Saturday 30 January 2021

سيلهاڙو Porcupine 💎اصغر ساگر💎

 


سيلهاڙو سيلھدار جانور ٿئي ٿو. ھن جي جسم تي سيلها ٿين ٿا جيڪي ھن کي شڪاري جانورن کان بچائين ٿا. ھن جا سيلها ايترا خطرناڪ ٿين ٿا جو جنگل جو بادشاھ ھن کان ڊڄي ٿو. ھن جا سيلھا دراصل ھن جا وار ٿين ٿا جيڪي پاڻ ۾ جڙي سيلهن جي شڪل اختيار ڪن ٿا. ھن جي سيلهن جي اھڙي ترتيب ٿئي ٿي جيڪڏھن ڪنھن جانور کي لڳن، ان جي اندر ھلندا ويندا ۽ ٻاھر نہ نڪرندا. حملي آور جانور ھن جي ڪنڊن جو شڪار ٿي دردناڪ موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو. 
سيلهاڙي جو خاندان سيلهاڙ Hystricidae آھي يا سيلهاڪ Erethizontidae آھي.

سيلهاڙو ڀونڀن Mammals ۾ شمار ٿئي ٿي. ھن جي سراسري عمري 5 کان 7 سال ٿئي ٿي. ھن جي پانج 25 کان 36 انچ ٿئي ٿي. ھن جو وزن 12 کان 35 پائونڊ ٿئي ٿو.
سيلهاڙي کي لاطيني زبان ۾ سيلهو مرون Quill pig سڏجي ٿو. ھن جون 12 جنسون ٿين ٿيون. ھن جو جسم سيلهن سان ڀريل ھوندو آھي جيڪي تکا ٿين ٿا جن جي ڪري حملي آور جانور ھن کي آساني سان لقمو بنائي نٿو سگهي. آفريڪي سيلهاڙي Africa's crested porcupine جا پير وڏا ٿين ٿا.
سيلهاڙي کي مٿي تي نرم وار ٿين ٿا پر پٺي ۽ پڇ تي تکا سيلها ٿين ٿا. سيلها ھن جي جسم تي چپترا پيل ھوندا آھي جيسين ڪو جانور ھن کي نہ للڪاري، پوء ھي اڀن سيلهن سان متوجھ ٿئي ٿو. سيلهاڙو پنھنجن سيلهن کي اڇلائي ھڻي نٿو سگهي پر ڇھڻ سان ڪيئي سيلها ھڻي سگهي ٿو.

ڪيترائي جانور سيلهاڙي تي حملي ڪرڻ کان ٽھندا آھن ڇوجو ھن جي ڇھاء سان سيلها جانور جي جسم ۾ ھليا وڃن ٿا. سيلهاڙن جا سيلها جڏھن ختم ٿي وڃن ٿا تہ اھي وري نئين سر ڦٽن ٿا. ھڪ سيلهاڙي کي جسم تي ٽيھ ھزار سيلها ٿين ٿا. ھن جو پڇ پڪڙ جوڳو ٿئي ٿو جيڪو پڪڙ سان وڻ تي چڙھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ھي اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۔ آفريڪا ۔ ايشيا ۔ يورپ ۽ ڪئناڊا ۾ ملي ٿو جيڪي وڏي جسم وارا ٿين ٿا. ھي جانور وڻن جي قدرتي کل کائن ٿا ۽ ان کان علاوا ميوا ۽ پن پڻ کائن ٿا. ھي جانور پٽن ۔ ريگستانن ۽ جنگلن ۾ رھي ٿو. ھن جا ڦر جڏھن ڄمن ٿا اھي ٻن مھينن ۾ ھلڻ ڦرڻ جھڙا ٿي وڃن ٿا.سائنسي تحقيق مطاق، سيلهاڙا دردناڪ گهٽ پر موتمار وڌيڪ ھوندا آھن. انهن کي ڪنھن کي مارڻ جو خوف نہ ھوندو آھي.

سيلهاڙا سھپدار ھوندا آھن، جيڪڏھن انهن کي انهن جي حال تي اڪيلو ڇڏيو وڃي پر جڏھن ڪو ماڻهو ھنن کي ڇيڙي ٿو تہ سيلهن ڪنڊن سان حملو ڪن ٿا، ھنن جا سيلها ڪنڊا جسم ۾ کپي وڃن ٿا ۽ ٻاھر ڪونہ نڪرن ٿا. ان کان سوا ھي جانور ريٻي وائرس Rabies جو سبب بنجن ٿا. جيڪڏھن ھي جانور ڪنھن انسان کي ڇھي ٿو تہ جلدي ان کي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کپي ڇوجو ھن جي سيلهن ڪنڊن جي ڇوت خطرناڪ ٿئي ٿي.

سيلهاڙا جنگل ۾ ڪجھ جانورن وانگر مسئلو نٿا بنجن. رڇ وانگر ھي وڻن تي چڙھن لھن ٿا ۽ ميون کي ھيٺ ڪيرائن ٿا جن سان جنگل جي وڌيڪ واڌ ويجھ ٿئي ٿي.

ھي جانور محفوظ شمار ڪيا وڃن ٿا پر تنھن ھوندي بہ بگهوڙا Coyotes ۔ ڪوڳا Cougars ۔ ببر ٻلا Bobcats ۔ بگهڙ Foxes ۔ جاٻلا Lynxes ۔ رڇ Bears ۔ لومڙ Wolves ۽ سڱا چٻرا Even Great Horned Owls ھن جي منھن کي چڪ ھڻي ھن جو شڪار ڪن ٿا ۽ اندرين اوجھ کي کائن ٿا.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment