Wednesday, 17 February 2021

ماکوڙا Honeypot ants 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 

ماکوڙا Honey pot ants ھي ماڪوڙا ٿين ٿا جيڪي انگور وانگر مٺا ۽ ماکي جھڙي رس چس رکن ٿا. ماکوڙا جوگير (پيٽ ڀريل) Repletes ٿين ٿا جن کي ڪارڪن ماڪوڙا ڪافي مقدار ۾ گلن جو رس پيارين ٿا ۔ ٻوٽن جو ڳر کارائن ٿا ۔ ڪجھ ڪيڙن مان ماکي قطرا نڪرن ٿا، ماڪوڙا اھي ڪڍي ماکوڙن کي کارائن ٿا جنھن سان ھنن جو پيٽ سڄي انگوري جي داڻي جيترو ٿي وڃي ٿو ۽ ھنن کي ڪالونين جي خاص خانن ۾ مشڪل وقت لاء رکيو وڃي ٿو.

ضرورت پوڻ تي ٻيا ماڪوڙا انهن جي وات ۾ پنھنجي انٽينا وجهي ڪڍيل رس يا ڳر کي انهن جي معدي جي منھن ۾ وجهي انهن جي حوالي ڪن ٿا يا وري ٻين ڪالونين جا ماڪوڙا پنھنجي انٽينا وسيلي انهن جي وات مان ماکي چورائن ٿا. ھي ماکوڙا اتر آمريڪا ۔ آفريڪا ۔ آسٽريليا ۽ نيو ميڪسيڪو ۾ پاتا وڃن ٿا. ھنن ماکوڙن جي ڪجھ قسمن ڳاکوڙا (ڳاڙھا ماکوڙا) (Melophorus bagoti (Red honey ant ۽ ڊکڻ ماکوڙا Carpenter ant کي انسان شوق سان کائن ٿا. پھرين ڪالوني کي ٻن يا ٽن ميٽرن جي اونهائي تائين کوٽيو وڃي ٿو ۽ اتان ماکوڙا ڪڍي انهن کي خوراڪ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪي کائڻ ۾ انتھائي مٺا ٿين ٿا. ماکوڙا ماڪوڙن جي ھنن خاندانن ۾ پاتا وڃن ٿا.

ماکوڙن مان انسان ڪوبہ خطرو نٿو ٿئي، اھي نڪي ڏنگ نڪي چڪ ھڻن ٿا. آسٽريليا جو ماکوڙا جيڪي انگوري پيٽ رکن ٿا اھي ماکي جھڙي مٺاڻ رکن ٿا انهن کي مٺڀرو Quite sweet سڏيو وڃي ٿو. ڪي وڏا ماکوڙا ٿين ٿا جن کي تري کاڌو وڃي ٿو ۽ انهن جي ذائقي کي گريدار بيڪن جھڙو ذائقو Nutty, bacon-like taste سڏيو وڃي ٿو. ماکوڙا واحد جنس آھن جيڪو پيٽ ۾ ماکي ٺاھين ٿا.

ماکي جون مکيون پرجهليدار جيت Hymenopterans ناھن جيڪي ماکي ٺاھين ٿيون پر ماکوڙا پڻ ماکي ٺاھين ٿا. ماکوڙا واحد جنس آھن جيڪي پيٽ ۾ ماکي ٺاھين ٿا، انفرادي طور تي انهن کي جوگير Repletes سڏيو وڃي ٿو جن جي پيٽ ۾ ٻوٽن جو رس گڏ ٿئي ٿو ۽ پيٽ وڌندو وڃي ٿو. اھي انگوري پيٽ جي اوسر ڪن ٿا ۽ ٻين ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کان پنھنجو پيٽ مٺاڻي رس سان ڀرائين ٿا. اھي ڪٺي ٿيندڙ ڪنٽينر طور جيئن ٿا.

ماکوڙا يا ماکپيٽا Replets نشاستڪ ڪم ڪندڙ sterile worker ants ڪارڪن ماکوڙا آھن جن کي کاڌي جمع ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن ڪنھن ڏکئي وقت ۾ ماڪوڙا اتان کاڌو حاصل ڪري سگهن.

ماکوڙن جو اھم کاڌي جو ذريعو ريگساني گلن مان ماکي Nector گڏ ڪرڻ آھي. گهڻا ماڪوڙا ڪم ڪندڙ رس کان علاوا ڏينڀن يا ٻين ڪالوني جي جيتن کي ماري انهن جو رس ماکوڙن کي وات ذريعي ڦڙو ڦڙو ڪري ڏين ٿا.

ماکوڙيون Honey pot queen ants، يڪجوڙ monogyn ھڪ ڪالوني تي مقرر ھونديون آھي. ھڪ ڪڪوڙي Myrmecocystus sp queen جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 11 سال ٻڌائي وڃي ٿي. 

جڏھن ٻين ڪالونين جا ماڪوڙا ماکوڙن جو رس پيئڻ لاء يا قبضي لاء اڳڀرائي ڪن ٿا تہ سپاھي ماڪوڙا ڪالوني جي ماکوڙن کي بچائڻ لاء پاڻ کي قربان ڪن ٿا. اھي پاڻ کي ڦاڙي پاڻ مان يا پڇڙ مان شفاف پيلي گهاٽي زھريلي رس پچڪاري طور ڪڍي حملي آور ٻين ماڪوڙن کي ھڻي مارين ٿا جيئن ماکوڙا کائجي نہ سگهجن.

Monday, 15 February 2021

ھرڍو Saiga Antelope 💎اصغرساگر💎

MyDairyAsgharSagar


 


سائنسدانن ھن خوبصورت ڏک واري جانور کي ھرڍو Saiga Antelope سڏجي ٿو. ھي وچ ايشيا جي ميدانن ۾ پاتو وڃي ٿو. ھن کي سونڍ نما نڪ ٿئي ٿو جيڪو سنگهڻ جي وڏي خاصيت رکي ٿو. ھي ھرڻ جي قديم قسم آھي جيڪا پھرين لکن جي تعداد ۾ ھئي ۽ ھاڻي سون جي تعداد ۾ پھچي چڪي آھي پر خوشقسمتي سان ھاڻي ھن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. ھي ھرڻ روس ۔ ازبڪستان ۔ ترڪمانستان ۔ چين ۔ رومان ۔ مالديويا ۽ برنگين اتر آمريڪا وغيرھ ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي ھرڻ تيز رفتار ٿئي ٿو. ھن جي سنڱن کي قيمتي دوائن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. ھن کي وروڪڙا سنڱ ۔ ھاٿي جي سونڍ جھڙو نڪ ۽ ھرڻ وارو جسم ٿئي ٿو. ھي اونھاري ۽ سياري دوران ھڪ ھزار ڪلوميٽر ھجرت ڪري ٿو.

سائنسدانن جي تحقيق مطابق اٽڪل 20 ھزار سال اڳ ھرڍن کي ھڪ جراثيم ڄموڙو Bectrum لڳو جنھن ھنن جي نسل کي گهڻو کٽائي ڇڏيو. ھن کي ڄموڙو تڏھن لڳو جڏھن ھرڍا وچ ايشيا جي چراگاھن ۾ چري رھيا ھئا. جي تحقيق مطابق اٽڪل 20 ھزار سال اڳ ھرڍن کي ھڪ جراثيم ڄموڙو Becterium لڳو جنھن ھنن جي نسل کي گهڻو کٽائي ڇڏيو. ھن کي ڄموڙو تڏھن لڳو جڏھن ھرڍا وچ ايشيا جي چراگاھن ۾ چري رھيا ھئا.

اڄڪلھ ھرڍن جو نسل روس ۾ منگوليا جي علائقي ۾ واڌ ويجھ پائي رھيو آھي. ھاڻي ھنن جو تعداد 50 ھزار جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آھي. ھرڍو جي رفتار تيز ٿئي ٿي. ھي ڪلاڪ ۾ 50 کان 80 ڪلوميٽرن تائين ڊوڙي ٿو. ھن ھرڻ جي وڏي خوبي ھي آھي تہ ھي جاڙا ڦر ڏئي ٿو نتيجي طور روس ۾ ھن جو نسل افزائش ڪري رھيو آھي.

ھرڍي جو گذارو چراگاھن تي رھي ٿو، ان کان سوا سو قسمن کان وڌيڪ ٻوٽا کائي ٿو ۽ گاھن سان ھن جي گهڻي رغبت رھي ٿي. ھي ھرڻ 6 کان 8 ميٽر قد جو ٿئي ٿو ۽ ھن جي پانج ھڪ کان ڏيڍ ميٽر ٿئي ٿي.

Tuesday, 9 February 2021

بوھي منڱ Peanuts 💎صغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


سياري جي آمد سان سردي کان بچڻ لاء جتي ٿلهو لباس پھرجي ٿو، اتي خشڪ ميوا اسان جي خوراڪ ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. انهن خشڪ ميون ۾ بوھي منڱ اچي وڃي ٿو جنھن کي غريب توڙي شاھوڪار شوق ۽ رغبت سان کائن ٿا. بيھي منڱ سياري جي خاص سوغات آھن.

بيھي منڱ تمام ميون ۾ سڀ کان سستو ميوو آھي جنھن کي غريب توڙي امير آساني سان کائي سگهن ٿا. بيھي منڱ اخڙوٽ جو متبادل آھي جيڪي اخڙوٽ خريد ڪري نٿا سگهناھي بيھي منڱ کائي اخڙوٽ جي جزن جيترو فائدو وٺي سگهن ٿا.

بيھي منڱ کائڻ جو پنھنجو مزو آھي، ڪچھري بہ ھلندي رھي ٿي ۽ چس بہ جاري رھي ٿو، بيھي منڱن بھاني دوست يا مٽ مائٽ گڏجي ڳالھ ٻولھ جاري رکن ٿا ۽ بوھي منڱن مان مزو وٺندا رھن ٿا. بوھي منڱن ۾ اھم غذائي عنصر ماسيو Protein ۔ چن Calcium ۔ وٽامن ڊي Vitamin D ۔ نکڻ Niacin ۔ پنوٺو Folate ۔ معدنيٺو Magnesium ۔ وٽامن اي Vitamin A ۽ معدنو Magnese پاتا وڃن ٿا. بوھي منڱ وٽامنن سان لبريز ٿين ٿا جن ۾ گوشت ۔ بيدي ۽ سبزين کان وڌيڪ ماسو Protein پاتو وڃي ٿو جيڪو جسم کي فعال رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

بوھي منڱن ۾ موجود چن Calcium ۽ وٽامن ڊي Vitamin D انساني جسم جي ھڏن ۽ ڏندن مضبوط ڪن ٿا. بوھي منڱن ۾ موجود وٽامن اي Vitamin A ڪينسر خلاف ويڙھ ۾ ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. سائنسي تحقيق مطابق بيھي منڱ سڀن عمر جي ماڻهن ۾ يڪسان مفيد ٿين ٿا ۽ سڀن کي غذائي توانائي ميسر ڪن ٿا.

بيھي منڱ دل جي مرضن ۽ سڪر Sugar جي خلاف سگهارو اوزار آھن. ماھرن مطابق بوھي منڱن جو استعمال سڪر Sugar کي اعتدال رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ڇوجو اھي غذائيت جي کوٽ جو شڪار نٿا ڪن. بيھي منڱ سائي Jaundice ۽ جيري جي سوڄ Hepatitis کي ختم ڪري ٿو ۽ دستن ۾ شفا ڏئي ٿو ڇوجو دستن جو سبب تمڪ تيزاب (رتڪ تيزاب) Nicotenic acid جي کوٽ آھي جيڪا بوھي منڱن کائڻ سان پوري ٿي وڃي ٿي ۽ گڏوگڏ بوھي منڱ نکڻ Niacin جي کوٽ پوري ڪن ٿا.

سائنس مطابق چمھير Hemophilia جھڙي موضي مرض جي شڪار ماڻهن کي بيھي منڱ ڪثرت سان استعمال ڪرڻ کپن ڇوجو انهن ۾ موجود قدرتي فولاد گهرڙا ٺاھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھي رت جي نالين کي صاف ڪري ٿو ۔ رت جي طبعي گرمي برقرار رکي ٿو ۔ عورتن کي نڪسير کان نجات ڏياري ٿو ۽ وزن گهٽ ڪري ٿو. بيھي منڱن کي دوائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھنن مان مٺايون تيار ڪيون وڃن ٿيون. بيھي منڱن کي بسڪيٽن ۔ چاڪليٽن ۔ ڪيڪن ۔ آئس ڪريمن ۽ ٽافين ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

مختلف کاڌن ۾ ڀڃي يا پيھي استعمال ڪيو وڃي ٿو.

بيھي منڱن جو کير ڳئون ۽ مينھن جي کير جيان غذائيت بخش آھي. تحقيق مطابق بيھي منڱن جي اٽي ۾ ڪڻڪ جي اٽي کان وڌيڪ غذائي جزا آھن. ڀڃيل بيھي منڱن کي پيھي تيل يا مکڻ ڪڍيو وڃي ٿو. ھي مکڻ سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. بيھي منڱن ۔ ساون ڌاڻن ۔ سائي مرچ ۔ سائي ٿوم ۽ لوڻ مان چٽڻي ٺاھي وڃي ٿي جيڪا لذيذ ٿئي ٿي.

بيھي منڱن کي ذائقيدار کاڌن ۽ ڀاڄين ۾ پوڊر طور وڌو وڃي ٿو. بيھي منڱن جي کائڻ سان چمڙي جي خوبصورتي وڌي ٿي ۔ چھرو ترتازو رھي ٿو ۔ جلدي پوڙھائپ کان نجات ملي ٿي.



بيھي منڱ ھڪ خشڪ ميوو:

آنلائين جريدي ”جاما انٽرنيشنل ميڊيسن“ ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي شايع ٿيندڙ تحقيق مطابق جيڪي ماڻهو بيھي منڱ کائيندا رھن ٿا انهن جي عمر وڏي ٿئي ٿي. تحقيقي ٽيم جي اڳواڻ  زائو او شو مطابق بيھي منڱ درجابندي طور ڦرين ۾ شمار ٿين ٿا ۽ انهن کي خشڪ ميوو نٿو چئي سگهجي پر بيھي منڱن جا جزا خشڪ ميون جي جزن سان ملن ٿا. ھن تجويز ڪيو تہ جن کي بيھي منڱن کائڻ سان ڇپاڪ Elergy نٿي ٿئي انهن کي دل کولي بيھي منڱ کائڻ کپن، صحت ۾ فائدا وڌيڪ ۽ گري وارن ميون کان سستو بہ.


سڪر Sugar جي رت جي حد کي پورو پنو رکندڙ:

سڪر جي مريضن جي رت حد پوري پني رکڻ ۾ بيھي منڱ سٺو ڪردار ادا ڪن ٿا. بيھي منڱن ۾ مٺرت شرح Glycemic Index ۽ مٺرت ڪوڊ  Glycemic code گهٽ رھي ٿو ان ڪري بيھي منڱ سان شڳر کي فائدو پھچي ٿو.

شڳر جي مريضن جو جي آء اسڪور ٻڙي کان 100 جي وچ ۾ رھي ٿو. ان سان انهن کي معلوم ٿئي ٿو تہ انهن کي ڪيتري نسريڻ Insulin جي ضرورت آھي ۽ انهن کي ڇا کائڻ کپي. پاڻي شڳر جي مريضن کي متاثر نٿو ڪري ڇوجو ان جو جي آئي اسڪور ٻڙي آھي جڏھن تہ 100 جي آء اسڪور رکڻ واري غذا خالص ٿئي ٿي.

سڪر جو ھڪ عام پيمانو مٺرتي انگ Glacemic load جي ايل آھي جنھن ۾ غذا ۾ نشادتي جي مقدار ۽ جي آء اسڪور نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. 10 يا ان کان گهٽ جي آء اسڪور رکندڙ غذائن جو اثر سڪر Sugar جي سطح تي گهٽ پوي ٿو. بيھي منڱن جو جي آء اسڪور 14 پر جي ايل اسڪور ھڪ آھي جيڪو بيھي منڱن کي شڳر جي مريضن لاء بھترين قرار ڏئي ٿو.

رت جي شريانين سان لاڳاپيل مرض سڪر ڏي نشاندھي ڪن ٿا ۽ سڪر جي مريضن کي اھڙين غذائن جو انتخاب ڪرڻو پوي ٿو جيئن رت جي شڳر حد ضابطي ۾ رھي ۽ فالج ۽ دل جي مرضن جو خطرو گهٽ رھي. 

آمريڪن ھرٽ ايسوسيئيشن مطابق بيھي منڱ ۾ موجود معدنيات ۽ تاندورا دل جي لاء فائديمند ٿين ٿا جيڪي رت جي چاڙھ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ تاندورن جي ڪري پيٽ ڀريل ٿئي ٿو ۽ ھي جز شڳر جي حد کي گهٽ ڪري ٿو.

سائنسي تحقيق مطابق وڌيڪ تاندورن جو استعمال سڪر نمونو 2 Sugar type 2 جي خطري کي 20 کان 30 سيڪڙو هٽائي ٿو. عورتون ڏينھن ۾ بيھي منڱ 25 گرام ۽ مرد 38 گرام استعمال ڪن.


پت Cholesterol گهٽائيندڙ:

بيھي منڱ خراب پت کي خارج ڪن ٿا ۽ سٺي پت کي وڌائن ٿا. بيھي منڱن ۾ موجود يڪ چڪيل چرٻ تيزاب Mono saturated fatty acid رت جي شريانين جي بيماري جي روڪٿام ڪن ٿا.

 

فالج جو خطرو گهٽائيندڙ:

بيھي منڱن کائڻ سان نائٽرڪ آڪسائيڊ جو عمل بھتر ٿئي جنھن جي نتيجي ۾ فالج جو خطرو گهٽ رھي ٿو.


دل لاء مفيد:

بيھي منڱ ۾ اعلا درجي جي ماسيو Protein موجود ٿئي ٿي. ھن ۾ وٽامن اي ۔ مفيد روغن ۔ فولاد ۽ تاندورا دل جي بيمارين خلاف قوت مدافعت پيدا ڪن ٿا. سائنسدانن جي تحقيق مطابق گريدار خشڪ ميوا جيئن نيزا ۔ پستا ۔ اخڙوٽ يا بيھي منڱ کائڻ سان دل جا عارضا گهٽ ٿين ٿا ۽ بيھي منڱ کائڻ سان عمر ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ وڏي عمر ملي ٿي. جيڪي روز بيھي منڱ کائن ٿا انهن ۾ عام ماڻهن کان 17 سيڪڙو دل جا مرض گهٽ رھن ٿا.


چمڙي کي تحفظ ڏيندڙ:

بيھي منڱن ۾ موجود وٽامن اي Vitamin E، ڦنگيڙي ڇوت Fungal infection کان بچائي ٿي ۽ چمڙي ۽ جهلي جي گهرڙن کي محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جنھن سان فري ريڊيڪلن کي روڪڻ ۾ مدد ملي ٿي.


پتي جي مرضن کان محفوظ ڪندڙ

جيڪڏھن ڪو ماڻهو ھفتي ۾ 29 گرام بيھي منڱ کائي تہ پتي جي مرضن ۽ پتي جي پٿري جا خطرا 25 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا.


 ٿولھ کان بچائيندڙ:

عورتن توڙي مردن ٿولھ جا امڪان رھن ٿا پر بيھي منڱن کائڻ سان چرٻي وڌي نٿي. عورتن کي ھفتي ۾ ٻہ ڀيرا بيھي منڱ کائڻ کپن ڇوجو بيھي منڱن ۾ موجود معدنا Magnese ۽ چن Calcium جسم کي چرٻي ۽ نشاستي کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.


مونجھ Depression گهٽ ڪندڙ:

جڏھن جسم ۾  جي کوٽ ٿئي ٿي تہ مونجھ، سنريڻ Serotonin جو عارضو پيدا ٿئي ٿو. بيھي منڱن ۾ موجود ٺپٽو Tryptophan، سنريڻ Serotonin جي اخراج کي وڌائن ٿا جنھن سان مونجھ جو عارضو گهٽ ٿيندو وڃي ٿو.


احتياط:-

ھر شي ۾ اعتدال ضروري آھي. بيھي منڱ گهڻي کائڻ سان معدي ۾ تيزابيت وڌي ٿي ۽ بدھضمي ٿي وڃي ٿي. سائي ۽ پيٽ جي مريض ماڻهن کي بيھي منڱن کان پرھيز ڪرڻ کپي. جن کي زڪام يا نزلو آھي انهن کي بيھي منڱن کان پرھيز ڪرڻ کپي.

جن ماڻھن کي خارش جو عارضو ٿئي ٿو انهن کي بيھي منڱ نہ کائڻ کپن ڇوجو خارش جو مرض وڌي سگهي ٿو.

جيڪي عورتون پيٽ سان آھن انهن کي بيھي منڱ نہ کائڻ کپن ڇوجو پيٽ ۾ ٻار کي نقصان ٿي سگهي ٿو.

جن ماڻهن کي دم يا ساھ جو عارضو آھي اھي ٿورا بيھي منڱ کائن، نقصان نہ ٿيندو باقي گهڻي انداز ۾ کائڻ سان نقصان ٿي سگهي ٿو.

جن کي معدي ۾ تيزابيت آھي اھي بيھي منڱن کان دور رھن ڇوجو خشڪ ميوا گرم تاثير رکن ٿا.

جن کي بيھي منڱ کائڻ سان ڇپاڪ Elergy ٿئي ٿي انهن کي بيھي منڱ نہ کائڻ کپن. 

جن بيھي منڱن ۾ لوڻ ۔ کنڊ ۽ سوادي شيون جن ۾ بيھي منڱ مليل ٿين ٿا اھي نہ کائڻ کپن. 28 گرام بيھي منڱن ۾ 161 حرارا Calories ٿين ٿا پر سپر اسٽورن تان ورتل بيھي منڱن ۾ وڌيڪ حرارا ٿين ٿا اھي نہ کائڻ کپن.

بيھي منڱن کي وڌيڪ پڪايو نہ وڃي انهي عمل سان موجود ڪيميائي جزا ضايع ٿي وڃن ٿا.

Monday, 8 February 2021

ٻاڌرِيڻ ھڪ پيار حرڪيرو Oxytocin, a love harmone 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

جذبات جا ڪل چار حرڪيرا Harmone ٿين ٿا.

سَڪنِيڻ                   Dopamine

تَنرِيڻ                       Endorphin

سَنرِيڻ                      Serotonin

ٻاڌرِيڻ                        Oxytocin

سَڪنِيڻ ۔ تَنرِيڻ ۔ سَنرِيڻ ۔ ٻاڌرِيڻ کان علاوا ٻيا حرڪيرا دماغ کي متاثر ڪن ٿا ۽ محبت جو احساس ڏيارين ٿا خاص طور تي ٻاڌرِيڻ اولاد جي محبت سان گڏ سماجي ٻنڌڻن سان سرشار ٿئي ٿي. ٻاڌريڻ Oxytocin يا ٻاڌر حرڪيري Oxytocin harmone  کي گرم جهيڻو حرڪيرو Warm fussy harmone ڄاتو ويو آھي جيڪو پيار جي جذبن ۔ سماجي ٻنڌڻن ۽ چاڪائي کي فروغ ڏئي ٿو. انهي کي ڳڻتي روڪ ڊرگ طور بہ پرکيو ويو آھي. پر نيو نارٿ ويسٽرن ميڊيسن جي تحقيق ڏيکاري ٿي تہ ٻاڌريڻ جذباتي درد جو سبب بنجي ٿي جيڪا حرڪيري لاء وسيع طور تي نئين ڪاري ترين سڃاڻپ رکندڙ آھي.

جڏھن ٻار ماء جي پيٽ ۾ پلجي ٿو تہ ٻاڌرِيڻ Oxytocin تنگيون پيدا ڪري ٿي، رکي رکي ماء کي درد ڏيندي آھي جنھن سان ٻار جي صحت تي بھتر اثر پوي ٿو ۽ ٻار جي واڌ ويجھ بھتر نموني ٿئي ٿي. جڏھن ٻار ڄمي ٿو تہ ٻاڌرِيڻ ماء جي مونجھ جي حد گهٽائي ٿي ۽ ھن کي سڪون ڏئي ٿي. درحقيقت ٻاڌرِيڻ حاملا عورت جي ٻار جي ڄمڻ واري درد کي وسارڻ ۾ مدد ڪري ٿي ان ڪري ٻاڌرِيڻ عورت جي حمل ۽ ٻار جي پيدائش دوران اھم ڪردار ادا ڪري ٿي.

ٻاڌرِيڻ Oxytocin عورت جي طاقتور تنگين کي توانائي ڏئي ٿي ۔ ٻَچيناڙ Cervix جي منھن کي کولي ٿي ۔ ٻار کي ھيٺ موڪلي ٿي ۽ جنم ڪينال Birth canal مان ڪڍي ٿي ۔ ان کي فرج مان ٻاھر ڌڪي ٿي ۽ اورجهلي Placenta جي خارج ٿيندڙ رت کي روڪي ٿي.

ٻاڌرِيڻ، مشڪن Muscles جي چوڌاري کير ٺاھيندڙ غدودن making glands۔Mik کي سوڙھو ڪري کير جاري ڪري ٿي. جڏھن غدود سوڙھا ٿين ٿا تہ اھي ببن کي نپوڙي کير کي کير نالين Milk duct ۾ آڻين ٿا. کير ناليون ٿڻکير Milk breast کي ببن ڏي ڌڪي بونبڙين تائين آڻي ٿيون جنھن کي ٻار ڌائي ٿو.

ٻار ڄمڻ کان پھرين ٻاڌرِيڻ Oxytocin پيدا ڪن ٿا ۽ ائين لڳندو آھي تہ اھي نوجوانن وانگر ذميوار آھن. مثال طور پيٽ ۾ چمڙي در چمڙي وارو رابطو skin-to-skin contact ماء ۽ ٻار ۾ ٻاڌرِيڻ پيدا ڪري ٿو.

عڪسي ٻاڌرِيڻ Oxytocin reflex کي عڪسي کير نيڪار Letdown reflex يا کير ڇوڙ عڪس Milk ejection reflex چئبو آھي. ٻاڌرِيڻ کيراسي prolactin کان وڌيڪ جلدي پيدا ٿئي ٿي. اھا کير کي جلدي ٿڻن ۾ آڻي ٿي ۽ ٻار کي کير وٺڻ ۾ آساني ڏئي ٿي.

ٻار جي پيدائش کان پوء ماء جي جسم ۾ ڪثرت سان ٻاڌرِيڻ پيدا ٿئي ٿي جنھن سان ٻار ۽ ماء جي بندڪاري Bonding ٿئي ٿي جيڪا عمر ڀر قائم رھي ٿي. ان کان علاوا جڏھن ماء پنھنجي ٻار کي کير پياري ٿي تہ بہ ٻاڌريڻ Oxytocin ڪثرت سان پيدا ٿئي ٿي جنھن سان ٻار جي ماء سان بندڪاري وڌي ٿي. ماء جي کير ۾ بہ ٻاڌريڻ ٿئي ٿو جيڪو ٻار جي پيدائش کان پوء وڌڻ شروع ٿي وڃي ٿو جنھن جي ڪري ٻار جي جسم ۾ بہ ٻاڌرِيڻ وڃي ٿو ۽ ٻار ۾ ماء جي بندڪاري ڪري ٿو. پيء جي جسم ۾ بہ ٻار جي پيدائش کان پوء ٻاڌريڻ جي مقدار وڌي وڃي ٿي جنھن سان پيء ۽ ماء جي بندڪاري ٿئي ٿي.

پي ماء وانگر 9 مھينا ٻار جو انتظار ڪري ٿو ۽ ھي جسماني طور ٻار جي سار سنڀار لاء تيار ھوندو آھي. جڏھن ٻار پيدا ٿيندو آھي تہ ان وقت ان جي جسم ۾ ٻاڌرِيڻ جو وڌيڪ مقدار اچي وڃي ٿو. ائين ٻار ۽ پي جي بندڪاري ٿي وڃي ٿي جيڪا عمر ڀر قائم رھي ٿي.

ٻار جيئن پيدائش وٺي ٿو تہ ماء جي جسم ۾ ٻاڌرِيڻ جي پيدا ٿيڻ جا سلسلا شروع ٿي وڃن ٿا ۽ ڇھن مھينن تائين ٻاڌرِين گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿي جيڪا سال تائين ڀرپور رھي ٿي

جيڪي ٻار والدين وٽ پلجن ٿا انهن جي جسم مان ٻاڌرِيڻ زيادھ مقدار ۾ نڪري ٿي پر جيڪڏھن ٻار والدين بجاء مائٽن وٽ آھي، اتي ٻاڌرِيڻ گهٽ رھي ٿي ڇوجو انهن جي بندڪاري والدين سان ٿيل رھي ٿي.  جڏھن ٻار وڏا ٿي وڃن ٿا انهن ۾ ايتري بندڪاري نٿي رھي جيتري ننڍي عمر ۾ ھئي.

جڏھن پيدائش جي وقت ماء پنھنجي ٻار کي کير پياري ٿي تہ ان وقت وڌيڪ ٻاڌرِيڻ پيدا ٿئي ٿي. اھڙي جڏھن مرد ۽ عورت ميلاپ ڪن ٿا تہ ان وقت بہ ٻاڌريڻ پيدا ٿئي ٿو. جڏھن اسان ڪنھن کي ڀاڪر پايون ٿا يا ھٿ ملايون ٿا ان وقت بہ ٻاڌريڻ پيدا ٿئي ٿي. ھي ٻاڌريڻ خوشي جي شدت کي ظاھر ڪري ٿي.

پي کي ٻئي ڪنھن ھنڌان ٻاڌرِيڻ نٿي ملي پر اھا ھر انسان جي جسم ۾ ٿئي ٿي. ٻاڌريڻ دماغ جي حصي مغزوٽي Hypothalamus ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ پوء جهاڳ غدود Pituitary gland جي تنتيسري Neurophysis ۾ ڪٺي ٿئي ٿي ۽ پوء اتان رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿي جنھن سان توھان پاڻ کي سٺو محسوس ڪريو ٿا ۽ خوش خرم لڳو ٿا تہ ٻاڌرِيڻ، تنفوذن Neurotransmitters ذريعي خارج ٿئي ٿي. اھڙي طرح ماء پي پنھنجي اولاد لاء پيار محسوس ڪن ٿا. انهي پيار محسوس ڪرڻ ۾ ٻاڌريڻ يا ٻاڌر حرڪيرو موجود رھي ٿو.

Thursday, 4 February 2021

اسان ٿلها ڇو ٿا ٿيون؟ ?Why we become fat 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


بک ھڪ اھڙو حواس آھي جيڪو اسان کي کاڌي ڏي راغب ڪري ٿو. بک جي حس کي دماغ جو حصو مغزوٽو Hypothalamus ضابطي ۾ رکي ٿو جيڪو سَڪرت حد Blood sugar (Glucose) level کي ضابطي ۾ رکي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو تہ معدو خالي آھي ۽ پيٽ ڀرائي جي صورت ۾ ٻڌائي ٿو تہ معدو ڀريل آھي.
معدي ۾ ھڪ حرڪيرو گِهرلو حرڪيرو Ghrelin ٿئي ٿو جيڪو معدي ذريعي پيدا ٿئي ٿو ۽ خارج ٿئي ٿو ۽ ننڍي پيماني تي لبلبي ۽ دماغ ۾ مَغزوٽي Hypothalamus ۾ پڻ پيدا ٿئي ٿو. گِهرلو جيوگيري رستي Homeostatic pathways وسيلي بک ۽ ڍئو جا پيغام ڪڍي ٿو ۽ بک پيدا ڪري ٿو، ھن کي بک حرڪيرو Hunger hormone سڏيو وڃي ٿو ڇوجو اھو بک لڳائي ٿو ۔ اندروني کاڌي کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ چرٻي کي وڌائي ٿو.
سائنسدانن جي تحقيق مطابق سائنسدانن دماغ جي اھڙي حصي جو مشاھدو ڪيو جنھن کي نليو ناڀ Tuberal nucleus سڏجي ٿو، ھي ايراضي دماغ جي حصي مَغزوٽي Hypothalamus ۾ موجود ٿئي ٿي جيڪا بک ۔ اڃ ۽ جسماني گرمي پد کي ضابطي ۾ رکي ٿي. مَغزوٽو Hypothalamus ھن ايراضي سان بک ۽ جذبي جو احساس ڏياري ٿو.
جڏھن انسان وڌيڪ کائي ٿو ۽ ڪم گهٽ ڪري ٿو تہ توانائي ھن جي جسم جي اندر بڻجندي رھي ٿي ۽ استعمال نہ ٿيڻ جي صورت ۾ پت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهو ٿلهو ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو.
انسان جي جسم ۾ چرٻي ذخيرو آھي جيڪا خرچ ڪبي تہ جسم سڊول رھندو ۽ خرچ نہ ڪبي تہ جسم ٿلهو ٿيندو. اسان چرٻي کي حرارن Calories جي صورت ۾ خرچ ڪريون ٿا. جيڪڏھن اسان حرارا گهٽ خرچ ڪريون ٿا تہ اھي چرٻي جي صورت ۾ جسم ۾ گڏ ٿيندا رھن ٿا ۽ ٿولھ پيدا ڪن ٿا. حرارن کي وچٿرو رکڻ لاء پنھنجي خوراڪ گهٽ ڪجي ۔ ورزش ڪجي ۔ چھل پھل ڪجي. ڪڏھن ڪڏھن جينياتي نقص جي ڪري ٿولھ غالب پوي ٿي پر ٿولھ جا ٻہ وڏا سبب وڌيڪ کاڌو کائڻ ۽ ورزش ڪرڻ ناھي.
 صرف ورزش ڪرڻ ۽ حرارن گهٽائڻ سان اسان جي ٿولھ گهٽ ٿئي ٿي، ھي ھڪ غلط فھمي آھي.
رکاڌ Diet تي ضابطي لاء پھرين مستقل کاڌي کي گهٽ ڪجي ۽ گڏ ورزش ڪجي جيئن حرارا سڙن ۽ حرڪيرن ۾ گڙٻڙ پيدا نہ ٿئي ڇوجو حرڪيرن Harmones جي گڙٻڙ دماغ ۾ بک ۽ پيٽ ڀرائي وارن احساس پيدا ڪندڙ حصن ۾ گڙٻڙ پيدا ڪري ٿي جنھن سان بک گهڻي لڳي ٿي ۽ پيٽ ڀرجڻ جو احساس دير سان ٿئي ٿو نتيجو اھو نڪري ٿو جو کائيندڙ گهڻو کائي وڃي ٿو ۽ دماغ جي حصي مغزوٽي Hypothalamus کي معدي جي گِهرلي حرڪيري Gherlin طرفان ڍئو ھجڻ جو پيغام نٿو ملي ۽ ماڻهو ماني گهڻي کائي وڃي ٿو. ان ڪري بھتر حل ھي آھي تہ بک رکي کاڌو کاڌو وڃي. ھي مشڪل ڪم آھي پر ناممڪن ناھي. اھم ڳالھ ھي آھي جيڪڏھن گهڻو کائبو ۽ حرارا وڌيڪ پيدا ٿيندا ۽ ورزش سان ٿولھ کي گهٽائي نٿو سگهجي.

Monday, 1 February 2021

ڦنگوڙا Ophiocordyceps unilateralis 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


ڦنگوڙا گرم خطن ۾ ڪاٺي ماڪوڙا آھن. ھن کي ڦنگوڙو Ophiocordyceps unilateralis سڏجي ٿو، ڪڏھن ڪڏھن ھن کي زومبي ڦنگي ماڪوڙو Zombie ant fungus پڻ سڏجي ٿو. ڦنگس Fungus خاص ڪري ماڪوڙي کي وڻ جي پن يا ڪاٺي سان لڳائي ان کي اتي چپڪائي ٿو ۽ ماڪوڙي کي ماري ٿو.

جڏھن ڦنگس ماڪوڙي يا ٻئي ڪنھن جيت کي لڳي ٿو تہ ان جيت جو دماغ بنا حواس ڪم ڪري ٿو. اھو جيت ڦنگوڙي Ophiocordyceps unilteralis ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، ھي

 بي دماغ ھلي ٿو ۔ ٻوٽا کائي ٿو ۽ پن جي سطح کان ھيٺ لڙڪي ٿو.

بالغ ماڪوڙا، ڦنگس ورتل ماڪوڙي کان خبردار رھن ٿا، اھي ڦنگي ماڪوڙي کي آکيري جھڙي خاص خاني ۾ کڻي پرتي کڻي وڃن ٿا ۽ ڪي وري پورين ٿا.

ڦنگس جو جتي ٻوٽن تي اثر پوي ٿو اتي ريڙھاڪن تي پڻ پوي ٿو. ڦنگس خود خوفناڪ روپ ۾ شڪار ڪري ٿو. ڦنگس جڏھن ميزبان جيت جي جسم ۾ اچي بنياد وجهي ٿو تہ جسم ۾ پنھنجو چڪر پورو ڪري ان جيت کي ماري ٿو. ڪوريئڙو ۔ مک ۔ ماڪوڙو ۔ تڏ يا اڪ مڪڙ ڦنگس جا شڪار ٿين ٿا. ماضي ۾ ھن کي مفتخورو ڦنگيو نالو ڏنو ويو پر نالي کي بدلڻو پيو ڇوجو مفت خورو گهٽ ۾ گهٽ ميزبان کي جيئڻ ڏئي ٿو پر ھتي ميزبان جيت لاء موت تاڙ ۾ رھي ٿو.

تدريسي حلقن ۾ خوردبين روڳو Anonimo pathogenic جو نالو ڏنو ويو. ھي ايمزون جي جنگلن ۾ پاتو وڃي ٿو. ھن گروپ جي جنس کنڀيڙ Cordyseps بدنام قاتل آھي جيڪا ڦنگس جي ڪري پيدا ٿيندڙ کنڀي آھي. ھي جنس گئس جي تبادلي دوران ھڪ مخصوص ڦنگس سان ماڪوڙي جي جسم ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. پھرين علامت ۾ ڦنگس ماڪوڙي جي جسم ۾ افزائش ڪري ٿو ۽ ماڪوڙي جي جبلي طرز واري زندگي تي قبضو ڪري ٿو. ڦنگوڙو ڦنگي Fungi جي مفاد ۾ مٿي چڙھندو وڃي ٿو، ائين ٻين جيتن کي پڪڙ ڪري پنھنجي واڌ ويجھ ڪري ٿو. بلڪل ھن کي شڪاري ڦنگي کان حڪم آھي جو ماڪوڙو پورو ڪي ٿو. ڦنگي، ماڪوڙي کي مٿي وٺي وڃي ٿو. ھيٺ ھن جي مھارن پنن جي ڪاٽ سان مضبوط  جهل ڏيئي اتي بند ڪري ٿو. ڦنگس آھستي آھستي ماڪوڙي کي کمڀي جي صورت ۾ تبديل ڪري توانائي طور استعمال ڪري ماڪوڙي کي دردناڪ موت ماري ٿو. کنڀيون ماڪوڙي جي جسم کي ڦاڙي نڪرن ٿيون ۽ مردار جسم خوراڪ جو ذريعو بنجي وڃي ٿو. ھي کنڀيون ھوا جي آڌار تي پنھنجي ٻور کي پکيڙي اڳئين ميزبان جي تلاش ۾ زندگي ۽ موت جي راند کي جاري رکن ٿيون. زومبي ماڪوڙا وري مٿي چڙھڻ جاري رکن ٿا. ماڪوڙن جا سڪل حنوط ٿيل لاشا ممين وانگر وڻن جي اوچائين تي موجود رھن ٿا جن جي اندران کمڀيون ڦٽي نڪرن ٿيون.

سائنسي تحقيق مطابق ڦنگس انسانن لاء خطرناڪ ناھي جيڪڏھن ھي ڦنگس انسان کي لڳي ٿو ان تي اثر نٿو ڪري ڇوجو انسان جو رت ماڪوڙين کان وڌيڪ مدافعت رکي ٿو. 

Saturday, 30 January 2021

سيلهاڙو Porcupine 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


سيلهاڙو سيلھدار جانور ٿئي ٿو. ھن جي جسم تي سيلها ٿين ٿا جيڪي ھن کي شڪاري جانورن کان بچائين ٿا. ھن جا سيلها ايترا خطرناڪ ٿين ٿا جو جنگل جو بادشاھ ھن کان ڊڄي ٿو. ھن جا سيلھا دراصل ھن جا وار ٿين ٿا جيڪي پاڻ ۾ جڙي سيلهن جي شڪل اختيار ڪن ٿا. ھن جي سيلهن جي اھڙي ترتيب ٿئي ٿي جيڪڏھن ڪنھن جانور کي لڳن، ان جي اندر ھلندا ويندا ۽ ٻاھر نہ نڪرندا. حملي آور جانور ھن جي ڪنڊن جو شڪار ٿي دردناڪ موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو. 
سيلهاڙي جو خاندان سيلهاڙ Hystricidae آھي يا سيلهاڪ Erethizontidae آھي.

سيلهاڙو ڀونڀن Mammals ۾ شمار ٿئي ٿي. ھن جي سراسري عمري 5 کان 7 سال ٿئي ٿي. ھن جي پانج 25 کان 36 انچ ٿئي ٿي. ھن جو وزن 12 کان 35 پائونڊ ٿئي ٿو.
سيلهاڙي کي لاطيني زبان ۾ سيلهو مرون Quill pig سڏجي ٿو. ھن جون 12 جنسون ٿين ٿيون. ھن جو جسم سيلهن سان ڀريل ھوندو آھي جيڪي تکا ٿين ٿا جن جي ڪري حملي آور جانور ھن کي آساني سان لقمو بنائي نٿو سگهي. آفريڪي سيلهاڙي Africa's crested porcupine جا پير وڏا ٿين ٿا.
سيلهاڙي کي مٿي تي نرم وار ٿين ٿا پر پٺي ۽ پڇ تي تکا سيلها ٿين ٿا. سيلها ھن جي جسم تي چپترا پيل ھوندا آھي جيسين ڪو جانور ھن کي نہ للڪاري، پوء ھي اڀن سيلهن سان متوجھ ٿئي ٿو. سيلهاڙو پنھنجن سيلهن کي اڇلائي ھڻي نٿو سگهي پر ڇھڻ سان ڪيئي سيلها ھڻي سگهي ٿو.

ڪيترائي جانور سيلهاڙي تي حملي ڪرڻ کان ٽھندا آھن ڇوجو ھن جي ڇھاء سان سيلها جانور جي جسم ۾ ھليا وڃن ٿا. سيلهاڙن جا سيلها جڏھن ختم ٿي وڃن ٿا تہ اھي وري نئين سر ڦٽن ٿا. ھڪ سيلهاڙي کي جسم تي ٽيھ ھزار سيلها ٿين ٿا. ھن جو پڇ پڪڙ جوڳو ٿئي ٿو جيڪو پڪڙ سان وڻ تي چڙھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھي اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۔ آفريڪا ۔ ايشيا ۔ يورپ ۽ ڪئناڊا ۾ ملي ٿو جيڪي وڏي جسم وارا ٿين ٿا. ھي جانور وڻن جي قدرتي کل کائن ٿا ۽ ان کان علاوا ميوا ۽ پن پڻ کائن ٿا. ھي جانور پٽن ۔ ريگستانن ۽ جنگلن ۾ رھي ٿو. ھن جا ڦر جڏھن ڄمن ٿا اھي ٻن مھينن ۾ ھلڻ ڦرڻ جھڙا ٿي وڃن ٿا.سائنسي تحقيق مطاق، سيلهاڙا دردناڪ گهٽ پر موتمار وڌيڪ ھوندا آھن. انهن کي ڪنھن کي مارڻ جو خوف نہ ھوندو آھي.

سيلهاڙا سھپدار ھوندا آھن، جيڪڏھن انهن کي انهن جي حال تي اڪيلو ڇڏيو وڃي پر جڏھن ڪو ماڻهو ھنن کي ڇيڙي ٿو تہ سيلهن ڪنڊن سان حملو ڪن ٿا، ھنن جا سيلها ڪنڊا جسم ۾ کپي وڃن ٿا ۽ ٻاھر ڪونہ نڪرن ٿا. ان کان سوا ھي جانور ريٻي وائرس Rabies جو سبب بنجن ٿا. جيڪڏھن ھي جانور ڪنھن انسان کي ڇھي ٿو تہ جلدي ان کي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کپي ڇوجو ھن جي سيلهن ڪنڊن جي ڇوت خطرناڪ ٿئي ٿي.

سيلهاڙا جنگل ۾ ڪجھ جانورن وانگر مسئلو نٿا بنجن. رڇ وانگر ھي وڻن تي چڙھن لھن ٿا ۽ ميون کي ھيٺ ڪيرائن ٿا جن سان جنگل جي وڌيڪ واڌ ويجھ ٿئي ٿي.

ھي جانور محفوظ شمار ڪيا وڃن ٿا پر تنھن ھوندي بہ بگهوڙا Coyotes ۔ ڪوڳا Cougars ۔ ببر ٻلا Bobcats ۔ بگهڙ Foxes ۔ جاٻلا Lynxes ۔ رڇ Bears ۔ لومڙ Wolves ۽ سڱا چٻرا Even Great Horned Owls ھن جي منھن کي چڪ ھڻي ھن جو شڪار ڪن ٿا ۽ اندرين اوجھ کي کائن ٿا.

Sunday, 24 January 2021

مڇڪو Pakicetus 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 


مڇڪو جانور بحري ببدار Amphibious cetacean جانور رھيو آھي جيڪو مڇاڪ Pakicetidae خاندان سان واسطو رکي ٿو جيڪو اڳاد Eocene ۾ مقامي Endemic جانور ھيو. ھي ڪتي جھڙو جانور ھيو جيڪو پاڻي ۾ مڇيون شڪار ڪندو ھو ۽ ٻاھر بہ ننڍا جانور ماريندو ھيو. مڇڪي جي ھڏي وارا ڪن مگر مڇ سان ملن ٿا. ھن جي ٽڻي جو ھڏو پيراڱرو آھي جيڪو تراکڙن ڀونڀن  Even-toed hoofed mammals سان ملي ٿو جن ۾ ھپوڙا Hippos ۔ رڍون Sheeps ۔ ڳئون Cows ۔ مرون Pigs ۔ ھرڻ Deer ۔ زراف Giraffes ۔ مرگھ Antelopes ۽ بحروٿڻا cetaceans شامل آھن بحروٿڻا جيڪي پيراڱرا Artiodactyls آھن.

اڄ کان تقريبن 5 ڪروڙ سال 60 لک سال اڳ اٽڪ ۽ فتح جنگ شھر جي درميان ڪارو چٽو جبلن جو سلسلو آھي. لکين سال اڳ ھي جابلو سلسلو سمنڊ ۾ ھيو. مڇڪو جانور ھن سمنڊ جي گھري پاڻي ۾ شڪار ڪندو ھيو۔ مانگر مڇ کي مڇي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جڏھن تہ مانگر مڇ جو شمار ڀونڀن ۾ ٿئي ٿو. اھو بہ ھن سمنڊ ۾ موجود ھيو. مڇڪو گوشت خور شڪاري جانور ھيو جيڪو پانج وارو ۔ ڊگهي ٻوٿاڙي وارو ۔ مضبوط مھارن وارو ۽ تيز ڏندن سان گڏ پڇ وارو جانور ھو. بنيادي طور تي ھي خشڪي وارو جانور ھيو پر شڪار لاء پنھنجو گهڻو وقت پاڻي ۾ گذاريندو ھيو. ھن جي پانجي جسامت ھن کي ترڻ ۽ غوطي ھڻڻ ۾ مدد ڪندي ھئي ۽ ڊگهين مڇين کي پڪڙڻ ۾ سھولت ڏيندي ھئي.

مڇڪي جي پانج 7 فٽ ھئي جڏھن تہ ھن جو وزن 50 پائونڊ جي لڳ ڀڳ ھيو.

بنيادي طور تي ھي جانور مڇيون ۽ ٻيا آبي جانور کائيندو ھيو تڏھن بہ زميني جانورن جو شڪار پڻ ڪندو ھيو.

مڇڪي جو پھريون ڍانچو سال 1981ع ۾ اٽڪ ۾ ڪاري چٽي پھاڙ ۾ مليو. ھي جانور آثارقديما وارن لاء معمو ھيو ڇوجو ھن جسم زميني جانورن سان ملندڙ جلندڙ ھيو جڏھن تہ کوپڙي مانگر مڇ سان ملندڙ ھئي ۽ گوڏا سبزي خور جانورن سان ملندڙ ھيا.

سال 2001ع ۾ ھن جا وڌيڪ ڍانچا مليا جيڪي ڪافي حد تائين مڪمل ھيا. طويل تحقيق بعد مڇڪي کي مانگر مڇ جو نسل قرارڏنو ويو. چيو وڃي ٿو تہ مڇڪو جو نسل 4 ڪروڙ 10 لک سال ختم ٿي ويو جڏھن اٽڪ وارو جابلو سلسلو خشڪي ۾ اچي ويو ۽ مڇڪي جو نسل سمنڊ نہ ھئڻ ڪري پڄاڻي تي پھتو.

Thursday, 14 January 2021

پومڙو Western pygmy possum 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

پومڙو آسٽريليا جي ڌرتي تي خوبصورت جانور ٿئي ٿو. پومڙي کي ڏاکڻو مغربي پومڙو Southwestern pygmy possum ۽ مونڊڙو Mundarda پڻ سڏيو وڃي ٿو.

جينياتي تحقيق ٻڌائي ٿي تہ پومڙو مغربي ڄامڙو ڳوٿاڪ آھي پر ھن کي پوچاڪ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. پوچاڪ ۽ ڳوٿاڪ ۾ ھي فرق آھي تہ پوچاڪ وڏا جانور ٿين ٿا جن کي جسم اندر پوچڪو ٿئي ٿو ۽ ڳوٿاڪ ننڍڙا جانور ٿين ٿا جن کي جسم ۾ ننڍڙو ڳوٿڪو ٿئي ٿو. ھي جانور ننڍي خاندان ڳوٿاڪ Possum يا آڳوٿاڪ Opposum ۽ گڏيل طور تي پوچاڪ Marsupial خاندان سان واسطو رکن ٿا. ھن جانور کي پوچاڪ ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو ھي ڪينگرو وانگر جسم اندر ڳوٿڪو رکي ٿو جنھن ۾ ٻچن کي کڻي ھلي ٿو. ھن جو خاندان 80 لک سال پراڻو آھي. پومڙو اھو ڳوٿاڪ آھي جيڪو پڇ سان ڪئي جھڙو ٿئي ٿو جنھن سان پيچ کائي ٽارين تي چڙھي ٿو جنھن ڪري ھن کي پڪڙ جوڳو Prehensile سڏجي ٿو.

پومڙو ڏکڻ ۽ اولھ آسٽريليا کان علاوا آسٽريليا جي ڪينگرو ٻيٽ ۾ ملي ٿو. پومڙو گاٽن جهنگلن ۾ رھڻ پسند ڪري ٿو. ھن جانور جي ماپ 70 کان 100 ميٽر ٿئي ٿي جڏھن تہ ھن جو وزن 7 کان 16 گرامن تائين ٿئي ٿو. 7 گرام گهٽ ۾ گهٽ وزن ھئڻ ڪري پومڙي کي دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو جانور شمار ڪيو وڃي ٿو.

پومڙي جي بنيادي خوراڪ ٻج ۔ گل ۔ مڪوڙا ۔ ڪوريئڙا ۽ جيت ٿئي ٿي. جيڪڏھن ماڻهن جا کاڌا ميسر ھجن تہ انهن کي بہ کائي ٿو. اھو پڻ ٻڄاتو وڃي ٿو ھي جانور پکي ۽ مڇي کائن ٿو. نر ڄومڙي جي عمر لڳ ڀڳ ٽي سال ٿئي ٿي جڏھن تہ ڄومڙي جي عمر 5 سال لڳ ڀڳ ٿئي ٿي.

ھي ننڍو پومڙو ڏينھن جي وقت جهڳٽن ۾ پکين جي آکيرن ۾ ننڊ ڪري ٿو يا گاھ تي آرام ڪري ٿو. رات جي وقت کاڌي ۽ ساٿي جي تلاش ۾ نڪري ٿو. پومڙا 12 کان 15 مھينن ۾ بالغ ٿين ٿا. ھنن جي لڳ جي ڪابہ موسم ناھي، سڄو سال لڳ ڪري سگهن ٿا. ھي ھڪ موسم ۾ 6 ٻچن کي جنم ڏين ٿا. ھنن ٻچن کي ماء 25 ڏينھن تائين کير پياري ٿي ۽ 50 ڏينھن تائين پاڻ سان رکي ٿي.

پومڙي کي ڌارڻ غيرقانوني آھي پر جهنگلي کاتي جي منظوري سان ڌاري سگهجن ٿا جڏھن اھي وڏا ۽ بالغ ھجن. آسٽريليا ۾ نسل جي بچاء طور پومڙن کي اجازت سان پالي سگهجي ٿو.

ماحول ۾ نانگ ۔ چٻرا ۽ لومڙ پومڙي جو شڪار ڪن ٿا پر دراصل ھنن کي خطرو انساني سرگرمين جي ڪري آھي جيڪي قدرتي ماحول کي تباھ ڪري ھنن جي نسل جي کوٽ جو سبب بنجي رھيون آھن.

Saturday, 9 January 2021

ڪن ھاٿيو ٻوٽو Elephant Ear Plant 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


ڪن ھاٿيو يا ڪن ھاٿيو ٻوٽو Elephant Ear Plant يا ڪناٿيو Colocasia ھڪ گل ٻوٽو آھي جيڪو ڪن ھاٿيڙ Araceae خاندان سان واسطو رکي ٿو. ھن کي گرم خطئي يا نيم گرم خطئي علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. ڪن ھاٿيي کي اس يا ڇانو ۾ پوکي سگهجي ٿو پر اھا ڳالھ ذھن ۾ رکڻ کپي تہ منجهند جو ھن کي ھلڪي اس کپي. 

ڪن ھاٿيو گل جون 3 ھزار جنسون دريافت ٿي چڪيون آھن. ھي گل انڊونيشيا ۔ ملائيشيا ۔ ويٽنام ۽ جپان ۽ ننڍي کنڊ وغيرھ ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي گل گرم خطن ۾ پاتو وڃي ٿو. گرم خطي Tropical region مان مراد اھڙاعلائقا جتي سڄو سال بارش پوي ٿي ۽ موسم گرم رھي ٿو. ھي گل ھاڻي انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پڻ روشناس ڪرايو ويو آھي. ھي گل عام آھي ۽ گهڻو ڪري ھر گهر ۾ پاتو وڃي ٿو. ان جو سبب ھي آھي تہ ھي جلدي اپجي وڃي ٿو ۽ ھن جا وڏا پن ڪشش رکن ٿا جو ھر نظر انهن ڏي ڇڪجي وڃي ٿي. ھي گل مٽي جو سختيون برداشت ڪري ڦٽي وڃي ٿو، ڪھڙي بہ سادي زمين ھجي، ان سان ھم آھنگ ٿي وڃي ٿو. روز باقائدي پاڻي ڏيڻ سان ھي گل جلدي نشونما پائي ٿو. جيڪڏھن ھن کي زرخيز ڀاڻ ڏنو وڃي تہ ھن ۾ جان اچي وڃي ٿي. جيڪڏھن ھن گل جا ڪي پن خراب ٿين تہ انهن کي ڪٽجي تہ ھن گل کي وڌيڪ اسرڻ جو موقعو ملي ٿو. ھن گل جا پن زھريلا ٿين ٿا ڇوجو ھن ۾ چن تکيٽو Calcium  oxilate موجود ٿئي ٿو. ھي ڪيميائي مادو پنن ۽ ٿڙن ۾ موجود سين ۾ موجود ٿئي ٿو. جڏھن ڪو جانور ھن گل ۽ ٿڙ کي کائي ٿو تہ گل ۽ ٿڙ ۾ موجود ھزارين سيون ان جي ڳلي ۾ اٽڪي پون ٿيون ڳلو سڄي پوي ٿو ۔ وات ڦٽجي پوي ٿو ۽ ساھ کڻڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. گهرن ۾ ھن گل کي اپايو خبرداري سان اپايو وڃي ۽ جانورن ۽ ٻارن جي پھچ کان پري رکيو وڃي.

ھي گل آڪسيجن ڏئي ٿو ۽ ماحول کي خوشگوار رکي ٿو. ھن جو وڏو فائدو اھو آھي تہ ھن مان ڀاڄي ۽ پڪوڙا تيار ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏھن ڪو ماڻهو ھن گل کي ڀاڄي يا پڪوڙن طور استعمال ڪرڻ چاھي ٿو تہ اھو گلن مان سين واريون جڳھون ڪڍي ۽ پوء پاڻي ۾ ان کي اٻاري صاف ڪيو وڃي. ھن جا ٿڙ اسفنج Sponge وانگر ٿين ٿا ۽ ھن کي مڇي سان گڏ پڪايو وڃي ٿو. ھن جي پاڙ پٽاٽي وانگر ٿئي ٿي جنھن کي ڀاڄي يا رسوب Soup طور پڪايو وڃي ٿو. ھن گل ۾ وٽامن بي1 ۔ وٽامن سي ۽ وٽامن بي2 موجود آھن جڏھن تہ ھن جي پاڙ م امينو تيزاب Amino acid ۽ نشاستو موجود آھن. ھي جسم جي مشڪن ۽ جسم کي مضبوط ڪري ٿو.

ھي واحد ٻوٽو آھي جنھن کي گهڻو اپايو وڃي ٿو. ھن جا ڪي قسم گهڻا مھانگا ٿين ٿا. ھن گل ۾ ھڪ قسم جو عمل آبوھڙيت (آبگزيريت) Hydrophobicity پاتو وڃي ٿو. ھن تي جڏھن ماڪ جا قطرا پون ٿا، اھي ڄمن نٿا پر ھن جي پنن تي بيھي رھن ٿا. ھن گل جي پاڙن کي محفوظ ڪري واپاري جهجهو ناڻو ڪمائين ٿا. ھن گل کي پوکڻ وقت اھو خيال رکيو تہ ٻارن جي ھن تائين پھچ نہ رھي. ھن جي پاڙ زھر کان محفوظ رھي ٿي ان کي بنا ڪنھن خوف جي کاڌو وڃي.

Saturday, 2 January 2021

سرڳا پکي ۔ جنت جا پکي Birds of paradise 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar

 

سرڳا پکي، سرڳير گلن Paradisaeidae of the order Passeriformes جي خاندان جا ميمبر آھن. ھي جنس پپو نيو گينيا ۽ اوڀر آسٽريليا ۾ ملي ٿي. ھنن گلن جون 42 جنسون ملن ٿيون. جڏھن ھنن گلن تي نظر وجهجي ٿي تہ ھي قدرت جا شاھڪار نظر اچن ٿا. ٽارين تي پکي ويٺل نظر ايندا يا اڏرندي نظر ايندا پر حقيقت ۾ اھي پکي ناھن. ھن گل تي سرڳو پکي ان ڪري پيو آھي جو ھي ٽن نارنگي پنکڙين ۽ ٽن نيرن پنکڙين تي مشتمل آھن جيڪي ملي ھڪ مکڙي ٺاھن ٿا جيڪا ھوبھو پکي وانگر لڳندي آھي. جيئن گل ٽڙن ٿا، ھر پنکڙي ظھورپذير ٿي ٽکڙي تھ سان پکي ٺاھي ٿي. ھنن پکي جھڙن گلن کي پري کان ڏسبو آھي تہ اڏرندي محسوس ٿيندا آھن ۽ قدرت جا شاھڪار محسوس ٿيندا آھن. ھي گل مختلف پکين جي شڪلين جا ٿين ٿا ۽ ٽارين تي حسناڪي جو بھترين مظاھرو پيش ڪري بي مثال خوبصورتي جو مظاھرو پيش ڪندا آھن.

سرڳي پکي کي اندروني دنيا جي ٻوٽن جي راڻي سڏيو وڃي ٿو. ھي اڀو بيٺل ٻوٽو فضا ۾ ٽکڙي صلاحيت رکي ٿو.

ھي گل سج کان ھلڪي اڻ سڌي روشني وٺي ٿو تنھن ھوندي بہ ھي سج جي اس وارين جڳھن تي ٽڙي ٿو. ھي سياري ۾ سڻڀي پوسل رکي ٿو پر تر نٿو رھي.


Monday, 14 December 2020

مارمو Pygmy Marmoset 💎اصغر ساگر💎

MyDairyAsgharSagar


دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو ڀولڙو مارمو آھي. ھي دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو ڀولڙو آھي، ايترو ننڍڙو آھي جو ھن کي آڱر تي کڻي سگهجي ٿو. ھن جو وزن 110 گرام کان 140 گرام ٿئي ٿو. ھي ڀولڙو آميزون جي جهنگ ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي وڻن جي وچ ۾ ٽپا ڏيندو رھي ٿو. ھن جي لطيف غذا ڪيڙا ۽ جيت ٿين ٿا. ڪجھ بندر وري وڻن جي کونئر شوق سان کائڻ ٿا. مارمو جا ڏند ۽ پنجا تمام تيز ٿين ٿا. ھي ڀولڙا ميڙ يا جهڳٽي جي شڪل ۾ رھن ٿا جنھن ۾ 2 کان 9 ڀولڙا اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ھي ڀولڙا ننڍا ٿين ٿا پر انهن جي چمڙي نرم ملائم ٿئي ٿي. ھنن جي ڳالهائڻ جو انداز نرالو ٿئي ٿو جڏھن ڪنھن مشڪل ۾ پون ٿا تہ تيز ترين آواز سان ھڪ ٻئي کي آگاھ ڪن ٿا. ھي پنھنجي زندگي جو گهڻو حصو وڻن تي گذارين ٿا ۽ ڪڏھن ڪڏھن زمين تي لھن ٿا.

مارمن کي پالتو پالي سگهجي ٿو. اھي ڏسڻ ۾ سٻاجهڙا ۽ سھپدار ھوندا آھن. ھي ڪتن وانگر ڪوبہ جوکو نٿا کڻن جڏھن اوھان ڪنھن مشڪل ۾ ڦاسو ٿا.  ھي ڳالهائڻ ۾ ايترا تيز ٿين ٿا جو اوھان ھنن جو ڳالهائڻ سمجهي نٿا سگهو.

مارمو کيڏڻ دوران چڪ يا رھڙ ھڻي سگهن ٿا پر جيڪڏھن انهن جي تربيت ڪئي وڃي اھي تہ سٺا پالتو ٿي سگهن ٿا.

مارما دنيا جي ڪافي علائقن ۾ پاتا وڃن ٿا جن ۾ واشنگٽن اسٽيٽ ۔ مونٽانا ۔ نيواڊا ۔ اتر ڍاڪا ۔ نيبراسڪا ۔ ڪينساس ۔ لووا ۔ مسوري ۔ اوھيو ۔ الباما ۽ ڪيرولينا وغيرھ اچي وڃن ٿا. مارما کي ھٿن ۾ ڇھ آڱريون ٿين ٿيون.

ھي  ڀولڙا نازڪ نفيس ٿين ٿا. ھنن کي ڪڏھن بہ گهر ۾ اڪيلو نہ ڇڏجي ڇوجو ڪتا يا ٻليون ھنن کي نقصان پھچائي سگهن ٿيون ان ڪري ھنن کي وڌيڪ توجھ جي ضرورت ٿئي ٿي. ھي ملاوڙا ٿين ٿا جڏھن گهر ۾ اڪيلا ھوندا آھن تہ ھنن کي بوريت ٿيندي آھي.

مارمن جي چڪ ۾ زھريلو اثر ٿئي ٿو اھي چڪ ھڻي ڪنھن انسان کي ماري سگهن ٿا.