Monday 1 June 2020

ڪدو Bottle gourd 💎اصغر ساگر💎

جڏھن پروٽين جو ذڪر اچي ٿو تہ ماس ۾ اسان جو خيال گوشت ۽ کير ڏي ۽ سبزين ۽ دالن ڏي وڃي ٿو. تمام غذائون انمول تحفو آھن ۽ ھر غذا ۾ مختلف اڪسيري جز پاتا وڃن ٿا جن جو متوازن استعمال جسم جي نشونما لاء ضروري آھي. سبزين ۾ ھڪ سبزي ڪدو جي سبزي آھي جيڪا لذت سان گڏ ڪيئي طبي خواص رکي ٿي. ڪدو جسم جي گرمي پد کي پورسرو رکي ٿو ۽ بخار جي شدت کي معتدل رکي ٿو. اھي ماڻهو جن کي ڀرتي ۽ بلغم جو عارضو رھي ٿو، اھي ڪدو سان گڏ جيرو ۽ وڏي ڦوٽي جو استعمال ڪن تہ انهن جي شڪايت ختم ٿي وڃي ٿي. گرمين جي موسم ۾ ڪدو کائڻ سان پياس ختم ٿئي ٿي ۔ معدي جي تيزابيت دور ٿئي ٿي ۽ دل دماغ کي تقويت ملي ٿي.
ڪدو ھڪ قدرتي ٽانڪ آھي جيڪو غذائي جزن سان مالامال آھي. ھي صرف فولاد نٿو رکي پر ڪيلشم ۔ پوٽيشم ۔ وٽامن اي ۽ وٽامن بي سان لبريز آھي. ھي قوت بخش غذا جي حيثيت رکي ٿو، ھي گوشت جي ڀاڄي سان ملي ان جي اثر ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ اتي دالن سان ملي بي پناھ پروٽين جي مالامالي ڏئي ٿو.

سرسام:
سرسام مٿي جي سوڄ جي ھڪ بيماري آھي جنھن لاء ڪدو اڪسير آھي. ڪدو جو رس ڪڍي ھم وزن ترن جو تيل ملائي ٽامي يا پتل جي ديڳڙي ۾ وجهي ايترو ڪاڙھجي جو تمام رس جلي وڃي ۽ تيل ظاھر ٿئي. ھاڻي تيل ڇاڻي بوتل ۾ محفوظ رکجي. وقفي سان سرسام جي مريض جي مٿي تي ھي تيل مالش ڪجي ۽ مٿي تي گرم ڪپڙو ٻڌجي. ھي تيل نہ صرف سرسام کان شفا ڏيندو پر بيخوابي ۽ مٿي جي سور کي فائدو ڏيندو.

ڪن جو درد:
ڪن ۾ پاڻي ھليو وڃي يا مٿي ۾ سور پوي تہ ڪدو جي پاڻي پيئڻ سان فائدو پوي ٿو. ڪنھن پسارڪي دڪان تان روغن گل وٺي ان ۾ ڪدو جو پاڻي ملائي رکجي. ڪن ۾ سور جي صورت ۾ ھن محلول مان ٻہ يا ٽي قطرا ڪن ۾ وجهجن تہ فائدو پوندو.

وڇون جو ڏنگ:
ڪنھن کي وڇون ڏنگ ھڻي ۽ اسپتال دور ھجي تہ ان صورت ۾ ڪدو جي ڳر جو ٽڪرو وڇون جي ڏنگ جي مٿان زور ڏيئي رکجي تہ زھر جو اثر زائل ٿي ويندو.

مٿي جي خشڪي:
عورتن کي اڪثر مٿي جي خشڪي جو عارضو رھي ٿو جنھن جو علاج شيمپو سان صحيح نٿو رھي. بازار مان ڪدو جو تيل وٺجي. کير ۾ ڪدو جي تيل جو چمچو ملائي مٿي کي ھڻجي، ھن سان نہ صرف خشڪي ختم ٿيندي پر دل جي وڌيل ڌڙڪن پوري پني ٿي ويندي.

ڏند جو درد:
جي ڏندن ۾ سور پوي تہ ڪدو جي ڳر 5 تولا ۽ ٿوم اڌ تولو سير پاڻي ۾ ڪاڙھجي پاڻي اڌ بچي تہ اتان گرڙا ڪجن. فائدو پوندو.

ڪاڪڙي جي سوڄ:
جيڪڏھن آواز ويھي وڃي يا ڪاڪڙي ۾ سوڄ ھجي تہ ڪدو جي پاڻيء سان نيم گرم گرڙا ڪجن، ھي گرڙو خناق جھڙي بيماري کي بہ راحت ڏئي ٿو.

چپ ڦاٽڻ:
جيڪڏھن چپ ڦاٽن تہ رات جو سمهڻ وقت ڪدو جي ڳر کي چپن تي ھڻي سمهجي. صبح جو پاڻي سان چپ ڌوئجن. فائدو پوندو.

بدن جون ڦرڙيون:
جيڪڏھن بدن تي ڦرڙيون نڪرن تہ ڪدو جو پاڻي انهن تي ھڻجي ۽ پاڻي پيئجي فائدو پوندو.

زخم:
ڪدو جي زخم ڇٽائڻ ۾ اڪسيري حيثيت رکي ٿي. پھرين ڪدو جي کل کي ڇانو ۾ سڪائجي. ھاڻي ان کل کي ساڙجي ۽ کرل ڪري رکجي. ھي راک زخم تي ٻرڪجي تہ زخم ڇٽي ويندا.

عرق ڪدو:
ڪدو         پاء
پاڻي          2 لٽر
ڪدو ڪترا ڪجن. پاڻي ۽ ڪدو جا ڪترا ديڳڙي ۾ وجهي ڪاڙھجن. پاڻي اڌ بچي تہ پاڻي ڇاڻجي. پاڻي شيشي جي بوتل ۾ رکجي.
آنو پاڻي صبح شام پيئجي.
فائدا: سائي ختم ٿيندي ۔ قبضي ٽٽندي ۽ جسم تان ڦرڙيون ختم ٿي وينديون.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment