Monday 15 February 2021

ھرڍو Saiga Antelope 💎اصغرساگر💎


 


سائنسدانن ھن خوبصورت ڏک واري جانور کي ھرڍو Saiga Antelope سڏجي ٿو. ھي وچ ايشيا جي ميدانن ۾ پاتو وڃي ٿو. ھن کي سونڍ نما نڪ ٿئي ٿو جيڪو سنگهڻ جي وڏي خاصيت رکي ٿو. ھي ھرڻ جي قديم قسم آھي جيڪا پھرين لکن جي تعداد ۾ ھئي ۽ ھاڻي سون جي تعداد ۾ پھچي چڪي آھي پر خوشقسمتي سان ھاڻي ھن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. ھي ھرڻ روس ۔ ازبڪستان ۔ ترڪمانستان ۔ چين ۔ رومان ۔ مالديويا ۽ برنگين اتر آمريڪا وغيرھ ۾ پاتو وڃي ٿو. ھي ھرڻ تيز رفتار ٿئي ٿو. ھن جي سنڱن کي قيمتي دوائن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. ھن کي وروڪڙا سنڱ ۔ ھاٿي جي سونڍ جھڙو نڪ ۽ ھرڻ وارو جسم ٿئي ٿو. ھي اونھاري ۽ سياري دوران ھڪ ھزار ڪلوميٽر ھجرت ڪري ٿو.

سائنسدانن جي تحقيق مطابق اٽڪل 20 ھزار سال اڳ ھرڍن کي ھڪ جراثيم ڄموڙو Bectrum لڳو جنھن ھنن جي نسل کي گهڻو کٽائي ڇڏيو. ھن کي ڄموڙو تڏھن لڳو جڏھن ھرڍا وچ ايشيا جي چراگاھن ۾ چري رھيا ھئا. جي تحقيق مطابق اٽڪل 20 ھزار سال اڳ ھرڍن کي ھڪ جراثيم ڄموڙو Becterium لڳو جنھن ھنن جي نسل کي گهڻو کٽائي ڇڏيو. ھن کي ڄموڙو تڏھن لڳو جڏھن ھرڍا وچ ايشيا جي چراگاھن ۾ چري رھيا ھئا.

اڄڪلھ ھرڍن جو نسل روس ۾ منگوليا جي علائقي ۾ واڌ ويجھ پائي رھيو آھي. ھاڻي ھنن جو تعداد 50 ھزار جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آھي. ھرڍو جي رفتار تيز ٿئي ٿي. ھي ڪلاڪ ۾ 50 کان 80 ڪلوميٽرن تائين ڊوڙي ٿو. ھن ھرڻ جي وڏي خوبي ھي آھي تہ ھي جاڙا ڦر ڏئي ٿو نتيجي طور روس ۾ ھن جو نسل افزائش ڪري رھيو آھي.

ھرڍي جو گذارو چراگاھن تي رھي ٿو، ان کان سوا سو قسمن کان وڌيڪ ٻوٽا کائي ٿو ۽ گاھن سان ھن جي گهڻي رغبت رھي ٿي. ھي ھرڻ 6 کان 8 ميٽر قد جو ٿئي ٿو ۽ ھن جي پانج ھڪ کان ڏيڍ ميٽر ٿئي ٿي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment