Wednesday, 17 April 2019

ساغر صديقي|اصغر ساگر|

ساغر صديقي|اصغر ساگر|

ساغر صديقي جي والد ساغر جي پسند کي ٺڪرائيندي چيو تہ اسان تندور واري جي ڌي کي ڪنوار بنائي نٿا سگهون. غصي ۾ اچي ان ڇوڪري جي گهر وارن ڇوڪري جي شادي پنجاب جي ضلعي حافظ آباد جي نوجوان سان ڪرائي جيڪا ڪامياب نہ ٿي. تمام آرام ۽ آسائشون ڇڏي ساغر صديقي داتا درٻار لاھور ۾ رھڻ لڳو.
جڏھن ان جي محبوبا کي خبر پئي تہ ساگر گهر ڇڏي داتا درٻار ۾ رھي ٿو پيو. اھا داتا درٻار آئي. ڪافي تلاش کان پوء ساغر ھن کي ماڻھن جي ميڙ ۾ مليو جتي ھي تاس کيڏي رھيو ھو.
ھن جي محبوبا ھن کي گڏ ھلڻ لاء زور ڀريو ۽ اھو ٻڌائيندي چيو 
”منھنجي مڙس مون کي ھن مھل تائين ھٿ نہ لڳايو آھي. ھن اسان جي محبت جي داستان ٻڌي مون کي طلاق ڏني آھي. ھاڻي تون مون کي پنھنجو ڪر.“
ساغر چيو

”بندہ پرور کوئی خیرات نہیں
ھم وفاؤں کا صلہ مانگتے ھیں“

غربت ۔ ذھني مونجھ ۽ ھٽڪن اٽڪن جي ڪري ساغر جا آخري سال نشي ۾ گذريا ۽ پني وقت گذاريو پر ھن پنھنجي شاعري کي نہ ڇڏيو.

”میری غربت نے میرے فن کا اڑا رکھا ہے مزاق۔۔
تیری دولت نے تیرے عیب چھپا رکھے ہیں.“

چون ٿا جڏھن صدر ايوب خان پاڪستان جو صدر ھيو تہ انهن ڏينھن ۾ صدر ايوب خان کي ڀارت جي ھڪ مشاعري ۾ مھمان خاص ڪري گهرايو ويو. جڏھن مشاعرو شروع ٿيو تہ ھڪ شاعر درد ڀريو غزل پڙھيو. جنرل ايوب خان کي غزل ڏاڍو وڻيو ۽ واھ واھ کان رھجي نہ سگهيو. جنرل ايوب خان ان غزل جي شاعر جو نالو پڇيو. 
 شاعر چيو
”جناب عالي ان کان وڌيڪ ڪھڙي خوشخبري ٿي سگهي ٿي تہ اھو بھترين شاعر ساغر صديق ي پاڪستان جو آھي.“

جنرل ايوب خان ساغر کي تعظيم سان وٺي اچڻ ۽ ملڻ لاء پنھنجي خاص ماڻھن جو وفد موڪليو. وفد داتا درٻار پھچي ماڻهن کان ساغر صديقي جي رھائش جو پڇيو.
ماڻهن کان کل نڪري وئي.
ڪھڙي رھائش!
ڪھڙو شاعر!
”سامهون ڏسو! چرسين ۽ ڀنگين جي ميڙ ۾ نشي جي حالت ۾ پيو آھي.“
جنرل ايوب جو موڪليل وفد ساغر صديقي وٽ پھتو. انهن ساغر صديقي کي جنرل ايوب جو پيغام ڏنو ۽ ھلي ملڻ لاء چيو.
”ساغر جي ڪنھن سان بہ نٿي لڳي ان ڪري ساغر ڪنھن سان بہ نٿو ملي.“ ساگر نشي ۾ بڙبڙائيندي چيو.
ھن ڀرسان ويٺل نشئي اھا ڳالھ ٻڌي ٽھڪ ڏيڻ لڳا. وفد گهڻو اسرار ڪيو پر ھي نہ ھليو. وفد سموري حال احوال کان جنرل ايوب خان کي واقف ڪيو.
جنرل ايوب خان پاڻ ساغر صديقي سان ملڻ لاھور آيو. ساگر صديقي جي جري ۽ بدتر حالت ڏسي صدر جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ھن غمن ۾ چور ۽ نشي ۾ الوٽ ساغر صديقي ڏانھن ھٿ ملائڻ لاء ھٿ وڌايو. ساگر صديقي صدر ايوب خان جي ھٿ کي پوئتي ڪندي چيو
”جس عہد میں لٹ جائے غریبوں کی کمائی،،،
اس عہد کے سلطاں سے کوئی بھول ہوئی ہے“

ساغر صديقي جي زندگي ڏاڍي ڪٺن گذري. نشي جي حالت ۾ ڪڏھن ڪڏھن ھن کي ڍيرن تي ننڊ اچي ويندي ھئي. ھنجي زندگي ايتري تلخ ٿي وئي جو پل پل پيڙا بنجي ھنجي مٿان لامارو ڏيندو ھيو. ھي ايتري غريبي حالت ۾ ھوندو ھيو جو ھن پنھنجي شاعري سگريٽ جي پنن تي لکي. ڪپڙا ڦاٽل، جسم ميرو، مٿان مکيون ڀڻڪي رھيو ھيون تہ ھن ھن جي دم پرواز ڪيو ۽ بيگانن جي حالت ۾ ھن جو لاش فٽ پاٿ تي پيو رھيو.
”زندگی جبر مسلسل کی طرح کاٹی ہے
جانےکس جرم کی پائی ہے سزا یاد نہیں
آؤ اک سجدہ کریں عالمِ مدہوشی میں
لوگ کہتے ہیں کہ ساغر کو خدا یاد نہیں۔“

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

1 comments: