Monday 1 February 2021

ڦنگوڙا Ophiocordyceps unilateralis 💎اصغر ساگر💎

 


ڦنگوڙا گرم خطن ۾ ڪاٺي ماڪوڙا آھن. ھن کي ڦنگوڙو Ophiocordyceps unilateralis سڏجي ٿو، ڪڏھن ڪڏھن ھن کي زومبي ڦنگي ماڪوڙو Zombie ant fungus پڻ سڏجي ٿو. ڦنگس Fungus خاص ڪري ماڪوڙي کي وڻ جي پن يا ڪاٺي سان لڳائي ان کي اتي چپڪائي ٿو ۽ ماڪوڙي کي ماري ٿو.

جڏھن ڦنگس ماڪوڙي يا ٻئي ڪنھن جيت کي لڳي ٿو تہ ان جيت جو دماغ بنا حواس ڪم ڪري ٿو. اھو جيت ڦنگوڙي Ophiocordyceps unilteralis ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، ھي

 بي دماغ ھلي ٿو ۔ ٻوٽا کائي ٿو ۽ پن جي سطح کان ھيٺ لڙڪي ٿو.

بالغ ماڪوڙا، ڦنگس ورتل ماڪوڙي کان خبردار رھن ٿا، اھي ڦنگي ماڪوڙي کي آکيري جھڙي خاص خاني ۾ کڻي پرتي کڻي وڃن ٿا ۽ ڪي وري پورين ٿا.

ڦنگس جو جتي ٻوٽن تي اثر پوي ٿو اتي ريڙھاڪن تي پڻ پوي ٿو. ڦنگس خود خوفناڪ روپ ۾ شڪار ڪري ٿو. ڦنگس جڏھن ميزبان جيت جي جسم ۾ اچي بنياد وجهي ٿو تہ جسم ۾ پنھنجو چڪر پورو ڪري ان جيت کي ماري ٿو. ڪوريئڙو ۔ مک ۔ ماڪوڙو ۔ تڏ يا اڪ مڪڙ ڦنگس جا شڪار ٿين ٿا. ماضي ۾ ھن کي مفتخورو ڦنگيو نالو ڏنو ويو پر نالي کي بدلڻو پيو ڇوجو مفت خورو گهٽ ۾ گهٽ ميزبان کي جيئڻ ڏئي ٿو پر ھتي ميزبان جيت لاء موت تاڙ ۾ رھي ٿو.

تدريسي حلقن ۾ خوردبين روڳو Anonimo pathogenic جو نالو ڏنو ويو. ھي ايمزون جي جنگلن ۾ پاتو وڃي ٿو. ھن گروپ جي جنس کنڀيڙ Cordyseps بدنام قاتل آھي جيڪا ڦنگس جي ڪري پيدا ٿيندڙ کنڀي آھي. ھي جنس گئس جي تبادلي دوران ھڪ مخصوص ڦنگس سان ماڪوڙي جي جسم ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. پھرين علامت ۾ ڦنگس ماڪوڙي جي جسم ۾ افزائش ڪري ٿو ۽ ماڪوڙي جي جبلي طرز واري زندگي تي قبضو ڪري ٿو. ڦنگوڙو ڦنگي Fungi جي مفاد ۾ مٿي چڙھندو وڃي ٿو، ائين ٻين جيتن کي پڪڙ ڪري پنھنجي واڌ ويجھ ڪري ٿو. بلڪل ھن کي شڪاري ڦنگي کان حڪم آھي جو ماڪوڙو پورو ڪي ٿو. ڦنگي، ماڪوڙي کي مٿي وٺي وڃي ٿو. ھيٺ ھن جي مھارن پنن جي ڪاٽ سان مضبوط  جهل ڏيئي اتي بند ڪري ٿو. ڦنگس آھستي آھستي ماڪوڙي کي کمڀي جي صورت ۾ تبديل ڪري توانائي طور استعمال ڪري ماڪوڙي کي دردناڪ موت ماري ٿو. کنڀيون ماڪوڙي جي جسم کي ڦاڙي نڪرن ٿيون ۽ مردار جسم خوراڪ جو ذريعو بنجي وڃي ٿو. ھي کنڀيون ھوا جي آڌار تي پنھنجي ٻور کي پکيڙي اڳئين ميزبان جي تلاش ۾ زندگي ۽ موت جي راند کي جاري رکن ٿيون. زومبي ماڪوڙا وري مٿي چڙھڻ جاري رکن ٿا. ماڪوڙن جا سڪل حنوط ٿيل لاشا ممين وانگر وڻن جي اوچائين تي موجود رھن ٿا جن جي اندران کمڀيون ڦٽي نڪرن ٿيون.

سائنسي تحقيق مطابق ڦنگس انسانن لاء خطرناڪ ناھي جيڪڏھن ھي ڦنگس انسان کي لڳي ٿو ان تي اثر نٿو ڪري ڇوجو انسان جو رت ماڪوڙين کان وڌيڪ مدافعت رکي ٿو. 

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment