کي منھن کي لائجي. ھي ليپ چھري کي نرم ڪري ٿو. چمڙي تي ھڻڻ سان رت جي گردش ۾ رواني اچي ٿي ۽ چمڙي تر رھي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment