Wednesday 1 May 2019

بس ۾ نڪاح🌷اصغر ساگر🌷

لاھور کان ايبٽ آباد بس وڃي رھي ھئي. جڏھن بس اسٽيشن تي پھتي تہ اڳين سيٽ تي ويٺل ھڪ بزرگ جنھن کي سٺا ڪپڙا پاتل ھئا اٿي بيٺو ۽ سڀني مسافرن سان مخاطب ٿيو
”منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرو! مان پينو يا فقير ناھيان، رب مون کي نعمتن سان نوازيو آھي پر منھنجي زال ھڪ موضي مرض ۾ رب کي پياري ٿي وئي. مان درآمد ۽ برآمد جو واپار ڪندو آھيان پر ڪجھ ڏينھن ٿيا جو فيڪٽري کي باھ لڳي وئي ۽ منھنجو الھ تلھ چٽ ٿي ويو. ڪجھ مدت گذري مون کي دورو پيو. رشتيدارن محسوس ڪيو تہ منھنجا برا ڏينھن شروع ٿي ويا آھن، اھي مون کان کسڪڻ لڳا. ڊاڪٽرن مون کي لاعلاج قرار ڏنو. منھنجي ھي جوان ڌي آھي، مون کان پوء ان جو ڪوبہ وارث ناھي. اھا ڳالھ ماري ٿي تہ مون کان پوء ڪير ھن جي عصمت تار تار نہ ڪري ۽ ان شخص جي دل جو ڊھڪو وڌي ويو. ھڪ جوان ڇوڪري اٿي ان کي سھارو ڏيئي سيٽ تي ويھاريو.
بس جي پوئين سيٽ تان ھڪ ماڻھو اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو
”منھنجا ٻہ پٽ آھن، ھڪ ڊاڪٽر آھي ان جي شادي ٿي وئي آھي ۽ ٻيو منھنجو پٽ جيڪو اڳين سيٽ تي ويٺو آھي اھو انجنيئر آھي مون ان جي ڪنوار جي تلاش آھي. مان ان بزرگ کي عرض ٿو ڪريان تہ پنھنجي ڌي منھنجي پٽ جي نڪاح ۾ ڏئي، مان واعدو ٿو ڪريان تہ ھن نياڻي کي ڪڏھن بہ پي جي کوٽ محسوس ٿيڻ نہ ڏيندس.“
ڇوڪرو اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو
”مون کي رشتو قبول آھي.“
بس ۾ موجود ھڪ مولوي اٿي چوڻ لڳو
”ھي سفر ڏاڍو مبارڪ سفر آھي، سفر ۾ نڪاح جھڙو عمل ٿي وڃي ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي شي ٿيندي. جيڪڏھن ماڻھن کي اعتراض نہ ھجي تہ مان نڪاح پڙھايان.“
سڀ چوڻ لڳا
”ماشاءاللہ ۔ سبحان اللہ.“
۽ مولوي صاحب نڪاح پڙھائي ڇڏيو.
ھڪ ٻيو ماڻھو اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو
”مان موڪل تي وڃي رھيو آھيان انهي مناسبت سان مون گهر لاء مٺائي ورتي پر ھن مبارڪ عمل کي ڏسي سمجهان ٿو تہ ڇونہ مٺائي ھتي ورھائي ڇڏيان.“
ھن ڪنوار جي پي سان مخاطب ٿيندي چيو.
ڪنوار جي پي ڊرائيور کي چيو
”ڊرائيور ميان! پنج منٽ بس کي ڪنھن جڳھ تي روڪ تہ اسان منھن مٺو ڪريون.“
”ٺيڪ آھي بابا جي“
ڊرائيور چيو.
سج لٿو. انڌيرو ٿيو. ڇوڪري جي پي بس کي روڪڻ لاء چيو.
بس رڪي. مسافر لٿا. قالين وڇايو ويو. مسافر ويٺا. سڀئي گڏجي لڏو کائڻ لڳا. لڏو کائيندي ئي مسافرن ۔ ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر کي ننڊ اچي وئي. صبح جا اٺ وڄي چڪا ھئا پر ڪنوار ۽ گهوٽ ۔ انهن جا ٻہ پي ۔ مولوي صاحب ۽ لڏو ورھائڻ وارو غائب ھيا. مسافرن وٽ نہ گهڙي نڪي پيسہ ۽ نڪي سامان ھيو سڀ ڪجھ ڦرجي چڪو ھو انهن وٽ ڪجھ بہ نہ بچيو. انهن کي 6 ميمبرن جو ڦورو گروپ ڦري رات جي وڳڙي ۾ نامعلوم ھنڌ روانو ٿي چڪو ھيو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

1 comments: