Tuesday 9 February 2021

بوھي منڱ Peanuts 💎صغر ساگر💎


سياري جي آمد سان سردي کان بچڻ لاء جتي ٿلهو لباس پھرجي ٿو، اتي خشڪ ميوا اسان جي خوراڪ ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. انهن خشڪ ميون ۾ بوھي منڱ اچي وڃي ٿو جنھن کي غريب توڙي شاھوڪار شوق ۽ رغبت سان کائن ٿا. بيھي منڱ سياري جي خاص سوغات آھن.

بيھي منڱ تمام ميون ۾ سڀ کان سستو ميوو آھي جنھن کي غريب توڙي امير آساني سان کائي سگهن ٿا. بيھي منڱ اخڙوٽ جو متبادل آھي جيڪي اخڙوٽ خريد ڪري نٿا سگهناھي بيھي منڱ کائي اخڙوٽ جي جزن جيترو فائدو وٺي سگهن ٿا.

بيھي منڱ کائڻ جو پنھنجو مزو آھي، ڪچھري بہ ھلندي رھي ٿي ۽ چس بہ جاري رھي ٿو، بيھي منڱن بھاني دوست يا مٽ مائٽ گڏجي ڳالھ ٻولھ جاري رکن ٿا ۽ بوھي منڱن مان مزو وٺندا رھن ٿا. بوھي منڱن ۾ اھم غذائي عنصر ماسيو Protein ۔ چن Calcium ۔ وٽامن ڊي Vitamin D ۔ نکڻ Niacin ۔ پنوٺو Folate ۔ معدنيٺو Magnesium ۔ وٽامن اي Vitamin A ۽ معدنو Magnese پاتا وڃن ٿا. بوھي منڱ وٽامنن سان لبريز ٿين ٿا جن ۾ گوشت ۔ بيدي ۽ سبزين کان وڌيڪ ماسو Protein پاتو وڃي ٿو جيڪو جسم کي فعال رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

بوھي منڱن ۾ موجود چن Calcium ۽ وٽامن ڊي Vitamin D انساني جسم جي ھڏن ۽ ڏندن مضبوط ڪن ٿا. بوھي منڱن ۾ موجود وٽامن اي Vitamin A ڪينسر خلاف ويڙھ ۾ ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. سائنسي تحقيق مطابق بيھي منڱ سڀن عمر جي ماڻهن ۾ يڪسان مفيد ٿين ٿا ۽ سڀن کي غذائي توانائي ميسر ڪن ٿا.

بيھي منڱ دل جي مرضن ۽ سڪر Sugar جي خلاف سگهارو اوزار آھن. ماھرن مطابق بوھي منڱن جو استعمال سڪر Sugar کي اعتدال رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو ڇوجو اھي غذائيت جي کوٽ جو شڪار نٿا ڪن. بيھي منڱ سائي Jaundice ۽ جيري جي سوڄ Hepatitis کي ختم ڪري ٿو ۽ دستن ۾ شفا ڏئي ٿو ڇوجو دستن جو سبب تمڪ تيزاب (رتڪ تيزاب) Nicotenic acid جي کوٽ آھي جيڪا بوھي منڱن کائڻ سان پوري ٿي وڃي ٿي ۽ گڏوگڏ بوھي منڱ نکڻ Niacin جي کوٽ پوري ڪن ٿا.

سائنس مطابق چمھير Hemophilia جھڙي موضي مرض جي شڪار ماڻهن کي بيھي منڱ ڪثرت سان استعمال ڪرڻ کپن ڇوجو انهن ۾ موجود قدرتي فولاد گهرڙا ٺاھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھي رت جي نالين کي صاف ڪري ٿو ۔ رت جي طبعي گرمي برقرار رکي ٿو ۔ عورتن کي نڪسير کان نجات ڏياري ٿو ۽ وزن گهٽ ڪري ٿو. بيھي منڱن کي دوائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھنن مان مٺايون تيار ڪيون وڃن ٿيون. بيھي منڱن کي بسڪيٽن ۔ چاڪليٽن ۔ ڪيڪن ۔ آئس ڪريمن ۽ ٽافين ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

مختلف کاڌن ۾ ڀڃي يا پيھي استعمال ڪيو وڃي ٿو.

بيھي منڱن جو کير ڳئون ۽ مينھن جي کير جيان غذائيت بخش آھي. تحقيق مطابق بيھي منڱن جي اٽي ۾ ڪڻڪ جي اٽي کان وڌيڪ غذائي جزا آھن. ڀڃيل بيھي منڱن کي پيھي تيل يا مکڻ ڪڍيو وڃي ٿو. ھي مکڻ سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. بيھي منڱن ۔ ساون ڌاڻن ۔ سائي مرچ ۔ سائي ٿوم ۽ لوڻ مان چٽڻي ٺاھي وڃي ٿي جيڪا لذيذ ٿئي ٿي.

بيھي منڱن کي ذائقيدار کاڌن ۽ ڀاڄين ۾ پوڊر طور وڌو وڃي ٿو. بيھي منڱن جي کائڻ سان چمڙي جي خوبصورتي وڌي ٿي ۔ چھرو ترتازو رھي ٿو ۔ جلدي پوڙھائپ کان نجات ملي ٿي.



بيھي منڱ ھڪ خشڪ ميوو:

آنلائين جريدي ”جاما انٽرنيشنل ميڊيسن“ ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي شايع ٿيندڙ تحقيق مطابق جيڪي ماڻهو بيھي منڱ کائيندا رھن ٿا انهن جي عمر وڏي ٿئي ٿي. تحقيقي ٽيم جي اڳواڻ  زائو او شو مطابق بيھي منڱ درجابندي طور ڦرين ۾ شمار ٿين ٿا ۽ انهن کي خشڪ ميوو نٿو چئي سگهجي پر بيھي منڱن جا جزا خشڪ ميون جي جزن سان ملن ٿا. ھن تجويز ڪيو تہ جن کي بيھي منڱن کائڻ سان ڇپاڪ Elergy نٿي ٿئي انهن کي دل کولي بيھي منڱ کائڻ کپن، صحت ۾ فائدا وڌيڪ ۽ گري وارن ميون کان سستو بہ.


سڪر Sugar جي رت جي حد کي پورو پنو رکندڙ:

سڪر جي مريضن جي رت حد پوري پني رکڻ ۾ بيھي منڱ سٺو ڪردار ادا ڪن ٿا. بيھي منڱن ۾ مٺرت شرح Glycemic Index ۽ مٺرت ڪوڊ  Glycemic code گهٽ رھي ٿو ان ڪري بيھي منڱ سان شڳر کي فائدو پھچي ٿو.

شڳر جي مريضن جو جي آء اسڪور ٻڙي کان 100 جي وچ ۾ رھي ٿو. ان سان انهن کي معلوم ٿئي ٿو تہ انهن کي ڪيتري نسريڻ Insulin جي ضرورت آھي ۽ انهن کي ڇا کائڻ کپي. پاڻي شڳر جي مريضن کي متاثر نٿو ڪري ڇوجو ان جو جي آئي اسڪور ٻڙي آھي جڏھن تہ 100 جي آء اسڪور رکڻ واري غذا خالص ٿئي ٿي.

سڪر جو ھڪ عام پيمانو مٺرتي انگ Glacemic load جي ايل آھي جنھن ۾ غذا ۾ نشادتي جي مقدار ۽ جي آء اسڪور نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. 10 يا ان کان گهٽ جي آء اسڪور رکندڙ غذائن جو اثر سڪر Sugar جي سطح تي گهٽ پوي ٿو. بيھي منڱن جو جي آء اسڪور 14 پر جي ايل اسڪور ھڪ آھي جيڪو بيھي منڱن کي شڳر جي مريضن لاء بھترين قرار ڏئي ٿو.

رت جي شريانين سان لاڳاپيل مرض سڪر ڏي نشاندھي ڪن ٿا ۽ سڪر جي مريضن کي اھڙين غذائن جو انتخاب ڪرڻو پوي ٿو جيئن رت جي شڳر حد ضابطي ۾ رھي ۽ فالج ۽ دل جي مرضن جو خطرو گهٽ رھي. 

آمريڪن ھرٽ ايسوسيئيشن مطابق بيھي منڱ ۾ موجود معدنيات ۽ تاندورا دل جي لاء فائديمند ٿين ٿا جيڪي رت جي چاڙھ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ تاندورن جي ڪري پيٽ ڀريل ٿئي ٿو ۽ ھي جز شڳر جي حد کي گهٽ ڪري ٿو.

سائنسي تحقيق مطابق وڌيڪ تاندورن جو استعمال سڪر نمونو 2 Sugar type 2 جي خطري کي 20 کان 30 سيڪڙو هٽائي ٿو. عورتون ڏينھن ۾ بيھي منڱ 25 گرام ۽ مرد 38 گرام استعمال ڪن.


پت Cholesterol گهٽائيندڙ:

بيھي منڱ خراب پت کي خارج ڪن ٿا ۽ سٺي پت کي وڌائن ٿا. بيھي منڱن ۾ موجود يڪ چڪيل چرٻ تيزاب Mono saturated fatty acid رت جي شريانين جي بيماري جي روڪٿام ڪن ٿا.

 

فالج جو خطرو گهٽائيندڙ:

بيھي منڱن کائڻ سان نائٽرڪ آڪسائيڊ جو عمل بھتر ٿئي جنھن جي نتيجي ۾ فالج جو خطرو گهٽ رھي ٿو.


دل لاء مفيد:

بيھي منڱ ۾ اعلا درجي جي ماسيو Protein موجود ٿئي ٿي. ھن ۾ وٽامن اي ۔ مفيد روغن ۔ فولاد ۽ تاندورا دل جي بيمارين خلاف قوت مدافعت پيدا ڪن ٿا. سائنسدانن جي تحقيق مطابق گريدار خشڪ ميوا جيئن نيزا ۔ پستا ۔ اخڙوٽ يا بيھي منڱ کائڻ سان دل جا عارضا گهٽ ٿين ٿا ۽ بيھي منڱ کائڻ سان عمر ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ وڏي عمر ملي ٿي. جيڪي روز بيھي منڱ کائن ٿا انهن ۾ عام ماڻهن کان 17 سيڪڙو دل جا مرض گهٽ رھن ٿا.


چمڙي کي تحفظ ڏيندڙ:

بيھي منڱن ۾ موجود وٽامن اي Vitamin E، ڦنگيڙي ڇوت Fungal infection کان بچائي ٿي ۽ چمڙي ۽ جهلي جي گهرڙن کي محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جنھن سان فري ريڊيڪلن کي روڪڻ ۾ مدد ملي ٿي.


پتي جي مرضن کان محفوظ ڪندڙ

جيڪڏھن ڪو ماڻهو ھفتي ۾ 29 گرام بيھي منڱ کائي تہ پتي جي مرضن ۽ پتي جي پٿري جا خطرا 25 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا.


 ٿولھ کان بچائيندڙ:

عورتن توڙي مردن ٿولھ جا امڪان رھن ٿا پر بيھي منڱن کائڻ سان چرٻي وڌي نٿي. عورتن کي ھفتي ۾ ٻہ ڀيرا بيھي منڱ کائڻ کپن ڇوجو بيھي منڱن ۾ موجود معدنا Magnese ۽ چن Calcium جسم کي چرٻي ۽ نشاستي کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.


مونجھ Depression گهٽ ڪندڙ:

جڏھن جسم ۾  جي کوٽ ٿئي ٿي تہ مونجھ، سنريڻ Serotonin جو عارضو پيدا ٿئي ٿو. بيھي منڱن ۾ موجود ٺپٽو Tryptophan، سنريڻ Serotonin جي اخراج کي وڌائن ٿا جنھن سان مونجھ جو عارضو گهٽ ٿيندو وڃي ٿو.


احتياط:-

ھر شي ۾ اعتدال ضروري آھي. بيھي منڱ گهڻي کائڻ سان معدي ۾ تيزابيت وڌي ٿي ۽ بدھضمي ٿي وڃي ٿي. سائي ۽ پيٽ جي مريض ماڻهن کي بيھي منڱن کان پرھيز ڪرڻ کپي. جن کي زڪام يا نزلو آھي انهن کي بيھي منڱن کان پرھيز ڪرڻ کپي.

جن ماڻھن کي خارش جو عارضو ٿئي ٿو انهن کي بيھي منڱ نہ کائڻ کپن ڇوجو خارش جو مرض وڌي سگهي ٿو.

جيڪي عورتون پيٽ سان آھن انهن کي بيھي منڱ نہ کائڻ کپن ڇوجو پيٽ ۾ ٻار کي نقصان ٿي سگهي ٿو.

جن ماڻهن کي دم يا ساھ جو عارضو آھي اھي ٿورا بيھي منڱ کائن، نقصان نہ ٿيندو باقي گهڻي انداز ۾ کائڻ سان نقصان ٿي سگهي ٿو.

جن کي معدي ۾ تيزابيت آھي اھي بيھي منڱن کان دور رھن ڇوجو خشڪ ميوا گرم تاثير رکن ٿا.

جن کي بيھي منڱ کائڻ سان ڇپاڪ Elergy ٿئي ٿي انهن کي بيھي منڱ نہ کائڻ کپن. 

جن بيھي منڱن ۾ لوڻ ۔ کنڊ ۽ سوادي شيون جن ۾ بيھي منڱ مليل ٿين ٿا اھي نہ کائڻ کپن. 28 گرام بيھي منڱن ۾ 161 حرارا Calories ٿين ٿا پر سپر اسٽورن تان ورتل بيھي منڱن ۾ وڌيڪ حرارا ٿين ٿا اھي نہ کائڻ کپن.

بيھي منڱن کي وڌيڪ پڪايو نہ وڃي انهي عمل سان موجود ڪيميائي جزا ضايع ٿي وڃن ٿا.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment