Thursday 14 January 2021

پومڙو Western pygmy possum 💎اصغر ساگر💎

پومڙو آسٽريليا جي ڌرتي تي خوبصورت جانور ٿئي ٿو. پومڙي کي ڏاکڻو مغربي پومڙو Southwestern pygmy possum ۽ مونڊڙو Mundarda پڻ سڏيو وڃي ٿو.

جينياتي تحقيق ٻڌائي ٿي تہ پومڙو مغربي ڄامڙو ڳوٿاڪ آھي پر ھن کي پوچاڪ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. پوچاڪ ۽ ڳوٿاڪ ۾ ھي فرق آھي تہ پوچاڪ وڏا جانور ٿين ٿا جن کي جسم اندر پوچڪو ٿئي ٿو ۽ ڳوٿاڪ ننڍڙا جانور ٿين ٿا جن کي جسم ۾ ننڍڙو ڳوٿڪو ٿئي ٿو. ھي جانور ننڍي خاندان ڳوٿاڪ Possum يا آڳوٿاڪ Opposum ۽ گڏيل طور تي پوچاڪ Marsupial خاندان سان واسطو رکن ٿا. ھن جانور کي پوچاڪ ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو ھي ڪينگرو وانگر جسم اندر ڳوٿڪو رکي ٿو جنھن ۾ ٻچن کي کڻي ھلي ٿو. ھن جو خاندان 80 لک سال پراڻو آھي. پومڙو اھو ڳوٿاڪ آھي جيڪو پڇ سان ڪئي جھڙو ٿئي ٿو جنھن سان پيچ کائي ٽارين تي چڙھي ٿو جنھن ڪري ھن کي پڪڙ جوڳو Prehensile سڏجي ٿو.

پومڙو ڏکڻ ۽ اولھ آسٽريليا کان علاوا آسٽريليا جي ڪينگرو ٻيٽ ۾ ملي ٿو. پومڙو گاٽن جهنگلن ۾ رھڻ پسند ڪري ٿو. ھن جانور جي ماپ 70 کان 100 ميٽر ٿئي ٿي جڏھن تہ ھن جو وزن 7 کان 16 گرامن تائين ٿئي ٿو. 7 گرام گهٽ ۾ گهٽ وزن ھئڻ ڪري پومڙي کي دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو جانور شمار ڪيو وڃي ٿو.

پومڙي جي بنيادي خوراڪ ٻج ۔ گل ۔ مڪوڙا ۔ ڪوريئڙا ۽ جيت ٿئي ٿي. جيڪڏھن ماڻهن جا کاڌا ميسر ھجن تہ انهن کي بہ کائي ٿو. اھو پڻ ٻڄاتو وڃي ٿو ھي جانور پکي ۽ مڇي کائن ٿو. نر ڄومڙي جي عمر لڳ ڀڳ ٽي سال ٿئي ٿي جڏھن تہ ڄومڙي جي عمر 5 سال لڳ ڀڳ ٿئي ٿي.

ھي ننڍو پومڙو ڏينھن جي وقت جهڳٽن ۾ پکين جي آکيرن ۾ ننڊ ڪري ٿو يا گاھ تي آرام ڪري ٿو. رات جي وقت کاڌي ۽ ساٿي جي تلاش ۾ نڪري ٿو. پومڙا 12 کان 15 مھينن ۾ بالغ ٿين ٿا. ھنن جي لڳ جي ڪابہ موسم ناھي، سڄو سال لڳ ڪري سگهن ٿا. ھي ھڪ موسم ۾ 6 ٻچن کي جنم ڏين ٿا. ھنن ٻچن کي ماء 25 ڏينھن تائين کير پياري ٿي ۽ 50 ڏينھن تائين پاڻ سان رکي ٿي.

پومڙي کي ڌارڻ غيرقانوني آھي پر جهنگلي کاتي جي منظوري سان ڌاري سگهجن ٿا جڏھن اھي وڏا ۽ بالغ ھجن. آسٽريليا ۾ نسل جي بچاء طور پومڙن کي اجازت سان پالي سگهجي ٿو.

ماحول ۾ نانگ ۔ چٻرا ۽ لومڙ پومڙي جو شڪار ڪن ٿا پر دراصل ھنن کي خطرو انساني سرگرمين جي ڪري آھي جيڪي قدرتي ماحول کي تباھ ڪري ھنن جي نسل جي کوٽ جو سبب بنجي رھيون آھن.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment