Tuesday 28 April 2020

سنا Senna 💎اصغر ساگر💎

نالا:
سنڌي ۾ سنا
عربي ۽ فارسي ۾ سنامڪي
بنگالي ۾ سونا مڪي
انگريزي ۾ Senna

رنگ:
پيلو مائل سبز، گل پيلا

ذائقو:
ڪسارو ۔ تلخ

مزاج:
گرم خشڪ پھريون درجو

ماھيت:
ھي ٻوٽو اڍائي فٽن کان 4 فٽن تائين ٿئي ٿو. ھن جو ٻج ھڪ انچ ڊگهو چمڪدار ۽ ھيڊسرو سبز ٿئي ٿو جيڪو ميندي جي پنن جھڙو ٿئي ٿو.
ھي ٻوٽو عرب کان آيو، ھاڻي ھندستان ۽ پاڪستان ۾ ان جي پوکي ٿئي ٿي. ھن جا گل نيرسرا ۽ پن ميندي وانگر ٿين ٿا. ھن جي ڦلي چپتري ٿئي ٿي جنھن جي اندر ڊگهڙو ۽ ڪجھ پيچيل ننڍڙو ٻج ٿئي ٿو. ھن جا پن دوا ۾ استعمال ٿين ٿا.

سنا جا قسم:
سنا جا ٻہ قسم ٿين ٿا.


(1) ننڍپن سنا   Cassia senna
ھي پاڻ ڦٽندڙ ننڍن پنن وارو ٻوٽو آھي جيڪو جنوبي حصن ۾ پيدا ٿئي ٿو. ھي اعلا سنا آھي.


(2) وڏپن سنا  Cassia angustifolia
ھي وڏن پنن واري سنا ٿئي ٿي جيڪا انڊيا مدراس ۔ مدورائي ۔ ترچناپلي ۽ بمبئي جي ڪجھ علائقن ۾ پيدا ٿئي ٿي. ھن کي ديسي سنا سڏجي ٿو.

فعل:
ھي ملين (پيٽان ويھاريندڙ) ۔ مسھل بلغم (دست ذريعي بلغم ڪڍندڙ) ۔ مسھل صفرا (دست ذريعي صفرا ڪڍندڙ)  ۔ مسھل سودا (دست ذريعي سودا ڪڍندڙ) ۔ رڪاوٽ ختم ڪندڙ ۔ مصفي خون (رت صاف ڪندڙ) ۔ ڪيڙا ماريندڙ ۔ جالي (کائيندڙ) ۔جاذب (جذب ڪندڙ)


استعمال :-
مسھل ھجڻ ڪري بلغم ۔ صفرا ۽ سودا کي دستن ذريعي خارج ڪري ٿي، ان ڪري نوبتي بخارن ۔ نقرس (سنڌن جو سور) ۔ گهنٽيا (ڪن رڳ جو سور) ۔ چيلھ جو سور ۔ وجع الورڪ ۔ ضيق النفس (دم) ۾ مفيد آھي. مصفي خون ھجڻ جي ڪري تر ۽ خشڪ خارش ۽ سوڄن ۾ کارائي وڃي ٿي. ڪيڙا مار ھجڻ ڪري ھن کي پيٽ جي ڪيڙن کي مارڻ ۽ خارج ڪرڻ لاء ھن جو سفوف يا جوشاندو پياريو وڃي ٿو. ھي قولنج کي کولي ٿو.
سنا ازخود ڦٽندڙ ٻوٽو آھي جنھن کي عمدي قسم جو ليکيو وڃي ٿو. هي معدي مان صفرا کي خارج ڪري ٿي، سودا کي ڪڍي ٿي ۔ پٺن ۽ مشڪن کي درد کان نجات ڏي ٿي ۔ وارن کي خراب ٿيڻ کان روڪي ٿي ۽ صحتمند بڻائي ٿي ۽ جسماني درد ختم ڪري ٿي.
ھن کي استعمال ڪرڻ جو بھترين طريقو ھن جو جوشاندو آهي. ھن کي اٻارڻ وقت جيڪڏھن ھن ۾  منقا ۽ بنفشا ملايو وڃي، اهو وڌيڪ فائديمند ٿيندو.
سنا اھا جڙي ٻوٽي آھي جيڪا جسم مان فاسد (فساد پيدا ڪندڙ) ۽ زھريلا مادا خارج ڪري ٿي ۽ جسم تندرست شروع ٿي وڃي ٿو. ھي دل کي طاقت ڏئي ٿي ۔ وسوسن کي دور ڪري ٿي ۽ سنڌن جي سور کي ختم ڪري ٿي. ھن جي جوشاندي ۾ جيڪڏھن شاھترو ۔ منقا ۽ بنفشا شامل ڪيو وڃي تہ ھن جي فائدن ۾ وڏو اضافو اچي وڃي ٿو.

فائدا:

اڌ مٿي ۽ مٿي جو سور ختم ڪندڙ:
سنا مسھل (جلاب آور) آھي، ھي صفراوي ۔ سوداوي ۽ بلغمي مادن کي جسم مان خارج ڪري ٿي ۔ دماغي رڳن مان اٽڪيل رطوبتن کي خارج ڪري اڌ مٿي جي سور کي ختم ڪري ٿي.سنا ڪن رڳ جي سور ۽ پراڻي مٿي جي سور ۾ مفيد آھي.
نسخو:
اسطوخدوس      تولو
ڌاڻا سڪل سڄا  تولو
سنا مدبر            تولو
ڪارا مرچ          اڌ تولو
مصري               ساڍا ٽي تولا
وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
اڌ ننڍو چمچو سج اڀرندي ۽ اڌ ننڍو چمچو سج لھندي مٽ جي پاڻي سان استعمال ڪجي.

دل کي طاقت ڏيندڙ:
سنا دل جي فعل کي طاقت ڏئي ٿي ۔ دل جي پردي کي طاقت ڏئي ٿي ۔ زھريلن مادن کي خارج ڪري دل کي متحرڪ ڪري ٿي ۔ دماغ مان وھم ۽ وسوسن کي دور ڪري ٿي ۔ رت کي صاف ڪري ٿي ۽ پيٽ جي ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿي.
نسخو:
سنا مدبر      2 تولا
جرڦل          2 تولا
مغز اخڙوٽ  2 تولا
مصري         6 تولا
پھرين سنا ۽ مغز اخڙوٽ کي گڏ ڪٽجي. پوء سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
چپٽي صبح شام پاڻي سان استعمال ڪجي.

پٿري ختم ڪندڙ:
ھاضمي جي خرابي جي ڪري جڏهن  تکيٽو Oxilate ۽ پسيٺو Urate وڌيڪ مقدار ۾ پيدا ٿين ٿا، تڏھن سنا ​​جو استعمال انهن جي اخراج جو سبب بڻجندو آهي.  پيشاب ۾ پسيٺو Urate اچڻ مستقبل ۾ پٿري جي پيدا ٿيڻ جو پيشخيمو آھي، گڏ گڏ پيشاب ۾ ساڙو رھي ٿو ڇوجو پيشاب ۾ پسيٺو Urate ۽ تکيٽو Oxalate ڪونہ ڳرن ٿا ۽ مريض جي سفيد رطوبت ۾ الڳ نظر اچن ٿا جنھن کي جاهل طبيب جريان قرار ڏين ٿا.  اهڙن مريضن لاءِ ، سنا ۽ سونف پاؤڊر فائديمند آهن. ثنامڪي جو مسلسل استعمال گردن ۽ مثاني کان پٿر کي ختم ڪرڻ لاءِ تمام مشھور آهي.

نسخو:
سنا مدبر        100گرام
سونف          50گرام
گنڌڪ مدبر   25 گرام
مغز اخڙوٽ   25 گرام
کنڊ               175 گرام
پھرين سنا ۽ مغز اخڙوٽ کي گڏ ڪٽجي. پوء سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
اڌ چپٽي صبح شام پاڻي سان پيئجي.

قبضي ختم ڪندڙ:
جيڪڏھن اجابت (پيٽان ويھڻ) معمول مطابق نہ اچي يعني ڪڏھن ڪڏھن يا ٻئي ٽئين ڏينھن اچي يا گهٽ مقدار ۾ اچي تہ انهي کي قبضي ليکبو. قبضي بيمارين جي ماء آھي جنھن جي ڪري مٿي جو سور ۔ نزلو ۔ زڪام ۔ نظر جي ڪمزوري ۔ دل جي گهٻراھٽ ۔ بي چيني ۔ بک جي کوٽ ۽ بواسير جھڙا مرض پيدا ٿين ٿا. ان ڪري بواسير کي ننڍو عارضو تصور نہ ڪجي.
چانھن جو استعمال ۔ سگريٽ نوشي ۔ حقہ نوشي ۔ آفيم کائڻ ۔ گھ کير جو گهٽ استعمال ڪرڻ جي ڪري آنڊا خشڪ ٿي وڃن ٿا ۽ قبضي جنم وٺي ٿي.
حاجت دير سان اچي ٿي يا شڪل سان خشڪ پاخانو اچي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن اجابت ۾ خون اچي ٿو ھي سڀ قبضي جون علامتون آھن.
جيستائين سنا جو تعلق آھي ھي قبضي کي ٽوڙڻ لاء اڪسير آھي. مسھل ھجڻ ڪري دل کي طاقت ڏئي ٿي ۔ سودا کي خارج ڪري مشڪن کي چست بنائي ٿي ۔ وارن کي ڪرڻ کان روڪي ٿي ۔  جوئن کان بچائي ٿي ۽ پراڻي مٿي جي سور کي روڪي ٿي ۔ خارش ۔ داڻن ۽ مرگهي کي فائدو ڏئي ٿي.

نسخو:
سنا مدبر      2 تولا
سونف         2 تول
جرڦل          2 تولا
مغز اخڙوٽ  2 تولا
مصري         6 تولا
پھرين سنا ۽ مغز اخڙوٽ کي گڏ ڪٽجي. پوء سڀ وکر ملائي ڪٽي پائوڊر ڪجن.
چپٽي صبح شام پاڻي سان استعمال ڪجي.


نوٽ:
سنا کي ھميشہ مدبر ڪري پوء استعمال ڪجي. پھرين سنا کي ڪاٺين کان دور ڪجي ۔ پوء سنا کي ڪٽي پائوڊر ڪجي ۽ آخر ۾ سنا پائوڊر کي روغن بادام ۾ ھلڪي نموني آٻوھجي جيئن ھلڪي سڻڀ ظاھر ٿئي. مٿين نسخن ۾ سنا کي مدبر ڪرڻ جي ضرورت ناھي ڇوجو سنا مغز اخڙوٽ ۾ مدبر ٿي وڃي ٿي يا سنا سان گڏ مصلح طور گل سرخ ۔ انيسون (سونف رومي) يا باديان (وڏف) استعمال ڪرڻ کپي. 
سنا کي اڪيلي طور ڪڏھن بہ استعمال نہ ڪجي. ھن جي جوشاندي ۾ گلاب جا گل يا روغن بادام ملائڻ ضروري آھي.
طب ۾ سون سالن کان جلاب استعمال ڪيا وڃن ٿا پر سنا واحد جلاب آھي جيڪو جسم کي نرم ڪري طبيعت کي درست ڪري ٿو.
نوٽ: ھي نسخا صرف ڄاڻو حڪيم ٺاھن، عام ماڻهو نہ ٺاھي.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment