Thursday 4 February 2021

اسان ٿلها ڇو ٿا ٿيون؟ ?Why we become fat 💎اصغر ساگر💎

 


بک ھڪ اھڙو حواس آھي جيڪو اسان کي کاڌي ڏي راغب ڪري ٿو. بک جي حس کي دماغ جو حصو مغزوٽو Hypothalamus ضابطي ۾ رکي ٿو جيڪو سَڪرت حد Blood sugar (Glucose) level کي ضابطي ۾ رکي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو تہ معدو خالي آھي ۽ پيٽ ڀرائي جي صورت ۾ ٻڌائي ٿو تہ معدو ڀريل آھي.
معدي ۾ ھڪ حرڪيرو گِهرلو حرڪيرو Ghrelin ٿئي ٿو جيڪو معدي ذريعي پيدا ٿئي ٿو ۽ خارج ٿئي ٿو ۽ ننڍي پيماني تي لبلبي ۽ دماغ ۾ مَغزوٽي Hypothalamus ۾ پڻ پيدا ٿئي ٿو. گِهرلو جيوگيري رستي Homeostatic pathways وسيلي بک ۽ ڍئو جا پيغام ڪڍي ٿو ۽ بک پيدا ڪري ٿو، ھن کي بک حرڪيرو Hunger hormone سڏيو وڃي ٿو ڇوجو اھو بک لڳائي ٿو ۔ اندروني کاڌي کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ چرٻي کي وڌائي ٿو.
سائنسدانن جي تحقيق مطابق سائنسدانن دماغ جي اھڙي حصي جو مشاھدو ڪيو جنھن کي نليو ناڀ Tuberal nucleus سڏجي ٿو، ھي ايراضي دماغ جي حصي مَغزوٽي Hypothalamus ۾ موجود ٿئي ٿي جيڪا بک ۔ اڃ ۽ جسماني گرمي پد کي ضابطي ۾ رکي ٿي. مَغزوٽو Hypothalamus ھن ايراضي سان بک ۽ جذبي جو احساس ڏياري ٿو.
جڏھن انسان وڌيڪ کائي ٿو ۽ ڪم گهٽ ڪري ٿو تہ توانائي ھن جي جسم جي اندر بڻجندي رھي ٿي ۽ استعمال نہ ٿيڻ جي صورت ۾ پت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهو ٿلهو ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو.
انسان جي جسم ۾ چرٻي ذخيرو آھي جيڪا خرچ ڪبي تہ جسم سڊول رھندو ۽ خرچ نہ ڪبي تہ جسم ٿلهو ٿيندو. اسان چرٻي کي حرارن Calories جي صورت ۾ خرچ ڪريون ٿا. جيڪڏھن اسان حرارا گهٽ خرچ ڪريون ٿا تہ اھي چرٻي جي صورت ۾ جسم ۾ گڏ ٿيندا رھن ٿا ۽ ٿولھ پيدا ڪن ٿا. حرارن کي وچٿرو رکڻ لاء پنھنجي خوراڪ گهٽ ڪجي ۔ ورزش ڪجي ۔ چھل پھل ڪجي. ڪڏھن ڪڏھن جينياتي نقص جي ڪري ٿولھ غالب پوي ٿي پر ٿولھ جا ٻہ وڏا سبب وڌيڪ کاڌو کائڻ ۽ ورزش ڪرڻ ناھي.
 صرف ورزش ڪرڻ ۽ حرارن گهٽائڻ سان اسان جي ٿولھ گهٽ ٿئي ٿي، ھي ھڪ غلط فھمي آھي.
رکاڌ Diet تي ضابطي لاء پھرين مستقل کاڌي کي گهٽ ڪجي ۽ گڏ ورزش ڪجي جيئن حرارا سڙن ۽ حرڪيرن ۾ گڙٻڙ پيدا نہ ٿئي ڇوجو حرڪيرن Harmones جي گڙٻڙ دماغ ۾ بک ۽ پيٽ ڀرائي وارن احساس پيدا ڪندڙ حصن ۾ گڙٻڙ پيدا ڪري ٿي جنھن سان بک گهڻي لڳي ٿي ۽ پيٽ ڀرجڻ جو احساس دير سان ٿئي ٿو نتيجو اھو نڪري ٿو جو کائيندڙ گهڻو کائي وڃي ٿو ۽ دماغ جي حصي مغزوٽي Hypothalamus کي معدي جي گِهرلي حرڪيري Gherlin طرفان ڍئو ھجڻ جو پيغام نٿو ملي ۽ ماڻهو ماني گهڻي کائي وڃي ٿو. ان ڪري بھتر حل ھي آھي تہ بک رکي کاڌو کاڌو وڃي. ھي مشڪل ڪم آھي پر ناممڪن ناھي. اھم ڳالھ ھي آھي جيڪڏھن گهڻو کائبو ۽ حرارا وڌيڪ پيدا ٿيندا ۽ ورزش سان ٿولھ کي گهٽائي نٿو سگهجي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment