Monday 24 June 2019

ايڊورڊ مورڊريڪ Edward Mordrake 💎اصغر ساگر💎

ھن شخص 23 سالن جي عمر ۾ خودڪشي ڪئي. ھي عجيب الخلقت شخص ۔ ٻن منھن وارو ماڻهو ھيو، ھڪ منھن اڳيان ۔ ٻيو منھن مٿي جي پٺئين پاسي.
مٿي جو پويون منھن نہ ڳالهائيندو ھيو پر سرگوشيون ۽ اکين جا اشارا ضرور ڪندو ھيو.
چيو وڃي ٿو ايڊورڊ برطانيا جي ھڪ نواب خاندان ۾ پيدا ٿيو. سامهون ڏسڻ ۾ خوش شڪل نظر ايندو ھيو پر مٿي جو پويون چھرو بدشڪل ھيو.
ھن جي مٿي جي پويان چھرو ھيو پر پويون چھرو نہ کائيندو ھيو ۽ نڪي پيئندو ھيو. پويون چھرو صرف روئندو ۽ کلندو ھيو. ايڊورڊ ڪافي دفعا ڊاڪٽرن کي گذارش ڪئي تہ آپريشن ڪري مٿي جي پوئين چھري کي ھٽايو وڃي. ھي رات جو سمهڻ نٿو ڏئي ۔ ھي رات جو خوفناڪ سرگوشيون ڪري ٿو پر ڊاڪٽرن آپريشن جو جوکو نہ کنيو ڇوجو آپريشن ۾ ھن جي جان وڃي سگهي ٿي. جيئن جيئن ھي جوان ٿيندو ويو ھن جو پويون چھرو بدشڪلو ۽ بي ڊولو ٿيندو ويو. پويون چھرو ھروقت شيطاني سرگوشيون ڪندو ھو ۽ اکين مان خوفزدھ ڪرڻ واري شيطاني دھشت ڏيکاريندو ھيو جو اڳيون ماڻھو ڊڄي ويندو ھيو.
ايڊورڊ پوئين چھري جي ڪري ھميشہ پاڻ کان خفا ھوندو ھيو. ھن جي چوڻ مطابق ھن جو پويون چھرو ھروقت ڀڻ ڀڻ ڪندو رھندو ھيو ۽ ھن کي چين سان سمهڻ نہ ڏيندو ھيو. ھي پويون چھرو ھر ايندڙ ماڻھو کي ڏسي گهوريندو ھيو ۽ ڏسي عجيب غريب انداز ۾ بڙ بڙ ڪري بڙبڙائيندو ھيو.
جڏھن ايڊورڊ پنھنجي حالت تي روئندو ھيو تہ پويون ھي شيطاني چھرو مرڪي اٿندو ھيو. ايڊورڊ ھن پنھنجي تڪليف کان بيزار ٿي پيو، نيٺ 23 سالن جي عمر ۾ ھن زھر کاڌو ۽ ھڪ خط ڇڏيو. خط ۾ لکيل ھيو
”ھن کي دفن ڪرڻ کان پھرين ھن جي پوئين چھري کي ڪٽي الڳ ڪيو وڃي تہ جيئن ھي قبر ۾ پوئين چھري جي شر کان بچي سگهي.“

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

1 comments: