Sunday 31 May 2020

ڏند جو سور Tooth ache 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
جڏھن ڏندن ۾ ڇوت Infection پوي ٿي تہ درد جا سلسلا شروع ٿي وڃن ٿا، رات جو ننڊ برباد ٿي وڃي ٿي ۽ ھروقت بي چيني رھي ٿي. ڏند پس Abcessed tooth ھڪ اھڙي ڇوت آھي جيڪا ڏندن جي اندرئين حصي کان شروع ٿئي ٿو جنھن کي ڳڀي خانو Pulp chamber سڏجي ٿو. پس ٺھڻ سان ڏندن ۾ ڇوت اچي وڃي ٿي ۽ ڏندن جي جيوڙن سان وڙھڻ جي صلاحيت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. پس دراصل مردن سفيد گهرڙن Dead white cells ۔ اوڄن Tissues ۽ جيوڙن Bacterias جو مجموعو ٿئي ٿي ڏندن جي ڇوت يا پس مھارن جي ڇوت کان مختلف ٿئي ٿي. ڏند جي ڇوت ڏند جي اندرئين حصي کان شروع ٿئي ٿي جڏھن تہ مھارن جي ڇوت ڏند کان ٻاھر ڏنداٺي Gum pocket کان شروع ٿئي ٿي. جيڪڏھن بروقت علاج نہ ڪرايو ويو تہ ھي ڇوت ڏندن کي ڳاري ٿي. ڏند جي ڇوت جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا.
ڏندن تي ڌڪ لڳڻ جي ڇوت
ماڪوڙي لڳڻ
بڊ جا زخم
گوشت جو ڏندن ۾ ڦاسڻ
روز ڏندن جي صفائي نہ ڪرڻ
سگريٽ پيئڻ
ڏندن جي ڇوت کان بچڻ جو واحد رستو آھي تہ اتي ڏند جي ڇوت جو علاج ڪيو وڃي.

ٽوٽڪا:

ٿوم:
ٿوم حيات روڪ Antibiotic آھي، ھي جيوڙن جي ڇوت کي روڪي ٿي. ھن ۾ موجود گنڌڪي مرڪب ڇوت ۽ سوزش جو مقابلو ڪن ٿا. جنھن ڏند ۾ سور ھجي، اتي ٿوم کي چوٽي کان ڪٽي سور واري ڏند تي گھجي، سور گهٽبو ويندو.

مٺي سوڊا ۽ ڏونگهي جي تيل جي پيسٽ:
ٿوري مٺي سوڊا ۽ ڏوگهي جو تيل ملائي پيسٽ جيئن تيار ڪجي. اھا پيسٽ ڏندن کي لائجي ۽ ٿڪ ٻاھر اڇلجي فائدو پوندو. فائدو پوندو.

ھائڊوجن پرآڪسائيڊ محلول:
ھائيڊروجن پر آڪسيائيڊ ھڪ حصو
پاڻي  3 حصا
ملائي گرڙا ڪجن تہ فائدو پوندو.


ھيڊ لوڻ وارو پاڻي وارو محلول:
ھيڊ پائوڊر   چمچو
لوڻ            چمچو
پاڻي          گلاس
ملائي گرڙا ڪجن. ڪافي فرق پوندو.

ڏند جي سور جو سفوف:
جاڻ ديسي   2 تولا
ھيڊ             2 تولا
لونگ           2 تولا
ڪٽي پائوڊر ڪري ملائي رکجي.
ٿورڙو پائوڊر کڻي ڏندڻ ڏجي.

لوڻ ۽ ڊسپرين وارو پاڻي:
لوڻ ۽ ڊسپرين پاڻيء ۾ ملائي گرڙا ڪجن.

سيڙھي وارو پاڻي:
چن سيڙھي    تولو
پاڻي              جڳ
جڳ ۾ سيڙھي وجهي ملائجي. جڏھن پاڻي ٺرجي وڃي تہ آٺريل پاڻي ٻئي ڪنھن ٿانو ۾ وجهجي ۽ سيڙھي ثقل سميت ھاري ڇڏجي. آٺريل پاڻي سان گرڙا ڪجن.

لونگ کي پائوڊر ڪجي. چپٽي کڻي ڏونگهي جي ٿوري تيل سان ملائجي ۽ ڏندن تي برش ڪجي. بھترين آھي. مجرب آھي.

مڪئي جي اٽي وارو پاڻي:
مڪئي جي اٽي کي پاڻي ۾ وجهي گرڙا ڪجن. سور کي فائدو ڏيندو.

ليمي جو پاڻي:
اعصابي ڏند جي سور واري حالت ۾ ليمي کي گلاس پاڻي ۾ نپوڙي صبح ۽ شام پيئجي.

احتياط:
ڏاندي کي باقائدگي سان ڏند ڏيکاربا رھن.
ڏندڻ کي ٽن مھينن ۾ بدلجي.
مٺين شين کسن پرھيز ڪجي.
ڪيفين جو محدود استعمال ڪجي ڇوجو ڪيفين سان مٺرت سطح اعتدال ۾ نٿي رھي جنھن جي ڪري مٺگهرڙبدليت ۽ جيرو متاثر ٿين ٿا.
سگريٽ نوشي ۽ تماڪ نوشي کان پرھيز ڪجي.

نوٽ:
ڪوبہ ھڪ نسخو استعمال ڪجي. نسخا طبيعت مطابق آھن. ھڪ فائدو نٿو ڏئي تہ ٻيو استعمال ڪجي.
ڪڏھن ڪڏھن ڏند ۾ گھرو زخم ھوندو آھي جنھن ڪري دوائون اثر ناھن ڪنديون، اھڙي حالت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.
جيڪڏھن ڪنھن عورت کي پراڻي ليڪوريا يا مرد کي پراڻو سوازڪ ھجي ان حالت ۾ ڏند ۾ سور پوندو آھي ۽ دوائن سان بہ جان نہ ڇڏيندو آھي اھڙي حالت ۾ مريض جو علاج انهن بيمارين جي بنياد تي ھجڻ گهرجي.

Thursday 28 May 2020

ڪاماڪازي پائليٽ Kamikaze pilots 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ٻي جنگ عظيم ۾ جپان جرمني جو ساٿاري ھيو، جڏھن جپان شڪست جي در تي پھچڻ وارو ھيو تہ ايڊمرل ياماڪاشيرو فتح حاصل ڪرڻ لاء ھڪ نئون جنگي حربو سوچيو ۽ ان تي عمل ڪندي مختلف شھرن مان ننڍن نوجوانن کي چونڊيو. انهن کي جھاز اڏارڻ جي تربيت ڏني  ۽ تربيت دوران انهن جوانن کي خودڪش حملا ڪرڻ لاء تيار ڪيو ويو. انهن کي ڪاماڪازي خودڪش بمبار سڏيو ويندو ھيو.
جپان ٻين عالمي جنگ ۾ جپان ڪاماڪازي پائليٽن جي تربيت شروع ڪئي تہ جيئن اھي ھوائي جھاز سان بحري ٻيڙن تي خودڪش حملو ڪري، انهن کي تباھ ڪري ڇڏين.
پھرين کيپ ۾ جپان 24 خودڪش رضاڪار پائليٽ تيار ڪيا جن جو نشانو آمريڪا جا بحري ٻيڙا ھيا.
ڪاماڪازي جپاني لفظ آھي جنھن جي معنا God-wind يزداني ھوا آھي. ھن لفظ تڏھن جنم ورتو جڏھن جپانين 13 صدي ۾ حملي آورن منگولن کي شڪست ڏني ۽ پنھنجي ڌرتي کي انهن کان آجو ڪرايو.
جپان انهن نوجوانن جي تربيت پوري ڪئي ۽ کين جنگي مشن تي موڪليو. ھي نوجوان بارود سان ڀريل جھاز کي اڏاريندا ھئا ۽ امريڪي بحري ٻيڙن تي جھاز ڪيرائيندا ھيا نتيجي طور پاڻ سميت آمريڪي بحري ٻيڙو ۽ ان تي موجود آمريڪي سپاھي باھ جي نذر ٿي ويندا ھيا. اھڙي نموني ٽي ھزار نو سو تيرنھن جپاني خودڪش پائليٽن آمريڪي ٻيڙن تي حملو ڪري پاڻ سان گڏ آمريڪين کي ماريو. انهن ڪاماڪازي نوجوانن جي عمر 18 کان 20 سال ھئي.
جپاني قوم انهن گوريلن کي ڪاماڪازي سڏيندي ھئي انهن ڪاماڪازين جي حملي ڪري آمريڪا پنھنجي شڪست تي قابو پائڻ لاء آخري ھٿيار ايٽم بم سان جپان تي حملو ڪيو ۽ 16 ۽ 19 اگسٽ تي ھيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم اڇليو جنھن جي نتيجي ۾ لکين انسان ۔ پکي پکڻ ۔ جيت جانور ھڪ ئي لمحي ۾ جلي زھريلي فضا ۾ ٻاڦ ٿي ملي ويا.
ھن وڏي نقصان کان پوء جپان جي نئين جنرل ميڪارٿر پنھنجي شڪست کي ڏسي ماضي جي ڪيل فيصلن تي نظرثاني ڪئي ۔ غلطين جي نشاندھي ڪئي ۽ وري اھي غلطيون نہ ڪرڻ جو عھد ورجايو.
ھن ڪاماڪازين کي پيدا ڪرڻ بدران سائنسدان ۔ انجنيئر ۽ دانشور پيدا ڪرڻ جو سوچيو. ان خاص پاليسي تحت تعليمي نصاب ۽ درسگاھن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. اھڙن معلمن جي آبياري ڪئي وئي جن ايندڙ نسلن جي ذھن مان جنگي جنون  ۽ انتقامي سوچ ختم ڪرڻ لاء ڪم شروع ڪيو. ائين ٿورڙي عرصي ۾ جپان جي اڳين نسل خوني شدت پسندي مان نڪري آئي جنھن جي ڪري تباھي جو منھن ڏسڻو پيو ھو.
جپان جي ھڪ چوڻي آھي تہ وڙھڻ کان ڀڄ ۔ گڏجي ڪم ڪر، ھن سوچ تي عمل ڪري جپان پاڻ کي سڌريل قومن جي صف ۾ آڻي بيھاريو.
جپان ھن وقت معاشيات جي حوالي سان دنيا جي اول ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. جپان ۾ ھر سال ايترو تحقيقي مواد ڇاپيو وڃي ٿو جو دنيا جا سڀ مسلم ملڪ ملي ان جي چوٿڙ تي نٿا پھچن. جپان جي ھڪ ھوائي اڏي جي آمدني پاڪستان جي سڀني ھوائي اڏن کان وڌيڪ آھي.
جپان آمريڪا سان دشمني بجاء ھيروشيما ۽ ناگاساڪي کي ان جو ميوزم بنائي جنگي سوچ کان نفرت جو اظھار ڪيو ۽ ڪاماڪازي فڪر کي غلط سمجهي ۽ ان کي ترڪ ڪري امن پسندي کي ترجيح ڏني. اسان کي ھي سوچ رکڻ کپي تہ شدت پسند سوچ ھميشہ ٻين کي اجاڙڻ سان گڏ پنھنجو گهڻو نقصان ڪندي آھي.

Wednesday 27 May 2020

ليمو Lemon 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ليمو اھڙو ميوو آھي جيڪو جتي ڀاڄين  جي زينت بنجي ٿو، اتي شربتن ۾ پوي ٿو ۽ دوائن ۾ الڳ مقام رکي ٿو. ليمو وٽامن سي ۔ وٽامن بي ۔ پوٽيشم ۽ نشاستي کان علاوا پاڻ ۾ روغن رکي ٿو. ليمو بھترين تڪسيد روڪ ھئڻ ڪري گهرڙبدليت کي بھتر ڪري جسم کي طاقتور ڪرڻ سان گڏ زھريلا مادا خارج ڪري ٿو ۔ وزن گهٽ ڪري ٿو ۽ رت جي چاڙھ کي روڪي ٿو.
ليمو صفرا کي گهٽ ڪري سائي کان تحفظ ڏئي ٿو ۔ پياس کي ختم ڪري ٿو ۽ دل کي سڪون ڏئي ٿو. ھي بڪين کي پس تيزاب Uric acid کان نجات ڏياري کين تحرڪ ڏئي ٿو ۽ کين خرابيء کان بچائي ٿو.
ليمو پاڻ ۾ اھڙو امتزاج رکي ٿو جو ھن کي پاڻيء سان پيئڻ سان سرور اچي وڃي ٿو ۽ دل تي بھترين اثر مرتب ٿين ٿا.

(1) وٽامن سِي جو وڏي مقدار جو ذريعو :-
ٻين ميون وانگر، وٽامن سِي وڏي مقدار ۾ موجود هئڻ ڪري بنيادي طور ليمو جسم ۾ تڪسيد روڪ طور ڪم ڪندو آهي جنھن ڪري جسم ۾ موجود زهريلن مادن کان جيوگھرڙا محفوظ رهن ٿا. ليمي جي استعمال ڪرڻ سان مختلف بيمارين جي خطرن کي گهٽائي سگھجي ٿو، جھڙوڪ: دل جي دوري جو خطرو، رت جو چاڙھ ۽ فالج جهڙن خطرناڪ مرض کان محفوظ رهي سگھجي ٿو.

(2) جِلد جي معيار کي بھتر بڻائيندڙ :-
ليمو پاڻي جي استعمال سان جسم چمڪندڙ ۽ پرڪشش رهي ٿو ۔ خشڪي کان محفوظ  رهي ٿو.

(3) گردي ۾ پٿري ٿيڻ کان روڪيندڙ:
ليمو پاڻي جي استعمال سان گردي ۾ پٿري ٿيڻ جا خطرا گھٽ رھن ٿا. جيڪڏهن گردي ۾ پٿري موجود آهي تہ پوءِ روزانو جي بنياد تي ليمو پاڻي استعمال ڪجي.

(4) ننھن جا سفيد نشان مٽائيندڙ:
گهڻن ننھن تي سفيدي نظر ايندي آھي. جيڪي ليمي جي پاڻي کي روزانو پيتو وڃي تہ سفيد نشان ختم ٿي وڃن ٿا ۽ رت نظر اچڻ لڳي ٿو.

(5) بڪين جي صفائي ڪندڙ:
ليمي جي پاڻي ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ کٽ تيزاب وڌيڪ پاتو وڃي ٿو جيڪو بڪين ۾ موجود پٿري کي تحليل ڪري ان جي وڌيڪ افزائش ختم ڪري ٿو.

(6) قبض ڪشا:
ڪافي دوائون اھڙيون آھن جن ۾ قبض ڪشا طور ليمي جو جز پاتو وڃي ٿو. ليمي جو پاڻي اسان جي ھاضمي کي بھتر ڪري قبض کي دفع ڪرڻ ۾ بھترين ڪردار ادا ڪري ٿو.

(7) وزن گهٽائيندڙ:
ليمو پاڻي اوهان جي جسم ۾ موجود صفرا Cholesterol کي گھٽائڻ سان گڏ اوهان جي هاضمي جي نظام کي بھتر بڻائي اوهان جو وزن گھٽائي ٿو ۽ شگر جھڙي خطرناڪ بيماري کان پڻ محفوظ ڪري ٿو. وزن کي گهٽ ڪرڻ لاء ليمي کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ليمو چرٻي کي ڳارڻ جي صلاحيت سان مالامال آھي. روزانو 2 ليما گلاس پاڻي ۾ نپوڙي پيئڻ سان ھفتي ۾ ڪافي فرق نظر اچي ٿو.

(8) سنڌن جي حفاظت ڪندڙ:
ليمي ۾ کٽ تيزاب ھئڻ ڪري بڪي جي پٿرين جو خاتمو ٿي وڃي ٿو جيڪي پس تيزاب ج ڪري ٺھن ٿيون. پس تيزاب انساني ھڏين جي سنڌن ۾ پاتو وڃي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ سنڌن جو سور پيدا ٿئي ٿو.

(9) تیزابیت جو خاتمو ڪندڙ
معدي ۾ تيزابيت ھجي يا جلن ليمي جو پاڻي اتي مسيحائي ڏيکاري ٿو. جيڪڏھن ليمي کي نپوڙي گلاس پاڻي ۾ وجهي پيئجي تہ ھن جي افاديت ۾ وڌيڪ اضافو اچي وڃي ٿو.

(10) بيمارين کان بچائيندڙ:
ليمي پاڻي جي استعمال سان جسم جو دفاعي نظام وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ۽ جسم ان قابل ٿي وڃي ٿو تہ اھو جيوڙن ۔ وائرن ۽ زھريلن مدن کي اتي ختم ڪري ٿو.

(11) مثاني جي تڪليف گهٽائيندڙ:
جيڪڏھن مثاني ۾ تڪليف ھجي ليمو گلاس پاڻي ۾ نپوڙي پيئندو رھجي تہ مثاني جي دوا بنا تڪليف ختم ٿي ويندي.

Wednesday 20 May 2020

غوغو Tasmanian Devil 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
آسٽريليا جي قريب ھڪ ٻيٽ تسمانيا ۾ جڏھن اوائلي يورپي ماڻهو پھتا تہ انهن کي رات جو  پر اسرار آواز ٻڌڻ ۾ آيا ڄڻ ڪو شيطان واويلا ڪري رھيو ھجي. اھي ماڻهو خوفزدھ ٿي ويا ۽ سمجهڻ لڳا تہ جهنگ ۾ ڀوتن جو سايو آھي. پر بعد ۾ تحقيق مان پتو پيو تہ ڪو آسيب يا شيطان ناھي پر ھڪ گوشت خور جانور آھي جيڪو رات جو اھڙا آواز ڪڍي ٿو. ان مناسبت سان ان جانور کي تسمانيا جو شيطان Tasmanian Devil نالو ڏنو ويو. ھن جانور کي ڳوٿيرو Sarcophilus harrisii پڻ سڏيو وڃي ٿو.
تسمانيا مان بگهڙ اڻ لڀ ٿيڻ کان پوء ٿيلهي واررو ھي غوغو جانور سڀ کان وڏو گوشت خور جانور آھي.
غوغو خطرناڪ جانور ناھي. ھي ماڻهو تي حملو نٿو ڪري پر پنھنجو بچاء ڪري ٿو جيڪڏھن ھن تي حملو ڪيو وڃي. غوغا ڏسڻ ۾ خطرناڪ نظر اچن ٿا پر ھنن جي ويڙھ سان نہ لڳندي آھي. ان ھوندي بہ ھن جون ڄاڙيون ايتريون مضبوط ٿين ٿيون جو اھي وڏو زخم ڏيئي سگهن ٿيون.
ھن کي شيطان ڇو چيو ويو اھا ھڪ عجيب تاريخ آھي. جڏھن اوائلي يورپي ھن علائقي ۾ پھتا تہ انهن کي رات جو کنگهڻ ۔ ريھ ڪيڪ ۽ گجڪر جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا انهن جاچ جو فيصلو ڪيو. انهن ڪتي نما جانور لڌو جنھن جو وڏيون ڄاڙيون ۽ وڏا تکا ڏند ھيا. ڏسندي ھن جانور کي انهن کي ھيبت وٺي وئي ان ڪري انهن ھن کي شيطان سڏيو. ھي جانور مڇيون ۔ نانگ ۔ پکي ۽ جيت کائي ٿو.
ھن جانور کي تمام گهٽ پاليو وڃي ٿو ڇوجو ھن جانور کي چڪ ھڻڻ جي عادت آھي ۽ چڪ لڳڻ ڪري ڪينسر ٿيو وڃي. ھن جا ڏند ڇوت جي وڏي حد رکن ٿا.

Monday 18 May 2020

ڀنڀڙو Bembicini 💎زاھد آرائين ۔ اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
ڀنڀڙي کي ريگي ڏينڀو بہ Sand wasp سڏجي ٿو. ڀنڀڙو ڪيڪڙي ڏينڀن Crabronid wasps جي قبيلي مان آھي
جن ۾ 20 ٻيا قسم شامل آھن. ڀنڀڙو جيتن ۽ ڪيڙن جو شڪاري آھي عام طور تي ھي مکين جو شڪار ڪري ٿو. ھن جا ننڍا ڀڙا ٿين ٿا سڌا سڌا ڇترا جن جي ھيٺان وڏو خانو ٿئي ٿو جتي ٻچٽن Larvas جي افزائش لاء شڪار رکيو وڃي ٿو. ھڪ پکڙيل خاني ۾ ڀنڀڙيون ڪڏھن ڪڏھن آنن جا خانا مڪمل ٿيڻ کان پھرين آنا ڏين ٿيون. اڪثر ڀنڀڙيون ھڪ ننڍي جڳھ جي اندر ڀڙو (جڳھ) کوٽين ٿيون جتي مٽي پائدار ھجي ۽ ڪڏھن ڪڏھن گهاٽا ڀڙا بنائين ٿيون. اھڙيون آباديون مفت خور ڏينڀن ۽ مکين جون ٿين ٿيون جيڪي اڪثر طور اڏندخور Cleptoparasites ٿين ٿيون ۽ اڪثر جيتن ۽ مکين کي پاڻ ڏي متوجھ ڪن ٿيون. ڀنڀڙو اڪثر پنھنجي مفت خورن Paracites کي کائي وڃي ٿو جيڪا ھن جيت جي انوکي ڳالھ لڳي ٿي.
ڀنڀڙي جو اڳيون حصو پيلو ۽ پويون حصو ڪارو ٿئي ٿو، ڪجھ ڪارا ۽ سفيد ٿين ٿا جڏھن تہ انهن جون اکيون جوتي چمڪدار ٿين ٿيون.
ڀنڀڙي جو ڏنگ تڪليفدھ ٿئي ٿو، ڏنگ واري جڳھ تي ٽراٽون نڪرن ٿيون. ھي سماجي جيت آھي، اڪثر ڪري انسانن کي تنگ نہ ڪندو آھي ۽ ڀرسان گذرندو آھي. ھي انسانن تي تڏھن حملو ڪندو آھي جڏھن انسان ھن جي گهر سان ڇيڙ ڪندو آھي.
ھن جو ڏنگ ڇوت رکي ٿو. ڏنگ سان درد ۔ سوڄ ۔ ڏڏر Redness، پس جو ٿيڻ Drainage of pus ۽ بخار رونما ٿئي ٿو. ھن جي ڏنگ جو اثر ھڪ يا 2 ڏينھن رھي ٿو ۽ پوء ڇڏي وڃي ٿو.
ڀنڀڙن کي جيڪو تنگ ڪري ٿو اھي ڀون ڀون ڪري انهي مٿان ڦرندا پيا، جيڪڏھن ماڻهو ڀڄندو انهي جو پيڇو ڪندا ۽ ماڻهو کان اڳ ڪڍي وڃن ٿا ۽ ان کي ڏنگ ھڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ائين کڻي چئجي تہ ڀنڀڙا انسان جھڙي عادت رکن ٿا تنگ نہ ڪر تہ دوست جھڙا تنگ ڪر تہ دشمن جھڙا.

Saturday 16 May 2020

ليننگراڊ شھر Leningrad city 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
لينن گراڊ شھر کي سينٽ پيٽربرگ جي نالي سان سان ڄاتو وڃي ٿو. ھن جو قديم نالو بہ سينٽ پيٽربرگ ئي ھيو. لينن روسي انقلاب جو باني ھيو، ان ڪري سينٽ پيٽربرگ کي لينن گراڊ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.
ماسڪو کان پوء لينن گراڊ روس جو ٻيو وڏو شھر آھي. 1941ع ۾ جرمن فوج ان جو گهيرو ڪيو. ھي گهيرو تقريبن 900 ڏينھن تائين جاري رھيو. ھن جو مقصد روس جي ٻئي وڏي شھر کي بک ۾ ماري ختم ڪرڻو ھو.
ھن گهيري جي نتيجي ۾ ٻاھر کان کائڻ واريون شيون شھر ۾ پھچڻ بند ٿي ويون. نوبت اتي پھتي جو شھر واسين پھرين چمڙي کي اٻاري کائڻ شروع ڪيو. چمڙو ختم ٿي ويو تہ انهن ڪاغذ جي پنن کي کائڻ شروع ڪيو. ھاڻي شھرين ڪتا ۽ ٻلا کائڻ شروع ڪيا. آھستي آھستي شھر مان پکي پکڻ گم ٿي ويا. ڪٿي ڪٿي آدمخوري جا واقعا اڀرڻ لڳا.
تقريبن 10 لک ماڻهو بک ۽ سردي جي شدت جي ڪري بک مري ويا. 27 جنوري 1944ع تي ريڊآرمي ھن شھر کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
لينن گراڊ جا شھري بک ۾ ايتري قدر نٻل ٿي چڪا ھئا جو اھي آزاديء جو جشن ملهائي نہ سگهيا. ھو خوش ھئا مگر انهن جي جسم ۾ ايتري ست نہ ھئي جو ھو روڊن تي اچي رقص ڪري سگهن. جرمن تاريخدان یورگ گانسن ملر ھن گهيري تي جامع تاريخ لکي ۽ ھي لکي ٿو
”ھي گهيرو ٻن مرحلن ۾ ختم ٿي ويو. 1943ع جي مھڙ ۾ ريڊ آرمي گهيرو ٽوڙي شھر ۾ شين جي رسد کي پھچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ 1944ع ۾ ھي گهيرو مڪمل ختم ٿيو.“ شھرين کي اعزاز طور توبن جي سلامي ڏني وئي. شھر ۾ سک چين جي فضا بحال ٿي چڪي ھئي پر ماڻهو ايترا ڪمزور ھيا جو اھي آزادي جو جشن ملهائڻ لاء روڊ تي اچڻ جھڙا نہ ھيا ۽ رقص ڪرڻ جھڙا نہ ھيا.
ان ڏينھن جي حوالي سان اڃان تائين لينن گراڊ ۾ وڏو جشن ملهايو وڃي ٿو جنھن کي ساليانو ثقافتي رنگ جو حصو بنايو ويو آھي.
ويھين صدي دوران 2 عظيم جنگيون وڙھيون ويون، گهڻن شھرن جو گهيرو ڪيو ويو پر ھن صدي جو خطرناڪ ترين گهيرو لينن گراڊ تي ڪيو ويو.

Friday 15 May 2020

ٻِرڇو Wombat 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
آسٽريليا کنڊ ۾ پاتو ويندڙ ھي مماليا چوپايو آھي. ھي وومبيٽائيڊ Wombatide خاندان سان تعلق رکي ٿو. ھن جو تعلق فائلم ڪورڊيٽا Phylum chordata سان آھي. ھن جو ٽنگون ننڍيون ٿين ٿيون. ھن جو وزن 35 کان 40 ڪلوگرام ٿئي ٿو.  ھي جنگلن ۔ پھاڙن ۽ گرم علائقن ۾ بسيرو ڪري ٿو. ڪنگرو وانگر ھن جي پويان پوچ ٿئي ٿو. ھي ڏندن ۽ پنجن سان زمين کوٽي ٿو.
ٻرڇا قدرتي طور تي شرميلا ٿين ٿا ۽ انهن ۾ تجسس رھي ٿو، ان ڪري ئي ھن کي ماڻهن جي دوست طور ڄاتو وڃي ٿو. ھن جو ذھن جنھن شي لاء تيار ٿي ويندو آھي انهي جي چاھ ۾ رھي ٿو. ٻرڇو 3 کان 8 ڪلاڪ رات جو چرندي نظر اچي ٿو جيڪو اڪثر ڪري گاھ ھوندو آھي. ھي وڻن ۽ ٻوٽن جي پاڙن کي کوٽي کائي ٿو.
ٻرڇو کوٽائي ۾ ماھر ٿئي ٿو، ائين کڻي چئجي تہ اھي کوٽائي لاء پيدا ٿيا آھن. ھن جي مضبوط پيرن جا چنبا ھڪ ڏينھن ۾ 3 فٽ ڊگهي سرنگھ کوٽي سگهن ٿا.
ھن جي عمر 15 کان ويھ سال ٿئي ٿي. ھن جي پنجي جي ننھن کان انسان کي زخم ٿي سگهي ٿو ان ڪري خيال ڪرڻ کپي.

Wednesday 13 May 2020

ھاپيشا Hypatia 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar
 ”مان عقيدن بجاء فلسفي تي يقين رکان ٿي“
ھڪ عظيم استاد ۔ موجد ۔ رياضي دان ۔ ماھر فلڪيات ۽ فلسفي ھاپيشا جي ھي صدا 4 صدي ۾ اسڪندريہ جي سفاڪ مذھبي انتھاپسند جنونين سان ٽڪرائي تہ ان جي شدت مذھبي مسيحين ۽ ڪليسائن جي بنياد کي لوڏي رکيو.
پھرين فلسفي ۔ رياضيدان ۔سائنسدان ۽ موجد جنھن کي انتھا پسند عيسائين ان ڪري زندھ ساڙيو تہ ھي عورت ٿي مردن کي تعليم ڏيندي ھئي ۽ انهن جي نزديڪ بائبل جي تعليمي رو مطابق ھڪ وڏو ڏوھ ھيو.
تاريخ جو ھي لازوال ڪردار ۽ روشن ستاري جو ظھور ھاپيشا اسڪندريا ۾ 375ع ۾ پيدا ٿي. ھن جو والد ٿيون اليگزينڊرس جو تعلق يونان سان ھيو جيڪو ھڪ عظيم رياضيدان ھيو ۽ اسڪندريا يونيورسٽي جو ھڪ قابل استاد ۽ ان جي ليبريري جي انچارج ھيو. ھن عظيم استاد آرٽ ۔ ادب ۔ سائنس ۔ فلسفو ۽ رياضي پنھنجي نياڻي کي ورثي ۾ ڏنو. ھن جو پي اليگزينڊرسس اسڪندريا يونيورسٽي جو ھردلعزيز پروفيسر ۽ رياضيدان ھيو. ھن جو پنھنجي نياڻي سان وڏيون اميدون وابستا ھيون ھن چاھيو پئي تہ ھن جي نياڻي ھر لحاظ کان مڪمل انسان ٿئي. 
ھاپيشا ابتدائي تعليم يونان جي شھر اٿينز مان حاصل ڪئي. ھن آرٽ ۔ ادب ۔ سائنس ۔ فلسفي ۽ رياضي ۾ دسترس حاصل ڪئي. پيء کي پنھنجي نياڻي جي صحت جو ڏاڍو خيال ھوندو ھيو. پيء جي ترغيب ۽ حوصلا افزائي سان ھاپيشا ٻيڙي ھلائڻ ۔ ترڻ ۽ گهوڙي سواري بہ ڪندي ھئي جيئن جسماني طور تي ٺيڪ رھي.
يونان کان مصر واپسي تي ھاپيشا کي اسڪندريا يونيورسٽي ۾ رياضي ۽ فلسفي پڙھائڻ جي پيشڪش ٿي جيڪا ھن قبول ڪئي. ھو فيثا غورث کي پنھنجو مرشد مڃيندي ھئي. تقرير جي فن ۔ فلسفي ۽ علم تي ھن جي ايڏي پڪڙ ھئي جو گهٽ عمر ۾ ئي ھن کي اسڪندريا يونيورسٽي جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. ھن جو يونان کان مصر تائين جو سفر بابرڪت ٿي ويو.
ھو ديافنس جي علم حساب تي پڻ ليڪچر ڏيندي ھئي ۽ ديافنس جي دريافت ڪيل اصولن جي اطلاق سان غير متعين مسئلن جي حل ڪرڻ جي طريقن تي بحث ڪندي ھئي. گڏوگڏ ھو ارسطو افلاطون جي تعليم کي پنھنجي درس تدريس ۾ جي موضوعن ۾ شامل ڪندي ھئي.
ھاپيشا ذھين ھئڻ سان گڏ نھايت خوبصورت ۽ باوقار عورت ھئي. پيء جي شفقت ڀري ڌيان جي ڪري ھو تقرير جي فن ۾ ماھر ھئي. ھن جي ليڪچرن ۾ افلاطون ۽ ارسطو جي علم جو رنگ جهلڪندو ھيو. ھن جي درسگاھ ۾ علم ۽ فلسفو پڙھايو ويندو ھيو نڪي مسيحيت جي پرچاريت. اھو ئي سبب ھيو جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان علم جا متلاشي ھن جا ليڪچر ٻڌڻ لاء ھن وٽ ڇڪجي ايندا ھيا. ليڪچررن جي بي پناھ مقبوليت جي ڪري صرف ٽيھ سالن جي عمر ۾ ھاپيشا کي اسڪندريا يونيورسٽي جي افلاطوني اسڪول جو سربراھ بنايو ويو.
حالتن پلٽو کاڌو، مذھبي جنونيت عروج تي پھچي چڪي ھئي. يونان پنھنجي زوال طرف گامزن ھيو. رومن پنھنجي ديوتا جي دفاع ۾ سرگرم ھيا، يھودي يھوا لاء سخت پريشان ھيا ۽ عيسائي پنھنجي خدا يسوع لاء. عيسائي پنھنجي خدا يسوع تي فخر ڪندا ھيا ۽ ھن کي حقيقي خدا مڃيندا ھيا. ھن جي ابتدا سڪندر اعظم جي موت کان پوء ٿي. يوناني سلطنت جي وحدت تقسيم ٿي چڪي ھئي. پنجن سالن کان پوء جڏھن ارسطو وفات ڪئي تہ يوناني تھذيب جو آخري ڏيئو اجهامي ويو. فلسفي ۽ حڪمت جون درسگاھون ويران ٿي ويون. يوناني فلسفين ڀڄي اسڪندريا ۾ پناھ ورتي ۽ ٻيھر ارسطو ۽ افلاطون پيدا ٿي نہ سگهيا.
جڏھن بادشاھ سميت حڪمران طبقي مسيحي مذھب قبول ڪيو ۽ ڪليسائي روم جو اقتدار شروع ٿيو تہ سائنسي تحقيق ۽ جستجو جي روح مردو ٿي وئي. سائنسي تحقيق تي مسيحي عقيدي جي ڇاپ چڙھي وئي ۽ پادرين جو عقيدائي ڳالهيون ماڻهن تي مسلط ٿيڻ لڳيون نتيجي طور جدت ۽ ترقي بيھي وئي.
پادرين جي نظر ۾ سائنسي علم شيطاني شعبدو ھيو. جنھن سائنس ۽ جدت جي ڳالھ ڪئي تہ ڪليسا جي عدالت ان کي زنديق ۔ دھريو ۔ بدعتي ۽ جادوگر قرار ڏيئي باھ ۾ ساڙيندي ھئي يا جسم جا ٽڪڙا ڪري ان کي چوراھن تي ٽنگي ڇڏيندي ھئي. ھاپيشا جو فلسفو پادرين ۾ اک جو ڪنڊو بڻجي رھيو ھيو ۽ پادري اڳيئي عورتن کان متنفر ھيا. 
ان وقت ھڪ سفاڪ پادري سيرل اسڪندريا جو رخ ڪيو ھن ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ فلسفي خلاف نفرت پيدا ڪئي. ماڻهو ھن جي لفظن ۾ اچي اسڪندريا يونيورسٽي کي باھ ڏيئي رھيا ھئا ۽ لٽ ڦر ڪري رھيا ھئا ان وقت ھن عظيم خاتون جي ھٿ ۾ سون يا ھيرا نہ ھيا پر عظيم ڪتابي نسخا ھٿ ۾ ھيا. ان کان پھرين بہ مسيحي اسڪندريا جي عظيم ڪتبخاني ۾ تاريخ ۔ فلسفي ۔ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي موضوعن تي بيشمار نادر ڪتابن کي ساڙي چڪا ھيا.
ھاپيشا صدا بلند ڪئي
”ماڻهن کي حقيقت کان آشنا ڪيو وڃي تہ ديو مالائي ڪھاڻين ۽ افسانن کي ھڪ تخيل ۔ ڪھاڻي ۽ افساني طور پيش ڪيو وڃي ۽ انهن کي اھميت نہ ڏني وڃي. انهن ديومالائي ڪھاڻين ۽ وھمن کي حقيقت جو روپ نہ ڏيڻ کپي جيڪو شاگردن کي گمراھ نہ ڪري.“
ھن جي جنگ عيسائيت سان نہ ھئي. ھن سيرل جي معبود کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھن جي عقيدن کي ٿڏيو.
لفظ سائنس 19 صدي ۾ استعمال ڪيو ويو ان کان اڳ ھن کي فلسفو چئبو ھيو. ھي عظيم عورت وقت کان اڳ سائنس جون ڳالهيون ڪري رھي ھئي جنھن جي بنياد تي ھن کي ڏائڻ قرار ڏنو ويو. ھاپيشا فلسفي سائنس تي يقين رکندي ھئي ۽ ان جنوني دور ۾ ان جي سزا صرف موت ھئي. ھن کي بازاري، بدچلن ۔ ڏائڻ ۔ جادوگرياڻي ۽ بدڪار قرار ڏنو ويو. ھڪ عظيم فلاسافر عورت کي گهر کان چرچ تائين بي حرمتي ڪندي گھلندي آندو ويو. پٿر ھڻي ھن کي سنگسار ڪيو ويو. مذھبي جنونيت ھن سزا کي بہ گهٽ سمجهيو ۽ ھن جي رت سان لت پت لاش کي اسڪندريا جي گهٽين ۾ گھليو ويو. ھن جي جسم کي ٽڪڙا ڪري باھ ۾ ساڙيو ويو. ھن جي راک ڏيکاري عقيدن کي امر ڪيو ويو.

 ھاپيشا جي تعليم:
افسانن کي افسانو ۽ ديومالائي ڪھاڻين کي ديومالائي ڪھاڻيون سمجهي پڙھجي ۽ پڙھايو وڃي.
معجزن کي شاعرن جي تخيلي پرواز يا مبالغاآرائي کان وڌيڪ اھميت نہ ڏجي.
فرضي داستانن ۽ وھمي قصن کي سچائي جو رنگ ڏيئي پيش ڪرڻ ۽ پڙھائڻ افسوسناڪ عمل آھي.
ھڪ ٻار جو ذھن افسانن ۔ وھمي قصن ۽ شاعراڻا تخيلي پرواز کي حقيقت سمجهي قبول ڪري ٿو ۽ پوء بي پناھ ذھني ڪوفتن ۔ الجهنن ۽ المين مان گذرڻ بعد ھو وھمن جي حقيقت کي ڄاڻي وٺي ٿو.
حقيقت ھي آھي تہ مرد توھمن جو دفاع اھڙي نموني ڪري ٿو ڄڻ تہ اھي سچائي ھجن. ھر توھم ناقابل فھم ٿئي ٿو يعني حواس خمسا ذريعي ان جي تصديق ٿي سگهي ٿي نڪي ترديد ان کي رد ڪرڻ يا غلط ثابت ڪرڻ آسان ناھي. توھم جي برعڪس سچائي ھڪ نقطو نظر آھي ۽ ان کي بدلائي بہ سگهجي ٿو.
”مان خداوند يسوع تي يقين نٿي رکان پر فلسفي تي يقين رکان ٿي“ ھي قول ھن جي جان وٺڻ جو سبب بنيو. ھاپيشا جن بنيادن تي ڪم ڪري رھي ھئي ھن جي موت کان 1300 سال بعد سائنسدانن ان کي دريافت ڪيو.

ھاپيشا جون علمي خدمتون:
ھاپيشا جون خدمتون بي مثال آھن. ھن جي ڪتابن کي جلايو ويو پر ھن جي شاگردن ۽ ويجهن ساٿين جي مدد سان ڪجھ نسخا ملن ٿا جن ۾ رليٽو موشن ۔ شيپ آف آربٽ ۔ فلڪيات ۔ رياضي ۽ جاميٽري فلسفو شامل ھيا جن کي صدين بعد دريافت ڪيو ويو.  ڪيپلر ھاپيشا جي نسخن جي مدد سان رياضي جا گهڻا قانون پيش ڪيا.