Thursday 23 April 2020

بيھي ڦل Quince 💎اصغر ساگر💎

انگريزي زبان ۾ بيھي ڦل کي Quince ۽ عربي ۾ سفرجل سڏيو ويندو آهي. ھي ناسپتي جي خاندان سان منسوب آهي. ھن جي کل جو رنگ پيلو ۽ ڳر سفيد ٿئي ٿي. ھن جا 2 قسم ٿين ٿا.
ھڪ کٽو
ٻيو مٺو
ھن جي ٻج کي بيھي داڻو سڏيو وڃي ٿو. هن جو ميوو تازو استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ھن جو مربو ۽ جيلي پڻ .هي يوناني دوائن ۾ دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي .هن ميوي جي موسم سيپٽمبر کان جنوري تائين ٿيندي آهي.
ناسپتي ۽ صوف سان مشابھت رکندڙ بيھي ڦل ڪيترن ئي خاصيتن سان مالا مال ميوو ڪيترن ئي بيمارين کان بچائي ٿو. ھي ميوو ڪينسر کان بچائي ٿو ۔ ٿولھ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۔ هاضمي کي مضبوط ڪري ٿو ۔ صفرا کي گھٽائي ٿو ۔ قوت مدافعت وڌائي ٿو ۔ آنڊن جي بيماري ۽ سوزش کي دفع ڪري ٿو ۽ چمڙي کي خوبصورت بڻائي ٿو.
بيھي ڦل خشڪ کنگھ جو بھترين علاج آهي. هي ميوو تازو رت پيدا ڪري ٿو ۔ دل کي طاقت ڏئي ٿو ۔ کير پياريندڙ مائرن جو کير وڌائي ٿو ۔ رت جي چاڙھ تي قابو پائي ٿو ۔ دماغ ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو ۽ اڃ لاھي ٿو. جيڪڏهن حاملہ عورت کائي تہ انهي سان حمل ضايع ٿيڻ جو ڪو امڪان نہ ٿو رهي. هن جي شامل جزن ۾ وٽامن سي جو هڪ خزانو موجود آهي. هن ميوي جو استعمال بيمارين ۾ تمام گهڻو مفيد آهي.
 جام ۔ جيلي ۽ پائوڊر ٺاهڻ لاءِ پڻ استعمال ٿئي ٿو. ھي ڦل ناشتي جي انداز ۾ پڻ کائي سگهجي ٿو.  بيھي ڦل جي کل ۽ گودي ۾ وٽامن Vitamins، معدنيات Minerals، تڪسيد روڪ Antioxidents ۽ تاندورا Fibers موجود ٿين ٿا.  ھن مان پورو فائدو وٺڻ لاءِ، ھن کي کل سان گڏ کائڻ لازمي آھي.

 بيھي ڦل جا صحت بخش فائدا:

(1)  ڪينسر روڪيندڙ:
 بيھي ڦل ۾ ڪافي مقدار ۾ تڪسيد روڪ Antioxidents ٿين ٿا جيڪي آزاد آڪسن Free radicals کي ختم ڪن ٿا ۽ ڪينسر Cancer جي خطري کي ڪافي حد تائين گهٽائن ٿا.

( 2) وزن گھٽائيندڙ:
بيھي ڦل جو استعمال پڻ جسم ۾ گهرڙبدليت Metabolism جي عمل کي تيز ڪري، هاضمي کي بھتر ڪري ٿو ۽ تاندورن جي وڏي مقدار جي ڪري هاضمي جو سرشتو تيز ٿي وڃي ٿو جنهن سان وڌيڪ توانائي پيدا ٿئي ٿي. ھي بھتر هاضمي جو نظام پيدا ڪرڻ ڪري جسم ۾ اضافي چرٻي کي وڌڻ نہ ڏيندو آهي ۽ وزن وڌائڻ کي روڪيندو آهي.

 (3) رت جي چاڙھ کي وچٿرو ڪندڙ:
 بيھي ڦل ۾ پوٽيشم Potassium رت جي چاڙھ لاءِ فائديمند آهي.  پوٽيشم انساني جسم ۾ هڪ اهم معدنيات آهي جيڪو رت جي چاڙھ کي ضابطي رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.  پوٽيشم رت جي کوٽ کي گهٽائي ٿو جنھن ڪري دل جي دوري ۽ فالج جو خطرو خاص طور گھٽجي ويندو آهي.

(4)  قوت مدافعت وڌائيندڙ:
 بيھي ڦل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants، وٽامن سي Vitamin C ۽ وٽامن اي Vitamin A جسم ۾ مدافعتي نظام کي وڌائن ٿا.  وٽامن سي جسم ۾ اڇي رت جي خلين جو تعداد وڌائي ٿي جيڪي جسم کي وائرن Viruses ۽ جيوڙن Bacterias کان بچائن ٿا.

(5) چمڙي صحتمند ڪندڙ:
بيھي ڦل ۾ موجود تڪسيد روڪ Antioxidants ۽ وٽامن Vitamins چمڙي کي صحت مند ۽ جوان بڻائن ٿا. تڪسيد روڪ جزا Antioxidants آزاد آڪسن Free radicals جي نقصان جو خطرو گهٽائن ٿا ۽ تابڪاري شعاعن Ulta violate rays کان چمڙي کي بچائن ٿا.

(6) الرجي ختم ڪندڙ:
 بيھي ڦل ۾ ايلرڄي Elergy ختم ڪرڻ جي صلاحيت پڻ هوندي آهي. جيڪڏهن چمڙي جي سوزش تي جيل جي صورت ۾ چمڙي کي ھڻجي تہ چمڙي کي تڪڙي راحت ملندي.  ھن ۾ موجود وٽامن سي چمڙي جي سوزش گهٽائڻ سان گڏ چمڙي جي صحت کي بھتر ڪري ٿي.

(7) وارن وڌائيندڙ:
 بيھي ڦل ۾ موجود معدنيات جن ۾ فولاد Iron ، ٽامو Copper ۽ جست Zinc شامل آهن، اھي ڳاڙھن گھرڙن جي پيداوار لاءِ ضروري آهن. رت جا ڳاڙھا گهرڙا جيترا مقدار ۾ وڌيڪ ، اوترو رت جو وھڪرو وڌيڪ تيز هوندو.  ان طريقي سان وڌيڪ آڪسيجن جسم ۾ ويندي ۽ رت وڌندو. ان ڪري ھي رت جو وڌيڪ وھڪري کي تيز ڪري وارن جي ڳنڍن کي وڌيڪ صحتمند بنائي ٿو ۽ وار جي واڌ کي وڌائي ٿو.

8) جلن ختم ڪندڙ:
بيھي داڻي جو جو لعاب ڪڍي ان کي ساڙڻ واري هنڌ تي لڳائڻ سان جلن ختم ٿئي ٿي.

(9) وات جي ڦلوڪڻا مٽائيندڙ:
بيھي داڻن کي چوسڻ سان وات جا ڦلوڪڻا ختم ٿي وڃن ٿا.

(10) خشڪ کنگھ ۽ گلي جي سخت خارش ۾ مفيد:
بيھي داڻن کي خشڪ کنگھ م چوسڻ اثرائتو علاج آهي ۽ ڳلي جي خرابي کي پڻ فائدو پوي ٿو.

(11) ٻارن جي خسري بعد گرمي زائل ڪندڙ:
خسرن مان نڪرڻ بعد ، اڪثر ٻارن کي گرمي پد شروع ٿي ويندو آهي. اھڙي حالت ۾ بيھي داڻن جو لعاب شربت صندل ۽ عرق ڪيوڙي سان ملائي پيارجي تہ فائدو پوندو.
 ھن جي ٻج کائڻ سان بيماري جي نقصان يا خطري بابت معلومات اڃا تائين سامهون ڪونہ آئي آهي. وڌيڪ ٻج کائڻ سان نقصان ٿي سگھي ٿو. ھن جي ٻجن کي سنڌي ۾ بيھي داڻا چئبو آھي جيڪي مختلف بيمارين ۾ استعمال ٿين ٿا.

احتياط:
بيھي ڦل کائڻ کان پوءِ استعمال ڪجي. کاڌي پهريان ھن جو استعمال قبضي پيدا ڪري ٿو ۽ پيٽ ۾ سور پيدا ڪري ٿو. ٿڌي مزاج وارا ماڻهو ھن کي ماکي سان کائن، ٻي صورت ۾ اهو صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment