Monday 8 February 2021

ٻاڌرِيڻ ھڪ پيار حرڪيرو Oxytocin, a love harmone 💎اصغر ساگر💎

جذبات جا ڪل چار حرڪيرا Harmone ٿين ٿا.

سَڪنِيڻ                   Dopamine

تَنرِيڻ                       Endorphin

سَنرِيڻ                      Serotonin

ٻاڌرِيڻ                        Oxytocin

سَڪنِيڻ ۔ تَنرِيڻ ۔ سَنرِيڻ ۔ ٻاڌرِيڻ کان علاوا ٻيا حرڪيرا دماغ کي متاثر ڪن ٿا ۽ محبت جو احساس ڏيارين ٿا خاص طور تي ٻاڌرِيڻ اولاد جي محبت سان گڏ سماجي ٻنڌڻن سان سرشار ٿئي ٿي. ٻاڌريڻ Oxytocin يا ٻاڌر حرڪيري Oxytocin harmone  کي گرم جهيڻو حرڪيرو Warm fussy harmone ڄاتو ويو آھي جيڪو پيار جي جذبن ۔ سماجي ٻنڌڻن ۽ چاڪائي کي فروغ ڏئي ٿو. انهي کي ڳڻتي روڪ ڊرگ طور بہ پرکيو ويو آھي. پر نيو نارٿ ويسٽرن ميڊيسن جي تحقيق ڏيکاري ٿي تہ ٻاڌريڻ جذباتي درد جو سبب بنجي ٿي جيڪا حرڪيري لاء وسيع طور تي نئين ڪاري ترين سڃاڻپ رکندڙ آھي.

جڏھن ٻار ماء جي پيٽ ۾ پلجي ٿو تہ ٻاڌرِيڻ Oxytocin تنگيون پيدا ڪري ٿي، رکي رکي ماء کي درد ڏيندي آھي جنھن سان ٻار جي صحت تي بھتر اثر پوي ٿو ۽ ٻار جي واڌ ويجھ بھتر نموني ٿئي ٿي. جڏھن ٻار ڄمي ٿو تہ ٻاڌرِيڻ ماء جي مونجھ جي حد گهٽائي ٿي ۽ ھن کي سڪون ڏئي ٿي. درحقيقت ٻاڌرِيڻ حاملا عورت جي ٻار جي ڄمڻ واري درد کي وسارڻ ۾ مدد ڪري ٿي ان ڪري ٻاڌرِيڻ عورت جي حمل ۽ ٻار جي پيدائش دوران اھم ڪردار ادا ڪري ٿي.

ٻاڌرِيڻ Oxytocin عورت جي طاقتور تنگين کي توانائي ڏئي ٿي ۔ ٻَچيناڙ Cervix جي منھن کي کولي ٿي ۔ ٻار کي ھيٺ موڪلي ٿي ۽ جنم ڪينال Birth canal مان ڪڍي ٿي ۔ ان کي فرج مان ٻاھر ڌڪي ٿي ۽ اورجهلي Placenta جي خارج ٿيندڙ رت کي روڪي ٿي.

ٻاڌرِيڻ، مشڪن Muscles جي چوڌاري کير ٺاھيندڙ غدودن making glands۔Mik کي سوڙھو ڪري کير جاري ڪري ٿي. جڏھن غدود سوڙھا ٿين ٿا تہ اھي ببن کي نپوڙي کير کي کير نالين Milk duct ۾ آڻين ٿا. کير ناليون ٿڻکير Milk breast کي ببن ڏي ڌڪي بونبڙين تائين آڻي ٿيون جنھن کي ٻار ڌائي ٿو.

ٻار ڄمڻ کان پھرين ٻاڌرِيڻ Oxytocin پيدا ڪن ٿا ۽ ائين لڳندو آھي تہ اھي نوجوانن وانگر ذميوار آھن. مثال طور پيٽ ۾ چمڙي در چمڙي وارو رابطو skin-to-skin contact ماء ۽ ٻار ۾ ٻاڌرِيڻ پيدا ڪري ٿو.

عڪسي ٻاڌرِيڻ Oxytocin reflex کي عڪسي کير نيڪار Letdown reflex يا کير ڇوڙ عڪس Milk ejection reflex چئبو آھي. ٻاڌرِيڻ کيراسي prolactin کان وڌيڪ جلدي پيدا ٿئي ٿي. اھا کير کي جلدي ٿڻن ۾ آڻي ٿي ۽ ٻار کي کير وٺڻ ۾ آساني ڏئي ٿي.

ٻار جي پيدائش کان پوء ماء جي جسم ۾ ڪثرت سان ٻاڌرِيڻ پيدا ٿئي ٿي جنھن سان ٻار ۽ ماء جي بندڪاري Bonding ٿئي ٿي جيڪا عمر ڀر قائم رھي ٿي. ان کان علاوا جڏھن ماء پنھنجي ٻار کي کير پياري ٿي تہ بہ ٻاڌريڻ Oxytocin ڪثرت سان پيدا ٿئي ٿي جنھن سان ٻار جي ماء سان بندڪاري وڌي ٿي. ماء جي کير ۾ بہ ٻاڌريڻ ٿئي ٿو جيڪو ٻار جي پيدائش کان پوء وڌڻ شروع ٿي وڃي ٿو جنھن جي ڪري ٻار جي جسم ۾ بہ ٻاڌرِيڻ وڃي ٿو ۽ ٻار ۾ ماء جي بندڪاري ڪري ٿو. پيء جي جسم ۾ بہ ٻار جي پيدائش کان پوء ٻاڌريڻ جي مقدار وڌي وڃي ٿي جنھن سان پيء ۽ ماء جي بندڪاري ٿئي ٿي.

پي ماء وانگر 9 مھينا ٻار جو انتظار ڪري ٿو ۽ ھي جسماني طور ٻار جي سار سنڀار لاء تيار ھوندو آھي. جڏھن ٻار پيدا ٿيندو آھي تہ ان وقت ان جي جسم ۾ ٻاڌرِيڻ جو وڌيڪ مقدار اچي وڃي ٿو. ائين ٻار ۽ پي جي بندڪاري ٿي وڃي ٿي جيڪا عمر ڀر قائم رھي ٿي.

ٻار جيئن پيدائش وٺي ٿو تہ ماء جي جسم ۾ ٻاڌرِيڻ جي پيدا ٿيڻ جا سلسلا شروع ٿي وڃن ٿا ۽ ڇھن مھينن تائين ٻاڌرِين گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿي جيڪا سال تائين ڀرپور رھي ٿي

جيڪي ٻار والدين وٽ پلجن ٿا انهن جي جسم مان ٻاڌرِيڻ زيادھ مقدار ۾ نڪري ٿي پر جيڪڏھن ٻار والدين بجاء مائٽن وٽ آھي، اتي ٻاڌرِيڻ گهٽ رھي ٿي ڇوجو انهن جي بندڪاري والدين سان ٿيل رھي ٿي.  جڏھن ٻار وڏا ٿي وڃن ٿا انهن ۾ ايتري بندڪاري نٿي رھي جيتري ننڍي عمر ۾ ھئي.

جڏھن پيدائش جي وقت ماء پنھنجي ٻار کي کير پياري ٿي تہ ان وقت وڌيڪ ٻاڌرِيڻ پيدا ٿئي ٿي. اھڙي جڏھن مرد ۽ عورت ميلاپ ڪن ٿا تہ ان وقت بہ ٻاڌريڻ پيدا ٿئي ٿو. جڏھن اسان ڪنھن کي ڀاڪر پايون ٿا يا ھٿ ملايون ٿا ان وقت بہ ٻاڌريڻ پيدا ٿئي ٿي. ھي ٻاڌريڻ خوشي جي شدت کي ظاھر ڪري ٿي.

پي کي ٻئي ڪنھن ھنڌان ٻاڌرِيڻ نٿي ملي پر اھا ھر انسان جي جسم ۾ ٿئي ٿي. ٻاڌريڻ دماغ جي حصي مغزوٽي Hypothalamus ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ پوء جهاڳ غدود Pituitary gland جي تنتيسري Neurophysis ۾ ڪٺي ٿئي ٿي ۽ پوء اتان رت ۾ شامل ٿي وڃي ٿي جنھن سان توھان پاڻ کي سٺو محسوس ڪريو ٿا ۽ خوش خرم لڳو ٿا تہ ٻاڌرِيڻ، تنفوذن Neurotransmitters ذريعي خارج ٿئي ٿي. اھڙي طرح ماء پي پنھنجي اولاد لاء پيار محسوس ڪن ٿا. انهي پيار محسوس ڪرڻ ۾ ٻاڌريڻ يا ٻاڌر حرڪيرو موجود رھي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment