Wednesday 17 February 2021

ماکوڙا Honeypot ants 💎اصغر ساگر💎

 

ماکوڙا Honey pot ants ھي ماڪوڙا ٿين ٿا جيڪي انگور وانگر مٺا ۽ ماکي جھڙي رس چس رکن ٿا. ماکوڙا جوگير (پيٽ ڀريل) Repletes ٿين ٿا جن کي ڪارڪن ماڪوڙا ڪافي مقدار ۾ گلن جو رس پيارين ٿا ۔ ٻوٽن جو ڳر کارائن ٿا ۔ ڪجھ ڪيڙن مان ماکي قطرا نڪرن ٿا، ماڪوڙا اھي ڪڍي ماکوڙن کي کارائن ٿا جنھن سان ھنن جو پيٽ سڄي انگوري جي داڻي جيترو ٿي وڃي ٿو ۽ ھنن کي ڪالونين جي خاص خانن ۾ مشڪل وقت لاء رکيو وڃي ٿو.

ضرورت پوڻ تي ٻيا ماڪوڙا انهن جي وات ۾ پنھنجي انٽينا وجهي ڪڍيل رس يا ڳر کي انهن جي معدي جي منھن ۾ وجهي انهن جي حوالي ڪن ٿا يا وري ٻين ڪالونين جا ماڪوڙا پنھنجي انٽينا وسيلي انهن جي وات مان ماکي چورائن ٿا. ھي ماکوڙا اتر آمريڪا ۔ آفريڪا ۔ آسٽريليا ۽ نيو ميڪسيڪو ۾ پاتا وڃن ٿا. ھنن ماکوڙن جي ڪجھ قسمن ڳاکوڙا (ڳاڙھا ماکوڙا) (Melophorus bagoti (Red honey ant ۽ ڊکڻ ماکوڙا Carpenter ant کي انسان شوق سان کائن ٿا. پھرين ڪالوني کي ٻن يا ٽن ميٽرن جي اونهائي تائين کوٽيو وڃي ٿو ۽ اتان ماکوڙا ڪڍي انهن کي خوراڪ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪي کائڻ ۾ انتھائي مٺا ٿين ٿا. ماکوڙا ماڪوڙن جي ھنن خاندانن ۾ پاتا وڃن ٿا.

ماکوڙن مان انسان ڪوبہ خطرو نٿو ٿئي، اھي نڪي ڏنگ نڪي چڪ ھڻن ٿا. آسٽريليا جو ماکوڙا جيڪي انگوري پيٽ رکن ٿا اھي ماکي جھڙي مٺاڻ رکن ٿا انهن کي مٺڀرو Quite sweet سڏيو وڃي ٿو. ڪي وڏا ماکوڙا ٿين ٿا جن کي تري کاڌو وڃي ٿو ۽ انهن جي ذائقي کي گريدار بيڪن جھڙو ذائقو Nutty, bacon-like taste سڏيو وڃي ٿو. ماکوڙا واحد جنس آھن جيڪو پيٽ ۾ ماکي ٺاھين ٿا.

ماکي جون مکيون پرجهليدار جيت Hymenopterans ناھن جيڪي ماکي ٺاھين ٿيون پر ماکوڙا پڻ ماکي ٺاھين ٿا. ماکوڙا واحد جنس آھن جيڪي پيٽ ۾ ماکي ٺاھين ٿا، انفرادي طور تي انهن کي جوگير Repletes سڏيو وڃي ٿو جن جي پيٽ ۾ ٻوٽن جو رس گڏ ٿئي ٿو ۽ پيٽ وڌندو وڃي ٿو. اھي انگوري پيٽ جي اوسر ڪن ٿا ۽ ٻين ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کان پنھنجو پيٽ مٺاڻي رس سان ڀرائين ٿا. اھي ڪٺي ٿيندڙ ڪنٽينر طور جيئن ٿا.

ماکوڙا يا ماکپيٽا Replets نشاستڪ ڪم ڪندڙ sterile worker ants ڪارڪن ماکوڙا آھن جن کي کاڌي جمع ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن ڪنھن ڏکئي وقت ۾ ماڪوڙا اتان کاڌو حاصل ڪري سگهن.

ماکوڙن جو اھم کاڌي جو ذريعو ريگساني گلن مان ماکي Nector گڏ ڪرڻ آھي. گهڻا ماڪوڙا ڪم ڪندڙ رس کان علاوا ڏينڀن يا ٻين ڪالوني جي جيتن کي ماري انهن جو رس ماکوڙن کي وات ذريعي ڦڙو ڦڙو ڪري ڏين ٿا.

ماکوڙيون Honey pot queen ants، يڪجوڙ monogyn ھڪ ڪالوني تي مقرر ھونديون آھي. ھڪ ڪڪوڙي Myrmecocystus sp queen جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 11 سال ٻڌائي وڃي ٿي. 

جڏھن ٻين ڪالونين جا ماڪوڙا ماکوڙن جو رس پيئڻ لاء يا قبضي لاء اڳڀرائي ڪن ٿا تہ سپاھي ماڪوڙا ڪالوني جي ماکوڙن کي بچائڻ لاء پاڻ کي قربان ڪن ٿا. اھي پاڻ کي ڦاڙي پاڻ مان يا پڇڙ مان شفاف پيلي گهاٽي زھريلي رس پچڪاري طور ڪڍي حملي آور ٻين ماڪوڙن کي ھڻي مارين ٿا جيئن ماکوڙا کائجي نہ سگهجن.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment