Sunday 24 January 2021

مڇڪو Pakicetus 💎اصغر ساگر💎

 


مڇڪو جانور بحري ببدار Amphibious cetacean جانور رھيو آھي جيڪو مڇاڪ Pakicetidae خاندان سان واسطو رکي ٿو جيڪو اڳاد Eocene ۾ مقامي Endemic جانور ھيو. ھي ڪتي جھڙو جانور ھيو جيڪو پاڻي ۾ مڇيون شڪار ڪندو ھو ۽ ٻاھر بہ ننڍا جانور ماريندو ھيو. مڇڪي جي ھڏي وارا ڪن مگر مڇ سان ملن ٿا. ھن جي ٽڻي جو ھڏو پيراڱرو آھي جيڪو تراکڙن ڀونڀن  Even-toed hoofed mammals سان ملي ٿو جن ۾ ھپوڙا Hippos ۔ رڍون Sheeps ۔ ڳئون Cows ۔ مرون Pigs ۔ ھرڻ Deer ۔ زراف Giraffes ۔ مرگھ Antelopes ۽ بحروٿڻا cetaceans شامل آھن بحروٿڻا جيڪي پيراڱرا Artiodactyls آھن.

اڄ کان تقريبن 5 ڪروڙ سال 60 لک سال اڳ اٽڪ ۽ فتح جنگ شھر جي درميان ڪارو چٽو جبلن جو سلسلو آھي. لکين سال اڳ ھي جابلو سلسلو سمنڊ ۾ ھيو. مڇڪو جانور ھن سمنڊ جي گھري پاڻي ۾ شڪار ڪندو ھيو۔ مانگر مڇ کي مڇي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جڏھن تہ مانگر مڇ جو شمار ڀونڀن ۾ ٿئي ٿو. اھو بہ ھن سمنڊ ۾ موجود ھيو. مڇڪو گوشت خور شڪاري جانور ھيو جيڪو پانج وارو ۔ ڊگهي ٻوٿاڙي وارو ۔ مضبوط مھارن وارو ۽ تيز ڏندن سان گڏ پڇ وارو جانور ھو. بنيادي طور تي ھي خشڪي وارو جانور ھيو پر شڪار لاء پنھنجو گهڻو وقت پاڻي ۾ گذاريندو ھيو. ھن جي پانجي جسامت ھن کي ترڻ ۽ غوطي ھڻڻ ۾ مدد ڪندي ھئي ۽ ڊگهين مڇين کي پڪڙڻ ۾ سھولت ڏيندي ھئي.

مڇڪي جي پانج 7 فٽ ھئي جڏھن تہ ھن جو وزن 50 پائونڊ جي لڳ ڀڳ ھيو.

بنيادي طور تي ھي جانور مڇيون ۽ ٻيا آبي جانور کائيندو ھيو تڏھن بہ زميني جانورن جو شڪار پڻ ڪندو ھيو.

مڇڪي جو پھريون ڍانچو سال 1981ع ۾ اٽڪ ۾ ڪاري چٽي پھاڙ ۾ مليو. ھي جانور آثارقديما وارن لاء معمو ھيو ڇوجو ھن جسم زميني جانورن سان ملندڙ جلندڙ ھيو جڏھن تہ کوپڙي مانگر مڇ سان ملندڙ ھئي ۽ گوڏا سبزي خور جانورن سان ملندڙ ھيا.

سال 2001ع ۾ ھن جا وڌيڪ ڍانچا مليا جيڪي ڪافي حد تائين مڪمل ھيا. طويل تحقيق بعد مڇڪي کي مانگر مڇ جو نسل قرارڏنو ويو. چيو وڃي ٿو تہ مڇڪو جو نسل 4 ڪروڙ 10 لک سال ختم ٿي ويو جڏھن اٽڪ وارو جابلو سلسلو خشڪي ۾ اچي ويو ۽ مڇڪي جو نسل سمنڊ نہ ھئڻ ڪري پڄاڻي تي پھتو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment