Thursday 30 April 2020

زرشڪ شيرين Barberries 💎اصغر ساگر💎

جيڪڏھن ڪير پوڙھائپ کان بچڻ چاھي ۽ تازو توانو رھڻ چاھي، ان کي روز زرشڪ کائڻ کپي. زرشڪ محافظ بدن آھي ۔ بيمارين کان پري رکي ٿو ۽ باز جھڙي چستي جان ۾ اوتي ٿو جتي نظر تيز ڪري ٿو اتي جسم کي تڙو کڙو رکي ٿو. 
زرشڪ پھاڙي علائقن ۾ 11،000 کان 17،000 فوٽن جي اوچائي تي ٿيندڙ ٻوٽو آھي جيڪو ڪڏهن ڪڏھن هڪ ننڍي وڻ جي ماپ جيترو ٿئي ٿو جنھن ۾ ڪنڊا ٿين ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ھي ڪارا داڻا ٿين ٿا جن کي پھاڙي ماڻهو چونڊين ٿا ۔ وڪرو ڪن ٿا ۽ انهي طريقي سان هي اسان جي مارڪيٽن تائين پھچي ٿو.
ھي اھڙي ٻوٽي جو ميوو آهي جيڪو ٽائر جي دونھي جي ڪيميائي آلودگي کان متاثر نہ ٿيندو آهي. فطرت جي انوکن رازن ۾ ھن جي نشونما ٿئي ٿي ٿي، ماڪ جهومي جهومي ھن کي چمي ٿي، برسات برکا ڪري ھن کي پالي ٿي، بادل هن تي ڇانو ڪن ٿا، سج هن جي خوبصورتي کي نکاري ٿو ۽ چنڊ پنهنجي چانڊوڪي سان هن ۾ مٺاڻ ۽ ذائقو اوتي ٿو.  پوءِ اهي ڪارا داڻا سھڻا نظر اچن ٿا.
 توهان عقابي اکيون محاورو پڙهيو هوندو، يعني تيز اکيون، اھڙيون تيز اکيون جيڪي باريڪ شين کي ميلن تائين چٽو ڏسي سگهن. اوھان حيران ٿي ويندا تہ باز جو پھريون کاڌو هي ڪارو ٻج آهي جنھن جي ڪري عقاب تمام تيز نظر رکي ٿو. آئون ھن کي ڪاري ڪشمش چوندس. عقاب هي داڻا کائيندو آهي ۽ ايترو طاقتور ٿي ويندو آهي جو ھي زمين تي ھلندڙ نانگ کي مٿان کان ڏسي کن پل ۾ پڪڙي ٿو ۽ جهٽ ھڻي ڳيري ۽ ڪبوتر کي گرفت ۾ آڻي ٿو. پھاڙ جي  چوٽي تي ويٺل ھي باز زمين تي رڙھندڙ ڪيڙن کي پنهنجي تيز اکين سان ڏسي ٿو، ھن جي تيز نظر جو جو سبب ڪاري ڪشمش آھي.  جڏهن توهان پساري کان خريد ڪندؤ تہ توهان ان کي ڪاري ڪشميري نہ سڏيندا، توهان زرشڪ شيرين چوندئو.

فائدا:

نظر تيز ڪندڙ:
زرشڪ دماغ ۽ اکين جي تقويت لاءِ فطرت جو هڪ منفرد طبي راز آهي. روز رات جو زرشڪ جو اڌ چمچو چٻاڙي مٿان نيم گرم کير پيئجي تہ نظر تيز ٿيندي.

مختلف عارضن ۾ فائدو ڪندڙ:
هيپاٽائيٽس ھجي يا سائي يا جيري جو مسئلو يا جيرو سڪڙي ويو ھجي يا جگر جو ڪينسر، سڀن حالتن ۾ زرشڪ مسيحائي ڏيکاري ٿو.
گرمي جي موسم ۾ ھي انوکو مزو رکي ٿو. توهان گلاب جي عرق ۾ زرشڪ چمچو رات جو پسايو ۽ صبح جو چٻاڙي کائو ۽ پاڻي پئو. خوبصورتي، جواني، چمڪ ، خوشي، دماغ، دل، عضلات، اعصاب، جسماني طاقت ۽ وڃايل طاقت لاء ھن کان وڌيڪ شي نہ ملندي.
سنڌن جو سور، هڏن جو زخم، هڏن جي ٽوڙ ڦوڙ، پنين ۾ پٽ، ڪن رڳ جو سور ۽ رات جو سمهڻ تي بيچيني، دل چاھيندي ھجي تہ ڪجھ تيل سان مالش ڪجي. اھڙن مريضن لاء مشورو تہ هر کاڌي  کان 15 داڻا زرشڪ چٻاڙي کائن.

جوشاندو:
زرشڪ      2 گرام
ڪاسني     2 گرام
پاڻي       گلاس
ملائيڪاڙھجي، پاڻي اڌ بچي تہ ڇاڻي پيئجي.
ھي جو شاندو انتھائي مقوي قلب آھي، جڏھن دل گهٽندو ھجي، اھڙي حالت ۾ ھي اڪسير آھي. بخار جي دوران ۽ بخار کان پوء ھي جوشاندو بي چيني ۽ گهٻراھٽ کي دور ڪري ٿو ۔ ڪمزوري کي دورڪري ٿو ۔ بک لڳائي ٿو ۽ مريض ٺيڪ ٿي وڃي ٿو.
 بلغمي دم ۾ ھي جوشاندو وڏو فائدو ڪري ٿو. 80 سيڪڙو کنگھ جا مريض ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. دماغ ۾ بلغم ڄميل ھجي يا مٿي ۾ سور ھجي يا اڌ مٿي جو سور ساڄي پاسي وارو، ان کي فائدو ڏئي ٿو.
ڪاري کنگھ لاء تمام موثر آھي. جن کي شڳر ھجي، اھي ھن جو شاندي مان فائدو وٺي سگهن ٿا. چيچڪ ۔ خسرو ۔ نوبتي بخار ۔ دست سڀن عارضن ۾ ھي جوشاندو ھاڪاري اثر ڏيکاري ٿو ۽ چند ڏينھن پيئڻ سان بخار ختم ٿي وڃي ٿو.
جن عورتن کي ليڪوريا ھجي يا رحم جي سوڄ يا حيض ڪاراڻ مائل ايندو ھجي يا حيض دورا دڳ ايندا ھجن ھن جوشاندي استعمال ڪرڻ سان ڀلايون ٿي وڃن ٿيون.
ٻار جيڪي سوڪھڙي جو شڪار ھجن يا جن کي دست ھجن انهن کي ھي جوشاندو فائدو ڏئي ٿو.
ھي جوشاندو بدھضمي جي مريضن کي ٺيڪ ڪري ٿو، ھن جي استعمال سان بک وڌي وڃي ٿي. پيچش ۽ وٽن پوڻ ۾ ھي سٺو اثر ڏيکاري ٿو.

هي ليک پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان ونڊ ڪريو

MyDairyAsgharSagar

Author & Editor

0 comments:

Post a Comment