Saturday 9 January 2021

ڪن ھاٿيو ٻوٽو Elephant Ear Plant 💎اصغر ساگر💎


ڪن ھاٿيو يا ڪن ھاٿيو ٻوٽو Elephant Ear Plant يا ڪناٿيو Colocasia ھڪ گل ٻوٽو آھي جيڪو ڪن ھاٿيڙ Araceae خاندان سان واسطو رکي ٿو. ھن کي گرم خطئي يا نيم گرم خطئي علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. ڪن ھاٿيي کي اس يا ڇانو ۾ پوکي سگهجي ٿو پر اھا ڳالھ ذھن ۾ رکڻ کپي تہ منجهند جو ھن کي ھلڪي اس کپي. 

ڪن ھاٿيو گل جون 3 ھزار جنسون دريافت ٿي چڪيون آھن. ھي گل انڊونيشيا ۔ ملائيشيا ۔ ويٽنام ۽ جپان ۽ ننڍي کنڊ وغيرھ ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي گل گرم خطن ۾ پاتو وڃي ٿو. گرم خطي Tropical region مان مراد اھڙاعلائقا جتي سڄو سال بارش پوي ٿي ۽ موسم گرم رھي ٿو. ھي گل ھاڻي انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پڻ روشناس ڪرايو ويو آھي. ھي گل عام آھي ۽ گهڻو ڪري ھر گهر ۾ پاتو وڃي ٿو. ان جو سبب ھي آھي تہ ھي جلدي اپجي وڃي ٿو ۽ ھن جا وڏا پن ڪشش رکن ٿا جو ھر نظر انهن ڏي ڇڪجي وڃي ٿي. ھي گل مٽي جو سختيون برداشت ڪري ڦٽي وڃي ٿو، ڪھڙي بہ سادي زمين ھجي، ان سان ھم آھنگ ٿي وڃي ٿو. روز باقائدي پاڻي ڏيڻ سان ھي گل جلدي نشونما پائي ٿو. جيڪڏھن ھن کي زرخيز ڀاڻ ڏنو وڃي تہ ھن ۾ جان اچي وڃي ٿي. جيڪڏھن ھن گل جا ڪي پن خراب ٿين تہ انهن کي ڪٽجي تہ ھن گل کي وڌيڪ اسرڻ جو موقعو ملي ٿو. ھن گل جا پن زھريلا ٿين ٿا ڇوجو ھن ۾ چن تکيٽو Calcium  oxilate موجود ٿئي ٿو. ھي ڪيميائي مادو پنن ۽ ٿڙن ۾ موجود سين ۾ موجود ٿئي ٿو. جڏھن ڪو جانور ھن گل ۽ ٿڙ کي کائي ٿو تہ گل ۽ ٿڙ ۾ موجود ھزارين سيون ان جي ڳلي ۾ اٽڪي پون ٿيون ڳلو سڄي پوي ٿو ۔ وات ڦٽجي پوي ٿو ۽ ساھ کڻڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. گهرن ۾ ھن گل کي اپايو خبرداري سان اپايو وڃي ۽ جانورن ۽ ٻارن جي پھچ کان پري رکيو وڃي.

ھي گل آڪسيجن ڏئي ٿو ۽ ماحول کي خوشگوار رکي ٿو. ھن جو وڏو فائدو اھو آھي تہ ھن مان ڀاڄي ۽ پڪوڙا تيار ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏھن ڪو ماڻهو ھن گل کي ڀاڄي يا پڪوڙن طور استعمال ڪرڻ چاھي ٿو تہ اھو گلن مان سين واريون جڳھون ڪڍي ۽ پوء پاڻي ۾ ان کي اٻاري صاف ڪيو وڃي. ھن جا ٿڙ اسفنج Sponge وانگر ٿين ٿا ۽ ھن کي مڇي سان گڏ پڪايو وڃي ٿو. ھن جي پاڙ پٽاٽي وانگر ٿئي ٿي جنھن کي ڀاڄي يا رسوب Soup طور پڪايو وڃي ٿو. ھن گل ۾ وٽامن بي1 ۔ وٽامن سي ۽ وٽامن بي2 موجود آھن جڏھن تہ ھن جي پاڙ م امينو تيزاب Amino acid ۽ نشاستو موجود آھن. ھي جسم جي مشڪن ۽ جسم کي مضبوط ڪري ٿو.

ھي واحد ٻوٽو آھي جنھن کي گهڻو اپايو وڃي ٿو. ھن جا ڪي قسم گهڻا مھانگا ٿين ٿا. ھن گل ۾ ھڪ قسم جو عمل آبوھڙيت (آبگزيريت) Hydrophobicity پاتو وڃي ٿو. ھن تي جڏھن ماڪ جا قطرا پون ٿا، اھي ڄمن نٿا پر ھن جي پنن تي بيھي رھن ٿا. ھن گل جي پاڙن کي محفوظ ڪري واپاري جهجهو ناڻو ڪمائين ٿا. ھن گل کي پوکڻ وقت اھو خيال رکيو تہ ٻارن جي ھن تائين پھچ نہ رھي. ھن جي پاڙ زھر کان محفوظ رھي ٿي ان کي بنا ڪنھن خوف جي کاڌو وڃي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment